Docstoc

A visit to Iran

Document Sample
A visit to Iran Powered By Docstoc
					‫اﻳﺮان ڏي اڏام‬
       ‫)ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ(‬




     ‫اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ‬




 ‫اﻟﻤﻨﻌﻢ ﻻﺋﺒﺮري ﻻڙﻛﺎﮢﻮ‬
‫ﻓﻬﺮﺳﺖ‬


                                                    ‫اﻧﺘﺴﺎب‬
                                                   ‫ﭘﻴﺶ ﻟﻔﻆ‬
                                                      ‫ﻣﻬﺎڳ‬
                                  ‫ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن‬
                            ‫وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ راﻳﻮ‬
                                ‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻫﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ‬
          ‫ﺑﻨﺪر روڊ ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ‪ ‬ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ‬
                               ‫اﻳﺮان ﺟﻮن اﺧﺒﺎرون ۽ ﻧﻮٽ‬
                    ‫ﻫﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ‬
                              ‫ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮن ﭔﻮﻟﻴﻮن‬
        ‫وﻳﺰاﺋﻦ ﺟﻮن ﭠﮙﻴﻮن ۽ ﭘﺮدﻳﺲ ﺟﻮن ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻴﻮن‬
           ‫ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﮔﻤﺸﺪﮔﻲ‬
                                        ‫ﻫﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺎدرم‬
                                        ‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ‬
               ‫اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺎرون‬
                              ‫ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن- ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪‬‬
            ‫ﺳﮑﺮ ﺟﺎ ﻫﻤﺮاه ۽ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                            ‫اﻳﺮان- ﺟﺘﻲ......‬
                                  ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﺎرﻳﺦ‬
                                 ‫ﻛﺎ ﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ‬
                          ‫ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ....‬
                                  ‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ‬
                                      ‫ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ‬
                            ‫ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ‬
                               ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ‬
                     ‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎه رخ‬
             ‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ‬
         ‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ڏﻳﺎري‬
        ‫ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ‬
                       ‫اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ.....‬
              ‫ﻛﻮه ﻧﻮر ﺗﻲ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎه ﮐﺎن ﭘﻴﻮ‬
                     ‫اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ۽ اﻣﺎﻣﺖ‬
                                         ‫اي ﺧﺎڪ ﺧﺮاﺳﺎن‬
                                      ‫ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ ﺗﻬﻪ دﻳﮗ‬
                                ‫ﻗﻴﺪ.....‬‫ﻛﺘﺎ، آزاد ﭘﭥﺮ‬
         ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻫﺎ‪ ‬ﻫﺎ‪‬‬
                       ‫ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ‬
                                ‫اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
                                  ‫اﺻﻔﻬﺎن- ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن‬
                                     ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ آﺳﭙﺎس‬
 ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﺎ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ اﻣﺎم زاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬
           ‫اﺳﺖ ﭼﻮن ﻋﺎﻗﺒﺖ ﻛﺎر ﺟﻬﺎن ﻧﻴﺴﺘﻲ.......‬
                     ‫ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ‬
         ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻋﺎﻟﻢ ۽ اﻛﺎﺑﺮ ﻣﻠﻨﺪا‬
                              ‫ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ۾ ﭼﻜﺮ ڏﻳﮡ‬
                          ‫ﺗﻬﺮان ﺟﻮن ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﺟﺎﻳﻮن‬
                                ‫اﻳﺮان ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻟﻔﻈﻦ ۾‬
                            ‫آش ﻧﺨﻮرده و دﻫﻦ ﺳﻮﺧﺘﮫ‬
                   ‫ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﻛﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ‬
                              ‫ﻣﻦ ﻣﺨﺎﻟﻒ ﻓﺤﺎﺷﻲ اﺳﺘﻢ‬
                                    ‫ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرون‬
                         ‫وز ﺟﺪاﺋﻴﻬﺎ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻣﻲ ﻛﻨﺪ‬
                    ‫ﮔﮇﻫﻪ ﺟﻮ ﭘﭿ ﻛﻴﺘﺮو ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ؟‬
                  ‫ﺧﻮزﺳﺘﺎن ۾ وﻫﻨﺪڙ ﮐﻨﮉ ﺟﻮن ﻧﺪﻳﻮن‬
                     ‫ﺗﻬﺮان ﺟﺎ ﺑﺰرﮔﺮاه، ﺑﻠﻮار ۽ ﻣﻴﺪان‬
                        ‫ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ‬
                   ‫آﺳﺘﺎن ﺷﺎه ﻋﺒﺪاﻟﻌﻈﻴﻢ ۽ ﺗﻐﺮل ﭨﺎور‬
                        ‫اﻳﺮان ﺟﺎ ﺑﺎدﺷﺎه- ﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﻫﻪ‬
                                    ‫اﻳﺮان ﺟﻮ اﺻﺤﺎﺑﻲ‬
                        ‫ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ‬
                             ‫ﻣﭡﻮ‪ ‬ﺑﺪران ﻃﻮﻃﻮ ﻳﺎد اﭼﮡ‬
‫اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت‬
                             ‫ﭤﻮرو ﮐﭩﻴﻮ، ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺮﻛﺖ‬
       ‫اﻳﺮان ﺟﻮ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن‬‫ِ‬
                            ‫اﻳﺮاﻧﻴﻦ ۽ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﺎ ﺗﻌﻠﻘﺎت‬
                    ‫ﺳﻨﮅ اﻳﺮان ۽ ﻣﻴﺮن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن‬
                         ‫اﺳﻼم ﺑﺬات ﺧﻮد ﻧﺪارد ﻋﻴﺒﻲ‬
                                      ‫ﻗﻢ ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن‬
        ‫ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺷﺎﻋﺮي‪ ‬ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙن ﻻ‪‬‬
    ‫ﻛﻼس ﻣﻴﭧ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ وري آﺋﻲ ﻳﺎد‬
                          ‫ٰ‬
                                     ‫اﻳﺮان ﻫﻚ ﻧﻈﺮ ۾‬
                   ‫اﻣﺎم ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ ۽ ﭘﺎرﺳﻲ‬
      ‫اﻳﺮان ۾ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻣﺘﻌﻲ ﺟﻮن ﺷﺎدﻳﻮن‬
                    ‫ﻣﻲ ﺷﻮد و ﻣﻲ ﺗﻮ اﻧﻴﻢ‬
                          ‫ﺧﺎﻣﻨﺎﺋﻲ ۽ ﺧﺎﺗﻤﻲ‬
        ‫ﺑﻨﻲ ﺻﺪر، رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ ۽ ﻣﻨﺘﻈﺮي‬
 ‫ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻻ‪ ‬ﺗﻮس رواﻧﮕﻲ‬
‫اﻫﮍﻳﻮن ﭼﺮﻳﻮن ۽ ﻛﻮﭨﻦ ۾ ﻗﻴﺪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ‬
                      ‫ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻮ‬
          ‫رﺳﺘﻢ، ﺳﻬﺮاب، ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ ۽ زرﻳﻨﺎ‬
                 ‫ﺗﺒﺮﻳﺰ- ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ دﻟﺒﺮ آ‬
           ‫اﻳﺎز ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺻﻠﻴﺖ ﻧﻪ وﺳﺎر....‬
                       ‫رﻫﺠﻲ وﻳﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن‬
                                             ‫اﻧﺘﺴﺎب‬
                                       ‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زاده ﻧﺎﻟﻲ‬
                  ‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﻛﺮي ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺷﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺮاﮢﻮ دوﺳﺖ ۽ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻚ ﺑﻴﺤﺪ ﭘﻴﺎرو ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﭘﮡ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺳﭡﻮ‬
‫آﻓﻴﺴﺮ ۽ ﻣﺤﺐ وﻃﻦ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﺎن ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﻮاﻫﺶ ڏﻳﮑﺎري ﭘﺮ‬
                                                                                         ‫ِ‬
‫ﻛﺮي ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻫﻦ ﺟﻬﺎن ۾ رﻫﮡ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ اﭸﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺟﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ”ﻋﺮاق‬
‫اﻳﺮان ﺟﻨﮓ“ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻲ دردي‪ ‬ﺳﺎن ﻫﻦ ﺗﻲ ﻋﺮاﻗﻲ ﻓﻮﺟﻴﻦ ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻫﭥﻴﺎرن ۽ ﺑﻤﻦ ﺑﺎرودن ﺳﺎن ﭨﻲ ﮐﻦ ﺣﻤﻼ‬
     ‫ﻛﻴﺎ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ زﺧﻤﻲ رﻫﻴﻮ، ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﭽﮡ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺮاﻣﺖ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻧﺎﻫﻲ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ‬
‫ﻃﺮﻓﺎن ‪ UNO‬ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ورﻟﮉﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﻳﺸﻦ ﻻ‪ ‬داﺧﻼ ورﺗﻲ ﻫﺌﻲ. ﻫﻦ‬
‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ اﺳﻴﻦ ﭔﺌﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. آﺋﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺮاچ ‪ MSA/E‬۾ ۽ ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻮ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻮ ﭘﻮرٽ اﺋﻨﮉ ﺷﭙﻨﮓ ﺟﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ ‪ M.S.C‬ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. اﺳﺎن‬
‫ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻟﻴﻜﭽﺮ روم ۾ ﮔﮇ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ. ﻓﻴﻠﮉورڪ ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﭜﺮوارن‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﻧﺎروي، ڊﺋﻨﻤﺎرڪ ﻓﻨﻠﺌﻨﮉ، ﺟﺮﻣﻨﻲ ۽ ﻫﺎﻟﻴﻨﮉ ﮔﮇ وﻳﺎﺳﻴﻦ ﭤﻲ. ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺋﻲ‬
‫ﻋﻼﺋﻘﻲ ‪ Holma‬۾ ﻫﻚ اٺ ﻣﺎڙ ﺑﻠﮉﻧﮓ ﺟﻲ ﻓﻠﺌﭩﻦ ۾ ﻫﺌﻲ. ﺳﻨﺪس ﭨﻦ ڌﻳﺌﻦ ﻣﺎن وﭼﻴﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻨﮃي ڌي‪ ‬ﻣﺎرﺋﻲ‬
‫ﺟﻴﮇي ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﻲ ﺳﭛ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺳﺌﻴﮉش اﺳﻜﻮل ۾ وﻳﻮن ﭤﻲ. ان ﻛﺮي ﺣﺴﻴﻦ وارن ﺳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ‬
                                           ‫ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ دوﺳﺘﻲ رﻫﻲ ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ۽ ﭔﻴﻦ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭩﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻦ ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ۾ ﺑﻪ ﺳﺨﺖ ﭘﮍدو ﻛﻴﻮ‬
‫ﭤﻲ. ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ﻣﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮن زاﻟﻮن ۽ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻣﻨﻬﻦ ڍﻛﮡ وارا اﮀﺎ ﻛﺎرا‬
‫ﺑﺮﻗﻌﺎ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ. ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ﻣﻌﻴﺎر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ‬
‫ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ ﻋﻤﻞ ﻛﺮي ﭤﻮ. اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن روﺳﺮي )ﺣﺠﺎب( ﺳﺎن ﻣﭥﻮ ﺿﺮوري ڍﻛﻴﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﭘﺮ‬
‫ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﮐﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﻫﻮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۽ ﭘﺎرﻛﻦ ۾ ﻫﻠﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن، ﺿﺮورت وﻗﺖ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن‬
‫ﺑﻪ ﻫﻴﻮن- وﻳﻨﺪي ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻨﮓ ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﭘﮍدي ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻛﺮڻ ﻣﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ‬
‫ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﭘﮍدي ﺟﻮ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﻣﭥﻮ ڍﻛﮡ ۽ ﭼﺎدر اوڍڻ( اﻫﻮ ﻫﻮ‬
‫ﻫﻨﻦ ‪ Scandinavian‬ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺑﻪ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﮇﻫﻦ‬
                   ‫ﺳﺘﻦ ﭘﮍدن ۾ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭘﻮش ﭘﻮش ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ وري ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭘﻮﺗﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ!‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ۽ ﭔﻴﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻦ ﻣﺎن اﻫﺎ ﺑﻪ ﭴﺎڻ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﻧﻮﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ‬
‫روزي ۽ ﻧﻤﺎز ﺟﻮن ﭘﺎﺑﻨﺪ آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ، ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۽ ﻣﺎڊرن ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ۾ ﭘﮡ ﻫﻮﺷﻴﺎر آﻫﻦ. اﻳﺘﺮي ﻗﺪر‬
‫ﺟﻮ ﻫﻮ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮاري، ﺳﺌﻤﻨﮓ، ﺗﻴﺮ ﻛﻤﺎن ۽ راﺋﻴﻔﻞ ذرﻳﻌﻲ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﭼﭩﮡ ۾ ﺑﻪ ﻣﺎﻫﺮ آﻫﻦ. ۽ اﻫﻲ ﺳﭛ ﺷﻴﻮن ﮐﻴﻦ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ۾ ﺳﻴﮑﺎرﻳﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن. ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ﺟﻮ ﺳﺴﭩﻢ ﺳﺎﮘﻴﻮ‬
           ‫ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﺗﻮڙي اﻣﻴﺮ، ﺷﻬﺮي ﺗﻮڙي ﭔﻬﺮاڙي‪ ‬ﺟﻮ ﭔﺎر ﻫﻜﺠﻬﮍو ﻣﺴﺘﻔﻴﺾ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﭡﺎ‬
‫ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي ﻫﺌﺎ. ﮔﻬﺮن ۾ ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺗﻪ ﻣﺎٺ ۾ رﮐﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ رﻳﮉﻳﻮ ﻳﺎ ﭨﻲ وي ﺟﻮ آواز ﺑﻪ ﻣﭥﺎﻧﻬﻮن ﻧﻪ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﻣﺘﺎن‬
‫ﭘﺎڙﻳﻮارا ڊﺳﭩﺮب ﻧﻪ ﭤﻴﻦ. ﺳﻨﺪن ﮔﻬﺮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﭘﻴﻮن ﭼﻠﻜﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ‬
‫ﺳﺌﻴﮉش ﺑﺎﺷﻨﺪا ﺑﻪ ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﻴﻜﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ڌارﻳﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻫﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻓﻘﻂ ﭨﻲ ﺳﭡﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي آﻫﻦ‬
‫ﻫﻜﮍا اﻧﮉﻳﻦ آﻫﻦ، ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ۽ ﭨﻴﺎن اﺣﻤﺪي )ﻗﺎدﻳﺎﻧﻲ( ﻣﺴﻠﻤﺎن- ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڻ ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﭤﻲ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اوڙي‬
‫ﭘﺎڙي ﺟﻮ ﺑﻪ ﺧﻴﺎل رﮐﻦ ﭤﺎ. ﻫﻨﻦ ۾ ڏوﻫﻦ ﺟﻮ ﻋﻨﺼﺮ )‪ (Crime Rate‬ﺑﻪ ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻴﺎ، ﭼﺎﻫﻲ آﻓﺮﻳﻜﻦ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ‬
                    ‫ﺳﺎﺋﻮٿ آﻣﺮﻳﻜﻦ- ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ، ﻋﺮاﻗﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ اﻓﻐﺎﻧﻲ- وڏا ﻣﭥﻲ ﺟﺎ ﺳﻮر آﻫﻦ!‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﺑﻪ ڏاڍو ﺧﻴﺎل ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ. ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﭔﻴﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﻨﺠﻴﺪه ﻧﻈﺮ آﻳﺎ‬
‫ﭤﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻓﻜﺮ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ. ﭘﺮ ﺣﺴﻴﻦ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﺋﻲ اﮘﭝﺮو‬
‫ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ. ﻫﻮ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺑﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻮ! ﻳﻮرپ ﺟﻲ رﻧﮕﻴﻨﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﺎڻ‬
‫ﺑﭽﺎﻳﻮ، آﺧﺮت ﺟﻮ ﻓﻜﺮ ﻛﻴﻮ، ﺳﭡﺎ اﻧﺴﺎن ﭤﻲ رﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﮔﻮرن ﮐﻲ اﺣﺴﺎس ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﭡﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫آﻫﻦ، ۽ اﺳﻼم ﺟﻲ ‪ Teachings‬۾ ﻧﻴﻜﻲ آﻫﻲ. ﻫﻮ اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺣﺐ اﻟﻮﻃﻦ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اﺳﺎن‬
‫ان ﻟﻴﻮل ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭙﻮرٽ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﻣﺠﺒﻮر ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ”اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎن‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﮫ ﺗﻲ زور آﮢﻴﻮن ﺗﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻛﺌﻨﭩﻴﻦ ۾ ﺑﻴﺌﺮ ‪ Serve‬ﻧﻪ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ.‬
                                                ‫ﺧﺎص ﻛﺮي ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻴﻦ ڊﻧﺮن ۾ ﺗﻪ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ.“‬
‫ﻫﺎڻ ﭜﻼ اﻫﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﻛﻬﮍي ﻣﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﮔﻮرن ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭘﻴﺌﮡ ﺟﺎ‬
‫ﻋﺎدي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ. وﻳﻨﺪي ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ! ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ڊﮔﺮي ﻣﻠﮡ واري ﻓﻨﻜﺸﻦ ﺗﻲ‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وارن ﻧﭥﻲ ﻣﭹﻴﻮ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﻠﻲ زاده ﺟﻲ زور ﭜﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮدن‬
‫ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻜﺎرڻ وﻗﺖ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﻘﻂ ”اﻳﺮان“ ﭼﻮڻ ﺑﺪران ”اﺳﻼﻣﻚ رﻳﭙﺒﻠﻚ آف اﻳﺮان.“ اﻧﺎﺋﻮﻧﺲ ﻛﺮڻ‬
‫ﻻ‪ ‬رﺿﺎﻣﻨﺪو ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ. ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ‪ Convince‬ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺑﻪ ﭰﮇو‬
‫ﻛﺮﻳﻮن ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وارن ﮐﻲ ﻣﺠﺒﻮر ﻛﺮﻳﻮن ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ڊﮔﺮﻳﻮن ڏﻳﮡ وﻗﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺳﭵﻮ‬
                    ‫ﻧﺎﻟﻮ ”اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﮧ ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن“ ﭘﻜﺎرﻳﻦ، ﭘﺮ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﻠﻴﺰاده ﮐﻲ وٺ ﻧﻪ ڏﻧﻮ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﺘﻲ ﺳﺨﺖ ‪ Disciplinarian‬۽ اﺻﻮﻟﻦ ﺟﻮ ﭘﻜﻮ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ﻣﺰاج وارو ﻫﻮ اﺗﻲ‬
‫ﻧﺮم دل، ﭼﺮﭼﺎﺋﻲ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﺮڻ وارو ۽ ﻣﻌﺼﻮم ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻫﻮ. ﻫﻮ دل ﺟﻮ ﺑﻴﺤﺪ ﺻﺎف ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ‬
‫ﻛﻮڙ ﻧﻪ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارن ﻣﺎن ﻫﻮ. ﺳﺎﮢﺲ ﮔﺬارﻳﻞ ڏﻳﻨﻬﻦ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﺳﺎري ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﭴﮡ ﻛﺎﻟﻬﻮ ﻛﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺠﻲ.‬
‫ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﮡ ﻳﺎ ﻓﻮن ﻛﺮڻ ۾ ﻣﻮن ﮐﺎن وري ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﺴﺘﻲ ﭤﻲ وﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﮫ اﺳﺎن‬
‫ﮐﻲ ﻳﺎد رﮐﻨﺪو اﭼﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮون ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي‪) ‬ﺳﻨﺪن ﻛﻼس ﻣﻴﭧ( ﮐﻲ ﻳﺎد ﻛﻨﺪﻳﻮن‬
‫رﻫﻦ ﭤﻴﻮن، ﺟﻦ ﻣﺎﻟﻤﻮ )ﺳﺌﻴﮉن( ﺟﻲ ﭔﺎراﮢﻲ اﺳﻜﻮل ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﮔﮇ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ. ﺑﺮف ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻬﭩﻴﻦ ۽ ﭘﺎرﻛﻦ ۾ راﻧﺪﻳﻮن ﮐﻴﮇﻳﻮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻴﻼ )‪ (Festivals‬ﮔﮇ ‪ Enjoy‬ﻛﻴﺎ. اڄ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ‬
‫ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻴﺮ ﻛﺮي ان ﺟﻲ روﺋﺪاد ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻗﻠﻤﺒﻨﺪ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ان ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﭔﻲ‬
‫ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﺘﺎب آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ، ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ۽ ﺳﺌﻴﮉن ۾‬
                                                                        ‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﻴﺮي ﮐﻲ ارﭘﻴﺎن.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﻋﻤﺮ ۾ ﻣﻮن ﮐﺎن اٺ ﺳﺎل ﻧﻨﮃو آﻫﻲ. ﻫﻮ ۵۱ ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۳۵۹۱ع ۾ اﺗﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرت‬
‫ﺷﻬﺮ ”ﻧﻮﺷﻬﺮ“ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻧﻈﺮن اﮘﻴﺎن ﻛﺌﺴﭙﻴﻦ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻮن ﻟﻬﺮون آﻫﻦ ﻳﺎ وري ﮔﻬﺎﭨﺎ ﭔﻴﻼ ۽‬
‫ﺟﻨﮕﻞ. ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻨﻴﺎدي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ”ﻧﻮﺷﻬﺮ“ ﺟﻲ ﺧﺴﺮوي اﺳﻜﻮل ﻣﺎن ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي ۲۷۹۱ع ۾‬
‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﺻﻔﻬﺎن ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اڄ ﺑﻪ ان اﺳﻜﻮل ﺟﺎ ﻣﺤﻨﺘﻲ‬
‫ﭨﻴﭽﺮ ﻳﺎد آﻫﻦ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻮ ﻣﺴﭩﺮ ﺳﻠﻄﺎﻧﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﺟﻮ ﻣﺴﭩﺮ واﺣﺪ. ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
‫آف اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻮ ﺧﺎص ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ”‪ “Training Sciences‬ﻫﻮ. اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻋﻠﻲ‬
‫ﺷﺮﻳﻌﺖ ﻣﺪاري ﭘﮡ ﻫﻮ. ﻗﻠﻲ زاده ﭔﮅاﻳﻮ ”ﻫﻮ ﻣﻮن ﺗﻲ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﻬﺮﺑﺎن ﻫﻮ ۽ ﭘﻲ‪ ‬ﺑﺮاﺑﺮ ﻫﻮ. ﻫﻮ اﭸﺎ ﺣﻴﺎت آﻫﻲ ۽‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺗﻌﻠﻘﺎت ﻫﻠﻨﺪا اﭼﻦ. ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ‪ Training Sciences‬ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ۽‬
                                                                            ‫ﺑﻴﺴﭧ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ.“‬
‫۵۷۹۱ع ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﻫﻚ ﭨﻴﭽﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺌﺮﻳﺌﺮ‬
‫ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ ۽ ﻓﺮاح )ﻫﺎڻ ﻧﺌﻮن ﻧﺎﻟﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ( ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﻛﺎﻣﭙﻠﻴﻜﺲ ﻣﺰﮔﺎه ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ. آﮔﺴﭧ ۷۷۹۱ع ۾‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﺷﺎدي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺑﺎﮢﻲ ﮘﻮٺ ﻧﻮﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﺋﻲ ﭤﻲ. ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۰۸۹۱ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺮاق ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ‬
‫اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻳﺎر ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﺳﮏ ﮀﮇي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺮ ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ‬
‫ﺟﻲ ﻓﻮج رﺿﺎﻛﺎراﻧﻪ ﻃﻮر ﭜﺮﺗﻲ ﻛﺌﻲ. ﻫﻦ ﺟﻨﮓ ۾، ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوع ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﺨﺖ زﺧﻤﻲ ﭤﻲ‬
                                                 ‫ﭘﻴﻮ. ﺳﻨﺪس ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ اڄ اﺳﺎن ﺳﺎن آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﻋﺮاق ﺟﻨﮓ ﺑﻌﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زاده ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ وڏن ﻋﻬﺪن ﺟﻲ آﻓﺮ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻲ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ‬
‫ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ۴۸۹۱ع ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ اﺑﺎﮢﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻮﺷﻬﺮ ۾ رﻫﻲ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺻﻮﺑﻲ‬
‫ﻣﺰﻧﺪاران ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ )‪ (Ports & Shipping‬ﺟﻲ ﻧﻈﺮداري ﺟﻲ ﺟﻮاﺑﺪاري ڏﻧﻲ وﺋﻲ. ﺳﺖ ﺳﺎل ﮐﻦ‬
‫اﻫﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﮐﻴﺲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ۱۹۹۱ع ۾ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
‫ﻣﺎن ”ﺟﻨﺮل ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ اﻳﺌﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ“ )‪ (GMA‬ﺟﻲ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ. واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ‬
‫ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ ﻫﻮرﻣﻮزﮔﺎن ﺟﻲ ﺳﻤﻮرن ﺑﻨﺪﮔﺎرﻫﻦ ۽ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ﺟﻮ ”آﭘﺮﻳﺸﻦ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ“ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ‬
‫وﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻮرﭨﺲ ۽ ﺷﭙﻨﮓ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰﻳﺸﻦ )‪ (PSO‬ﺟﻲ وزﻳﺮ ﺟﻮ ﺻﻼﺣﻜﺎر ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. ۱۰۰۲ع ۾‬
‫ﻫﻮرﻣﻮزﮔﺎن ﺟﻮ ڊاﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻮ، ان ﺑﻌﺪ ۶۰۰۲ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ‪) IMO‬اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ‬
‫ﻣﺌﻴﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰﻳﺸﻦ( ۾ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻟﻨﮉن ۾ ﺗﺮﺳﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ۶۰۰۲ع ۾ رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ‬
‫ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻟﻨﮉن ۾ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺷﭙﻨﮓ اﻳﺠﻨﺴﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻓﻞ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن‬
                                                                            ‫ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ.‬
‫ﻫﻮن‪ ‬ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺟﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﺎ ﭔﺎر ﮀﺎ ﭘﻴﺎ ﭘﮍﻫﻦ ﭘﺮ‬
‫آﺋﻮن ﺳﻨﺪس ڌﻳﺌﺮن: رﻳﺤﺎﻧﻪ، ﻓﺎﺋﺰه ۽ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﺑﺎﺑﺖ ﺿﺮور ﻟﮑﻨﺪس ﺟﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﺎص ﻛﺮي‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ دﻣﺎغ ۾ اﻫﺎ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ وﻳﭡﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﺎﻫﻞ ۽‬
‫ﭘﺮاﮢﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن- ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﮐﻴﻦ ﭘﺮاﺋﻤﺮي‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺤﺮوم رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﺮاﺳﺮ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺧﻼف‬
‫ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۾، ﭘﺮ ﻣﺎڊرن ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ۾، ﻓﻮج ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ ۾،‬
                                                 ‫ٰ‬
               ‫ﺟﻬﺎز راﻧﻲ ۾، ﺑﺰﻧﺲ ۽ اﻧﮉﺳﭩﺮي ۾، ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ۽ ﻛﺎﻣﺮس ۾ ﻛﺎﻓﻲ اﮘﻴﺎن اﮘﻴﺎن آﻫﻦ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ وڏي ڌي‪ ‬رﻳﺤﺎﻧﮫ اﻳﻢ ﺑﻲ ﺑﻲ اﻳﺲ ﻛﺮي ﻫﺎڻ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‪ ‬۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ‬
‫آﻫﻲ ۽ ﻫﻮ‪ ‬ﺟﻨﺮل ﭘﺮﺋﻜﭩﻴﺸﻨﺮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۾ ‪ Ph. D‬ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ. ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ ڌي‪ ‬ﻓﺎﺋﺰه اﻳﺮان ﻣﺎن ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ڊﮔﺮي‬
‫ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ ‪ UNO‬ﺟﻲ ﻣﺎﻟﭩﺎ ﭔﻴﭧ ﺗﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ‪ IMLI‬ﻣﺎن ”ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻣﻴﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻗﺎﻧﻮن“ ۾‬
‫ﻣﺎﺳﭩﺮس ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ. ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮﺳﭩﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﭴﮣﻮ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ آﻫﻲ ۽ اﻫﺎ ﺑﻪ‬
          ‫ﻋﻮرت آﻫﻲ. ﻣﺌﮉم روﺑﻴﻨﺎ ﺧﺮم. ﻫﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ﻫﺎڻ ﻟﻨﮉن ۾ رﻫﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻗﻠﻴﺰاده ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ڌي‪ ‬ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻟﻨﮉن ﻣﻴﭩﺮو ﭘﻮﻟﻴﭩﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدﻳﺎﮢﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
                                                                              ‫ﭘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻲ ﭤﻲ.‬


‫اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ‬
                                          ‫ﺑﺎﺳﻤﻪ ﺗﻌﺎﻟﯽ‬


                            ‫ﺗﻘﺪﯾﻢ ﺑﻪ ﺁﻗﺎی ﺣﺴﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠﯽ ﺯﺍﺩﻩ‬

‫ﻣﻦ ﻭﺍﻗﻌﺎ ﺧﻮﺷﺤﺎﻟﻢ ﮐﻪ ﺍﯾﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻪ ﺑﻪ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﺭﺍ ﺑﻪ ﺩﻭﺳﺖ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺍﻡ ﺁﻗـﺎی ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠﻴـﺰﺍﺩﻩ‬
‫)ﺣﺴﻴﻦ( ﺍﻫﺪﺍ ﻣﻴﮑﻨﻢ. ﺣﺴﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻨﻬﺎ ﯾﮏ ﺩﻭﺳﺖ ﻗﺪﯾﻤﯽ ﻭ ﻫﻤﮑﻼﺳـﯽ ﻣـﻦ ﺑـﻮﺩﻩ ﺍﺳـﺖ ﺑﻠﮑـﻪ‬
‫ﺷﺨﺼﻴﺘﯽ ﺩﻭﺳﺖ ﺩﺍﺷﺘﻨﯽ، ﺑﺴﻴﺎﺭ ﻣﺘﻴﻦ ﻭ ﻫﻤﻴﺸـﻪ ﻣﺘﺮﺻـﺪ ﮐﻤـﮏ ﺑـﻪ ﺩﯾﮕـﺮﺍﻥ ﺍﺳـﺖ. ﺍﻭ ﻭﻁـﻦ‬
‫ﭘﺮﺳﺘﯽ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺁﻣﺎﺩﻩ ﺍﺳﺖ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﺧﻮﯾﺶ ﺭﺍ ﺑـﺮﺍی ﮐﺸـﻮﺭ ﻋﺰﯾـﺰﺵ ﺍﯾـﺮﺍﻥ ﻓـﺪﺍ ﮐﻨـﺪ. ﺍﻭ ﻭﻗﺘـﯽ‬
‫ﺟﻨﮓ ﺗﺤﻤﻴﻠﯽ ﻋﺮﺍﻕ ﻋﻠﻴﻪ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﺁﻏﺎﺯ ﺷـﺪ ﺩﺍﻭﻁﻠﺒﺎﻧـﻪ ﻭ ﺑـﻪ ﮐـﺮﺍﺕ‬
‫ﺩﺭ ﺟﺒﻬﻪ ﺣﻀﻮﺭ ﯾﺎﻓﺖ ﻭ ﺩﺭ ﻋﻤﻠﻴﺎﺕ ﻫﺎ ﺷﺮﮐﺖ ﻧﻤﻮﺩ ﻭ ﺳﻪ ﺑـﺎﺭ ﺍﺯ ﺣﻤـﻼﺕ ﺷـﻴﻤﻴﺎﯾﯽ ﻭ ﺗﻴﺮﺍﻧـﺪﺍﺯی‬
‫ﻣﺴﺘﻘﻴﻢ ﻋﺮﺍﻗﻴﻬﺎ ﻣﺠﺮﻭﺡ ﺷﺪ. ﻣﻦ ﻓﮑﺮ ﻣﻴﮑﻨﻢ ﺗﻘﺪﯾﺮ ﺍﯾﻦ ﺑﻮﺩ ﮐﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﺯﻧﺪﻩ ﺑﻤﺎﻧﺪ. ﺍﯾـﻦ ﮐﻤﺘـﺮ ﺍﺯ‬
                                    ‫ﯾﮏ ﻣﻌﺠﺰﻩ ﻧﻴﺴﺖ ﮐﻪ ﺍﻭ ﺯﻧﺪﻩ ﻣﺎﻧﺪ ﺗﺎ ﺍﻣﺮﻭﺯ ﺩﺭ ﮐﻨﺎﺭ ﻣﺎ ﺑﺎﺷﺪ.‬
‫ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭی ﮐﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺟﻨﻮﺑﯽ ﺳﻮﺋﺪ، ﻣﺎﻟﻤﻮ ﻣﻼﻗﺎﺕ ﮐﺮﺩﻡ ﺣـﺪﻭﺩﺍ ﻫﻔـﺪﻩ ﺳـﺎﻝ ﭘـﻴﺶ‬
‫ﺑﻮﺩ. ﺩﺭ ﺁﻥ ﺯﻣﺎﻥ ﻫﺮﺩﻭی ﻣﺎ ﺑﻪ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺟﻬﺎﻧﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺷـﻬﺮ ﺑـﺮﺍی ﺗﺤﺼـﻴﻞ ﺩﺭ ﻣﻘﻄـﻊ‬
‫ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳﯽ ﺍﺭﺷﺪ ﻭﺍﺭﺩ ﺷـﺪﻩ ﺑـﻮﺩﯾﻢ. ﻣـﻦ ﺩﺭ ﺭﺷـﺘﻪ ﻣﻬﻨﺪﺳـﯽ ﺍﯾﻤﻨـﯽ ﺩﺭﯾـﺎﻧﻮﺭﺩی ﻭ ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ‬
     ‫ـ‬       ‫ـ‬      ‫ـ‬     ‫ـ‬          ‫ـ‬
‫ﺭﺷ ـﺘﻪ ﻣ ـﺪﯾﺮﯾﺖ ﻋﻤ ـﻮﻣﯽ ﺩﺭﯾ ـﺎﻧﻮﺭﺩی ﺩﺭﺱ ﻣﻴﺨﻮﺍﻧ ـﺪ ﺍﻣ ـﺎ ﺍﮐﺜ ـﺮ ﺩﺭﻭﺱ ﻣ ـﺎ ﻣﺸ ـﺘﺮک ﺑ ـﻮﺩ ﻭ ﻟ ـﺬﺍ ﺩﺭ‬
                                           ‫ـ‬     ‫ـ‬                  ‫ـ‬        ‫ـ‬            ‫ـ‬    ‫ـ‬
‫ﺑﺴﻴﺎﺭی ﺍﺯ ﮐﻼﺱ ﻫﺎ ﺑﺎﻫﻢ ﺑﻮﺩﯾﻢ ﻭ ﺑﺎ ﻫﻢ ﺑﻪ ﺑﺮﺧﯽ ﺳﻔﺮﻫﺎی ﺁﻣﻮﺯﺷﯽ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﻫﺎی ﺩﺍﻧﻤﺎﺭک،‬
     ‫ـ‬          ‫ـ‬     ‫ـ‬       ‫ـ‬        ‫ـ‬
‫ﻧـﺮﻭژ، ﻓﻨﻼﻧ ـﺪ، ﺑﻠﮋﯾ ـﮏ ﻭ ﺁﻟﻤـﺎﻥ ﺭﻓﺘ ـﻴﻢ. ﻣ ـﺎ ﻫﻤﭽﻨـﻴﻦ ﺩﺭ ﻣﺤﻠ ـﻪ ﺍی ﺑﻨ ـﺎﻡ ﻫﻮﻟﻤـﺎ ﺩﺭ ﻣ ـﺎﻟﻤﻮ ﺯﻧ ـﺪﮔﯽ‬
                                                     ‫ـ‬     ‫ـ‬   ‫ـ‬        ‫ـ‬       ‫ـ‬      ‫ـ‬          ‫ـ‬
‫ﻣﻴﮑﺮﺩﯾﻢ. ﻓﺮﺯﻧﺪﺍﻥ ﺣﺴﻴﻦ ﺧﺼﻮﺻﺎ ﺳﻪ ﺩﺧﺘﺮﺵ ﺩﺭ ﻫﻤﺎﻥ ﮐﻼﺱ ﻫﺎی ﺍﻧﮕﻠﻴﺴـﯽ ﺧـﺎﺹ ﻓﺮﺯﻧـﺪﺍﻥ‬
‫ﻣﺎ ﺩﺭﺱ ﻣﻴﺨﻮﺍﻧﺪﻧﺪ ﮐﻪ ﺩﺧﺘﺮﻡ ﻣﺎﺭﻭی ﻣﻴﺮﻓﺖ. ﺁﻧﻬـﺎ ﺑـﺎﻫﻢ ﺩﻭﺳـﺖ ﺑﻮﺩﻧـﺪ ﻭ ﻣـﺪﺍﻡ ﺩﺭ ﭘـﺎﺭک ﺟﻠـﻮی‬
‫ﻣﻨﺰﻟﻤﺎﻥ ﺑﺎﻫﻢ ﺑﺎﺯی ﻣﻴﮑﺮﺩﻧﺪ، ﻟﺬﺍ ﺭﻭﺍﺑﻂ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﻧﺰﺩﯾﮑﯽ ﺑﺎﻫﻢ ﺩﺍﺷﺘﻴﻢ ﻭ ﻓﺮﺻﺖ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﺧـﻮﺑﯽ‬
                                         ‫ﺑﻮﺩ ﮐﻪ ﺩﺭ ﺑﺎﺭﻩ ﮐﺸﻮﺭﻣﺎﻥ ﺑﺎ ﯾﮑﺪﯾﮕﺮ ﻣﺒﺎﺩﻟﻪ ﺍﻁﻼﻋﺎﺕ ﮐﻨﻴﻢ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺑﻮﺩ ﺩﺭ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﻣﻦ ﮐﻪ ﺍﺯ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﻣﻼﻗﺎﺗﺶ ﻣﻴﮑﺮﺩﻡ ﻭ ﺭﺍﺑﻄـﻪ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﺻـﻤﻴﻤﯽ‬
‫ﺑﺎﻫﻢ ﺩﺍﺷﺘﻴﻢ. ﺍﻭ ﺍﻁﻼﻋﺎﺕ ﺯﯾﺎﺩی ﺩﺭ ﺑﺎﺭﻩ ﮐﺸﻮﺭﻡ ﺩﺍﺷﺖ ﻭﻟﯽ ﺑﺮﺍی ﻣﻦ ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭ ﺑـﻮﺩ ﮐـﻪ ﺩﺭﺑـﺎﺭﻩ‬
‫ﺍﯾﺮﺍﻥ، ﻣﺮﺩﻣﺶ ﻭ ﻓﺮﻫﻨﮓ ﺁﻥ ﺍﺯ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﺁﺷﻨﺎ ﻣﻴﺸﺪﻡ. ﮐﺸﻮﺭی ﮐـﻪ ﻣﺤـﻞ ﻭ ﺯﺍﺩﮔـﺎﻩ ﺷـﻌﺮﺍی ﻣـﻮﺭﺩ‬
                          ‫ﻋﻼﻗﻪ ﻣﻦ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎﻡ، ﻣﻮﻻﻧﺎ، ﻋﻄﺎﺭ، ﻓﺮﺩﻭﺳﯽ، ﺳﻌﺪی ﻭ ﻧﻈﺎﻣﯽ ﺍﺳﺖ.‬
‫ﻧﮑﺘﻪ ﺍﯾﮑﻪ ﺑﺎﯾﺪ ﺍﺿﺎﻓﻪ ﻧﻤﺎﯾﻢ ﻭ ﺑﻪ ﻫﻤﻪ ﮐﺸﻮﺭﻫﺎی ﺟﻬﺎﻥ ﺳﻮﻡ ﺍﻋﻼﻡ ﻧﻤﺎﯾﻢ ﺍﯾﻦ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺍﯾﺮﺍﻧﻴﻬـﺎ‬
‫ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻥ ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺧـﻮﺑﯽ ﺑـﺮﺍی ﻣـﺮﺩﻡ ﮐﺸـﻮﺭﻫﺎی ﺍﻁـﺮﺍﻑ ﺧـﻮﯾﺶ ﻫﺴـﺘﻨﺪ. ﺁﻧﻬـﺎ ﻫﺮﮔـﺰ ﺩﺭ ﺍﻣـﻮﺭ‬
‫ﺩﺍﺧﻠﯽ ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻧﺸﺎﻥ ﺩﺧﺎﻟﺖ ﻧﻤﯽ ﻧﻤﺎﯾﻨﺪ ﻭ ﻫﻤﺴﺎﯾﮕﺎﻥ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﻧﻤﯽ ﺁﺯﺍﺭﻧﺪ. ﻣـﺮﺩﻡ ﺍﯾـﻦ ﮐﺸـﻮﺭ‬
‫ﺩﺭﺧﺎﻧﻪ ﻫﺎﯾﯽ ﺯﻧﺪﮔﯽ ﻣﻴﮑﻨﻨﺪ ﮐﻪ ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺗﻤﻴﺰ ﻭ ﻣﺮﺗﺐ ﻫﺴﺖ. ﻣﻦ ﻓﮑﺮ ﻣﻴﮑـﻨﻢ ﺍﯾﻨﮑـﻪ ﺳـﻮﺋﺪی ﻫـﺎ‬
                        ‫ﺗﺮﺟﻴﺢ ﻣﻴﺪﺍﺩﻧﺪ ﻣﺴﺘﺎﺟﺮﺷﺎﻥ ﺍﯾﺮﺍﻧﯽ ﺑﺎﺷﺪ ﺑﻪ ﺩﻟﻴﻞ ﻫﻤﻴﻦ ﭘﺎﮐﻴﺰﮔﯽ ﺑﺎﺷﺪ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺮﺍی ﻣﻦ ﺩﺭ ﺳﻮﺋﺪ ﻣﻮﻫﺒﺘﯽ ﺍﻟﻬﯽ ﻭ ﻓﺮﺷﺘﻪ ﺍی ﺩﺭ ﻟﺒـﺎﺱ ﺍﻧﺴـﺎﻥ ﺑـﻮﺩ. ﺩﺭﮐﻨـﺎﺭ ﮐﻤـﮏ ﺑـﻪ‬
‫ﺩﯾﮕﺮﺍﻥ، ﺍﻭ ﯾﮏ ﻣﺴﻠﻤﺎﻥ ﻭﺍﻗﻌﯽ ﺩﺭ ﻋﻘﻴﺪﻩ ﻭ ﻋﻤﻞ ﺑﻮﺩ. ﻓﺮﺩی ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺳﺎﺩﻩ، ﺻـﻤﻴﻤﯽ ﻭ ﺷﺨﺼـﯽ‬
‫ﻣﺘﻮﺍﺿﻊ ﻭ ﻣﺪﯾﺮ ﺑﻮﺩ. ﻣﻦ ﻫﻨﻮﺯ ﻫﻢ ﻓـﺮﺩی ﺑـﺎ ﺍﯾـﻦ ﮐﻤـﺎﻻﺕ ﻭ ﺍﺯ ﺧﻮﺩﮔﺬﺷـﺘﻪ ﺑـﺮﺍی ﺍﻧﺠـﺎﻡ ﻭﻅﻴﻔـﻪ ﻭ‬
                                                             ‫ﻋﺸﻖ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﻧﺪﯾﺪﻩ ﺍﻡ.‬
‫ﻣﻦ ﭘﺲ ﺍﺯ ﺑﺎﺯﺩﯾﺪی ﮐﻪ ﺑﺮﺍی ﺍﻭﻟﻴﻦ ﺑﺎﺭ ﺍﺯ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺩﺍﺷﺘﻢ ﺍﯾﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻪ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺑـﺎﺭﻩ ﺁﻥ ﻧﻮﺷـﺘﻢ، ﻭ‬
‫ﺍﮐﻨﻮﻥ ﮐﻪ ﺍﯾﻦ ﮐﺘﺎﺏ ﺁﻣﺎﺩﻩ ﺍﻧﺘﺸﺎﺭ ﺍﺳﺖ ﻫﻴﭻ ﻓﺮﺩی ﺭﺍ ﺷﺎﯾﺴﺘﻪ ﺗﺮ ﺍﺯ ﻫﻤﮑﻼﺳﯽ ﻋﺰﯾـﺰﻡ ﺩﺭ ﺩﻭﺭﺍﻥ‬
‫ﺗﺤﺼﻴﻞ ﺩﺭ ﺳﻮﺋﺪ ﻭ ﮐﺎﺭﻣﻨﺪ )ﺑﺎﺯ ﻧﺸﺴـﺘﻪ( ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻨـﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸـﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﯾﻌﻨـﯽ ﺁﻗـﺎی ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ‬
                                     ‫ﻗﻠﯽ ﺯﺍﺩﻩ ﻧﻴﺎﻓﺘﻢ. ﻟﺬﺍ ﺍﯾﻦ ﮐﺘﺎﺏ ﺭﺍ ﺑﻪ ﺍﯾﺸﺎﻥ ﺍﻫﺪﺍ ﻣﻴﻨﻤﺎﯾﻢ.‬
‫ﺩﻭﺳﺖ ﻣﺎ ﺣﺴﻴﻦ ﺩﺭ ﭘﺎﻧﺰﺩﻫﻢ ﺳﭙﺘﺎﻣﺒﺮ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﭘﻨﺠﺎﻩ ﻭﺳﻪ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺳﺎﺣﻠﯽ ﻧﻮﺷﻬﺮ، ﺷﻬﺮی‬
‫ﺯﯾﺒﺎ ﺩﺭ ﺍﺳﺘﺎﻥ ﻣﺎﺯﻧﺪﺭﺍﻥ ﺩﺭ ﺷﻤﺎﻝ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﻣﺘﻮﻟﺪ ﺷﺪ. ﺑﻌﺪ ﺍﺯ ﺗﮑﻤﻴﻞ ﺩﺑﺴﺘﺎﻥ ﻭ ﺩﺑﻴﺮﺳﺘﺎﻥ ﺩﺭ ﺷـﻬﺮﺵ،‬
‫ﻭی ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﻔﺘﺎﺩ ﻭ ﺩﻭ ﺑـﻪ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺍﺻـﻔﻬﺎﻥ ﺭﺍﻩ ﯾﺎﻓـﺖ ﻭ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺭﺷـﺘﻪ‬
‫ﻋﻠﻮﻡ ﺗﺮﺑﻴﺘﯽ ﺭﺍ ﺍﺯ ﺍﯾﻦ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼـﺪﻭ ﻫﻔﺘـﺎﺩ ﺷـﺶ ﺑـﻪ ﭘﺎﯾـﺎﻥ ﺭﺳـﺎﻧﺪ. ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ‬
‫ﭘﺎﺳﺦ ﺑﻪ ﺳﻮﺍﻟﻢ ﻧﺎﻡ ﺑﺮﺧﯽ ﺩﺑﻴﺮﺍﻥ ﭘﺮﺗﻼﺵ ﺩﺑﻴﺮﺳﺘﺎﻧﯽ ﺍﺵ ﺍﺯ ﺟﻤﻠﻪ ﺁﻗﺎی ﮐﺒﻴﺮ ﺳﻠﻄﺎﻧﯽ ﺩﺑﻴﺮ ﺗـﺎﺭﯾﺦ‬
‫ﻭ ﺟﻐﺮﺍﻓﻴﺎ ﻭ ﺁﻗﺎی ﮐﺎﻅﻢ ﻭﺣﻴﺪ ﺩﺑﻴﺮ ﺍﺩﺑﻴﺎﺕ ﻓﺎﺭﺳﯽ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﻫﻨﻮﺯ ﺑﻴﺎﺩ ﺩﺍﺷـﺖ. ﺣﺴـﻴﻦ ﺩﺭ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺑـﺎ‬
‫ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﻋﻠﯽ ﺷﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﺍﺳﺘﺎﺩ ﻭ ﺭﺋﻴﺲ ﺩﺍﻧﺸﮑﺪﻩ ﺍﺵ ﺭﺍﺑﻄﻪ ﺍی ﺑﺴﻴﺎﺭ ﺻﻤﻴﻤﯽ ﺑﺮﻗـﺮﺍﺭ ﮐـﺮﺩ. ﺍﻭ‬
‫ﻣﻴﮕﻔﺖ ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﺷـﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﺑـﺎ ﻣـﻦ ﺑﺴـﻴﺎﺭ ﻣﻬﺮﺑـﺎﻥ ﺑـﻮﺩ ﻭ ﻣـﺮﺍ ﺧﻴﻠـﯽ ﺩﻭﺳـﺖ ﺩﺍﺷـﺖ ﻭ ﺭﺍﺑﻄـﻪ‬
‫ﺻﻤﻴﻤﯽ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﻣﺎ ﻫﻨﻮﺯ ﺍﺩﺍﻣﻪ ﺩﺍﺭﺩ. ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﮕﻮﯾﺪ ﭘﺮﻭﻓﺴﻮﺭ ﺷﺮﯾﻌﺘﻤﺪﺍﺭی ﯾﮏ ﺍﺯ ﺑﻬﺘﺮﯾﻦ ﺍﺳﺎﺗﻴﺪ‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﺩﺭ ﺟﻬﺎﻥ ﻣﻌﺎﺻﺮ ﺍﺳﺖ ﮐﻪ ﺩﺍﺭﺍی ﺩﮐﺘﺮﯾﻦ ﺁﻣﻮﺯﺷﯽ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺘﯽ ﻣﺘﺮﻗـﯽ ﻣﻴﺒﺎﺷـﺪ. ﻭی ﺩﺭ‬
‫ﺍﻭﻝ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﺍﺳﻼﻣﯽ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﻭﺯﯾﺮ ﻓﺮﻫﻨﮓ ﻭ ﺁﻣﻮﺯﺵ ﻋﺎﻟﯽ ﺑﻮﺩ ﻭ ﻫـﻢ ﺍﮐﻨـﻮﻥ ﻋﻀـﻮ ﺷـﻮﺭﺍﯾﻌﺎﻟﯽ ﺍﻧﻘـﻼﺏ‬
‫ﻓﺮﻫﻨﮕﯽ ﺍﺳﺖ. ﻭی ﺟﺪﺍ ﺍﺯ ﻟﻴﺴﺘﯽ ﮐﻪ ﺑﺮﺍی ﺗﺸﮑﻴﻞ ﺳﺘﺎﺩ ﺍﻧﻘﻼﺏ ﻓﺮﻫﻨﮕﯽ ﺑـﻪ ﺍﻣـﺎﻡ ﺧﻤﻴﻨـﯽ )ﺭﻩ(‬
‫ﺑﻨﻴﺎﻥ ﮔﺬﺍﺭ ﺟﻤﻬﻮﺭی ﺍﺳﻼﻣﯽ ﺍﯾﺮﺍﻥ ﭘﻴﺸﻨﻬﺎﺩ ﺷﺪﻩ ﺑﻮﺩ ﺗﻮﺳﻂ ﺧﻮﺩ ﺍﯾﺸﺎﻥ ﺍﻧﺘﺨﺎﺏ ﺷﺪ ﻭ ﺍﯾﻦ ﮔﻮﯾـﺎی‬
                      ‫ﺷﻨﺎﺧﺖ ﺍﻣﺎﻡ ﺧﻤﻴﻨﯽ ﺍﺯ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺍﯾﻦ ﺍﺳﺘﺎﺩ ﺑﺮﺟﺴﺘﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻭ ﺗﺮﺑﻴﺖ ﺍﺳﺖ.‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﭘﺲ ﺍﺯ ﭘﺎﯾﺎﻥ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑﻪ ﺧﺪﻣﺖ ﺳﺮﺑﺎﺯی ﺭﻓﺖ ﻭ ﺑﺎ ﺷﻐﻞ ﻣﻌﻠﻤﯽ ﮐﺎﺭﺵ ﺭﺍ ﺷﺮﻭﻉ ﮐـﺮﺩ. ﺍﻭ ﺩﺭ‬
‫ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﻭﻗﺘﯽ ﻫﺰﺍﺭﺍﻥ ﮐﻴﻠﻮﻣﺘﺮ ﻣﺮﺑﻊ ﺍﺯ ﺧﺎک ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺗﻮﺳﻂ ﻋـﺮﺍﻕ ﺍﺷـﻐﺎﻝ ﺷـﺪ‬
‫ﺩﺍﻭﻁﻠﺒﺎﻧﻪ ﺑﻌﻨﻮﺍﻥ ﺍﺩﺍی ﺩﯾﻦ ﺑﻪ ﮐﺸﻮﺭﺵ ﺑﻪ ﺟﺒﻬﻪ ﺭﻓﺖ ﻭ ﺩﺭ ﭼﻨـﺪ ﺑـﺎﺭ ﺩﺭ ﺣﻤﻠـﻪ ﺷـﻴﻤﻴﺎﯾﯽ ﻭ ﺗﻴﺮﺍﻧـﺪﺍﺯی‬
                                                   ‫ﻋﺮﺍﻗﻴﻬﺎ ﻣﺠﺮﻭﺡ ﺷﺪ ﻭﻟﯽ ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ﻧﺠﺎﺕ ﯾﺎﻓﺖ.‬
‫ﺳﻤﺖ ﻫﺎی ﻣﺪﯾﺮﯾﺘﯽ ﻣﺨﺘﻠﻔﯽ ﺑﻪ ﺣﺴﻴﻦ ﭘﻴﺸﻨﻬﺎﺩ ﺷﺪ ﻭﻟﯽ ﺍﻭ ﺗـﺮﺟﻴﺢ ﻣﻴـﺪﺍﺩ ﯾـﮏ ﻣﻌﻠـﻢ ﺑـﺎﻗﯽ‬
‫ﺑﻤﺎﻧﺪ. ﻣﻊ ﺍﻻﺻﻒ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻫﺸﺘﺎﺩ ﻭ ﭼﻬﺎﺭ ﺣﺴﻴﻦ ﺭﺍﻫﯽ ﺑﻪ ﺟﺰ ﭘﺬﯾﺮﺵ ﻣﺴﺌﻮﻟﻴﺖ‬
‫ﻣﺪﯾﺮﯾﺖ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻣﺎﺯﻧﺪﺭﺍﻥ ﺩﺭ ﺷﻬﺮ ﺧﻮﺩﺵ ﻧﻮﺷﻬﺮ ﻧﺪﺍﺷﺖ. ﺑﻌﺪ ﺍﺯ ﻫﻔﺖ ﺳﺎﻝ ﻣﺪﯾﺮﯾﺖ‬
‫ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺳﻤﺖ ﻭ ﺟﻠﺐ ﺭﺿﺎﯾﺖ ﻣﺪﯾﺮﺍﻧﺶ، ﺑﻪ ﻭی ﺑـﻮﺭﺱ ﺗﺤﺼـﻴﻠﯽ ﺩﺭ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺍﺭﺷـﺪ ﺩﺭ‬
‫ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺟﻬﺎﻧﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺳﻮﺋﺪ ﺍﻋﻄﺎ ﺷﺪ. ﻭی ﺩﺭ ﭘﺎﯾﺎﻥ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻧﻮﺩ ﻭﺳﻪ ﺗﺤﺼﻴﻼ‬
‫ﺕ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﺩﺭ ﺍﯾﻦ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑﻪ ﺍﺗﻤﺎﻡ ﺭﺳﺎﻧﺪ ﻭ ﺑﻪ ﮐﺸـﻮﺭﺵ ﺑﺎﺯﮔﺸـﺖ ﻭ ﺑـﻪ ﺳـﻤﺖ ﻣـﺪﯾﺮ ﻋﻤﻠﻴـﺎﺕ‬
‫ﺑﻨﺎﺩﺭ ﺍﺳﺘﺎﻥ ﻫﺮﻣﺰﮔﺎﻥ ﺩﺭ ﺟﻨـﻮﺏ ﺍﯾـﺮﺍﻥ ﻣﻨﺼـﻮﺏ ﺷـﺪ ﻭ ﺑـﻪ ﻣـﺪﺕ ﺳـﻪ ﺳـﺎﻝ ﺑـﻪ ﻫﻤـﻪ ﻣﺸـﮑﻼﺕ‬
‫ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﮔﯽ ﺍﺵ ﺗﻤﺎﻡ ﺗﻼﺵ ﺧﻮﺩ ﺭﺍ ﺑﺮﺍی ﺑﻬﺒﻮﺩ ﺧـﺪﻣﺎﺕ ﻋﻤﻠﻴـﺎﺕ ﺩﺭﯾـﺎﯾﯽ ﻭ ﺑﻨـﺪﺭی ﺩﺭ ﺍﯾـﻦ ﺍﺳـﺘﺎﻥ‬
‫ﺧﺼﻮﺻﺎ ﺩﺭ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﺷﻬﻴﺪ ﺭﺟﺎﯾﯽ ﻭ ﺷﻬﻴﺪ ﺑﺎﻫﻨﺮ ﺑﮑﺎﺭ ﮔﺮﻓﺖ. ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﻧﻬﺼﺪ ﻭ ﻧﻮﺩ ﻭ ﻫﻔﺖ ﻭی‬
‫ﺑﻪ ﺳﻤﺖ ﻣﺸﺎﻭﺭ ﻭ ﺑﺎﺯﺭﺱ ﻭﯾﮋﻩ ﻣﻌﺎﻭﻥ ﻭﺯﯾﺮ ﻭ ﻣﺪﯾﺮﻋﺎﻣﻞ ﺳﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻣﻨﺼﻮﺏ ﺷﺪ.‬
     ‫ـ‬         ‫ـ‬          ‫ـ‬          ‫ـ‬
‫ﻭی ﭘـﺲ ﺍﺯ ﺍﯾﻨﮑـﻪ ﭘﻴﺸـﻨﻬﺎﺩ ﻗﺒـﻮﻝ ﻣﺴـﺌﻮﻟﻴﺖ ﻣـﺪﯾﺮﮐﻠﯽ ﺑﻨـﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸـﺘﺮﺍﻧﯽ ﺍﺳـﺘﺎﻥ ﻫﺮﻣﺰﮔـﺎﻥ ﺭﺍ‬
                                                 ‫ـ‬               ‫ـ‬      ‫ـ‬      ‫ـ‬           ‫ـ‬
‫ﻧﭙﺬﯾﺮﻓﺖ، ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﺩﻭﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﯾﮏ ﻣﻴﻼﺩی ﺑﺼﻮﺭﺕ ﺍﺟﺒﺎﺭی ﺑﺮﺍی ﺗﺼـﺪی ﺍﯾـﻦ ﻣﺴـﺌﻮﻟﻴﺖ ﺑـﻪ ﺍﺳـﺘﺎﻥ‬
‫ﻫﺮﻣﺰﮔﺎﻥ ﺍﻋﺰﺍﻡ ﮔﺮﺩﯾﺪ. ﻭ ﻧﻬﺎﯾﺘﺎ ﺩﺭ ﺳﺎﻝ ﺩﻭ ﻫﺰﺍﺭ ﻭﺳﻪ ﻣﻴﻼﺩی ﺑﻪ ﻋﻨـﻮﺍﻥ ﺍﻭﻟـﻴﻦ ﻧﻤﺎﯾﻨـﺪﻩ ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ‬
‫ﺑﻨﺎﺩﺭ ﻭ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﺩﺭ ﺳﺎﺯﻣﺎﻥ ﺑﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠﻠﯽ ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﺑﻪ ﺍﻧﮕﻠﺴـﺘﺎﻥ ﺭﻓـﺖ. ﺍﯾـﻦ ﺳـﺎﺯﻣﺎﻥ ﯾﮑـﯽ ﺍﺯ‬
‫ﺳــﺎﺯﻣﺎﻧﻬﺎی ﻭﯾــﮋﻩ ﺳــﺎﺯﻣﺎﻥ ﻣﻠــﻞ ﺍﺳــﺖ ﮐــﻪ ﻭﻅﻴﻔــﻪ ﻗﺎﻧﻮﻧﮕــﺬﺍﺭی ﺩﺭ ﺍﻣــﻮﺭ ﮐﺸــﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﻭ ﺍﯾﻤﻨــﯽ‬
‫ﺩﺭﯾﺎﻧﻮﺭﺩی ﻭ ﺣﻔﻆ ﻣﺤﻴﻂ ﺯﯾﺴﺖ ﺩﺭﯾﺎﯾﯽ ﺭﺍ ﺑﺮﻋﻬﺪﻩ ﺩﺍﺭﺩ. ﺳﺮﺍﻧﺠﺎﻡ ﺣﺴﻴﻦ ﺩﺭ ﺁﻭﺭﯾﻞ ﺳـﺎﻝ ﺩﻭﻫـﺰﺍﺭ‬
‫ﻭ ﺷﺶ ﻣﻴﻼﺩی ﭘﺲ ﺍﺯ ﺗﮑﻤﻴﻞ ﺳﯽ ﺳﺎﻝ ﺧﺪﻣﺎﺕ ﺩﻭﻟﺘﯽ ﺑﺎﺯﻧﺸﺴـﺘﻪ ﮔﺮﺩﯾـﺪ. ﻭی ﺩﺭﺣـﺎﻝ ﺣﺎﺿـﺮ‬
        ‫ﻋﻀﻮ ﻫﻴﺎﺕ ﻣﺪﯾﺮﻩ ﻭ ﮐﺎﺭﻣﻨﺪ ﺗﻤﺎﻡ ﻭﻗﺖ ﺷﺮﮐﺖ ﮐﺸﺘﻴﺮﺍﻧﯽ ﺍﯾﺮﺳﻞ ﯾﻮﮐﯽ ﺩﺭ ﻟﻨﺪﻥ ﻣﻴﺒﺎﺷﺪ.‬
‫ﻣﻦ ﻧﺰﺩﯾﮏ ﺑﻪ ﺑﻴﺴﺖ ﺳﺎﻝ ﺑﺎ ﺧﺎﻧﻮﺍﺩﻩ ﺣﺴﻴﻦ ﺁﺷﻨﺎﯾﯽ ﻧﺰﺩﯾـﮏ ﺩﺍﺭﻡ. ﺣﺴـﻴﻦ ﻧﺴـﺒﺖ ﺑـﻪ ﻓﺮﺯﻧـﺪﺍﻧﺶ‬
‫ﻋﻨﺎﯾﺖ ﺧﺎﺻﯽ ﺩﺍﺷﺖ ﻭ ﺑﺮﺍی ﮐﺴﺐ ﺩﺍﻧﺶ ﻭ ﺍﺭﺗﻘﺎی ﺗﺤﺼﻴﻠﯽ ﺁﻧﻬﺎ ﺧﻴﻠﯽ ﺑﻴﺸﺘﺮ ﺍﺯ ﭘﺪﺭ ﻭ ﻣﺎﺩﺭﻫـﺎی‬
‫ﻏﺮﺑﯽ ﺗﻮﺟﻪ ﻣﻴﮑﺮﺩ. ﺩﺧﺘﺮ ﺑﺰﺭﮔﺶ ﺩﮐﺘﺮﺍی ﭘﺰﺷﮑﯽ ﺭ ﺍﺍﺯ ﺩﺍﻧﺸـﮕﺎﻩ ﺍﺻـﻔﻬﺎﻥ ﺩﺭ ﺳـﺎﻝ ﺩﻭ ﻫـﺰﺍﺭ ﻫﻔـﺖ‬
‫ﻣﻴﻼﺩی ﺍﺧﺬ ﻭ ﻫﻢ ﺍﮐﻨﻮﻥ ﺩﺭ ﯾﮑﯽ ﺍﺯ ﺑﻴﻤﺎﺭﺳﺘﺎﻧﻬﺎی ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻫﯽ ﺑﺮﯾﺘﺎﻧﻴـﺎ ﺩﻭﺭﻩ ﺗﺨﺼﺼـﯽ ﺧـﻮﺩ ﺭﺍ ﺁﻏـﺎﺯ‬
‫ﻧﻤﻮﺩﻩ ﺍﺳﺖ. ﺩﺧﺘـﺮ ﺩﯾﮕـﺮ ﺍﯾﺸـﺎﻥ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ ﺍﺭﺷـﺪ ﺭﺷـﺘﻪ ﺣﻘـﻮﻕ ﺑـﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠـﻞ ﺩﺭﯾـﺎﯾﯽ ﺭﺍ ﺍﺯ‬
‫ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﺑـﻴﻦ ﺍﻟﻤﻠﻠـﯽ ﺩﺭ ﮐﺸـﻮﺭ ﻣﺎﻟﺘـﺎ ﺑـﻪ ﭘﺎﯾـﺎﻥ ﺭﺳـﺎﻧﺪﻩ ﻭ ﺩﺧﺘـﺮ ﺳـﻮﻡ ﺍﯾﺸـﺎﻥ ﺩﻭﺭﻩ ﮐﺎﺭﺷﻨﺎﺳـﯽ‬
                                        ‫ﻣﻌﻤﺎﺭی ﺭﺍ ﺍﺯ ﺩﺍﻧﺸﮕﺎﻩ ﻣﺘﺮﻭﭘﻮﻟﻴﺘﻦ ﻟﻨﺪﻥ ﺍﺧﺬ ﻧﻤﻮﺩﻩ ﺍﺳﺖ.‬
‫ﺁﺭﺯﻭ ﻣﻴﮑﻨﻢ ﺩﻭﺳـﺖ ﻣـﻦ ﺣﺴـﻴﻨﻌﻠﯽ ﻗﻠـﯽ ﺯﺍﺩﻩ ﻭ ﺧـﺎﻧﻮﺍﺩﻩ ﻣﺤﺘـﺮﻣﺶ ﻋﻤـﺮی ﻁـﻮﻻﻧﯽ ﻭ ﻣـﻮﻓﻘﯽ‬
                                                                   ‫ﺩﺍﺷﺘﻪ ﺑﺎﺷﻨﺪ.‬
            ‫ﺍﻟﻄﺎﻑ ﺷﻴﺦ- ﺩ ﻭﺍﺯﺩﻫﻢ ﺟﻮﻻی ﺳﺎﻝ ﺩﻭﻫﺰﺍﺭ ﻭ ﻫﺸﺖ ﻣﻴﻼﺩی- ﺍﺳﻼﻡ ﺁﺑﺎﺩ ﭘﺎﮐﺴﺘﺎﻥ‬
                                              ‫ﻣﻬﺎڳ‬

‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ادﺑﻲ ﮐﻴﺘﺮ ۾ ﻫﻚ وڏو ﻧﺎن‪ ‬آﻫﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﺳﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ روﺑﺮو ﻣﻼﻗﺎت ﻧﻪ ﭤﻲ‬
‫آﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﻗﻠﻤﻲ ﭘﻮرﻫﻴﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ رﺷﺘﻮ آﻫﻲ. ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻴﺎر ۽ ﭘﺎﭔﻮﻫﻪ ﻣﺎن ﻓﻮن ﺗﻲ‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﺣﻜﻢ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﺎن ﺳﻨﺪس ﺗﺎزي ﺗﺨﻠﻴﻖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ”اﻳﺮان ڏي ُاڏام“ ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻟﮑﺎن. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف‬
‫ﺷﻴﺦ ﺟﻲ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻟﮑﮡ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ‪ ‬ﻫﻚ وڏو اﻋﺰاز آﻫﻲ، ﭘﺮ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺳﭻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ﮐﺎن‬
‫اڳ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﺘﺎب ﺟﻮ ﻣﻬﺎڳ ﻧﻪ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ، ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ اﻧﻬﻲ‪’ ‬ﭨﻴﻜﻨﻚ‘ ﺟﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﺎ ﭴﺎڻ آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ’ﺟﻬﮍو‬
                                                                        ‫ﺣﺎل ﺣﺒﻴﺒﺎن، ﺗﻬﮍو ﭘﻴﺶ ﭘﺮﻳﺎن.‘‬
‫ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ، ادب ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ۽ ﻧﺮاﻟﻲ ﺻﻨﻒ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ، ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ، ﻋﻠﻤﻲ، ادﺑﻲ، ﺳﻴﺎﺳﻲ،‬
                                                              ‫ِ‬
‫اﺧﻼﻗﻲ، ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻦ ﻛﻢ ۾ واﻗﻌﻲ ﭘﺎڻ ﮘﮣﺎﻳﻮ آﻫﻲ، ۽‬
                                      ‫زﻧﺪﮔﻲ‪ ‬ﺟﻲ اﮢﺎﻧﮕﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ۶۶ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻚ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ، رﻳﺎﺿﻲ دان، ﻣﻮﺳﻤﻦ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ، ﻫﻚ ﺣﺴﺎس ﻟﻴﮑﻚ، ﺳﻴﻼﻧﻲ، ﻣﺼﻮر، ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ‬
‫ﻟﮑﻨﺪڙ، ﻣﺘﺮﺟﻢ ۽ اﻓﺴﺎﻧﻪ ﻧﮕﺎر ﭘﮡ آﻫﻲ، ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮔﻬﮡ ﭘﺎﺳﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﺟﻲ ﺑﺎري ۾ ﻟﮑﮡ ﺳﺞ‬
  ‫ِ‬
                                                                ‫ﮐﻲ آرﺳﻲ ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻲ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻴﺘﺮي ﺳﺎري دﻧﻴﺎ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد، ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻚ ﻋﺎم اﻧﺴﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ‬
‫آﻫﻲ. ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۽ ﺗﺤﺮﻳﺮن ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ، ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﭘﺎڻ وﮢﺎﻳﻮ آﻫﻲ، اﻫﺎﺋﻲ‬
                                                                                ‫ﺳﻨﺪس ﻋﻈﻤﺖ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻨﻢ ﭜﻮﻣﻲ‪ ،‬ﻣﻘﺪس ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﻧﻪ وﺳﺎرﻳﻮ آﻫﻲ. ﺳﻨﮅ ۽ ﺳﻨﮅي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﺪس‬
    ‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ازل ﺟﻲ رﺷﺘﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎروﺋﮍن ۽ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺌﮍن ﮐﻲ ڏوراﻧﻬﻦ ڏﻳﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ وﺳﺎرﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ۾ ﺧﺎﺻﻴﺘﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺧﺎﻣﻴﻮن ﭘﮡ. ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ‬
‫ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺤﺮﻳﺮن ﺟﻲ ذرﻳﻌﻲ ﻏﻔﻠﺖ ﺟﻲ اﮔﻬﻮر ﻧﻨﮉ ﻣﺎن ﺟﺎﮘﺎﺋﮡ ﺟﻲ‬
‫ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ، ۽ اﻫﻮ اﺑﺪي ﭘﻴﻐﺎم ڏﻧﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ’ﺳﻨﮅﻳﻮ ﺟﺎﮘﻮ! ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﻫﻴﭡﺎن ڌرﺗﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪي ﭘﺌﻲ‬
‫وﭸﻲ! ﻫﻲ دور ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ )‪ (competition‬ﺟﻮ دور آﻫﻲ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﺟﻮد ﮐﻲ داﺋﻢ ۽ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮣﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ‬
                                     ‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻋﻠﻢ ۽ ﻫﻨﺮ، ڏات ۽ ڏاﻫﭗ ﺟﻲ ﻫﭥﻴﺎرن ﺳﺎن ﻟﻴﺲ ﻛﺮﻳﻮ.“‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮن ﻟﮑﮣﻴﻮن ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﻻ‪ ‬ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ درﺳﮕﺎﻫﻪ ﻟﮙﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻮ ﻫﻚ ﺳﭽﻮ ۽ ﺻﺎف ﺳﻨﮅي آﻫﻲ.‬
                ‫َ‬    ‫ُ‬
‫ﺳﻨﺪس ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌرﺗﻲ‪ ‬۽ ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﺤﺒﺖ ﻏﻴﺮ ﻣﺸﺮوط ۽ ﻳﻚ ﻃﺮﻓﻲ آﻫﻲ، ﻫﻮ ﻣﺎن، ﻣﺮﺗﺒﻲ، اﻗﺘﺪار،‬
                                                    ‫دوﻟﺖ ۽ آﺳﺎﺋﺶ ﮐﺎن ﻗﻄﻌﻲ ﺑﻲ ﭘﺮواﻫﻪ اﻧﺴﺎن آﻫﻲ.‬
‫ﺳﻨﺪس ﺗﺎزي ﺗﺤﺮﻳﺮ ﻫﺮ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن دﻟﭽﺴﭗ ۽ ﭴﺎڻ ﺟﻮ ﭜﻨﮉار آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﺑﺎﻗﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻦ ۾ ﻫﻚ اﻫﻢ اﺿﺎﻓﻮ‬
‫آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻫﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ’اﻳﺮان ﺑﺤﻴﺜﻴﺖ ﻫﻚ ﻣﻠﻚ‘ ۽ ’اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺤﻴﺜﻴﺖ ﻫﻚ ﻗﻮم‘ ﺟﻮ ﺟﻬﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ‬
‫ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﻳﻮ آﻫﻲ، اﻫﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﻟﻴﮑﻚ ﻧﭥﻮ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﻫﻦ ﺟﻬﮍي‪ ‬ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ، ﻣﺎﮘﻦ ۽ ﻣﻜﺎﻧﻦ‬
                    ‫ﺟﻲ ﭘﺲ ﻣﻨﻈﺮ ﺟﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ، اﻫﻮ واﻗﻌﻲ ﻫﻚ ﻣﺤﻘﻖ )‪ (scholar‬ﺋﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﮐﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺘﺎﺛﺮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ، اﻫﻮ ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ذاﺗﻲ‬
‫ﻛﺮدار ۽ اﻧﺴﺎﻧﻲ روﻳﻮ آﻫﻲ، ۽ ﮔﮇوﮔﮇ ﻫﺮ ﻧﻨﮃي وڏي ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﮐﺎن ﻋﻈﻴﻢ ﺳﻤﺠﻬﮡ، ﺧﻮدﻧﻤﺎﺋﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺧﻴﺎﻧﺖ ﮐﺎن ﭘﺮي‬
                                                        ‫رﻫﮡ ۽ ﻫﺮ ﺣﺎل ۾ رﺿﺎ ﺗﻲ راﺿﻲ رﻫﮡ آﻫﻲ،‬
‫ﻫﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻣﻄﺎﻟﻌﻲ ﻣﺎن ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﺤﺒﺖ ۽ ‪ commitment‬ﺳﭵﻲ اﻧﺴﺎﻧﺬات ﻻ‪ ‬ﺗﻪ آﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﮅ ۽‬
‫ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﺸﻖ ﭴﮡ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﺟﻴﺌﮡ ﺟﻮ ﺟﻮاز ﭤﺎ ﺑﺨﺸﻴﻦ. ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﺳﻤﻮرو وﻗﺖ اﻫﺎ ﺟﺴﺘﺠﻮ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻢ وﻃﻦ ۽ ﻫﻢ زﺑﺎن ﺳﭕﺎﺟﻬﮍن ﮐﻲ ﮘﻮﻟﻲ ﻟﻬﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﺪر ﺟﻮ ﺣﺎل اوري. ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺳﻔﺮ دوران ﺟﻦ ﺑﻪ ﺳﻨﮅﻳﻦ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﻛﺌﻲ آﻫﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ذﻛﺮ ۽ ﺗﻌﺎرف ﺗﻔﺼﻴﻞ ﺳﺎن ﻛﻴﻮ‬
‫آﻫﻲ. ڏﻳﻬﻪ ﺗﻮڙي ﭘﺮڏﻳﻬﻪ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﺳﻚ ۽ اﻛﻴﺮ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ڏات آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﺎ ﻗﺪرت ﭤﻮرن‬
                                                                         ‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻄﺎ ﻛﺮي ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﻫﻮﻛﺎر ”ﺗﻬﺬﻳﺐ )‪ “(Civilisation‬رﮐﻲ ﭤﻮ،‬
‫ﺟﻴﻜﺎ ﻫﺰارﻳﻦ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ وﻳﺠﻬﻲ ﻣﺎﺿﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ وﺟﻬﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﭔﻴﻦ ’ﻧﻮ‬
‫آﺑﺎدﻳﺎﺗﻲ ﻣﻠﻜﻦ‘ ﺟﻴﺎن ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ ﺟﺒﺮ، اﺳﺘﺤﺼﺎل ۽ ﭰﺮﻣﺎر ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. ارڙﻫﻴﻦ ۽ اوﮢﻬﻮﻳﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾‬
                         ‫اﻳﺮان ﺑﺮﻃﺎﻧﻮي ﺳﺎﻣﺮاج ۽ روس ﺟﻲ زار ﺷﺎﻫﻲ‪ ‬ﺟﻲ ’اﺳﺘﻌﻤﺎرﻳﺖ‘ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ اﻳﺮان ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺴﻠﻂ ﭴﻤﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﭣ ﭘﻴﺮ ﻫﻨﻴﺎ، ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻧﻬﻲ‪ ‬وﻗﺖ ۾ اﻳﺮان ۾‬
                                       ‫ُ‬
‫وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺗﻴﻞ ﺟﺎ ﮐﻮﻫﻪ ﮐﻮﭨﺠﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ﻫﺌﻲ. ﭔﻲ‪ ‬ﻣﻬﺎﭜﺎري ﻟﮍاﺋﻲ‪(IInd world war) ‬‬
‫ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻧﻮآﺑﺎدﻳﺎﺗﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ )‪ (Anti imperialism‬ﺗﺤﺮﻳﻜﻮن ﺟﻨﻢ وﭠﻲ ﭼﻜﻴﻮن ﻫﻴﻮن، ﺟﻴﻜﻲ‬
‫ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ ﻏﻼﻣﻲ‪ ‬ﮐﺎن آزادي ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻌﺎﺷﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻧﺠﺎت ﻻ‪ ‬ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ۾ ازﻟﻲ وﻳﮍﻫﻪ وڙﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻴﺎر‬
‫ﻫﻴﻮن. اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ اﻧﻬﻲ‪ ‬ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺷﺪت ﺳﺎن ُاﭜﺮي ﻫﺌﻲ، ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ )ﺗﻮده‬
                                         ‫ُ‬
‫ﭘﺎرﭨﻲ( ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻲ ﻣﺤﺪودﻳﺖ ﺟﻲ ﻛﺮي، ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ۹۶-۸۶۹۱ع ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ‬
‫ﺟﻴﺎن ’ﭘﺎﭘﻮﻟﻮزم‘ ڏاﻧﻬﻦ وڌي وﻳﺌﻲ، ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ، ﻫﻚ ’ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﻧﻘﻼب‘، ﺑﺪران ’ﺟﻤﻬﻮري‬
                                                                             ‫اﻧﻘﻼب‘ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام ڏﻧﻮ ﻫﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﺎ ﭘﺎﭘﻮﻟﺮ ﻟﻴﮉر ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻴﺎن ’ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﻧﻘﻼب‘ ﺑﺪران ’ﺟﻤﻬﻮري اﻧﻘﻼب‘ ﺟﻲ واٽ ﺗﻲ اﻳﺘﺮو اﮘﺘﻲ وڌي‬
‫وﻳﺎ، ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭼﻮﻧﮉن ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ۾ ’ﺳﻮﺷﻠﺰم‘ ﮐﻲ ﺻﺮف ﻧﻌﺮي ﺑﺎزي‪ ‬ﻃﻮر ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ. ۱۵۹۱ع ﺟﻲ ﭼﻮﻧﮉن ۾‬
  ‫ُ‬                          ‫ُ‬                                        ‫ُ‬
‫ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ اﮘﻮاڻ ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺼﺪق اﻳﺮان ﺟﻮ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ﭼﻮﻧﮉﺟﻲ وﻳﻮ. ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺼﺪق ﺑﻪ ﺷﻬﻴﺪ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻲ‬
‫ﺟﻴﺎن ’وڏي ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ‘ ﺗﻲ ﺳﮅارن ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺌﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﻮﻟﻴﺖ ۾ اﺿﺎﻓﻮ ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻮ. ﭘﺮ ﺟﮇﻫﻦ‬
‫ﻫﻦ ﺗﻴﻞ ۽ ﭔﻴﻦ اﻫﻢ ﺷﻌﺒﻦ ﮐﻲ ۱۵۹۱ع ۾ ’ﻗﻮﻣﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ‘ ۾ وﭠﮡ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ‬
                                                            ‫ُ‬
‫ﺳﺎزﺷﻮن ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺼﺪق ﺳﺮﻣﺎﺋﻴﺪاراﻧﻪ رﻳﺎﺳﺖ ۽ ﻣﻌﻴﺸﺖ ﺟﻲ ﺳﻮﺷﻠﺴﭧ ﺑﻨﻴﺎدن ﮐﻲ ﻣﻜﻤﻞ‬
                                               ‫ﻃﻮر ﺗﺒﺪﻳﻞ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ، ان ﻛﺮي اﻧﻘﻼب اڌورو رﻫﺠﻲ وﻳﻮ.‬
                 ‫ُ‬
‫ﻋﺎﻟﻤﻲ ﺳﺎﻣﺮاج، ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن واﻧﮕﺮ ﺟﻬﮍي‪ ‬رﻳﺖ ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮﻟﻦ ﺟﻲ ذرﻳﻌﻲ ﺷﻬﻴﺪ ذواﻟﻔﻘﺎر ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻲ ﮐﻲ ﻫﭩﺎﻳﻮ، اﻫﺎ‬
                                           ‫ُ‬
‫ﺳﺎﮘﻲ واٽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﺟﻨﺮﻟﻦ، ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ اﺷﺎري ﺗﻲ ’ﻣﺼﺪق ﺣﻜﻮﻣﺖ‘ ﺟﻲ ﺗﺨﺘﻲ اوﻧﮅي ﻛﺮڻ وﻗﺖ ﻛﻢ‬
‫آﻧﺪي ۽ ﻣﺼﺪق ﮐﻲ ﻣﻌﺰول ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. اﻳﺮان ﺗﻲ زﺑﺮدﺳﺘﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﻣﺴﻠﻂ ﻛﺌﻲ وﻳﺌﻲ. رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي‪ ‬ﮐﻲ ﻧﻪ‬
‫ﺻﺮف اﻳﺮان ﺟﻮ ”ﺑﺎاﺧﺘﻴﺎر“ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ، ﭘﺮ ڏﮐﮡ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻧﮕﺮاﻧﻲ‪ ‬ﻻ‪’ ‬ﻛﻤﺪار‘ ﭘﮡ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ‬
                                                                                               ‫وﻳﻮ.‬
‫۱۵۹۱ع ﮐﺎن ۹۷۹۱ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻫﺰارن ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻣﺮﻳﻜﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﻘﺮر ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ. اﻧﻬﻦ ﺟﻮ روﻳﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ‬
‫ﺳﺎن ﺣﺎﻛﻤﺎﻧﻪ ۽ ذﻟﺖ آﻣﻴﺰ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬۾ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ﺟﻲ ﺧﻼف ﻧﻔﺮت ﺟﻮ ’ﮔﺮاف‘ وڌي‬
‫وڻ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺧﻔﻴﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ”ﺳﺎواڪ )‪ “(savak‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎﺷﻌﻮر ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اذﻳﺖ ﮔﺎﻫﻦ ۾ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي، ﻇﻠﻢ ۽‬
‫ﺟﺒﺮ ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ﻣﺰدور ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ، ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻨﻈﻴﻤﻦ ۽ ﮐﺎﭔﻲ‪ ‬ڌر ﺟﻲ ﻛﺎرﻛﻨﻦ ﺟﻮ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﻛﻴﻮ‬
      ‫وﻳﻮ. ”ﺳﺎواڪ )‪ “(savak‬ﺟﻮن اذﻳﺖ ﮔﺎﻫﻮن ﺳﭵﻲ‪ ‬دﻧﻴﺎ ۾ ﻇﻠﻢ، ﺗﺸﺪد ۽ وﺣﺸﻴﺎﮢﻲ ﭨﺎرﭼﺮ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺑﺪﻧﺎم ﭤﻴﻮن.‬
‫۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﭘﻮﻳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺶ ۽ وﻃﻦ ﭘﺮﺳﺖ ﻋﻮام ﺗﻲ ﺳﺎﻣﺮاﺟﻲ، رﻳﺎﺳﺘﻲ ﻇﻠﻢ ۽ ﺑﺮﺑﺮﻳﺖ ﺟﻲ‬
‫ﻫﻚ ڊﮔﻬﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ آﻫﻲ. آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺟﻲ ﺧﻼف ’ﻧﻔﺮت‘، اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ’ﺑﻨﻴﺎد‘ آﻫﻲ. اﻳﺮاﻧﻲ‬
‫اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺳﺮﺟﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ ﭘﺎرﭨﻲ )ﺗﻮده ﭘﺎرﭨﻲ( ﺟﻮ )ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺼﺪق ﮐﻲ ﻣﻌﺰول ﻛﺮڻ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻧﮉر‬
                                                                                     ‫ِ‬
‫ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﻛﻢ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ(، اﻫﻢ ﻛﺮدار آﻫﻲ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺑﻪ ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻦ ۾ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ‬
                                                    ‫ﺧﻼف ﻋﻮام ﮐﻲ ﻣﻨﻈﻢ ﻛﺮڻ ۾ اﻫﻢ ﻛﺮدار ادا ﻛﻴﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ”ﺗﻮده ﭘﺎرﭨﻲ“ ﺟﻲ ﻛﺎرﻛﻨﻦ رﮐﻴﻮ ﻫﻮ، ﺟﻦ اﺻﻔﻬﺎن، ﺗﺒﺮﻳﺰ، زاﻫﺪان، ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۽‬
‫ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺗﻴﻞ ۽ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻲ ﻓﻴﻜﭩﺮﻳﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺻﻨﻌﺘﻦ ۽ ادارن ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻮرﻫﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻈﻢ ۽ ﻣﺘﺤﺪ ﻛﻴﻮ ۽‬
‫ﺳﺎﻣﺮاج ۽ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﻓﻴﺼﻠﻲ ﻛﻦ وﻳﮍﻫﻪ وڙﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻴﺎر ﻛﻴﻮ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺶ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ آﺑﻴﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫رﻳﭩﻲ رت ﺳﺎن ﻛﺌﻲ، ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ﺗﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ اﺛﺮ ﻛﺮي اﻧﻘﻼب ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻓﺎﺋﺪو ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﭘﻴﻮ. رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي‪‬‬
‫ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬آﻳﺖ ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ، اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻴﺎﺳﻲ، روﺣﺎﻧﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﮐﻴﺲ‬
                                                                                    ‫اﻣﺎم ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ، اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ‪ ‬۽ ﺟﺪوﺟﻬﺪ ﻣﺘﻌﻠﻖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ ﺗﻔﺼﻴﻠﻲ روﺷﻨﻲ وڌي آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ‪ ‬ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ، ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ،‬
‫ﭘﺎڻ ﮐﻲ ڏﮐﻴﻮ رﮐﻲ، اﻧﺴﺎﻧﺬات ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲ‪ ‬۽ ﺳﮏ ﻻ‪ ‬ﻛﻢ ﻛﻴﻮ. ﻫﻮ وڏو ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﻣﻘﺮر ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام‬
‫ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ دل ﺳﺎن ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻦ اﻧﺴﺎن، ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻣﺎﻟﻲ ﻃﻮر ﻛﻤﺰور ۽ ﻏﺮﻳﺐ‬
‫ﻫﻮ، ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر، ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻐﺮب ﭘﺮﺳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ڊاﻫﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﮡ ﻻ‪‬‬
                                                                                       ‫اﻧﻘﻼب آﻧﺪو.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ، ۴۲ ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۲۰۹۱ع )۰۲ ﺟﻤﺎدي اﻟﺜﺎﻧﻲ ۰۲۳۱ﻫﻪ( ﺗﻲ ”ﺧﻤﻴﻦ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي‬
‫ﻫﻮ ”ﺧﻤﻴﻨﻲ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ُاﻫﺎﺋﻲ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﺎ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻓﺎﻃﻤﺔ اﻟﺰﻫﺮا ﺟﻲ آﻫﻲ. اﻣﺎم‬
           ‫ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ’روح ا﷢ ﻣﻮﺳﻮي‘ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭔﻪ ﻟﻘﺐ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ، آﻳﺖ ا﷢ ۽ اﻣﺎم.‬
                                                           ‫ُ‬
‫اﻳﺮان ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ وڏي ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ آﻳﺖ ا﷢ ﺑﺮوﺟﺮدي‪ ‬ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ، اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﻲ‬
‫ﺳﻨﺪس ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﻳﻌﻨﻲ ’آﻳﺖ ا﷢‘ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﺟﻬﺎد زور وﭠﮡ ﻟﮙﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻐﺮب ﺗﻲ ﭜﺎڙڻ واري ﭘﺎﻟﻴﺴﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﻧﻨﺪا ﻛﺌﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻲ ﻛﺮي، ﻗﻴﺪ ۽ ﺑﻨﺪ ۾ وڌو وﻳﻮ. ﺑﻌﺪ ۾ ﻋﻮام ﺟﻲ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﻛﺮي، ﻫﻦ ﮐﻲ ﺟﻼوﻃﻦ ﻛﻴﻮ‬
‫وﻳﻮ. ۴ ﻧﻮﻣﺒﺮ ۴۶۹۱ع ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻃﻦ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ. ﮐﻴﺲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺮﻛﻲ ’‪ ‘Deport‬ﻛﻴﻮ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻫﻮ‬
‫ﺳﺎل ﮐﻦ ازﻣﻴﺮ ۽ ﺑﺮﺳﺎ ۾ رﻫﻴﻮ، ﺑﻌﺪ ۾ ﮐﻴﺲ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۵۶۹۱ع ۾ ﻋﺮاق ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺳﺎل ’ﻧﺠﻒ‘ ۾‬
‫رﻫﻴﻮ. ﻫﻮ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ، ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺎﻧﻦ وارﻳﻦ ﻛﺌﺴﻴﭩﻦ ﺗﻲ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي اﻳﺮان ﻣﻮﻛﻠﻴﻮن‬
‫وﻳﻮن ﭤﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﺎن ﻣﺎﮢﻬﻦ وڌﻳﻚ ﻛﺌﺴﭩﻮن ﭨﻴﭗ ﻛﺮي، ﻋﻮام ۾ ورﻫﺎﻳﻮن ﭤﻲ. آﺧﺮ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺣﻜﻮﻣﺖ اﻫﻮ‬
‫ﮔﮇﻳﻞ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭸﻲ، ان وﻗﺖ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ،‬
           ‫ﺟﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﻲ زوري‪ ‬ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ’ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ وﻳﺰا‘ ﺗﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ.‬
‫ﻋﻮام ﺟﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺟﺪوﺟﻬﺪ ﺟﻲ ﻛﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ. ﭘﻮرن ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻴﺒﺮوري‬
‫۹۷۹۱ع ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ۵۱ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﺟﻼوﻃﻨﻲ‪ ‬ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ آﻳﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻗﺪم رﮐﮡ ﮐﺎن ﭘﻮ‪‬‬
‫ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ: ”ا﷢ ﻧﻪ ﻛﺮي، ﭘﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭸﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻫﻠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ اڄ ﻫﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮرو ﺗﻴﻞ ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي ﻫﺎ؛ اﺳﺎن ڌارﻳﻦ ﺟﺎ ﻏﻼم ﭤﻲ رﻫﻮن ﻫﺎ. اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ اﺳﺎن داﻧﻬﻮن ﭤﺎ‬
‫ﻛﺮﻳﻮن، اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ، ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﺧﻮن ﺳﺎن ﮘﺎڙﻫﻴﻮن ﭤﻲ وﻳﻮن آﻫﻦ.‬
                                               ‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ان ﺟﺎ ﮀﺎڙﺗﺎ ﻋﺮب ﻟﻴﮉر، دﻫﺸﺘﮕﺮد ۽ ﻗﺰاق آﻫﻦ.“‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۶۸ ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۳ ﺟﻮن ۹۸۹۱ع ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ. ﺳﻨﺪس ﺟﻨﺎزي ۾ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﺮﻳﻚ‬
                                                                                         ‫ﭤﻴﺎ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﻟﮑﻲ ﭤﻮﺗﻪ ”ﺟﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﮔﺮم ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮن ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﺳﻤﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﭤﻠﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﮐﻴﻦ ﻧﻪ اڃ ۽ ﺑﮏ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻪ ﮔﺮﻣﻲ‪ ‬ﺟﻲ. ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رش ۾ ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﺮي وﻳﺎ. ﮔﺮﻣﻲ‪ ‬ﮐﻲ‬
‫ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺎﺋﺮﺑﺮﮔﻴﮉ ﺟﻮن ﮔﺎڏﻳﻮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎرﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺟﻨﺎزي ۾ آﻳﻞ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﭨﻴﻬﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ، اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ۾‬
                                                    ‫وڏو ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ’ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه‘ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻻڏاﮢﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺳﺎﻣﺮاج دﺷﻤﻦ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻦ ﺗﻲ ﮔﺎﻣﺰن آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ”آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮙﻨﺪڙ ‪) sanctions‬ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻦ( ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ اڏول آﻫﻲ؟‬
‫ﻛﻴﺌﻦ ﭘﺮﻋﺰم آﻫﻲ؟ ﻛﻴﺌﻦ ﻫﺮ راﻫﻪ ﺗﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ؟ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﻻ‪ ‬ﺣﻴﺮت ﺟﻮﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍا‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ان ﻣﺎن اﺗﺴﺎﻫﻪ )‪ (inspiration‬وﭠﻲ، ﺳﺒﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. ﺑﻘﻮل اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ‬
‫)ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ( ﺟﻴﻜﻮ ﭼﺮﭼﻲ ﭼﺮﭼﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ”اﻳﺮان ﺟﻬﮍو‬
                                                        ‫ُ‬
                                                   ‫ﻣﻠﻚ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻲ، ان ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرو!“‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎري‪ ‬۽ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ ﺟﻲ ﺗﺼﻮر ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻘﺸﻮ ﭼﭩﻴﻮ آﻫﻲ، اﻫﻮ ﻫﻚ ﻣﺜﺎﻟﻲ‬
‫۽ آزاد رﻳﺎﺳﺖ ﻻ‪ ‬ﺿﺮوري آﻫﻲ. ﺳﻨﺪس ﻫﻚ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﻗﺎﻫﺮه ﺟﻮ رﻫﻮاﺳﻲ آﻫﻲ، اﻫﻮ اﻳﺮان‬
‫ﮔﻬﻤﮡ اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ. ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ‪ ‬ﻣﻄﺎﺑﻖ ”ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ اٺ‬
‫ﺳﺎل ﻟﮍاﺋﻲ‪ ‬۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ، اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ ۽ ﭔﺎر ﻧﻈﺮ‬
‫آﻳﺎ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻃﺮﻓﺎن ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻮن )‪ (sanctions‬ﻟﮙﻞ آﻫﻦ، ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ‬
‫ﻛﻴﮇي ﻧﻪ ﻋﻈﻴﻢ ۽ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻗﻮم آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺳﮑﻴﻮ ﺳﺘﺎﺑﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ، ﺟﺘﻲ اﻣﻴﺮ‬
‫ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺐ ﺧﻮش آﻫﻲ. ﭔﺌﻲ وﻗﺖ ﻣﺎﻧﻲ ﭤﻮ ﮐﺎﺋﻲ ۽ ﻋﺰت ﺟﻲ روزي ﭤﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ. ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺳﺌﻲ ﺳﮙﻲ ﮐﺎن وﭠﻲ‬
‫ﺑﺴﻮن ۽ ﭨﺮﻳﻜﭩﺮ ﭤﻮ ﭠﺎﻫﻲ.“ اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﺗﻮڙي ﺧﺎﻧﮕﻲ ﺳﻴﻜﭩﺮ ۾ ﻛﺎرن ﺟﺎ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ آﻫﻦ ۽ ﻧﻮي‬
                                                         ‫ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻣﻘﺎﻣﻲ ﻛﺎرون اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮي ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻳﺮان ﻣﺴﻠﺴﻞ آﻣﺮﻳﻜﻲ رﺟﻌﺘﻲ ﻳﻠﻐﺎر ﺟﻮ ﻧﺸﺎﻧﻮ ﺑﮣﻴﻞ آﻫﻲ، ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ ﻋﺮاق‬
‫ﺟﻲ ﺻﺪر ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﭩﺎﺋﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ،‬ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ۾ اﻳﺮان ﻫﻚ ’آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺨﺎﻟﻒ‘ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﻮرت ۾‬
‫ُاﭜﺮﻳﻮ آﻫﻲ. ﻟﺒﻨﺎن ۾ ﺣﺰب ا﷢ ﺟﻲ ﻫﭥﺎن اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﺟﻲ ﺷﻜﺴﺖ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ،‬اﻳﺮان ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺣﻮﺻﻠﻮ ﻣﻠﻴﻮ آﻫﻲ. اڄ ﮐﺎن‬
‫۱۲ ﺳﺎل اڳ ۷۸۹۱ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﺣﻤﺎﻳﺖ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﺷﺮوع ﻛﻴﻞ ﺟﺎرﺣﻴﺖ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺷﻬﺮن ﻣﭥﺎن آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ڏﻧﻞ ﻣﻴﺰاﺋﻞ وﺳﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ، ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺧﻄﺮو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺻﺪام ﺣﺴﻴﻦ اﺋﭩﻤﻲ‬
‫ﻫﭥﻴﺎر ﺗﻴﺎر ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺧﻼف اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. اﻧﻬﻲ‪ ‬وﻗﺖ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺑﻖ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان‬
      ‫ِ‬
‫ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام، ﺟﻴﻜﻮ ۰۷۹۱ع ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺋﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﺷﺮوع ﻛﺮاﻳﻮ ﻫﻮ، ان ﮐﻲ ﭔﻴﻬﺮ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ”‪” “IAEA‬اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ اﺋﭩﻤﻚ اﻧﺮﺟﻲ اﻳﺠﻨﺴﻲ“ ﮐﺎن ﺧﻔﻴﻪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوﻋﺎت ۾‬
‫ان ﮐﻲ روﻛﻴﻮ ﻧﻪ وﭸﻲ ۽ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﺑﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ، ﭘﺮ ﻋﺮاق-اﻳﺮان ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻦ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ‬
‫ﻣﻌﻄﻞ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ، ﺣﺎﻻﻧﻚ اﻳﺮان ﮐﻲ اﻫﻮ ﺣﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻫﻮ ﺗﻪ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﺷﺮوع ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ؛ ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ‬
‫اﻳﺮان ”‪ “NPT‬ﻣﻌﺎﻫﺪي ﺗﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ ﻫﻮ، ان ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﺠﻠﻲ ۽ ﺗﻮاﻧﺎﺋﻲ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ‬
                                                                                   ‫ڏﻳﮡ ﺟﻮ ﺣﻖ ﺑﻪ آﻫﻲ.‬
‫۹ ﻓﻴﺒﺮوري ۳۰۰۲ع ﺗﻲ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ اﺋﭩﻤﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﭔﻴﻬﺮ ﺷﺮوع ﻛﺮڻ ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﺎن اﺋﭩﻤﻲ ﺑﺠﻠﻲ‬
‫ﭘﻴﺪا ﻛﺮي، ﻣﻠﻜﻲ ﺻﻨﻌﺘﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﺪاوار وڌاﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ۽ ﻋﺎم ﺷﻬﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﺠﻠﻲ ﻓﺮاﻫﻢ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ.‬
‫اﻳﺮان ‪ IAEA‬ﮐﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ. ﻓﻴﺒﺮوري ۳۰۰۲ع ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ‪IAEA‬‬
‫ﻃﺮﻓﺎن ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺮادي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻧﺴﭙﻴﻜﭩﺮن ﺟﻲ ﭨﻴﻢ ﺳﺎن اﺋﭩﻤﻲ ﺟﻮﻫﺮي ﭘﺮوﮔﺮام ﺟﻮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﻴﻮ ۽ اﭨﻜﻞ‬
                                                    ‫ﮀﻬﻪ ﭜﻴﺮا ‪ IAEA‬ﺟﺎ اﻧﺴﭙﻴﻜﭩﺮ ﻣﻌﺎﺋﻨﻮ ﻛﺮي ﭼﻜﺎ آﻫﻦ.‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻒ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان وٽ ﺗﻴﻞ ۽ ﮔﺌﺲ ﺟﺎ ذﺧﻴﺮا وڏي ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ، ان ﻛﺮي اﻳﺮان ﻃﺮﻓﺎن‬
‫اﺋﭩﻤﻲ ري اﻳﻜﭩﺮ ﭘﺮوﮔﺮام ﺧﺘﻢ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﭼﻮﻧﮉﺟﻲ اﭼﮡ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻫﻮ اﻋﻼن‬
‫ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﻻ‪’ ‬ﻳﻮرﻳﻨﻢ‘ ﭘﻴﺪا ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ”ﭔﭩﻲ“ ”ﻧﺎن ﭘﺮوﻟﻴﻔﺮﻳﺸﻦ ﭘﺎﻟﻴﺴﻲ“ آﻫﻲ.‬
‫اﺳﺮاﺋﻴﻞ، ﭜﺎرت ۽ ﭔﻴﻦ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺣﺎﻣﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ اﺋﭩﻤﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ، ﭘﺮ اﻳﺮان ﮐﻲ اﻫﺎ ﻧﻪ‬
                   ‫ﭤﻲ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ، ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻫﻦ ﺧﻄﻲ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﺷﺪﻳﺪ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺮي ﭤﻮ.‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم وﻃﻦ ﭘﺮﺳﺘﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺳﮕﻬﺎري ﺳﻨﮕﻬﺮن ۾ ﺳﻠﻬﺎڙﻳﻞ آﻫﻲ، ان ﮐﻲ ﻛﻮﺑﻪ ﺳﺎﻣﺮاج، ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻲ زور ﺗﻲ ﺧﺘﻢ‬
‫ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوﻫﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ، ﭘﺮ ﺳﻨﺪن اﺗﺤﺎد ﻻزوال ۽ اڻ ﭨﭧ‬
                       ‫َ‬
‫آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ۸۹ ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ، ﺟﻦ ﻣﺎن ۰۹ ﺳﻴﻜﮍو ﺷﻴﻌﻪ ﻣﺴﻠﻚ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻦ ﭤﺎ ۽‬
                                                                            ‫َ‬
‫ﺑﺎﻗﻲ ۸ ﺳﻴﻜﮍو ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻚ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻦ ﭤﺎ. ۲ ﺳﻴﻜﮍو آﺑﺎدي ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ آﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ ﺑﻬﺎﺋﻲ، ﻣﻨﺪﻳﻦ، ﻫﻨﺪو،‬
                                                               ‫زردﺷﺖ، ﻳﻬﻮدي ۽ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ ’ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوپ‘ آﺑﺎد آﻫﻦ، اﻧﻬﻦ ۾ ﭘﺮﺷﻴﻦ، اذري، ﮔﺎﻛﻲ، ﻣﺰداراﻧﻲ، ﻛﺮد، ﻋﺮب، ﺑﻠﻮچ، ﺗﺮﻛﻤﻴﻦ،‬
‫ﻗﺎﺷﻘﺎﺋﻲ، آرﻣﻴﻨﻴﻦ، ﺟﺎرﺟﻴﻦ، ﮔﻴﺮوﮔﻴﻦ، اﺳﺎﺋﺮﻳﻦ، ﻛﺮﻛﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭘﺸﺘﻮن وﻏﻴﺮه ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽‬
‫ﻧﺴﻠﻲ ﮔﺮوﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻻﺗﺮ آﻫﻲ، ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﺤﺒﺖ ﺟﻮ ﻣﺤﻮر ﺻﺮف اﻳﺮان آﻫﻲ، ان ﻛﺮي اﻫﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ اﻳﺮاﻧﻲ‬
                                                                 ‫ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻋﻘﻴﺪي ۽ ﻋﺒﺎدت ﺟﻲ ﻣﻜﻤﻞ آزادي آﻫﻲ. اﻳﺮان ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﻳﺎﺳﺖ )‪ (Theocratic state‬ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ‬
‫ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻫﻚ ’ﻏﻴﺮ ﺟﺎﻧﺒﺪار‘ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ڏﻳﮏ ڏﺋﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﺟﺘﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮن ﻋﺒﺎدت‬
‫ﮔﺎﻫﻮن آﻫﻦ، اﺗﻲ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ، ﻣﻨﺪر ۽ ﭔﻴﻮن ﻋﺒﺎدت ﮔﺎﻫﻮن ﭘﮡ آﻫﻦ. ﺟﻴﺘﺮي رواداري، ﺳﻬﭗ ۽ ﺑﺮدﺑﺎري اﻳﺮان ﺟﻲ‬
                                              ‫ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ آﻫﻲ، اﻳﺘﺮي ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻨﻬﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻠﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي ﺧﻮﺑﻲ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪ُ ‬ان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺪﻳﻢ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻲ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ ۽ داﺋﻢ‬
‫رﮐﻴﻮ آﻫﻲ، ﻗﺪﻳﻢ ﻋﻤﺎرﺗﻮن، ﻣﺠﺴﻤﺎ ۽ ﻣﻮرﺗﻴﻮن، اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن، اﻳﺮان، اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﻳﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن‬
                                          ‫واﻧﮕﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻲ ﮐﻲ ﺧﺘﻢ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﺎ وڏا ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان، ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس، اﺻﻔﻬﺎن، ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس، ﻗﻢ، ﺗﺒﺮﻳﺰ، اﻫﻮاز ۽ ﺷﻴﺮاز ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرﺗﻲ،‬
‫ﺻﻔﺎﺋﻲ ﺳﭥﺮاﺋﻲ، روﺷﻦ رﺳﺘﻦ، ﮔﻠﻦ ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻞ ﭘﺎرﻛﻦ، ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺎﮘﻦ ﻣﻜﺎﻧﻦ ۽ ﻣﻮاﺻﻼﺗﻲ ﻧﻈﺎم ﺟﻲ ﻛﺮي‬
                   ‫ُ‬
       ‫ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ وڏي ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻧﺎﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻓﻘﻴﺮ ۽ ﻛﺘﻮ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪو.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ، ﻣﻘﺪس ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ‬
‫آﻫﻲ. ’ﺷﻴﻌﻪ‘ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم اﭠﻮن اﻣﺎم آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮ ﻋﻮام‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ آﺧﺮي آرام ﮔﺎﻫﻪ ﮐﻲ ’ﺣﺮم ﺷﺮﻳﻒ‘ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻢ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن ﻟﮑﻴﻦ‬
‫زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﭵﻮ ﺳﺎل ﻣﺸﻬﺪ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ’ﺿﺮﻳﺢ ﻣﺒﺎرڪ‘ ﻳﻌﻨﻲ آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي‬
‫ﭜﺮﻳﻦ ﭤﺎ. ﻫﻚ اﻧﺪازي ﻣﻄﺎﺑﻖ روزاﻧﻮ ﻫﻚ ﻟﮏ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮﻳﻦ ﭤﺎ. ﭼﻮوﻳﻬﻪ ﺋﻲ ﻛﻼڪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻼوت ﻗﺮآن ﭘﺎڪ‬
‫ﻛﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ. ﻧﻤﺎز ادا ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ’ﺿﺮﻳﺢ ﻣﺒﺎرڪ‘ ﮐﻲ ﻫﭣ ﻟﮙﺎﺋﻲ دﻋﺎﺋﻮن ﮔﻬﺮن ﭤﺎ. ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻫﻚ ﭜﻴﺮو ﺷﺎﻧﺪار ’ﻟﻨﭻ‘ ﮐﺎراﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ’ﻣﻴﺰﺑﺎﻧﻲ‘ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو‬
‫آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺟﻲ ﻣﺮﻗﺪﮔﺎﻫﻪ ﺟﺎ وڏا ﻛﺸﺎدا اﻳﻮان آﻫﻦ. ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﻛﻠﭽﺮل ﺳﻴﻨﭩﺮ اﺣﺎﻃﻲ ۾‬
‫ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﭔﺎﻫﺮان آﻳﻞ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي، اردو، ﻓﺎرﺳﻲ ۽ روﺳﻲ زﺑﺎن ۾ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ ﻟﭩﺮﻳﭽﺮ ﻣﻔﺖ ﻓﺮاﻫﻢ‬
                                                                                    ‫ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ.‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم ﮐﺎن ﺳﻮا‪ ‬ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ۰۶ ﮐﻦ زﻳﺎرﺗﻮن آﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ ﺑﻲ ﺑﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﻓﺎﻃﻤﮧ ﻫﻤﺸﻴﺮه‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﮫ اﻟﺴﻼم، ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ، اﻣﺎم زاده ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق، اﻣﺎم زاده اﺑﺮاﻫﻴﻢ، اﻣﺎم زاده ﺳﻴﺪ ﺟﻤﺎل‬
‫اﻟﺪﻳﻦ، اﻣﺎم زاده اﺑﻮ ﺟﻌﻔﺮ، اﻣﺎم زاده زﻳﺪ، اﻣﺎم زاده ﻣﻮﺳﻲ، اﻣﺎم زاده ﻋﻠﻲ، اﻣﺎم زاده اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ، اﻣﺎم زاده ﺣﻤﺰه،‬
                                                   ‫ٰ‬
                                                          ‫اﻣﺎم زاده ﻣﺮﺗﻀﻲ، ﺑﻲ ﺑﻲ ﺷﻄﻴﻄﮫ وﻏﻴﺮه ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ.‬
                                                                                          ‫ٰ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻬﺬب ۽ ﺟﻤﻬﻮري رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ اﻫﺎ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ان ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺧﻼﻗﻲ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﺎﭘﺎ ڏﭠﺎ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ، ﺟﻦ ﻣﺎﭘﻦ‬
                              ‫۾ ”آﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﺎﻻدﺳﺘﻲ“ ”ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ“، ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف“ ۽ ”ﺷﻬﺮي آزادﻳﻮن“ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ.‬
‫۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺳﻴﺎﺳﻲ، ﻣﻌﺎﺷﻲ ۽ اﺧﻼﻗﻲ ﺗﺒﺪﻳﻠﻴﻮن آﻳﻮن آﻫﻦ. ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻧﺌﻴﻦ ﭠﺎﻫﻴﻞ آﺋﻴﻦ ﺗﺤﺖ ﺳﭛ ”ادارا“ )‪ (institutions‬ﻫﻼﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﻛﺎﺑﻪ ﺷﺨﺼﻴﺖ آﺋﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻻﺗﺮ ﻧﺎﻫﻲ، ﻫﺮ‬
‫ﺳﻴﺎﺳﻲ اداري ”ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ، اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ۽ ﻋﺪﻟﻴﻪ“ ﮐﻲ ڌار ڌار اﺧﺘﻴﺎرات ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻦ، ﻫﺮ ادارو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻴﺼﻠﻲ ﻛﺮڻ ۾‬
                                                                                    ‫آزاد ۽ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎر آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ’ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ‘ ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﻧﻈﺮ ۾ ﺳﭛ ﺷﻬﺮي ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻦ.‬
‫ﺳﻤﻮرا ﺷﻬﺮي رﺿﺎ ﺧﻮﺷﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ اﻃﺎﻋﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻮل ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ‪ ‬۾ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻲ ﻣﺪاﺧﻠﺖ‬
‫ﺑﻠﻜﻞ ﮔﻬﭧ آﻫﻲ، ﭘﻮﻟﻴﺲ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻ‪ ‬آزار ﻧﺎﻫﻲ، ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺪدﮔﺎر آﻫﻲ؛ اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻮ اﺟﻨﺒﻲ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ‬
‫رﺳﺘﻮ ﭜﻠﺠﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﭙﺎﻫﻲ‪ ‬وٽ ﮔﻬﺮﺑﻞ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﻘﺸﻮ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ آﺳﺎﻧﻲ‪‬‬
                                                          ‫ﺳﺎن ﭜﻠﻴﻞ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲ دڳ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻋﻤﻞ دﺧﻞ ﺳﻤﺎﺟﻲ اﻧﺼﺎف )‪ (social justice‬ﮐﻲ آﻫﻲ.ا ﻳﺮاﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ‬
‫ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻮﺷﺶ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮي‪ ‬ﮐﻲ ﻋﻘﻴﺪي، ﺟﻨﺲ، رﻧﮓ ۽ ﻧﺴﻞ ﺟﻲ ﻓﺮق ﮐﺎن ﺳﻮا‪ ‬ﺑﻨﻴﺎدي‬
‫ﺿﺮورﺗﻮن ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻴﻮن وﭸﻦ، ﺟﻦ ۾ اﭨﻮ، ﻟﭩﻮ، اﺟﻬﻮ، ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺻﺤﺖ ﺟﻮن ﺳﻬﻮﻟﻴﺘﻮن ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ‬
‫ﻧﻈﺎم ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﺧﻮﺑﻲ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﻫﻤﻴﺖ ڏﻧﻲ وﻳﺌﻲ آﻫﻲ؛‬
‫اﻳﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﺻﻮﺑﺎﺋﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻦ ﺟﻲ وﻫﻨﻮار ۾ ﮐﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮي‪ ‬ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﻓﻮج، اﻳﺌﺮﻓﻮرس، ﻧﻴﻮي ۽ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﺎﺳﺐ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﮔﻲ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن‬
‫۾ ﻧﺠﻲ دﻛﺎﻧﻦ ۾ ﭘﮡ ﻋﻮرﺗﻮن ﻛﺎروﺑﺎر ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﺳﭛ ﮐﺎن ﻧﺮاﻟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺲ ڊراﺋﻴﻮر آﻫﻦ ۽‬
                           ‫ﭘﮡ ﭔﺎرن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﻣﺨﺼﻮص ﭨﻴﻜﺴﻴﻮن ﻫﻼﺋﻲ ﺣﻼل ﺟﻮ روزﮔﺎر ﻛﻤﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻼف اﻫﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮوﭘﻴﮕﻨﮉا ﺑﻠﻜﻞ ﻏﻠﻂ آﻫﻲ ﺗﻪ ۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﮔﻬﺮﺟﻲ ﭼﺎر‬
‫دﻳﻮاري ۾ ﻗﻴﺪ ۽ ﺑﻨﺪ رﮐﻴﻮو ﻳﻮ آﻫﻲ. ”زﻣﻴﻨﻲ ﺣﻘﻴﻘﺖ )‪ (ground reality‬اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ۹۷۹۱ع ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن ﭘﻮ‪‬‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎن ۽ ﻣﺮﺗﺒﻮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ، اﻫﻮ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﺻﺮف‬
‫ﻏﻴﺮ اﺧﻼﻗﻲ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ، ﻋﻮرت ﺟﻲ ﺗﻘﺪس ﺟﻲ ﭘﺎﺋﻤﺎﻟﻲ‪ ‬وارﻳﻦ ﻣﺤﻔﻠﻦ ۽ ﺣﺮﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻨﺪ‬
‫ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﻓﺤﺎﺷﻲ ۽ ﻋﺮﻳﺎﻧﻲ‪ ‬ﮐﻲ روﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺎج ۾ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮي‪ ‬واري‬
                                                                                ‫ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻋﻮام ﮐﻲ ﺷﻬﺮي ﺣﻖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻦ. ﺗﺤﺮﻳﺮ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ، ﻋﻘﻴﺪي ۽ ﻋﺒﺎدت ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ. اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ”ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم“ ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﮐﻲ ﺣﺼﻲ وﭠﮡ ﺗﻲ ﻛﺎ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﺎﻫﻲ. ﺻﺮف ’ﻻزﻣﻲ ﺳﺮوس‘ ﻳﻌﻨﻲ ﻓﻮج‬
‫ﺟﻲ اﻫﻠﻜﺎر ﮐﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ۾ ﺣﺼﻲ وﭠﮡ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي آﻫﻲ. ﻣﻮﺟﻮده اﻳﺮاﻧﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪي ﻧﺠﺎد ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ‬
‫ﮐﺎن اﺳﺘﺎد آﻫﻲ، ﻫﻮ ﺗﻬﺮان اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻣﺴﺘﻘﻞ اﺳﺘﺎد آﻫﻲ. اﮘﻮﮢﻮ ﺻﺪر ڊاﻛﭩﺮ اﻛﺒﺮ رﻓﺴﻨﺠﺎﻧﻲ‬
‫ﭘﮡ ﭘﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن اﺳﺘﺎد آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‪ ‬۾ آرﭤﻮﭘﻴﮉڪ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ آف‬
                                                                                  ‫ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﻼزم ﻣﻮﻛﻞ وﭠﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ”ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻋﻬﺪي“ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ )‪ (Contest‬ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ۾ ﺻﺪارﺗﻲ‬
‫ﻋﻬﺪي ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎدﮔﻲ‪ ‬۽ ﻗﻨﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺮاﺋﺾ ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ﺟﺎ‬
 ‫ﺳﺮﻛﺎري آﻓﻴﺴﺮ ﺣﻘﻴﻘﻲ ﻣﻌﻨﻲ ۾ ﻋﻮام ﺟﺎ ﺧﺎدم )‪ (public servant‬آﻫﻦ. ُاﻫﻲ ﻋﻬﺪي ﮐﻲ ﻋﻮام ﺟﻲ اﻣﺎﻧﺖ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ.‬
                                                                           ‫ٰ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ’ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم )‪۱۹۷۹ (political system‬ع ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ آﺋﻴﻦ ﻣﺎﺗﺤﺖ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ”ﻗﺎﻧﻮن‬
‫اﺳﺎﺳﻲ“ )‪ (Fundemental Law‬ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان ﺟﻲ آﺋﻴﻦ ۾ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ وڏي ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﻠﻤﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﮐﻲ ”ﺳﭙﺮﻳﻢ‬
‫ﻟﻴﮉر“ ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ وﻗﺖ آﻳﺖ ا﷢ ﺧﺎﻣﻨﺌﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ آﻳﺖ ا﷢ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪‬‬
‫ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺳﭙﺮﻳﻢ ﻟﻴﮉر ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬آﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن وڏو ﻋﻬﺪو ﺻﺪر ﺟﻮ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ‬
‫ﻋﺎم ﭼﻮﻧﮉن ذرﻳﻌﻲ ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ‪ ‬ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ. ﺻﺪر ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬آﺋﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ۸ ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر آﻫﻦ ۽ ۱۲ ﻛﺎﺑﻴﻨﺎ ﺟﺎ‬
                      ‫وزﻳﺮ ﻣﻘﺮر ﻛﺮﮢﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﻈﻮري ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﻳﺎ ﻣﺠﻠﺲ ﮐﺎن وﭠﮡ ﻻزﻣﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﮐﻲ ”ﻣﺠﻠﺲ ﺷﻮرا‪ ‬اﺳﻼﻣﻲ“ )‪ (Islamic Consultative Assembly‬ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﺎ ۰۹۲ ﻣﻴﻤﺒﺮن‬
‫ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺪو ﭼﺎر ﺳﺎل آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ آﺋﻴﻦ ﺗﺤﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﻴﺎﺳﻲ ادارا ﭘﮡ ﺟﻮڙﻳﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ، ﺟﻦ‬
‫۾ ‪ Council of Guardian, Expediency Council‬۽ ‪ Assembly of Experts‬ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ، ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻧﻈﺎم‬
                                         ‫ﮐﻲ ﺗﻘﻮﻳﺖ ڏﻳﮡ ۽ ان ﮐﻲ ﻣﻨﺼﻔﺎﮢﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻫﻼﺋﮡ ۾ ﻣﻌﺎون ۽ ﻣﺪدﮔﺎر آﻫﻦ.‬
‫اﻳﺮان ﻫﻚ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ آرٽ، ﻣﻴﻮزڪ، ﻓﻦ ﺗﻌﻤﻴﺮ، ﺷﺎﻋﺮي، ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ، رواﻳﺘﻮن ۽‬
‫آﺋﻴﮉﻳﺎﻻﺟﻲ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي‪ ‬۾ وﻃﻦ دوﺳﺘﻲ ۽ اﻧﺴﺎن دوﺳﺘﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻋﻨﺼﺮ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ. ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن‬
                                                                ‫ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﻧﻈﺎﻣﻲ‪ ‬ﻣﻄﺎﺑﻖ:‬
‫دل،‬            ‫اﻳﺮان‬                 ‫و‬                    ‫اﺳﺖ‬                ‫ﺗﻦ‬                  ‫ﻋﺎﻟﻢ‬           ‫ﻫﻤﮧ‬
‫ﺧﺠﻞ‬                     ‫ﻗﻴﺎس‬                              ‫زرﻳﻦ‬                      ‫ﮔﻮﻳﻨﺪه‬                    ‫ﻧﻴﺴﺖ‬
                                            ‫)اﻳﺮان ﺳﭵﻲ‪ ‬دﻧﻴﺎ ﺟﻲ دل آﻫﻲ ۽ ان ﺧﻴﺎل ﺗﻲ ﻣﻮن ﮐﻲ ﻛﻮ اﻓﺴﻮس ﻧﺎﻫﻲ(‬
                                                                            ‫”ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻪ“ ﺟﻲ ﺗﺨﻠﻴﻘﻜﺎر ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﻣﻄﺎﺑﻖ:‬
‫ﺑﻮﺳﺘﺎن،‬                ‫ﻳﺎ‬                   ‫اﺳﺖ‬                      ‫ﺑﻬﺸﺖ‬                       ‫اﻳﺮان‬            ‫ﮐﮧ‬
‫دوﺳﺘﺎن‬                 ‫از‬                   ‫آﻳﺪ‬                      ‫ﻣﺸﮏ‬                     ‫ﺑﻮﺋﻲ‬              ‫ﻫﻤﻲ‬
                       ‫)اﻳﺮان ﻋﺪن آﻫﻲ ﻳﺎ ﺑﺎﻏﻦ ﺟﻮ ﺑﻬﺸﺖ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬دوﺳﺘﻦ ۽ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ(‬
                                                                                             ‫ﻋﻈﻴﻢ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻌﺪي‪ ‬ﻣﻄﺎﺑﻖ:‬
‫ﭘﻴﮑﺮﻧﺪ‬                       ‫ﻳﮏ‬                            ‫اﻋﻀﺎء‬                          ‫آدم‬                   ‫ﺑﻨﻲ‬
‫ﮔﻮﻫﺮﻧﺪ‬                       ‫زﻳﺪ‬                            ‫آﻓﺮﻳﻨﺶ‬                         ‫در‬                   ‫ﮐﮫ‬
‫روزﮔﺎر‬                       ‫آورد‬                           ‫ﺑﮧ‬                       ‫ﻋﻀﻮي‬                       ‫ﺟﻮ‬
‫ﻗﺮار‬                 ‫ﻧﻤﺎﻧﺪ‬                    ‫را‬                      ‫ﻫﺎ،‬                    ‫ﻋﻀﻮ‬                ‫دﮔﺮ‬
‫)ﺑﻨﻲ آدم ﻫﻜﮍي ﺟﻮﻫﺮ ﻣﺎن ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ آﻫﻲ. ﺳﭛ اﻧﺴﺎن ﻋﻀﻮن ﺟﻴﺎن آﻫﻦ، ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﭤﻴﻨﺪي‬
                                                          ‫ﺗﻪ ﺳﭵﻲ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﭤﻴﻨﺪي.(‬
‫اﻳﺮان ﻓﺮدوﺳﻲ، ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم، ﺟﺎﻣﻲ، روﻣﻲ، ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺣﺎﻓﻆ، ﺳﻌﺪي، ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻦ ﻣﻨﺼﻮر اﻟﺤﻼج‬
                  ‫ﺟﻬﮍن اﻧﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﺎت ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم ﺗﻲ ﮔﻬﺮو اﺛﺮ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ﻣﻮﺟﻮده اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮ، ﻋﻠﻢ ۽ ادب، ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ، ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ﺗﻤﺪن، ﭴﺎڻ ۽ آﮔﺎﻫﻲ‪‬‬
‫ﺟﻮ اﻧﻤﻮل دﺳﺘﺎوﻳﺰ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪس ﭔﻴﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻦ ۾ اﻫﻢ ﺟﺎ‪ ‬واﻻرﻳﻨﺪو. ﺻﺮف ﻫﻚ ﻋﺎﻟﻢ، ﻣﺤﻘﻖ ﺋﻲ اﻫﮍي‬
                                                                       ‫ﺗﺨﻠﻴﻖ ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﻦ اﻟﻄﺎف ﺷﻴﺦ ﺟﻮ ﮔﺲ، ﭘﻨﮅ، ﻋﻤﻞ ۽ ﺗﺨﻠﻴﻘﻮن، ﻧﻪ ﺻﺮف ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻧﺴﻞ ﻻ‪ ،‬ﭘﺮ ﻋﺎﻟﻢ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﻻ‪‬‬
‫رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ‪ ‬۽ روﺷﻨﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻣﻴﻨﺎر ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻨﺪﻳﻮن. ﻫﻲ اﺧﻼق ۽ اﺧﻼص ﺟﻲ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ، ﻣﺎﮢﻬﭙﻮ رﮐﻨﺪڙ، ﻋﻈﻴﻢ‬
‫اﻧﺴﺎن آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺿﻤﻴﺮ، ﻫﻦ ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺧﻤﻴﺮ ﻣﺎن ﺟﮍﻳﻮ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﮅي ﻗﻮم ﺟﻮ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺮﻣﺎﻳﻮ آﻫﻲ، ڌﮢﻲ‬
‫در دﻋﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺆ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﻣﺎﮢﻲ، ﮀﺎﻛﺎڻ ﺗﻪ ﻫﻦ آدرﺷﻲ اﻧﺴﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻤﻮرو ﺟﻴﻮن ﺳﻨﮅ واﺳﻴﻦ ۽‬
                                                                      ‫اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ارﭘﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﮐﻲ،‬          ‫ﭘﺮﻳﻦ‪‬‬             ‫ڏﭠﻮ‬                 ‫ﺟﻨﻴﻦ‬              ‫ﻣﺎ‪،‬‬           ‫ڏﭠﺎ‬                 ‫ﺳﻲ‬     ‫ﻣﻮن‬
‫ﮘﺎﻟﻬﮍي!‬           ‫ﻧﻪ‬                ‫ﺳﮕﻬﺎن‬                  ‫ﻛﺮي‬               ‫ﻛﺎ‪،‬‬                ‫ﺳﻨﺪي‬          ‫ُاﻧﻴﻦ‬
‫)ﺷﺎﻫﻪ(‬

                                                                                          ‫ﻟﻴﺎﻗﺖ ﻋﺰﻳﺰ ۵۱ ﺟﻮﻻ‪۲۰۰۸ ‬‬
                                     ‫ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻢ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن‬

‫اﻳﺮان اﺳﺎن ﺟﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ‬
‫ﮐﺎن ﺑﺎ‪ ‬روڊ ﺗﻬﺮان وﭸﻦ ﭤﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻮ اﻣﺮﺗﺴﺮ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭗ ﺗﻪ اڌ‬
‫ﻛﻼڪ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻲ ﭨﻲ روڊ ﺗﻲ اﻣﺮﺗﺴﺮ، ﺟﻠﻨﮅر، ﻟﮅﻳﺎﻧﺎ، اﻣﺒﺎﻻ، ﻛﺮﻧﺎل، ﭘﺎﮢﻴﭙﭧ ﺟﻬﮍن‬
‫ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﻫﻠﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ دﻫﻠﻲ ﮐﺎن ﭤﻮ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮﺟﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﺑﺲ‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭙﮡ ﺑﻌﺪ زاﻫﺪان، ﺑﺎم، ﻳﺰد، ﻛﺎﺷﺎن ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮي. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان‬
‫ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺮو ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮉﻳﺎ ﭘﺎﺳﻲ ﮔﺠﺮات ﺟﻮ‬
‫ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ”ﭘﻮرﺑﻨﺪر“ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ـ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺑﻨﺪرﻋﺒﺎس وﻏﻴﺮه دﺑﺌﻲ، ﺑﺤﺮﻳﻦ ﻛﻮﻳﺖ ۽‬
‫ﻋﺪن ﮐﺎن ﺑﻪ اﺳﺎﻧﮑﻲ وﻳﺠﻬﺎ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺗﻴﻞ ﺟﻮ وڏو اﻳﻜﺴﭙﻮرﭨﺮ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ دوﺳﺖ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻜﻦ‬
‫ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۾ اﻳﻨﺪا وﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺟﻬﺎزي اﻳﺮان ﺟﺎ ﺟﻬﺎز، ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا اﭼﻦ. اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق واري ﻟﮍاﺋﻲ‪ ‬۾ اﻳﺮان ﺟﺎ اﻳﺘﺮا ﺗﻪ ﻧﻮﺟﻮان ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻲ وﻳﺎ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﮔﻬﮣﻲ‬
‫ﭜﺎﮜﻲ ﺟﻬﺎزي اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ. ﭘﺮ ﻋﺠﻴﺐ اﺗﻔﺎق آﻫﻲ ﺟﻮ ﻧﻮﻛﺮي دوران آﺋﻮن ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ واري‬
‫ﺟﻬﺎز )‪ (Ship‬ﺗﻲ رﻫﻴﺲ اﻧﺠﻮ اﻳﺮان وﭸﮡ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ! اﻫﮍي ﻃﺮح ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ڏوراﻧﻬﻦ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ۽ ﭔﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﭸﮡ‬
‫ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ اﺗﻲ آﺋﻮن ﻫﻦ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ڏﺳﮡ ﮐﺎن رﻫﺠﻲ وﻳﺲ. اﻳﺮان، ﻣﻮن‬
                                 ‫ﻧﻮﻛﺮي ﻣﺎن رﭨﺎﺋﺮڊ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ واﻧﮕﺮ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎڙي ۽ ﺧﺮچ ﺗﻲ ﮔﻬﻤﻴﻮ.‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮان آﺋﻮن زﻳﺎرﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن وﻳﺲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ، ان ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ“ وٽ‬
‫آﻳﺲ ﺟﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻚ اﻫﮍي ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﺷﺎﻣﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﺎن ﺑﺎ‪ ‬اﻳﺌﺮ اﻳﺮان رواﻧﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ‬
‫ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻃﻮر ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ﺷﺮوع ۾ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي ﺑﻪ‬
‫ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام رﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺒﺢ ﺷﺎم اﺳﻼم ﺗﻲ ﻟﻴﻜﭽﺮ اﭼﻲ ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬آﺧﺮي وﻗﺖ‬
‫ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺿﺮوري ﻛﻤﭩﻤﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻠﮡ ﻛﺌﻨﺴﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏاڍو اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻮ. ﻣﻮن‬
                                                            ‫ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ”ﺳﭡﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻮن ﻧﭥﻮ ﻫﻠﻴﻦ.“‬
                                                           ‫”ﮀﻮ ﭜﻼ؟“ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي‪ ‬ﺣﻴﺮت ﻣﺎن ﭘﮁﻴﻮ.‬
‫” ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻣﺎن ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻮن ﻣﻮﻧﮑﻲ رﮘﻮ ﻣﺴﺠﺪن، ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﻣﺰارن ۾ ﻗﺎﺑﻮ ﻛﺮي‬
    ‫ﮀﮇﻳﻨﺪﻳﻦ،“ ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ، ” آﺋﻮن اﻳﺮان ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﺷﻴﻮن ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻮن ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺎن.“‬
‫زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ واري ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﺻﺪر ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ اﻣﺎم ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ۾، ﺳﻔﺮ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﮡ‬
‫ﻻ‪ ‬ﮔﻬﺮاﻳﻮ. ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي‪ ‬ﮐﻲ ﻓﻮن ﻛﺮي ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ وﭸﮡ ﺑﻪ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﮀﺎ؟ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ ﻫﻮ ﺗﻪ‬
                    ‫ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ۾ ﮔﺬري آﻫﻲ، ﻫﺎڻ ﮀﺎ وﭸﻲ اﻫﻮ ﻟﻴﻜﭽﺮـ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅان؟‬
‫” ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺿﺮور وڃ.“ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ، ” ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻦ، ﺟﻴﻜﻲ‬
                                                                   ‫ان ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﺗﻮﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮﻧﺪا.“‬
‫اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺑﺮﻳﻔﻨﮓ ﻻ‪ ‬آﻳﺲ. ﮀﻮ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن‬
‫ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭤﻴﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﭔﮅڻ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﺟﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻣﻌﻠﻮﻣﺎﺗﻲ ۽‬
‫دﻟﭽﺴﭗ ﻫﻴﻮن، ﺧﺎص ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﻻ‪ ‬ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ آﺋﻮ ن‬
‫ﺑﻪ وﻳﺲ ۽ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﭘﻠﻴﭧ، ﭼﻤﭽﻮ ۽ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﮣﻮ آﻫﻲ، ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﺳﭵﻮ‬
‫ﺑﺎر اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارن ﮐﻨﻴﻮ آﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﻣﺎﻧﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ان ﭨﻜﻴﭧ ۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻗﻢ ﭘﻬﭽﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي‬
‫ﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﺎن ﭜﺖ ﻳﺎ ﭔﻮڙ ﺟﻮ دﻳﮙﮍو وﭠﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﭝﺌﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻮن ﭘﻠﻴﭩﻮن ﺟﻬﻠﻴﻮ‬
‫ﺑﻴﭡﺎ آﻫﻦ، ﺳﻮا‪ ‬ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ! اﻫﮍي ﺟﭟ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ، ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮ ﻛﻤﭙﻨﻲ‬
‫ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺟﻨﮕﻞ ﭨﺮﺋﻜﻨﮓ ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ. اﻫﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭘﻴﻨﺎﻧﮓ ﮐﺎن ﭼﻜﻦ ﻧﻮڊل ﺟﻮ دﻳﮙﮍو ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ‬
                                                     ‫ﻫﺌﻲ. ﺳﭛ ﭘﻠﻴﭩﻮن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ، ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﻗﻢ ﺗﻪ وري ﺑﻪ وڏا ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ۽ ڏﻳﻨﻬﻦ رات ﮐﻠﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ، ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬دﻛﺎن ﺗﺎن ﺑﻪ وﭠﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﺟﻨﮕﻞ ۾ ﭘﻠﻴﭧ ﻛﭥﺎن اﭼﻲ. ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﺗﻲ ﻛﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻮک ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﻦ ﺗﻲ ﻧﻮڊل، آﭼﺎر ۽ ﺳﻼد رﮐﻲ ﻣﺎﻧﻲ‬
‫ﮐﺎڌم. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ ﺳﺎﺋﻮٿ اﻧﮉﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺗﺎﻣﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻠﻴﭩﻦ ﺑﺪران ﻛﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻦ ﺗﻲ ﻣﺎﻧﻲ‬
                                                                                        ‫رﮐﻲ ﮐﺎﺋﻴﻦ.‬
‫ﻫﻦ ﺑﺮﻳﻔﻨﮓ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﻨﺠﻨﭧ ۽ ﭨﻮﺋﺮ ﻛﺮاﺋﻴﻨﺪڙ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ‬
‫ﺗﻬﺮان، ﻣﺸﻬﺪ، ﻗﻢ ﺟﻬﮍن وڏن ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﺷﺎﻋﺮ ۽ ﺻﻮﻓﻲ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺼﻮر ﻛﻤﺎل ﻣﻠﻮڪ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ آﻫﻲ( ۽ ﻛﺎﺷﺎن ﺷﻬﺮ )ﺟﻴﻜﻮ ﻗﻢ ۽ ﻛﺮﻣﺎن‬
‫روڊ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ( ﭘﮡ وﭠﻲ ﻫﻠﻨﺪو. ”ﺳﭛ ﮐﺎن اﻫﻢ ﺷﻲ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ‬
‫آﻫﻲ“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺳﭛ ۾ اﻫﻢ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺣﺞ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺛﻮاب آﻫﻲ. ﭘﺮ ان ﺟﻮ‬
‫ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺣﺞ ﻧﻪ ﻛﺮي ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﻣﺎن ﭤﻲ اﭼﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﺖ ﺳﺌﻮ ﺣﺠﻦ ﺟﻮ ﺛﻮاب ﮐﭩﻴﻮ. ﺣﺞ ، ﻧﻤﺎز،‬
                                                                              ‫روزو وﻏﻴﺮه ﭘﻬﺮﻳﻦ آﻫﻦ.“‬
‫ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺟﻮ ﺛﻮاب اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ” اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ“ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎرﻣﻞ‬
‫ڊﻳﻮﭨﻲ واري ﻛﻢ ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﺷﺮط اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﺎرﻣﻞ ڊﻳﻮﭨﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺣﺞ، ﻧﻤﺎز، روزو وﻏﻴﺮه‬
‫ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي. اﺋﻴﻦ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ڊﻳﻮﭨﻲ ﺗﻲ ﻧﻪ اﭼﻲ. ﺷﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﻣﻮﻛﻞ ﻣﻬﻞ‬
                          ‫اﭼﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ آﺋﻮن ﭤﻮ اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻛﺮﻳﺎن ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اوور ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو.‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ان ﻟﻴﻜﭽﺮ ﺟﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ‬
                                                                                    ‫آﻫﻦ.‬
                    ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻨﻦ زﻳﺎرﺗﻦ ﮐﺎن اڳ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ رﭠﻞ ﻣﺎﺋﭩﻦ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭘﺮﭼﺎﺋﻲ ﻫﻠﻮ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ.‬        ‫•‬
     ‫ﺳﻔﺮ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ‪ Share‬ﻛﺮي ﺛﻮاب ﮐﭩﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮﻳﻮ.‬                   ‫•‬
    ‫ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﻳﺎ وڏي ﭼﺎدر اوڍي اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﺒﺎدت ﮔﻬﺮن ۾ ﮔﻬﮍن.‬            ‫•‬
‫ﺳﺎﻣﺎن ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺟﻴﺘﺮو ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﮔﻬﭧ ﮐﮣﻮ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ۾ اﻫﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺋﻲ ﮔﻬﻠﮣﻮ آﻫﻲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﮐﻴﻦ‬            ‫•‬
‫اﮘﻴﺎن ﺳﺎﻣﺎن ﮐﻲ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ﺗﺎﻟﻮ ﻫﮣﻮ. ﭔﺌﻲ ﻻ‪ ‬ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ وﭸﮡ ﮐﺎن ﮔﺮﻳﺰ ﻛﻴﻮ ﻳﺎ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ان ﮐﻲ ﮐﻮﻟﻲ ﭼﮝﻲ‬
‫ﻃﺮح ﺧﺎﻃﺮي ﻛﺮﻳﻮ. اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﻧﺸﻲ واري ﺷﻲ‪ ‬ڏﻳﺌﻲ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ وﺟﻬﻲ. اﻳﺮان ۾ ﭘﺎﺑﻨﺪي‬
‫وارﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﮐﻲ آﮢﮡ ﺟﻲ ﺳﺰا ﻣﻮت آﻫﻲ. اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭤﻮري دﻳﺮ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻬﻠﮡ ﻻ‪ ‬ڏﺋﻲ ﺗﻪ‬
                                                 ‫ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ وﭠﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ رﮐﻴﻞ ﺷﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﻫﭣ ﻻﻳﻮ.‬
‫ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ. ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻔﺮ ۾ ﭘﺮاﮢﻲ ﻛﻤﺰور ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻨﺪا آﻫﻦ ۽‬               ‫•‬
‫ﭘﻮ‪ ‬اﻫﺎ ﭨﭩﮡ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ‪ ‬ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻲ ﭘﺌﺪا ﻛﻨﺪا آﻫﻦ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺑﺌﮓ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭰﻴﭥﺎ ﻟﮙﻞ ﻫﺠﻦ ﺟﻴﺌﻦ‬
‫اﻫﺎ اوﻫﺎن ﮐﻲ ﮔﻬﻠﮡ ۾ آﺳﺎن ﭤﺌﻲ. ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺧﻴﺮ ﺧﺒﺮ‬
‫ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﭼﻨﺒﮍاﻳﻮ ﮀﮇﻳﻦ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ڏﻫﻪ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﺎ‬
‫ﻛﺮي وﻳﭡﺲ. ”آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ آﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ وزن وﻳﻬﻪ ﻛﻠﻮ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ ۽ ﺑﺌﮓ وري‬
‫اﻫﮍي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻪ ﭰﻴﭥﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻨﮉل. ﺑﺌﮓ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﭴﮡ ﮀﺎﻧﻬﻴﻦ ﻫﺌﻲ. ﺗﺎﻟﻲ ﺑﺪران رﺳﻦ ﺳﺎن ﭔﮅل ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﮐﻮﻟﻲ‬
                     ‫ﻛﺴﭩﻢ وارن ﮐﻲ ﭼﻴﻚ ﻛﺮاﺋﮣﻲ ﭘﻴﺌﻲ. ﺳﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي ﻛﻤﭩﻤﻴﻨﭧ ﮐﺎن ﭘﺎﺳﻮ ﻛﺠﻮ.“‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﺎ ﻛﻮﺷﺶ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن زاﺋﺮﻳﻦ )ﻣﺴﺎﻓﺮن( ﻻ‪ ‬ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﺳﭡﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ رﮐﺠﻲ. ﭘﺮ‬              ‫•‬
‫ﺟﺘﻲ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اچ وڃ ﻫﺠﻲ، اﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺳﺮوس ﻧﻪ ﻣﻠﮡ ﺟﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ‬
‫رﻫﻲ ﭤﻲ. ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﺗﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻃﺮﻓﺎن ‪ Payment‬اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﺑﺲ ﺟﻲ ﭤﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ، ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﺳﺒﺐ ﻛﺮي اﻫﺎ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪي آﻫﻲ. ﻫﺎڻ ان ﺟﻲ اﻧﺘﻈﺎر ۾ اڻ ﭴﺎڻ ﻛﻼڪ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮي وﻗﺖ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮڻ ﺑﺪران‬
‫ﻋﺎم ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺜﺎل؛ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ اﺳﺎن ﻛﻤﺮا ﺑﻚ ﻛﺮاﻳﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن‬
‫‪ Connecting‬ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻣﻠﮡ ۾ دﻳﺮ ﭤﻲ وﺋﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ وﻗﺖ ﺗﻲ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ‬
‫ﻫﻮﭨﻞ واري وٽ ﻛﻮ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ﺟﻮ اﻣﻴﺮ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻤﺮا ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ‬
         ‫اوﺗﺮا ﻛﻤﺮا ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﮘﻮﻟﮣﺎ ﭘﻴﺎ، ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ واري ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن اوﭼﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﺎدا ﺑﻪ.‬
‫ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي ﺳﻔﺮ ﮐﻲ ‪Enjoy‬ﻛﺮﻳﻮ. ﻛﻲ اﻫﮍا ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺑﻪ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﭘﺎڻ ﺑﻪ‬          ‫•‬
‫ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﻛﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﻫﮍﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﺴﭩﻢ ۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. اﺳﻴﻦ‬
‫ﻛﺠﻬﻪ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮن. ﻫﻚ ﻳﻮرﭘﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ رﻳﻠﻦ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ذﻛﺮﻳﺎ اﻳﻜﺴﭙﺮﻳﺲ‬
‫ﺟﻲ ﭰﺎﭨﻞ ﺳﻴﭩﻦ، ﻟﻮڏن ۽ وﻗﺖ ﺗﻲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﮡ ﺟﻲ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﮀﺎ اﺳﺎن ﺟﻮ رﻳﻠﻮي ﮐﺎﺗﻮ ان ﺋﻲ وﻗﺖ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﮔﺎڏﻳﻦ ﮐﻲ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﺗﻲ آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو؟ ﺳﻮ اﺟﺎﻳﻮ ﻛﺮﻛﮡ ۽ ﻛﻨﺠﻬﮡ ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺧﺮاب‬
‫ﻧﻪ ﻛﺮﻳﻮ. ” ﻣﻮن اﻫﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻻڏ ﻛﻮڏ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﺳﻔﺮ دوران ﭘﻴﺶ اﻳﻨﺪڙ ﺗﻜﻠﻴﻒ‬
                                    ‫ﮐﻲ درﮔﺬر ﻛﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﻣﺎن ﻟﻄﻒ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ.“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾، ﺟﻨﻬﻦ ﻛﻢ، ﻳﻌﻨﻲ زﻳﺎرت ۽ ﻋﺒﺎدت ﻻ‪ ‬ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ، ان ﮐﻲ ﺋﻲ وﻗﺖ ڏﻳﮡ‬        ‫•‬
‫ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺠﻮ. ﺷﺎﭘﻨﮓ ﭘﭡﻴﺎن وﻗﺖ وﭸﺎﺋﮡ اﺟﺎﻳﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ. اﻫﻲ ”ﻣﻴﮉ ان ﭼﺎﺋﻨﺎ“ ﺷﻴﻮن اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ‬
‫ﺳﺎﮘﻴﻮن آﻫﻦ ﺑﻠﻜﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻣﻠﻨﺪﻳﻮن. رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻈﺮ‬
‫اﭼﻲ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ وﭠﮡ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ. ﺑﺎﻗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻲ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ‪ ‬ان ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ۾ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ وﭸﺎﺋﮡ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﻲ‬
                                                                                           ‫آﻫﻲ.‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذاﺗﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺳﻔﻴﺮ آﻫﻴﻮ.‬       ‫•‬
‫ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﻫﺮ ﺳﭡﻮ ﻳﺎ ﺧﺮاب ﻋﻤﻞ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ڏي ‪ Reflect‬ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﺧﺮﻳﺪاري وﻗﺖ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﺟﻮ‬
‫اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ان ﻣﻄﺎﺑﻖ دﻛﺎﻧﺪار ﮐﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﺌﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ‬
‫دﻛﺎﻧﺪار ﮐﻲ اﻳﮇﻳﻮن آزﻳﻮن ﻧﻴﺰارﻳﻮن ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ دﻛﺎﻧﺪار اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﻣﺴﻜﻴﻦ ۽ ﻓﻘﻴﺮ اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ‬
‫آﻫﻦ، ﻫﻮ اﻫﮍي ﮔﺮاﻫﻚ ﻣﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﮀﮇاﺋﮡ ﺧﺎﻃﺮ، ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻣﻮر ﺗﺎن ﺑﻪ ﻫﭣ ﮐﮣﻲ، ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻔﺖ ۾ ڏﻳﻮ ﮀﮇي،‬
                                                                            ‫ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﭨﺮي وﭸﻲ.‬
‫ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﺮدﻳﺲ ۾، ﻫﺮ اﻫﻮ ﮐﺎڌو ﻣﻠﮡ آﺳﺎن ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺗﻮﻫﺎن ﻋﺎدي آﻫﻴﻮ. ﭘﺮ اﻳﺘﺮو‬         ‫•‬
‫ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ۽ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ﮐﺎڌو وﻛﺎﻣﻲ ﭤﻮ، ﭘﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽‬
‫ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺻﻔﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﻫﮍا ﺑﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ اڳ ۾ اﻳﺮان ﻣﺎن‬
‫ﭤﻲ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ۽ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺳﺎن ﭴﺎڻ ﺳﭹﺎڻ ﻫﻴﻦ. ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻋﻮرت ڏي اﺷﺎرو‬
‫ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ آﻧﭩﻲ‪ ‬ﮐﺎن ﭘﮁﻮ. ﺳﻨﺪس ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻓﻼﮢﻲ ﻣﭡﺎﺋﻲ ﺷﺎپ ﺟﻲ ﭘﭟ آﻫﻲ. ان دﻛﺎن ۾ اﮘﻴﺎن‬
‫ﮔﻬﮍ ﺗﻪ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو ۽ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﭘﺮ ﭘﭡﻴﺎن، ﺟﺘﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﭽﻦ آﻫﻲ، ﮀﺎ ﮔﻨﺪﮔﻲ آﻫﻲ! ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو، ﻣﮑﻴﻦ ﺟﺎ‬
‫اﻧﺒﺎر، ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ۽ ﮔﺪﻻ ﺑﺎورﭼﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻴﻜﺮ ڏﺳﻮ ﺗﻪ دﻛﺎن ﺗﺎن ﻣﭡﺎﺋﻲ وﭠﮡ ﮀﮇي ڏﻳﻮ. اﻫﻮ ﺋﻲ ﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
‫ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻴﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭩﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ. ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ. اﺗﻲ ﻇﺎﻫﺮي ﻣﻴﻚ اپ ۽ ”ﺷﻮ ﺷﺎ“ ﺑﺪران‬
‫اﺻﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺻﻔﺎﺋﻲ ۽ ﺳﭡﻲ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ آﻫﻲ. ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ ﺑﻮرﭼﻴﺨﺎﻧﺎ ۽ ﺑﻮرﭼﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﺎ ﺻﺎف ﺳﭥﺮا ﻣﻠﻨﺪا.‬
‫ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﭘﺎروﭤﻮ ﮐﺎڌو ﻳﺎ ﭔﺎﻛﺮي ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ۾ ﭘﻮڙﻫﻴﻦ ۽ ﺑﻴﻤﺎر ڍﮘﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﻮﺷﺖ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪو. اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺻﺤﺖ ﮐﺎﺗﻮ ۽ ﻓﻮڊ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺑﻴﺤﺪ ﺳﺨﺖ آﻫﻲ ۽ اﺗﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻛﺮاﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
‫ان ﻛﺮي ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ اﻳﺮان ۾ ﮐﺎڌي ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻓﻜﺮﻣﻨﺪ ﻧﻪ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ڊﺷﻦ ۾ اﺳﺎن‬
‫واﻧﮕﺮ ﮘﺎڙﻫﻦ ﻣﺮﭼﻦ ۽ ﮔﺮم ﻣﺴﺎﻟﻦ ﺟﻮ اﻳﮇو اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻫﺘﺎن ﻣﺮچ‬
‫ﻣﺴﺎﻟﻦ ﺟﻮ داڳ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻮ ﭘﻮ‪ ‬اﺗﻲ ﺟﻲ ﭰﻜﻲ ﭔﻮڙ ۾ ﭤﻮرو ﭤﻮرو وﺟﻬﻲ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻳﺎ ﻫﺘﻲ دﭔﻦ‬
                                                 ‫۾ ﭘﺌﻚ ﭤﻴﻞ ﭔﻮڙ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻮﭨﻠﻮن ۽ دﻛﺎن ﺻﺎف ﺳﭥﺮا آﻫﻦ ﭘﺮ رﺳﺘﺎ ۽ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺑﻪ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮي ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ آﻫﻦ. ﻫﻴﮇي‬      ‫•‬
‫ﻋﻮام ﺟﻮ اﮀﻼﻳﻞ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﻛﻴﺌﻦ رات اﻧﺪر ﺻﺎف ﭤﻴﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ، ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ! اﻳﺮان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﮘﺘﻲ ﻋﺮاق ۽‬
‫ﺷﺎم ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ واري ﮔﻨﺪﮔﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪي ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻨﺪو ﭘﺮ‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﺻﻼح آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﭡﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻫﺠﮡ ﺟﻮ ﻣﺜﺎل ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺠﻮ. ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو‬
                                                 ‫اﮀﻼﺋﮡ ﮐﺎن ﮔﺮﻳﺰ ﻛﺠﻮ ، ﭼﺎﻫﻲ اﻳﺮان ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم.‬
‫اﻳﺮان اﻳﮇي ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺟﻮن ﮘﻮﭠﺎﮢﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﺎڊرن ﻟﮙﻨﺪﻳﻮن ۽‬       ‫•‬
‫اﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺟﻴﻜﻲ واﻗﻌﻲ ﻣﺎڊرن آﻫﻦ ۽ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن ﻳﺎ اﻛﻴﻠﻴﻮن ﻓﺮاﻧﺲ، ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﺎ ﭼﻜﺮ ﭘﻴﻮن‬
‫ﻫﮣﻦ، اﻫﻲ ﺗﻪ اﻻﺋﻲ ﮀﺎ آﻫﻦ. ﺑﻬﺮ ﺣﺎل اﻫﻲ ﭜﻠﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﭘﮍدو ﻛﻦ ﻳﺎ ﻧﻪ ﻛﻦ، ﭘﺮ ﺳﭛ اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ۽ اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
‫ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺴﻢ ﮐﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ڍﻛﻲ ﻫﻠﻦ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻣﻴﺞ ﻫﻚ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ‬
                                                                      ‫ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺮﻗﺮار رﮐﮡ ﮐﭙﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﺘﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ اﺳﺎن رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ وﻳﺠﻬﻮ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ ۽‬             ‫•‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ وﻗﺖ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﺳﭵﻲ رات ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭘﻴﺎ ۽ اﻳﺮان ۾ ﻛﺎﺑﻪ اﻫﮍي‬
‫ﺑﺪاﻣﻨﻲ ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻮ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻮ ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺗﻨﮓ ﻛﺮي. اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﺎن آﺟﻮ آﻫﻲ. ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ‬
‫ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻮڙي ﻣﺮدن ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ۽ وﻳﺮان ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻠﮡ ﺑﺪران ﻋﺎم ۽ وﻫﻨﺪڙ رﺳﺘﻦ ﺗﺎن‬
‫ﻫﻠﻦ ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﮘﻬﻪ ﮘﭡﻦ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﺶ ﻧﻪ ﻛﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺟﻴﺐ ﻛﺘﺮو‬
             ‫ﻳﺎ ﺑﺸﻨﻲ، ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ۽ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻣﺎن ﻓﺎﺋﺪو وﭠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﺎﺋﮡ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي.‬
‫ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻋﺎم اﺳﺘﻌﻤﺎل ﺟﻮن دواﺋﻮن ﺟﻬﮍوڪ ﺳﻮر، دﺳﺘﻦ، ﭤﮅزﻛﺎم ﺟﻮ ﮔﻮرﻳﻮن ۽ ﺧﺎص دواﺋﻮن ﺟﻬﮍوڪ‬             ‫•‬
                                ‫ﺑﻠﮉ ﭘﺮﻳﺸﺮ، ڊاﺋﭩﺒﻴﺰ، ﭤﺎﻳﻮراﺋﻴﮉ وﻏﻴﺮه ﺟﻮن، ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻫﺘﺎن ﺋﻲ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ.‬
‫ﻫﻨﮅ ﺑﺴﺘﺮي ﺟﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ ﻫﻮﻧﺪو ﭘﺮ ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻫﻚ ﭼﺎدر ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﺠﻮ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﭥﺎن ﻫﻮﭨﻞ‬      ‫•‬
                                                                          ‫ﺟﻮ ﺑﻼﻛﻴﭧ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﮔﺮوپ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻮ اﻫﻞ ﺷﻴﻌﻪ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ، ﺑﻠﻜﻪ ﻛﺎروان اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ‬
‫ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻃﺮح ﺳﺎن رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن ﻣﺬﻫﺒﻲ‬
‫ﺟﺎﻳﻮن ڏﻳﮑﺎري ﺳﮕﻬﻦ. ﺳﻨﺪن ﻃﺮﻓﺎن ڏﻧﻞ ﭘﺮوﮔﺮام واري ﺑﺮوﺷﺮ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻔﺮ ﻫﻚ ﻣﻘﺪس آﻫﻲ.‬
                                                   ‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻗﻠﺒﻲ ﻃﻮر ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻻ‪ ‬آﻣﺎده ﻛﺮﻳﻮ.‬
                                       ‫ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﮐﻲ رب ﭘﺎڪ ﺟﻮ ﻓﻀﻞ و ﻛﺮم ﺳﻤﺠﻬﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺗﻴﺎر رﮐﻮ.‬
   ‫ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﺨﺺ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﺗﻲ ﻓﺮض آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ادا ﻛﺮﻳﻮ. ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭼﻴﻮ ﭼﺎﻳﻮ ﺑﺨﺶ ﻛﺮاﻳﻮ.‬
                                             ‫ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻜﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ روزا رﮐﻮ.‬
                                                  ‫ﺳﻔﺮ دوران ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺻﻮرت ۾ واﺟﺒﺎت ﮐﻲ ﮀﮇي ﻧﻪ ڏﻳﻮ.‬
                                          ‫ﻧﻤﺎز وﻗﺖ ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﺳﺎن ﻣﺴﺠﺪ ۾ ادا ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺠﻮ.‬
          ‫ﮔﻼ ﻏﻴﺒﺖ، ﻛﻮڙ، ﺑﺪﮔﻤﺎﻧﻲ، ﻛﺎوڙ، اﺟﺎﺋﻲ ﺳﺠﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﻮﻟﻬﻪ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ اﻫﮍن ﺣﺮام ﻛﻤﻦ ﮐﺎن ﭘﺎﺳﻮ ﻛﺠﻮ.‬
                                                        ‫ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﮐﺎن ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ ﻛﺎوڙ ﻧﻪ ﻛﺠﻮ.‬
                                                                     ‫ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﮍدي ﺟﻮ ﺧﺎص ﺧﻴﺎل رﮐﻦ.‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﻣﻮن ﻻ‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻗﻢ ۽‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺟﻬﻮﻧﻴﻦ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮﻳﻦ ۾ وﻗﺖ ﮔﺬارڻ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺷﻴﺮاز، ﻛﺮﻣﺎن ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻪ وﭸﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ‬
‫۽ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭔﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ واري ﺷﻬﺮ ﮀﺎﺑﻬﺎر ﺟﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﭘﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ. ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ‬
‫وارا ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ )ﺣﺞ، ﻋﻤﺮو، زﻳﺎرت( ﻻ‪ ‬وﭠﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﺎ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ﺑﻪ‬
‫آﻫﻦ. ﻫﻨﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﮐﻠﻴﻞ ﺋﻲ رﮐﻲ . ”اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﺮ ارﺑﻊ ﺗﻲ ﻛﺮاﭼﻲ اﭼﻲ ﭤﻮ،“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﺟﻨﻬﻦ‬
                           ‫ﻫﻔﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ان ﺟﻲ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﺠﻮ.“‬
‫دراﺻﻞ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﻴﺎل ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻓﻘﻂ اﻫﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﻌﺎ آﻫﻦ. ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن اﻳﺮان‬
‫وﻳﻨﺪڙ ﺳﭹﺎﮢﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻫﻚ ﻟﺒﺮل ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﺮﻛﻮ آزادي ﺳﺎن ﻣﺬﻫﺒﻲ، ﺗﻮارﻳﺨﻲ، ﻗﺪﻳﻤﻲ ۽ ﻣﺎڊرن ﺟﺎﻳﻮن‬
‫ڏﺳﮡ ۽ ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ‪ ‬اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان وﭸﮡ ﺟﻲ ﭘﺮوﮔﺮام ﮐﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ ﻋﺮب دوﺳﺖ‬
‫ﻛﻤﺎﻧﮉر ﻋﺒﺪاﻟﺠﺒﺎر اﻟﺸﻬﺮي ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮا دﻓﻌﺎ ﻣﻮﻛﻠﻦ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬارڻ ﻻ‪ ‬ﺗﻬﺮان،‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ اﺳﺎن ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ﺟﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ ﮔﮇ ﻣﻠﮡ ﺟﻮ ﭘﺮوﮔﺮام ﭠﺎﻫﻴﻮ، ﺟﺘﻲ‬
‫ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، ﻣﺎﻟﻤﻮ، ﺳﺌﻴﮉن ﻣﺎن‬
                                                                       ‫ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﮔﮇ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ.‬
                                ‫وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ راﻳﻮ‬

‫اﻳﺮان وﭸﮡ ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ‪ ‬وڏو ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻫﻮ. وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ آﺋﻮن ﻋﺠﻴﺐ وﻫﻤﻦ وﺳﻮﺳﻦ ۾ ﻫﻮس. ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ )ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ( ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ اﺗﻲ ﭤﻲ ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻛﻦ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ‬
‫ﺗﻌﺮﻳﻒ ﭔﮅي ﺳﮕﻬﻦ. ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ اﻳﺮان ﺧﻼف ﻫﺮ وﻗﺖ زﻫﺮ اوﮘﺎﮀﻴﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻨﺪو‬
‫ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎن ﺋﻲ ﻣﻮﭨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﺗﻮن ﺳﻨﻲ ﭤﻲ ﻛﺮي اﻳﺮان ﮀﻮ آﻳﻮ آﻫﻴﻦ. ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ‬
‫آﺋﻮن اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮن ﻟﮑﮡ ﻻ‪ ‬ﭤﻮ وﭸﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻓﻮﭨﻮ ﺑﻪ ﻛﮃڻ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ، ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪‬‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دﻣﺎغ ۾ اﻫﻮﺋﻲ ﻫﻮ، ﺑﻠﻚ دﻣﺎغ ۾ وڌو وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻚ ﻛﭩﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﻮن‬
‫ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ، ﺟﺘﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻣﻮﻟﻮي ﺻﺎﺣﺐ واﻋﻆ ﻛﻦ ﭤﺎ، اﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺟﻲ‬
‫اﺟﺎزت ﻛﻴﺌﻦ ﻫﻮﻧﺪي. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﻴﺎﻟﻦ ﺧﻴﺎﻟﻦ ۾ ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﻮرت ﻳﺎ ﻣﺮد ﺟﻮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻋﻤﺎرت‬
‫ﺟﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﺗﻲ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻮﻧﮑﻲ وراﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﮀﻮ ﻛﮃﻳﻦ. ﻛﭥﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ اﻳﺠﻨﭧ ﺗﻪ ﻧﻪ آﻫﻴﻦ، ﻛﭥﻲ‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ راز ﻓﺎش ﺗﻪ ﻧﻪ ﻛﻨﺪﻳﻦ. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ۾ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﮐﮣﻲ وڃ ﺗﻪ وراﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﺗﻪ ﻓﻮﭨﻮ ﻧﻪ‬
‫ﻛﮃ، ﻫﻲ ‪ Secret‬ﺟﺎﻳﻮن آﻫﻦ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺟﻨﺎح ﺑﺮج ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻪ ﺗﻪ ﺳﭵﻮ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﭘﻴﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ وﮢﻲ ﺳﭵﻲ‬
                                                                             ‫ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻮوي ﭜﺮي وﭠﻲ.‬
‫اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ڏﺳﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ، ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان‬
‫ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺷﺎم ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﻦ ﭤﺎ، وﻳﺰاﺋﻮن ﻟﮙﻞ آﻫﻦ( ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﻣﺎن ﺋﻲ ﻧﻪ واﭘﺲ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻦ. آﺧﺮ ﮀﻮ ﻧﻪ ﻛﻦ‬
‫ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍو ﻫﻬﮍو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺗﻪ ﭘﺮواﻫﻪ ﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﮐﭙﻲ( اﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻮ ﭔﮅي ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭤﻲ آﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﺪن ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ڏﻫﻪ ﺳﻮال ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ۽ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ دوران، ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺘﺮي ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻳﺎ رﻛﺎوٽ ﭘﻴﺶ ﻧﻪ آﺋﻲ‬
‫ﺟﻴﺘﺮي ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺮب ﻣﻠﻚ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺎن وﭸﮡ وﻗﺖ ﻳﺎ ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﮔﻬﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ،‬
‫ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻫﺎ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭤﻲ. ﭴﮡ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮس، ﺟﺘﺎن ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ وﮢﻴﻢ ﺑﺲ، رﻛﺸﺎ، ﭨﺎﻧﮕﻲ ﻳﺎ ﭨﺮﻳﻦ‬
‫۾ آرام ﺳﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﭸﺎن. ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﮁﻴﻮ. اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ۾ ﺑﻪ ﻣﻨﭧ ﭤﻲ وﻳﺎ.‬
‫اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﮡ واري ﺗﻮڙي ‪ Entry‬ﻛﺮڻ واري ﺟﻮ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺧﺮاب ﻧﻪ ﻫﻮ، ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺼﻴﺒﺖ اﻛﺜﺮ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ‬
‫۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﺌﺴﻨﺠﺮ ﭔﮕﻬﻪ ﭘﮑﻲ واﻧﮕﺮ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭨﻨﮓ ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﭔﻲ ﭨﻨﮓ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮي ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻛﻮ‬
‫ﻓﻠﭙﻴﻨﻮ ﻳﺎ ﻣﺼﺮي اﭼﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﮐﻲ ﭠﻴﻚ ﻛﺮي. ﮀﻮﺗﻪ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻛﻢ اﭼﻦ ﻛﻮ ﻧﻪ. ﭘﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾‬
 ‫ﺗﻴﺰ آﻫﻦ. ﻛﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ ﻫﻮ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺗﮑﺎ آﻫﻦ. ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﺪي آﺋﻮن ﺑﻪ ڏﺋﻲ ﺳﮕﻬﺎن ﭤﻮ. ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺌﻴﮉن‬
‫ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ‪ PC‬ﭨﺎﺋﻴﭗ ﻧﻮان ﻧﻮان ﻧﻜﺘﺎ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﭤﻴﺴﺰ ﻟﮑﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﺎ اوﺋﻠﻲ ﭘﺮوﮔﺮام اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺒﺎ ﻫﺌﺎ. ”ورڊ ﭘﺮﻓﻴﻜﭧ“ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﭸﺎ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ. ﺳﻮ ﺑﻪ‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﻫﻮ ۽ ﻳﻮرپ ﭘﺎﺳﻲ اﭸﺎن ﻧﻪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ . ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻤﺖ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﺗﺎن ‪ Cd‬ﮔﻬﺮاﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ اﻧﻬﻦ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار رﭘﻴﺎ ﮐﻦ ﻫﺌﻲ. ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﺎ ﮀﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﭩﻮڊﻧﭧ ﻣﻮن وٽ آﻳﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﮐﻲ اﻫﻮ‬
‫ﭘﺮوﮔﺮام اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻮ ﭰﻮڙي ﻛﺮي اﻫﻮ ‪Cd‬آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻣﺎن ﮔﻬﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﺷﺎﻣﻞ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ.‬
‫آﺋﻮن ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ ﭼﺌﺒﺲ ﺟﻮ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﺳﮑﻲ ورﺗﻮ ۽ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭤﻴﺴﺰ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﭨﺎﺋﻴﭗ ﻛﺮي ورﺗﻲ،‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺣﻴﺮت ۾ وﺟﻬﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﺟﻲ دور ۾ ﺗﻪ اﻻﺋﻲ ﻛﻬﮍا ﻛﻬﮍا ﭘﺮوﮔﺮام‬
‫ﻧﻜﺮي ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﺎﭘﻲ راﺋﻴﭧ ﺟﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻧﺎﻫﻲ اﺗﻲ ﺗﻪ ۰۴ رﭘﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ‪Cd‬‬
‫ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﮘﻮٺ ﮘﻮٺ ۾ ﻋﺎم ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ۽ ﻋﺮب ﻣﻠﻚ اﭸﺎن ﺑﻪ‬
‫ﺳﺴﺖ رﻓﺘﺎري ﺳﺎن اﮘﻴﺎن وڌون ﭘﻴﺎ ﭘﺮ اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺗﻪ ﺣﻴﺮت اﻧﮕﻴﺰ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ. ﻧﻪ رﮘﻮ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۾ ﭘﺮ‬
           ‫ﻫﺮ ﻓﻴﻠﮉ ۾. ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻧﻨﮃڙو ﻣﻠﻚ ﭘﺎڻ ﮐﺎن ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن اﮐﻴﻮن ﻣﻼﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﮡ وﻗﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ در وٽ اﺳﺎن ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻮ آڌرﭜﺎ‪ ‬اﻳﺮاﻧﻲ اﻳﺌﺮ‬
‫ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻛﻴﻮ. ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ ﻳﺎ ‪Serve‬ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻣﺮد اﺳﭩﻴﻮرڊ ﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪا‬
‫ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﻋﺎم اڏاﻣﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻫﻴﻮن. اﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻛﻲ ﭘﻮڙﻫﻴﻮن ﻳﺎ ﭼﭕﻴﻮن ﺳﭕﻴﻮن ﻫﻴﻮن،‬
‫ﻧﻨﮃﻳﻮن ﻧﻴﭩﻴﻮن ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻫﻴﻮن. اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﻧﮓ ۾ ﻳﻮرﭘﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﺳﻔﻴﺪ ﺗﻪ آﻫﻦ ﺋﻲ. ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ‬
‫رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﺑﻪ ﺷﺎﻳﺪ اﻫﺎﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭨﻜﻴﻮن ڏﺋﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ؛ ”ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﻣﻠﻚ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ان ﻻ‪ ‬اﻫﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ‬
                                                                            ‫ﮔﻬﺮ ۾ ﻗﻴﺪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ.“‬
‫رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﺑﻪ ﻣﻮن واري ﮔﺮوپ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ، ﻫﻲ ﻫﻦ ﮔﺮوپ ﮐﻲ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﭤﺎ ﺳﮇﻳﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭨﻴﻬﻦ ﭴﮣﻦ‬
‫ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان وﭸﮡ ﻓﻘﻂ ان ﻣﻘﺼﺪ ﺳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺠﻲ. رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ۴۱‬
‫ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺌﻨﺎڊا ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ. ﮐﻴﺲ ﭔﻪ ﭘﭧ ۽ ﻫﻚ ڌي‪ ‬آﻫﻲ ۽ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ﭔﺎرن ۽ زال ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ.‬
‫ﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﻮن واﻧﮕﺮﮔﻬﭕﺮاﻳﻞ ﻫﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻲ دﻣﺎغ ۾ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻓﻘﻂ ﻣﻨﻔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﺮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ‬
‫ﻫﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺣﻴﺮت ۾ ﭤﻲ وڌو، ﺟﻴﻜﺎ دﻣﺎغ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮐﺎن وﻳﭡﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ اﺑﺘﮍ درﭘﻴﺶ آﺋﻲ ﭤﻲ. ﻫﻦ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ اﻓﻐﺎن ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﻲ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ. ﺑﻠﻜﻪ ﺳﭵﻮ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﻬﺮ ۾ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ. ﻛﻨﻬﻦ ﺿﺮوري ﻛﻢ ﻻ‪ ‬ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﭤﻲ ﻧﻜﺮي ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﻣﺮد ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﺗﻪ ﺳﻮال ﺋﻲ ﻧﭥﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﺌﻲ. ﭘﺮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﺮوٽ ﺗﻲ‬
‫اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻤﻠﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ڏﺳﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ. ﻫﻮ‬
‫ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ۽ ﺗﻤﺎم ﭰﮍﺗﻲ ﺳﺎن ﻫﺮ ﻛﻢ ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻫﻠﮡ ۾ ﺑﻪ‬
‫ﺳﻤﺎرٽ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ واﻧﮕﺮ ‪ Lazy‬ﻧﻪ ﻫﻴﻮن‬
 ‫ﺟﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎ‪ ‬ﻳﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺧﺎﻃﺮ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﭿ ﺗﻪ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻛﻲ ﺑﻴﺒﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ رﮘﻮ ڌاﮘﻮ ﺷﻮﻛﺎري ڏﻳﮡ آﻫﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ آﺋﻮن ﺧﻮش ﻫﻮس ﺟﻮ آﺋﻮن اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ڏي وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ آﻫﻲ،‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ وﻟﻲ اوﻟﻴﺎ‪ ،‬ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎه ۽ ادﻳﺐ ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﺎ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ‬
                                               ‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﮀﺘﻮ ﻛﺮي رﮐﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﻔﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ذرﻳﻌﻲ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﻫﺮ‬
‫ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﻫﻚ ﺑﺠﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ ۽ اڍاﺋﻲ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﮣﻲ ﭨﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺳﻔﺮ ﺑﻌﺪ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وﻗﺖ ۾ ڏﻳﮉ ﻛﻼڪ ﺟﻮ ﻓﺮق آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ وﻳﻜﺮاﺋﻲ ﭰﺎڪ )‪ (Latitude‬ﺗﻲ آﻫﻲ )اﺳﻼم آﺑﺎد ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ(‬
‫ان ﻛﺮي اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﺳﻴﺎري ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اڌ ﻣﻨﻮ ﻛﻼڪ ﮐﻦ اڳ ۾ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ. ﻳﻌﻨﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﭘﻮﮢﻲ ﮀﻬﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ وﻗﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﻮ ﺗﻪ ﺳﺞ ﻟﻬﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ۽ ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻢ ﻣﺎن ﻛﻠﻴﺌﺮ‬
‫ﭤﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﺞ ﻟﻬﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ ﭤﮅﻛﺎر ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ﻛﺮاﭼﻲ‪‬‬
‫ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ وﻗﺖ ﭔﺎﻧﻬﻦ ﺗﻲ رﮐﻴﻞ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺌﻴﭩﺮ ۽ ﮔﺮم ﻛﻮٽ ﮐﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ اﻫﻮ ﭘﺌﻲ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ اﺟﺎﻳﻮ ﺑﺎر‬
‫ﮐﮣﻲ ﭤﻮ ﻫﻠﺠﻲ، اﻫﻮ ﻫﺎڻ وﮢﮡ ﻟﮙﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮ ﭘﺎﺋﻲ ا﷢ ﺟﺎ ﺷﻜﺮ ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﺳﭡﻲ ﻣﺖ آﺋﻲ ﺟﻮ ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺘﺲ ﻧﻪ ﺗﻪ‬
‫ﻫﻬﮍي ﺳﻲ‪ ‬۾ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻮ ﻣﺰو ﻧﻜﺮي وﭸﻲ ﻫﺎ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺳﻲ‪ ‬ﻫﻮﻧﺪو. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻨﺰل ﭤﻴﻨﺪو، اﻫﻮ اﭸﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ. ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ۵۲ ڊﮔﺮﻳﻮن وﻳﻜﺮاﺋﻲ ﭰﺎڪ‬
‫)‪ (Latitude‬ﺗﻲ آﻫﻲ، ﻻﻫﻮر ﺳﺎڍن ۱۳ ﺗﻲ، ﭘﺸﺎور ۴۳ ﺗﻲ، ﺗﻬﺮان ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ ۵۳ ڊﮔﺮﻳﻦ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۶۳‬
‫ﺗﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺟﺌﻴﻦ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ﻗﻄﺐ ڏي وﭸﺒﻮ ﺗﻪ ‪ Latitude‬وڌﻧﺪو وﻳﻨﺪو ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﭤﮅﻛﺎر ﺑﻪ وڌي ﭤﻲ ﭘﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫‪ Duration‬ﮔﻬﭩﺒﻲ وﻳﻨﺪي ﺟﻲ ﺳﻴﺎري وارا ﻣﻬﻴﻨﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ. ۽ ﺟﻲ اوﻧﻬﺎري وارا ﻣﻬﻴﻨﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺗﺮ ۾ وﭸﺒﻮ ﺗﻪ‬
‫رات ﻧﻨﮃي ۽ ڏﻳﻨﻬﻦ وڏو ﭤﻴﻨﺪو وﻳﻨﺪو. ڊﺳﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺳﭩﺎﻛﻬﻮم ۾ )ﺟﻴﻜﻮ ۰۶ ڊﮔﺮﻳﻦ ﮐﺎن‬
‫ﺑﻪ ﻣﭥﻲ آﻫﻲ( ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻨﺞ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻮ ﻣﺲ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ رات ۹۱ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ. ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻂ اﺳﺘﻮا )ﻳﻌﻨﻲ زﻳﺮو ڊﮔﺮي ‪ (Latitude‬ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻦ، ﭔﺎرﻫﻮ ﺋﻲ، ﭼﺎﻫﻲ ڊﺳﻤﺒﺮ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﺟﻮن ﺟﻮﻻ‪ ،‬ڏﻳﻨﻬﻦ‬
                                                          ‫رات ﻫﻚ ﺟﻴﮇا، ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ ﭤﻴﻦ.‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮاﻳﻮ ﺗﻪ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ PIA‬ﺟﻲ ﻛﺎ‬
‫اڏام وﻳﻨﺪي ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺮ ان ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺠﻲ. اﻫﻮ ﺗﻪ ﭼﺌﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﻳﺮان ﻧﻪ وﻳﻨﺪا ﻫﺠﻦ.‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ اڄ ﮐﺎن وﻳﻬﺎرو ﺳﺎل اڳ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﻼﻛﺎ )ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾ اٺ ﺳﺎل ﮐﻦ‬
‫ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ( ۾ ﻫﻚ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭧ ﺟﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ در ﺗﻲ ‪ PIA‬ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﻮﺳﭩﺮ ﻟﮙﻞ‬
‫ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻟﮙﻞ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺳﻬﮣﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ‬
‫۽ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﭘﻮﺳﭩﺮ ﺗﻲ ‪ PIA‬ﺟﻲ اڏام ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ. ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ‪PIA‬ﺟﻲ‬
 ‫اﻳﺮان ڏي اڄ ﻛﻠﻬﻪ اڏام ﺑﻨﺪ آﻫﻲ. ان ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﭩﺎرو ﺟﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺨﺪوم ﻓﻮن ﻛﺮي ﭔﮅاﻳﻮ.‬
                                                 ‫”اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ!“ ﻣﻮن ﻃﻨﺰ ﻃﻮر ﻣﺮﻛﻨﺪي ﺧﺎﻟﺪ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ.‬
   ‫” ﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ،“ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ؛ ” ﻛﻮاﻻ ﻟﻤﭙﻮر ڏي اڏام ﺑﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ، ﭨﻮﻛﻴﻮ ڏي ﺑﻪ ﺑﻨﺪ آﻫﻲ ....“‬
‫”ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﮐﻲ ‪ PIA‬ﺟﻮ ﭼﻴﺌﺮﻣﻴﻦ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻣﺒﺎرڪ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﻋﺬر ﺧﻮاﻫﻲ ﻛﺌﻲ.“ ﻣﻮن ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻮ دوﺳﺖ ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﻧﻪ رﮘﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻧﭩﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺧﺎﻟﺪ ﻣﺨﺪوم ﺟﻮ روم ﻣﻴﭧ ﺑﻪ ﻫﻮ. رﭨﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ‬
‫ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ وﻳﺠﻬﻮ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﭟ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺳﭝﻨﻲ ﭘﻮڙﻫﻦ ۾ ﻇﻔﺮ ﺧﺎن ﺳﻤﺎرٽ ۽ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﻫﻮ .‬
‫ﻇﻔﺮ ﺗﻤﺎم ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ‪ PIA‬ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻴﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮐﻴﺲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬ڏﻧﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ان ۾ ﺧﺎﻟﺪ‬
‫ﻣﺨﺪوم ﮐﻲ ڊپ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻇﻔﺮ ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﺑﻠﮉ ﭘﺮﻳﺸﺮ ﭴﺎڻ ﺗﻪ ﭤﻴﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺧﺎﻟﺪ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ اﭸﺎن ﺑﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺷﻚ ﻫﻮ ﺗﻪ ‪PIA‬‬
       ‫ﺟﻲ اﻳﺮان ڏي اڏام ﺑﻨﺪ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۾ اوﭼﺘﻮ ‪ PIA‬ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﺟﻌﻔﺮي ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ وﺋﻲ.‬
                                      ‫”ﻣﻮن ﺗﻪ ﭔﮅو آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﻻ‪ PIA ‬ﺳﺮوس ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫”ﻫﺎ. ﺻﺤﻴﺢ ﭤﺎ ﭼﺌﻮ،“ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ، ”ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎن ﻧﻘﺼﺎن ۾ ﭘﺌﻲ وﺋﻲ ﺳﻮ ﺑﻨﺪ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ. ﺑﺎﻗﻲ آﻓﻴﺲ ۽ اﺳﭩﺎف‬
                                                                       ‫ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ.“‬
‫ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﻻ‪ ‬ﺳﺮوس ﻛﮇﻫﻦ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ‬
‫اﺳﭩﺎف ۽ آﻓﻴﺲ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭘﺌﻲ ﭜﺮي. ﺟﻴﻜﻮ ﺧﺮﭼﻮ ﭰﺮي ﮔﺮي اﺳﺎن ﻋﻮام ﮐﻲ ﭨﺌﻜﺲ ۾ ڏﻳﮣﻮ‬
                                                                                ‫ﭤﻮ ﭘﻮي.‬
                                 ‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻬﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ‬

‫ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز رﺳﺘﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ زاﺋﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﻻ‪ ‬ﻳﺎ ﻛﺮﺑﻼ )ﻋﺮاق(‬
‫وﭸﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ Air Iran‬ذرﻳﻌﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ‪ ‬ڊوﻣﻴﺴﭩﻚ‬
‫اڏاﻣﻦ ذرﻳﻌﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ، ﻳﺎ ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﭔﺎرﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ‬
‫ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. آﺋﻮن ﭘﮡ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ارﺑﻊ ڏﻳﻨﻬﻦ واري ﻓﻼﺋﻴﭧ ۾ ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻲ ﻛﺎ ‪Choice‬‬
‫ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ PIA‬ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﭴﻜﻠﻬﻪ اﻳﺮان ﻧﭥﺎ وﭸﻦ. ‪ PIA‬ﺟﻮن، ﮔﺬرﻳﻞ ﺑﺎب ۾‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﮔﻼﺋﻮن ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮن ﻛﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﺟﻮﮘﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ۽ ﻛﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭘﻲ آ‪‬‬
‫اي ﺟﻲ ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ۽ ڌراﺋﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻣﭥﺎﻧﻬﻮن ﮘﺎٽ ﻫﻮ. ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ‬
                                                                          ‫وﻗﺖ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ؛‬
‫‪ PIA‬اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﭙﺮ ‪ Constellation‬ﺟﻬﺎز اڏاﺋﮡ ﺟﻮ اﻋﺰاز‬           ‫•‬
                                                  ‫ﻧﺼﻴﺐ ﭤﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﺟﻴﭧ اﻳﺌﺮ ﻛﺮاﻓﭧ ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ‪ PIA‬ﻫﻼﻳﻮ.‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ )‪ (PIA‬اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺋﻴﺮ ﻻﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ‪) FAA‬ﻓﻴﮉرل‬             ‫•‬
            ‫اوﻳﺌﺸﻦ اﻳﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ( ۽ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ‪) CAA‬ﺳﻮل اوﻳﺌﺸﻦ اﭤﺎرﭨﻲ( ﻃﺮﻓﺎن ﻣﺮﻣﺖ ﺟﻮ ‪ approval‬ﻣﻠﻴﻮ.‬
‫‪ PIA‬ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻏﻴﺮ ﻛﻤﻴﻮﻧﺴﭧ اﻳﺌﺮ ﻻﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻦ ﻟﻬﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻣﻠﻲ ۽ ﻣﺎﺳﻜﻮ ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪي‬     ‫•‬
                                                                   ‫ﻳﻮرپ وﭸﮡ ﺟﻲ ﻣﻮﻛﻞ ﻣﻠﻲ.‬
‫‪ PIA‬اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻠﻴﭧ ۾ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۷۳۷ ۽ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۱۷۷ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز‬       ‫•‬
                                                                                  ‫ﺷﺎﻣﻞ ﻛﻴﺎ.‬
         ‫‪ PIA‬ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ۾ اڏام دروان ﻓﻠﻤﻮن ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن وﻳﻮن.‬          ‫•‬
                     ‫دﻧﻴﺎ ۾ ‪ PIA‬ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ‪ Scheduled‬ﻫﻴﻠﻴﻜﺎﭘﭩﺮ ﺳﺮوس ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ.‬           ‫•‬
‫ﻫﺎڻ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ‪ PIA‬ﺟﻲ ۽ ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﮀﺎ ﻟﺌﻪ وﻳﭡﻞ ﻫﺌﻲ. ﻫﺮ ﻛﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ وڏو‬
‫ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﻟﮑﻴﻞ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮ. ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر، ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ، ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن‬
‫ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﺗﻮڙي ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺷﺮوع ﻛﺮاﻳﺎ. ﭘﺮ اڄ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻮڙي ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ‬
‫ﺟﻮ اﻫﻮ ﺣﺎل آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ”اﮘﻲ اﺋﻴﻦ ﻫﺌﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻮن ڌوﺗﻢ ﻛﭙﮍا“ وارو ﺑﻴﺖ ﻳﺎ اڙدو ﺟﻮ ﮐﻬﻨﮉرات ﻳﻪ‬
                                                            ‫ﺑﺘﺎﺗﻲ ﻫﻴﻦ، ﻋﻤﺎرت ﻋﺠﻴﺐ ﺗﻬﻲ“ ﻳﺎد ﭤﻮ اﭼﻲ.‬
‫‪ PIA‬ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وﺟﻮد ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن ﻫﻚ ﺳﺎل اڳ ۶۴۹۱ ۾ ﭤﻲ، ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺮزا اﺣﻤﺪ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺟﻬﮍن‬
‫ﻛﺎر ﺧﺎﻧﻴﺪارن ﻛﻠﻜﺘﻲ ۾ اورﻳﻨﭧ اﻳﺌﺮوﻳﺰ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ رﺟﺴﭩﺮ ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺮاﭼﻲ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺌﻲ‬
‫وﺋﻲ. ﺳﻨﺪس اڏاﻣﻮن ﻛﺮاﭼﻲ، ڍاﻛﺎ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ، ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ، ﻻﻫﻮر ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻴﻮن. ۵۵۹۱ ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن ﭠﺎﻫﻴﻞ ﻧﺌﻴﻦ‬
‫ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ اورﻳﻨﭧ اﺋﻴﺮ ﻻﺋﻨﺰ ﺑﻪ ﻣﻼﺋﻲ ‪ PIA‬ﺟﻮڙي وﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اڏاﻣﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﻟﻨﮉن،‬
‫ﻗﺎﻫﺮي ۽ اﭨﻠﻲ ﻫﻠﮡ ﻟﮙﻴﻮن ۽ ۲۶۹۱ ﮐﺎن ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ڏي ﺑﻪ وﭸﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن. ۸۶۹۱ ۾ ﺟﮇﻫﻦ آﺋﻮن ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ‬
‫ﺑﺤﺮي ﺟﻬﺎز وﭠﻲ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ‪ PIA‬ﺟﻮ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ آﻓﻴﺲ ﺟﻮ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻢ ﻧﺎم‬
‫اﻟﻄﺎف ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻮ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ‪ ‬ﺟﻮ وڏو ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز‬
‫دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﭔﺌﻲ ﻃﺮف. ﻛﺎروﺑﺎر اﻳﺘﺮو ﺳﭡﻮ ﻫﻠﻴﻮ ﭘﺌﻲ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ﻫﻚ‬
‫ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن وﻳﻮ ﭘﺌﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻨﺪو. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﻫﻼﺋﮡ وارا ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻴﺎ.‬
‫ﺟﻴﺴﻴﻦ اﺳﻴﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﺎ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﭧ ﺟﻬﺎز ﺟﺎ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﭤﻴﻮن ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮا ﺳﺎل‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ، ﺗﺮﻛﻲ، ﭘﻮﻟﻴﻨﮉ، ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎزي آﻓﻴﺴﺮ ﻧﻮﻛﺮﻳﻮن ﻛﻨﺪا‬
‫رﻫﻴﺎ. ﻫﻲ اﻫﻮ زﻣﺎﻧﻮ ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ، ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر، ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﺟﻬﺎز ﻫﺌﺎ ۽ ﻧﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا.‬
‫ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﮐﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﺎ ”ﻧﻮﺟﻮان ﻛﺌﮉٽ“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻴﻮل اﻛﻴﮉﻣﻲ ۽ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺟﻬﮍن ادارن ۾‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﺟﮇﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻮن ﻫﻮاﺋﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻛﮃﻳﻮن‬
‫ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻴﻦ ﺷﺮوع ﻛﺮي ڏﻧﻴﻮن. ﻛﻴﺘﺮن ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺟﻬﺎز اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ‬
‫آﻓﻴﺴﺮ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ آﻓﻴﺴﻦ ﺟﺎ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﺌﺎ، ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻼس‬
‫ﻣﻴﭧ ۽ ﺳﻴﻨﺌﺮ ﻫﺌﺎ. ﺟﻬﮍوڪ ؛ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻮﻛﻞ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ اﻧﻮر ﻟﻮڌي، ﻣﺴﭩﺮ ﺳﺌﭩﻨﺎ، ﻇﻔﺮ زﻳﺒﺮي،‬
‫ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﻤﺮان اﻧﺼﺎري، ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻋﺮﻓﺎن ﻓﺎروﻗﻲ، ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ زﻳﺪي، ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ آﺻﻒ ﻏﻴﻮر، اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﺷﺮﻳﻒ،‬
‫اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ، ﻣﺮزا اﻗﺒﺎل، ﻛﺌﭙﭩﻦ اﻳﻢ ﺟﻲ ﺳﻌﻴﺪ ﺟﻨﻬﻦ اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻲ ‪ PIL‬ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ۸۶۹۱‬
‫۾ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ، اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺟﻼل ﺑﻴﮓ ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ﺟﻲ ”ﺳﻴﻼن ﻛﺎرﭘﻮرﻳﺸﻦ“ ﭠﺎﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ وٽ اڄ اﺳﺎن ﮐﺎن‬
‫ﮔﻬﮣﺎ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺘﺮ ۽ اﺳﻲ ﺟﻮ ڏﻫﺎﻛﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ اوج ۽ ﻋﺰت ﺟﻮ دور ﻫﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ‪ ‬ﺟﻮ‬
‫ﮔﺮاف ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮﻧﺪو وﭸﻲ. اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺳﮑﻴﺎ، اﻫﻲ ﺟﻦ اﺳﺎن ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﺟﻬﺎز ران‬
‫ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ۽ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻴﻮن ﮐﻮﻟﻴﻮن، اﻫﻲ اﺳﺎن ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ اڳ ﻧﻜﺮي وﻳﺎ. اﺳﺎن ﭘﭡﻴﺎن ﺑﻴﻬﻲ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ‬
    ‫ﺳﻜﮣﻦ ﭔﺎرن واﻧﮕﺮ ﺑﻴﭡﺎ ﺗﻜﻴﻮن. ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﻈﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ان ﺟﻲ ادارن ﮐﻲ ﮐﺎﺋﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ‪ Iran Air‬آﻫﻲ اﻫﺎ ﭘﮡ ‪ PIA‬واﻧﮕﺮ ۶۴۹۱ ۾ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ‬
‫ﺑﺰﻧﻴﺲ ﻣﻴﻦ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ. ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ‪ Iranian Airway‬ﺳﮇﺑﻲ ﻫﺌﻲ. ﻫﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻣﺴﺎﻓﺮ‬
‫۽ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ؛ ﺗﻬﺮان، ﻣﺸﻬﺪ، اﺻﻔﻬﺎن، ﺷﻴﺮاز وﻏﻴﺮه وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻫﻚ ﻓﻼﺋﻴﭧ‬
‫ﻳﻮرپ ﺟﻲ روٽ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ. ۴۵۹۱ ۾ ﭘﺮﺷﻦ اﻳﺌﺮ ﺳﺮوس )‪ (PAS‬ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺷﺮوع‬
 ‫ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ۰۶۹۱ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻟﻨﮉن، ﺟﻨﻴﻮا، ﭘﺌﺮس، ﺑﺮﺳﻠﺲ ۽ ﻓﺮﺋﻨﻜﻔﺮٽ ﺑﻪ ﻫﻠﮡ ﻟﮙﺎ.‬
‫۲۶۹۱ ۾ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن اﻳﺮان اﻳﺌﺮ وﻳﺰ ۽ ‪ PAS‬ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ‬
‫ﭠﺎﻫﻴﺎﺋﻮن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ”اﻳﺌﺮﺑﺲ ۰۰۳“ ﺟﻬﺎز ۾ اﺳﺎن ”اوﻟﻬﻪ اﺗﺮ“ ﺟﻮ رخ ڏﺋﻲ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﺷﻬﺒﺎز‬
‫ﻗﻼت، ﭘﻨﺠﮕﻮر، ﻗﻠﻌﺎ ﺧﺪاﺑﺪن، واﺷﺎپ، دوزاب، ﻗﻠﻌﺎ ﻟﺪﮔﺎﺷﺖ ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﻳﺎ ﻛﻲ ﭔﻴﺎ ﮔﺬري رﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪا. ﺗﻬﺮان وﭸﮡ ﻻ‪‬‬
‫ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻮ ﻟﺘﺎڙي ﭘﻮ‪ ‬اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺑﺎم، ﻛﺮﻣﺎن ۽ ﻳﺰد ﺷﻬﺮن ڏي رخ‬
‫رﮐﻲ ﭤﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ﻣﭥﺎن اڏاﻣﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﭽﻲ ﭤﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﻻ‪ ‬ﺟﻬﺎز ﮐﻲ وري اوﭜﺮ ڏي ۽ ﭤﻮرو ﻣﭥﭝﺮو‬
‫اﺗﺮ ڏي وﭸﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ﺑﺲ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ اﻫﻲ ث ﺗﻮﻫﺎن‬
‫ﮐﻲ زاﻫﺪان واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻠﻮچ ﭜﺎﺋﺮ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر‬
‫ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺗﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﮣﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﻜﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽‬
‫ﺗﺮﻛﻤﺎﻧﻲ ﻧﻚ ﻧﻘﺸﻲ ﺟﺎ ۽ اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﺳﻤﺠﻬﮡ وارا ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ اوﻟﻬﻪ ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﺷﻬﺮﺗﺒﺮﻳﺰ ﺗﺮﻛﻲ ۽ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺑﺎرڊر ﭜﺮﺳﺎن آﻫﻲ. ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺑﻴﻬﻚ ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن وچ واري‬
‫آﻫﻲ. دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﺳﭡﻲ ﻛﻨﺎري وارو ﺳﻤﻨﮉ ‪ Caspian‬ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ درﻳﺎهِ ﺧﺰر‬
‫ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ﺗﻬﺮان ﮐﻲ اﺋﻴﻦ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﮐﺎن ﻧﻮري آﺑﺎد. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻗﻮﻣﻲ اﻳﺌﺮﻻﺋﻴﻦ ‪ Air-Iran‬۾‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﺪن ﻓﺎرﺳﻲ ز ﺑﺎن ۾ ﻧﺎﻟﻮ ” ﻫﻮاﭘﻴﻤﺎﺋﻲ ﻣﻠﻲ اﻳﺮان“ آﻫﻲ، اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﻨﮃا وڏا ۽ ﻣﺎڊرن ﺟﻬﺎز‬
‫ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ، ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﻋﻼوه دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭤﺎ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽‬
                            ‫ُ‬
‫ﻳﻮرپ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮙﻨﺪڙ ‪) Sanctions‬ﺳﺨﺘﻴﻦ( ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ اڏول آﻫﻲ، ﻛﻴﺌﻦ ﭘﺮ ﻋﺰم آﻫﻲ، ﻛﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻫﺮ‬
‫راﻫﻪ ﺗﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﻻ‪ ‬ﺣﻴﺮت ﺟﻮﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ان ﻣﺎن اﺗﻬﺎس )‪(Inspiration‬‬
‫۽ ﺳﺒﻖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. ﺑﻘﻮل اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ )ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ‬
‫آﻫﻲ( ﺟﻴﻜﻮ ﭼﺮﭼﻲ ﭼﺮﭼﻲ ۾ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ”اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻲ، ان ﮐﻲ‬
                                                                                       ‫ڏﺳﻲ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﺳﮅرو!“‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻫﻦ ”اﻳﺌﺮ اﻳﺮان“ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”ﻣﺎﻫﺎن‬
‫اﻳﺌﺮ“ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز اﻧﺪرون ﻣﻠﻚ ۽ ﭔﺎﻫﺮ اﭼﻦ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺷﺎﻫﻴﻦ، اﻳﺌﺮو ۽ ﺑﻠﻮ ﻻﺋﻴﻦ ﺟﻬﮍﻳﻮن‬
                  ‫ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ. ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﻣﺎﻫﺎن )‪ (Mahan‬وٽ وﻳﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ Kish Air‬ﻧﺎﻟﻲ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ۹۸۹۱ ﮐﺎن ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ وﺋﻲ. ﻫﻦ اﻳﺌﺮ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ اﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ، اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ اداراﺑﻪ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ. اﺳﺎن واري ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﻫﻚ‬
‫اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﻛﭥﺎن ﺳﮑﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﺸﺎ اﻳﺌﺮ ﺟﻲ اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ ﺑﺎﺑﺖ‬
‫ﭔﮅاﻳﻮ. ﻛﻴﺶ اﻳﺌﺮ وارن ﻫﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﻴﮑﺎرڻ ﻻ‪ ‬ﮐﻮﻟﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ‬
‫ﺳﭡﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﻛﺮي ﻫﻦ ﻣﺎن ﻫﺮ اداري ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﮑﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻫﻦ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻛﻴﺶ‬
‫اﻳﺌﺮ وارن وٽ ﭔﺎرﻫﻦ ﮐﻦ ﺟﻬﺎز آﻫﻦ ۽ ﭨﻮﭨﻞ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ )‪ ۳۱۰(Employees‬آﻫﻦ.“ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﺟﻲ ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ڏﭠﻮ‬
‫وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ‪ PIA‬ﺳﭛ ۾ اﻣﻴﺮ ﺗﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﺟﻬﻮﻧﺎ ﭤﻲ ﮔﻮڏن ﭜﺮ ﺑﻴﭡﺎ آﻫﻦ، ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ڏي‬
‫وﻳﻨﺪڙ اڏاﻣﻮن ﺑﻨﺪ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ‪ PIA‬۾ ﭘﮕﻬﺎر وﭠﻨﺪڙ ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ وارا ۰۰۳۹۱ ﺟﻲ ﻟﮗ ﭜﮗ آﻫﻦ ۽ ﻫﻦ اﻳﺌﺮ‬
                    ‫اﻳﺮان ﻛﻤﭙﻨﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻴﻦ ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن، ۰۰۵۷ ﻣﺎﮢﻬﻮ ‪Employees‬ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ SAHA‬اﻳﺌﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﮡ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻮﺋﻨﮓ ۰۰۳-۷۰۷ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﺣﺎدﺛﻮ‬
‫۰۲ اﭘﺮﻳﻞ ۵۰۰۲ع ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ. ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻟﻬﮡ )‪ (Landing‬وﻗﺖ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ‬
‫ﮔﻴﺌﺮ ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﭰﻴﭥﻮ ﭰﺎﺳﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ. ﺟﻬﺎز ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ رﻓﺘﺎر ﮐﺎن وڌﻳﻚ رﻓﺘﺎر ۾ ﻟﻬﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ رن وي ﺟﻲ ﭔﻲ ﮀﻴﮍي‬
‫ﺗﺎن ﺑﻪ ﭨﭙﻲ وﭸﻲ ڍﻧﮃ )‪ (Creek‬۾ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﻛﮃڻ دوران ﭔﻪ ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ ﻫﻚ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ‪ Crew‬ﭔﮇڻ ﻛﺮي ﻣﺮي‬
                                                                                           ‫وﻳﺎ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﺳﮏ ۽ ﺷﺎﻧﺘﻲ ﺳﺎن ﮔﺬرﻳﻮ . ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ۾ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ‬
‫ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺎﻧﻲ ڏﻧﻲ وﺋﻲ اﻫﺎ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﺎن ﺗﻪ ﺳﭡﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻣﺎرات ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ‬
‫ﻻ‪ ‬ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ۽ ﺳﺮوس ﭘﮡ ﺑﻬﺘﺮ ﻟﮙﻲ. اﮘﺘﻲ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﻼڪ ﮐﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮي ﻛﺎ ﻣﺲ ﻫﺌﻲ، ان ۾ ﺳﺌﻨﮉوچ ۽ ‪ Snacks‬ڏﻧﺎﺋﻮن. اﻫﻲ ﺑﻪ ﻟﺬﻳﺬ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻫﺌﺎ ﺗﻪ‬
‫ﻣﻘﺪار ۾ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﺌﺎ. ﻛﺎﻓﻲ ﻳﺎ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺟﻴﻮس ﺟﻮ دﭔﻮ ۽ ﭘﺴﺘﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﻴﭧ ﭘﮡ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ڏﻧﺎﺋﻮن. ﻣﺎﻧﻲ‪‬‬
‫ﻣﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻫﮙﺎ‪) ‬ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ (‬آﺋﻲ ﭘﺌﻲ ان ﻻ‪ ‬ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﻛﺌﻨﺎڊا ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ‬
‫اﻫﺎ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬زﻋﻔﺮان ﺟﻲ آﻫﻲ. ”اﻳﺮان ۾ زﻋﻔﺮان ۽ ﭘﺴﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ،“ رﺣﻤﺖ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ؛ ”ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻴﺘﺮن‬
‫دوﺳﺘﻦ اﻳﺮان ﻣﺎن زﻋﻔﺮان آﮢﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ آﻫﻲ.“ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﻓﻘﻂ اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ﺟﻬﺎز‬
‫ﻫﻼﺋﮡ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﺳﭙﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ ﻳﺎ ﻛﻨﺎري )‪ (Canary‬ﭔﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﭸﮡ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر‬
‫ﺟﻲ ﻫﻚ واﻗﻔﻜﺎر ﻫﻨﺪو ﺳﻨﮅي ﻓﺌﻤﻠﻲ ﭜﻮﭴﻮاﮢﻲ )ﻫﺮﻛﺸﻦ( ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻨﻦ ﻻ‪ ‬زﻋﻔﺮان آﮢﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ. ﭘﺴﺘﺎ‬
‫ڏوڏﻳﻦ ﺳﻤﻴﺖ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ڏﭠﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺸﻚ ﻣﻴﻮي )‪ (Dry Fruit‬۾ ﺷﺎﻣﻞ آﻫﻦ. ﺟﻲ اﻫﻮ ڊرا‪ ‬ﻓﺮوٽ آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ﺗﺎزا ﭘﺴﺘﻪ )ﻓﺮﻳﺶ ﻓﺮوٽ( ﻛﻬﮍو ﭤﻴﻮ؟ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻮ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﻫﺠﻲ. ﻣﻮن ﺑﻪ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ‬
                    ‫ُ‬                                           ‫ُ‬
‫ڏﭠﻮ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﺎﭤﻲ ﺳﺠﺎد ﻣﮑﻲ‪ ،‬ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺑﺲ ﭔﻬﺮاڙي‪ ‬ﻣﺎن ﻫﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ اﺗﺎن ورﺗﻮ ﭤﻲ. ﻫﻮ‬
‫ﻛﻴﺘﺮا ﺋﻲ دﻓﻌﺎ اﻳﺮان، ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ان ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي‪‬‬
‫واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﻲ ﺗﺎزا ﭘﺴﺘﺎ وﭠﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ ﮐﺎراﻳﺎ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺳﻮاد ﺳﺎﮘﻴﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫ﻣﭥﺎن ﭔﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ‪) Cover‬ڏوڏي( ﻫﺠﮡ ﺑﺪران ﻧﺮم ۽ آﻟﻲ ﮐﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ اﻧﺪر ﭘﺴﺘﻮ ڍﻛﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻫﺎ‬
                                                                     ‫ﮐﻞ ﭤﻮرو ﺋﻲ ﻧﻬﻦ ﻫﮣﮡ ﺳﺎن ﮀﭵﻴﻮ ﭘﻮي.‬
‫ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ۾ ﻫﻚ ﺑﺪﻣﺰدﮔﻲ ﺿﺮور ﭤﻲ. ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﺟﻲ اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻞ، ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ، ﺳﮕﺮﻳﭧ دﮐﺎﺋﻲ‬
‫ﮀﻜﮡ ﻟﮙﻮ. اﭴﻜﻠﻬﻪ ﻧﻨﮃي ﺳﻔﺮ واري ﻫﺮ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻤﻮﻛﻨﮓ ﺗﻲ ﺑﻨﺪش آﻫﻲ. ڊﮔﻬﻴﻦ ڊﮔﻬﻴﻦ ڏﻫﻪ ﭔﺎرﻫﻦ‬
‫ﻛﻼﻛﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮي‪ ‬وارﻳﻦ اڏاﻣﻦ ۾ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﻻ‪ ‬ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﻘﺮر‬
‫ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﺳﮕﺮﻳﭧ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻛﺶ ﺳﺎن زﻋﻔﺮان ۽ ﻣﻮﺗﺌﻲ ﺟﻲ ﻫﭕﻜﺎر ۽ ﻧﻴﺮاﻧﻲ ﻫﻴﺮ ﺟﻬﮍي ﭤﮅڙي ﺟﻬﺎز‬
                                                                       ‫ﺟﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﭴﮡ ﺗﻪ ڏﻧﮕﺠﻲ ﭘﻴﻮ.‬
                                                                     ‫”دوﻧﻬﻮن ﻧﻈﺮ ﭘﻴﻮ اﭼﻲ!“ ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ.‬
‫”ﺳﮕﺮﻳﭧ ﺟﻲ ڌپ ﭘﺌﻲ اﭼﻲ!“ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻛﺌﻨﺎڊا ۾ رﻫﻨﺪڙ رﺣﻤﺖ ﭼﻴﻮ؛ ”ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻛﻮ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﭘﻴﻮ‬
                                                                                ‫ﮀﻜﻲ.“‬
‫اﻫﻮ ”ﻛﻮ“ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ وارو ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﮘﺌﻴﻦ ﻗﻄﺎر ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﻠﻜﻞ اﮘﻴﺎن وﻳﭡﻮ ﻫﻮ. اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﺑﻪ‬
‫وڏي دﻳﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﮘﻮﻟﻬﻲ ﻟﮅس. اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﻴﺲ ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭴﮡ ﺗﻪ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﻲ ﻧﻪ ڏﭠﻮ ﻧﻪ‬
‫ﭔﮅو. ﻧﭡﺮ ﭤﻲ ﭔﻴﻮ ﻛﺶ ﻫﻨﻴﺎﺋﻴﻦ. اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ وﺋﻲ ﺳﺎ اﺳﭩﻴﻮرڊ ﻣﺮد ﮐﻲ وﭠﻲ آﺋﻲ. ان اﭼﻲ ﻫﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ‬
‫ﮀﻜﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ وﺳﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﭣ ﺟﻲ ﻣﭟ ۾ ﻟﻜﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ اﺳﭩﻴﻮرڊ ﺟﻬﮍو ﺋﻲ ﻣﮍﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وري ﻛﺶ‬
‫ﻫﻨﻴﻮ. اﺳﭩﻴﻮورڊ ڏﺳﻲ ورﺗﺲ ۽ ﻛﺎوڙ ﻣﺎن ﭼﻴﺎﺋﻴﻨﺲ ﺗﻪ؛ ”ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎ‪ ‬ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﻫﭣ ﻛﮍﻳﻮن ﻫﮣﻨﺪوﺳﺎن‪ “!‬ﻫﻮ ﻫﭥﻦ‬
‫ﺳﺎن ﻫﭣ ﻛﮍﻳﻦ ﺟﺎ اﺷﺎرا ﻛﺮي اﮘﻴﺎن ﭘﺎﺋﻠﭧ واري ﻛﺎڪ ﭘﭧ ﻃﺮف ﺗﮑﻮ ﺗﮑﻮ وڌﻳﻮ. اﺳﺎن واري ﻓﻠﻤﻲ ﻫﻴﺮي ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ‬
                                             ‫ﺳﻜﻲ وﻳﻮ. ﻳﻜﺪم ﺳﮕﺮﻳﭧ وﺳﺎﺋﻲ ﺷﺮﻳﻒ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻲ وﻳﻬﻲ رﻫﻴﻮ.‬
‫ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﭔﻴﻦ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺿﺮور ڏک ﭤﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ۽ ﻫﻨﻦ ﺑﻪ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻚ ﻣﮁﻲ ﺳﭵﻲ‬
‫ﺣﻮض ﮐﻲ ﺧﺮاب ﻛﺮي ﭤﻲ. ﺟﻬﺎز ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺌﺒﻦ ﻛﺮﻳﻮ ﺗﻮڙي اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ۾ وﻳﭡﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرت‬
‫ﻣﺴﺎﻓﺮن، اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﻛﻴﮇو ﻏﻠﻂ اﻣﭙﺮﻳﺸﻦ ورﺗﻮ ﻫﻮﻧﺪو. ﻫﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬ﺟﻲ ﺧﺮاب ﻛﻢ ﺳﺎن ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﺪﻧﺎم ﭤﻴﻮ وﭸﻲ.‬
‫ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮ وﭸﻲ اﺋﻴﻦ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﻓﻼﮢﻲ ﻳﺎ ﻓﻼﮢﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﺟﻬﺎز ۾ ﻫﻴﻨﺌﻦ ﭼﺮﻳﺎﺋﭗ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﻮ‬
                                                                 ‫ﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻫﻬﮍا ﭘﺎﮘﻞ آﻫﻦ.‬
                      ‫ﺑﻨﺪر روڊ، ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ‪ ‬ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ‬

‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭡﻴﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﻳﻮرپ واﻧﮕﺮ دﻛﺎن ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺋﻲ ﮐﻠﻴﻮ وﭸﻦ!‬
‫ﻧﻪ رﮘﻮ ﮐﻴﺮ ڊﺑﻞ روﭨﻲ وارن ﺟﺎ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﺎ. وﻳﻨﺪي ﻛﭙﮍن، ﭤﺎﻧﻮن، اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﺎ، ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮن،‬
‫واڍن، درزﻳﻦ ﺟﺎ. اﺳﺎن وٽ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ دﻛﺎن ﮐﻠﻦ، ﻣﻌﻨﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬وﭠﮡ ﻻ‪ ‬آﻓﻴﺲ ﻳﺎ ﻓﻴﻜﭩﺮي ﮀﮇي اﭼﺠﻲ،‬
‫ان وﻗﺖ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺑﻪ ﺟﺌﻢ رﻫﻲ ﭤﻲ ﭘﻨﺠﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ اڌ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرو ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﮔﺎڏي ﭘﺎرڪ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ‬
‫اﻟﮗ. ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﻨﻬﻦ آﻓﻴﺲ واري ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ‪ ‬ﻳﺎ ﮔﻬﺮ ﭔﺂرن ﻻ‪ ‬ﻛﺠﻬﻪ وﭠﮣﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﺘﻴﻦ ﺑﺠﻲ‬
‫ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭘﻮ‪ ‬اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻲ آﻓﻴﺲ وﭸﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻣﻜﻲ، ﻣﺪﻳﻨﻲ، ﻫﺮدوار، ﺑﻨﺎرس، ﭘﻴﻨﺎﻧﮓ‬
‫۽ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ واﻧﮕﺮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﮇي ﻣﻬﻞ دﻛﺎن ﮐﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﻛﻴﮇي ﻣﻬﻞ ﺑﻨﺪ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﺑﻨﺪ ﺋﻲ ﻧﭥﺎ ﭤﻴﻦ.‬
‫ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮ ﺗﻪ دﻛﺎن ﮐﻠﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ، ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭼﻬﻞ ﭘﻬﻞ ۽ ﮔﻬﻮرﻳﺌﮍن ﺟﻲ ﻫﻮﻛﻦ ﺟﻮ آواز ﭔﮅڻ‬
‫۾ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﻗﻢ ﺟﻲ ﺑﺎزار ﻗﻢ، ﺑﺎزار ﺳﺠﻞ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ﻧﻪ ڏس ﻳﺎ ﻧﻨﮃﻳﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ وارﻳﻮن‬
‫ﺑﺎزارون ﻧﻪ ڏس. ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن. ان ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ رات ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۾ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ ۽ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن‬
                                                                                  ‫ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﻴﺎ ﻛﻦ.‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﭔﺎڙ ﻟﮙﻨﺪي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﻲ ﻣﺰا ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ آﻫﻦ ﻳﺎ‬
‫وري ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾. اﺳﺎن وٽ ﺗﻮڙي اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻫﻮﭨﻞ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻻ‪ ‬ﮐﻴﺮ ﺟﻮ ﻫﻨﮉو ﭼﮍﻫﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو‬
‫۽ آﻳﻮ وﻳﻮ ڌوڌﭘﺘﻲ ﺟﻮ ﻛﻮپ ﻳﺎ ﮔﻼس ﭘﻲ ﭘﻮ‪ ‬آﻓﻴﺲ ﻳﺎ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﭘﻴﻮ وﻳﻨﺪو، ﭘﻴﭧ ۾ ﭜﻠﻲ ﮐﮣﻲ ان ﺟﺎ ﭔﻪ ﮔﺮاﻧﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ‬
‫ﻫﺠﻨﺲ. اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﻫﺮ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﻛﭽﻦ آﻫﻲ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻲ ﻛﻤﺮن ۾ ﺑﻪ‬
‫ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﭼﻠﻬﻮ ڏﻧﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﺮﻛﻮ ﭼﺎﻧﻬﻦ ﭠﺎﻫﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻠﻜﻮ ﭰﻠﻜﻮ رڌ ﭘﭽﺎ‪ ‬ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. اڄ‬
‫ﻛﻠﻬﻪ ڌوڌ ﭘﺘﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﻓﺮﻳﺶ ﮐﻴﺮ وﭠﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﭘﺎﺋﻮڊر ﮐﻴﺮ ۽ ﻛﺎﻓﻲ‬
‫ﻣﻴﭧ ﻧﻜﺮي ﭘﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ڌوڌ ﭘﺘﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ. ﻣﻮن ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻟﭙﭩﻦ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮن‬
‫ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ۽ ﻧﻴﺴﻠﻲ ﺟﻮ ۰۰۴ ﮔﺮاﻣﻦ ﺟﻮ ”اﻳﻮري ڊي“ ﮐﻴﺮ ﺟﻮ ﭘﺎﺋﻮڊر ۽ ﻫﻚ ‪ Evaporated‬ﮐﻴﺮ ﺟﻮ دﭔﻮ وﭠﻲ رﮐﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺗﻲ دل ﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﭘﻴﺘﻢ ﭤﻲ. ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺑﺪران ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺎم آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻣﻠﻲ‬
                                     ‫ﭤﻲ اﻫﺎ ‪ Condensed‬ﻣﭡﻲ ﮐﻴﺮ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﺎش ﺟﻬﮍي ﻣﭡﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ، ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺎري ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ. ﻫﻲ ان ۾ ﮐﻨﮉ ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﺑﺪران ﮐﻨﮉ ﺟﻮ ﻛﻴﻮب‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻗﻨﺪ ﺳﮇﻳﻦ وات ۾ ﺟﻬﻠﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ڍڪ ڍڪ ﭜﺮﻳﻦ. ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﻮب ﮐﻲ وات ۾ اﻫﮍي ﻃﺮح‬
‫ﺳﺎن ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن رﮐﻦ ﺟﻴﺌﻦ ان ﻣﺎن ﺿﺮورت ﻣﻄﺎﺑﻖ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ڍڪ ﺳﺎن ﻣﭡﺎڻ ﮘﺮي. ﻳﻮرپ ۾ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﺟﻴﻜﻲ‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﻫﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﺌﻨﭩﻴﻦ ۾، ﺗﻮڙي ﺳﻨﺪن ﭔﺎر ﮔﻬﺮن ۾ اﻫﮍي ﻃﺮح ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻴﺌﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﻛﻴﺘﺮا‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﻪ ﺳﺎل ﺳﺌﻴﮉن ۾ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮔﺠﺮاﺗﻴﻦ )اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮔﺠﺮات ﺟﻲ‬
                                                        ‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ( واﻧﮕﺮ ﻣﭡﻲ )‪ (Sweet Dish‬ﺳﺎن ﺷﺮوع ﻛﻦ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ وڏي رش ﻣﺎﻧﻲ )ﻧﺎن( ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮڻ ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪي. اﻳﺮان ۾ اﭨﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ‬
‫ﻛﻨﭩﺮول ۾ آﻫﻲ. ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺳﺮﻛﺎري ﺑﻴﻜﺮﻳﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﺳﻨﻬﺎ، ﭤﻠﻬﺎ، ڊﮔﻬﺎ،‬
‫ﮔﻮل، ﺳﺎدا، ﺗﺮن وارا ﻧﺎن ﭠﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮ ﻛﻮ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭤﻮ. ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﺗﻨﻘﻴﺪ‬
‫ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ۾ اﭨﻲ ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﻳﺎ ان ﺟﻮ اﮔﻬﻪ ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻲ ﭘﻬﭻ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﺗﻪ ﻧﭥﻮ‬
‫ﻧﻜﺮي. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﻴﻜﻮ اﺋﮕﺮﻳﻜﻠﭽﺮل ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﻧﺎج ﺟﻲ ﭘﻮک ۾ ﻛﮣﻚ آﺳﺎﻧﻲ ۽ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ‬
‫۾ ﭘﻮﮐﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ اﺗﻲ ﮀﻠﺮ ﺟﻬﮍو ﻧﺎن ﺑﻪ ﭼﺎر رﭘﻴﺎ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن واري ﺳﺎدي ﻧﺎن ﮐﺎن ڊﻳﮕﻬﻪ ۾‬
‫ﭨﻴﮣﻮ ﻧﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭔﻦ رﭘﻴﻦ ۾ آﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﺎ ﺗﺮن۽ ﮔﻴﻬﻪ ۾ ﭘﭽﺎﻳﻞ ﭤﻠﻬﺎ ﻧﺎن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ‬
‫آﻫﻲ. ﺳﻮ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ ﮐﻦ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭤﻮرن ﭘﺌﺴﻦ ۾ روزاﻧﻮ ﭘﻴﭧ ﺗﻪ ﭜﺮﺟﻲ وﭸﻲ‬
‫ﭤﻮ. ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺋﻲ ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﭨﻴﻬﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻧﺎن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي اﻧﻬﻦ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ اﮘﻴﺎن روڊ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﻛﺠﻬﻪ‬
‫وڌﻳﻚ ﭘﺌﺴﻦ ۾ وﻛﮣﻦ ﭤﺎ. ﺣﻜﻮﻣﺖ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﭥﻲ ﻛﺮي ۽ رﮐﻲ رﮐﻲ ﮀﺎﭘﺎ ﺑﻪ ﻟﮙﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮان ﻣﺎن اﻫﻮ‬
‫ﻓﺎﺋﺪو ﺿﺮور آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻣﻴﺮ آﻫﻦ ۽ اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ وﻗﺖ ﺟﻮ ﺑﭽﺎ‪ ‬ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ اﺗﺎن ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن‬
‫وﭠﻴﻮ وﭸﻦ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻏﺮﻳﺐ وﻛﮣﻨﺪڙن ﺟﻮ روزﮔﺎر ﭘﮡ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﺧﺮﻳﺪار ﮐﻲ ﭔﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺪران ﭨﻦ رﭘﻴﻦ ۾ ﺑﻪ‬
‫ﺳﺴﺘﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻧﺎن ﭠﻬﻦ ﭤﺎ. ﺳﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺟﻲ ﭔﻦ ﻳﺎ‬
‫ﭨﻦ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن وﭠﮣﺎ آﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻚ ﺑﻴﻜﺮي اﮘﻴﺎن ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻲ ﭘﻮ‪ ‬ﭔﺌﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻧﺎن ﻻ‪ ‬ﭔﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺑﻴﻜﺮي اﮘﻴﺎن ﻗﻄﺎر ۾ وﭸﻲ ﺑﻴﻬﻲ، ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺟﻦ وٽ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻧﺎن ﭤﻴﻦ‬
‫ﭤﺎ. ﻫﻮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻲ ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﻫﻚ ﻫﻨﮅ اﭼﻴﻮ وﻫﻦ ﺟﺘﺎن واﭨﻬﮍو ﺗﻮڙي‬
                                                               ‫ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻧﺎن دراﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺟﺬب ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻧﺎن ﻣﻌﻨﻲ‬
‫ﻣﺎﻧﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻴﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﺳﻨﮅي، اڙدو، ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ ۽ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻛﺘﺐ اﭼﻦ ﭤﺎ ﻫﻦ‬
‫رﻳﺖ آﻫﻦ ؛ ﻧﺎﻧﺪان ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎن ۽ ﮐﺎڌي رﮐﮡ ﺟﻮ ﭴﺎري وارو ﻛﭕﭧ، ﻧﺎن ﺧﺘﺎﺋﻲ – ﻣﭡﻮ ﺑﺴﻜﻴﭧ، ﻧﺎﻧﻮاﺋﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺎن‬
    ‫ﭠﺎﻫﮡ وارو )ﺑﻮرﭼﻲ(، ﻧﺎن ﻓﺮوش ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺎن وﻛﮣﮡ وارو وﻏﻴﺮه ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﺎن ﮐﻲ ﻧﻮن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ.‬
‫اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻣﺎرﻛﻴﭩﻮن ﺑﻪ ﭼﻴﻨﻲ ﺷﻴﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮن ﭘﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ‬
‫زاﺋﺮﻳﻦ ﻛﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن، ازﺑﻜﺴﺘﺎن، آرﻣﻴﻨﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍن‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ زوار ﻛﻦ ﭤﺎ. اڄ ﮐﺎن ﭘﻨﺞ ﮀﻬﻪ ﺳﺎل اڳ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭨﻴﭗ رﻛﺎرڊر، ﻛﺌﻠﻜﻴﻮﻟﻴﭩﺮ،‬
‫واﭼﻮن، ﮔﮇﻳﻮن ۽ ﭔﻴﺎ راﻧﺪﻳﻜﺎ ، ﭘﻴﻨﻮن ۽ ﭔﻴﻮ ﻓﺌﻨﺴﻲ اﺳﭩﻴﺸﻨﺮي ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن، اﻳﻤﺮﺟﻨﺴﻲ ﭨﺎرﭼﻮن ۽ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﭘﻴﺲ،‬
‫ﻣﻜﻲ، ﻣﺪﻳﻨﻲ، ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ، دﺑﺌﻲ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن وﭠﻲ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺟﻤﻌﻲ ۽ آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ۽ اﭸﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﮐﻮڙي ﮔﺎرڊن، ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۽ ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۾‬
‫ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن. ان ﻛﺮي ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﺘﺎن اﻳﺮان ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﺤﺪو د ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ. ﻣﺮد ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ‬
‫ﻧﭥﺎ ﻛﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺮﻗﻌﻲ ﺑﺪران اوڍڻ ﺟﻮن ﭼﺎدرون ۽ ﻣﭥﻲ ڍﻛﮡ ﻻ‪ ‬ﺣﺠﺎب ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ روﺳﺮي ﺳﮇﻳﻦ ، ﺧﺮﻳﺪ‬
‫ﻛﻦ ﭤﻴﻮن. ﺳﭡﻲ ﭼﺎدر ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻛﺎرن ﻳﺎ ﻧﺎﺳﻲ ﮔﻠﻦ واري ﻳﺎ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﮐﺎن ﻧﻮان ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن‬
                                                              ‫۾ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﭨﻦ ﮐﺎن ﮀﻬﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾.‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ رﭘﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ۵۱ ﺗﻮﻣﺎن ﻳﺎ ۰۵۱ رﻳﺎﻟﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﻮﭨﻦ ﺗﻲ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺪران رﻳﺎل ﻟﮑﻴﻞ‬
‫آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻮ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن واري ﭼﺎدر وﭠﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﻮي ﻫﺰار رﻳﺎل ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮﻧﺪا. ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻟﮏ رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ‬
‫ڏﻳﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ دﻛﺎﻧﺪار ﭼﺎدر ﺳﺎن ﮔﮇ ڏﻫﻪ ﻫﺰار رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ واﭘﺲ ﻛﻨﺪو. ﻣﭥﻲ ﮐﻲ ﻛﻮر ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬اﻳﺮاﻧﻲ‬
           ‫ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﺎ ﺣﺠﺎب ڏﻳﮃ ﻫﺰار ﮐﺎن ﭨﻦ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ( ۾ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﺎ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﭼﺎدرن ۽ ﺣﺠﺎﺑﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻲ ﺧﺎص ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻴﻜﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ ﭤﺎ اﻫﺎ زﻋﻔﺮان آﻫﻲ. اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ڊرا‪‬‬
‫ﻓﺮوٽ- ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﺴﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﺮب ۽ اﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺧﻮب ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ، ﭘﺮ‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ان ﻛﺮي ﻧﻪ ﺟﻮ اﻫﻲ ﺷﻴﻮن؛ ﭘﺴﺘﺎ، ﺑﺎدام، اﺧﺮوٽ وﻳﻨﺪي ﻛﺸﻤﺶ ۽ ﭜﮙﮍا اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ان‬
‫اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ ﭔﻪ اﮐﺮ زﻋﻔﺮان ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Saffron‬۽ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ ﻗﻴﺼﺮ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﻟﮑﮡ ﺑﻲ ﻣﺤﻞ‬
‫ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو.ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﺎن ۽ ﺑﻠﻨﺪ درﺟﻮ اﻳﺎﻣﻦ ﮐﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺟﭙﺎن، ﭼﻴﻦ، ﻛﻮرﻳﺎ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ‬
‫ﮐﺎن ﻣﺼﺮ ۽ ﻣﻮراﻛﻮ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ ۽ ﻫﺎڻ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻳﻮرپ ۽ وﻳﻨﺪي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ، زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮس‬
‫آﻫﻲ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ زﻋﻔﺮان اﻧﮉﻳﺎ، اﻳﺮان ۽ ﻣﻮراﻛﻮ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻳﻮﻧﺎن، اﭨﻠﻲ ۽ اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﭘﻮﮐﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. زﻋﻔﺮان‬
‫ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ‪ The Golden Spice‬ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. زﻋﻔﺮان ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﮐﺎڌن ۾ ۽ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ دواﺋﻦ ۾ ﻛﻢ‬
‫اﭼﻲ ﭤﻲ. ﭼﻴﻦ، ﺟﭙﺎن، اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻗﻮﻣﻦ ۾ اﻫﻮ وﻫﻢ وﻳﭡﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﺎ ﮘﻮرﻫﺎڙي ﻋﻮرت )‪(Expectant Mother‬‬
                          ‫ﮐﻴﺮ ۾ زﻋﻔﺮان ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﭤﻲ ان ﺟﻲ ﭔﺎر ﺟﻲ ﭼﻬﺮي ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﺑﻬﺘﺮ ﭤﻴﻮ ﭘﻮي.‬
‫زﻋﻔﺮان ﺳﻨﻬﮍن ﻛﮑﻦ ﺑﻠﻜﻪ ڌاﮘﻦ ﺟﻬﮍي ﮔﻴﮍو رﻧﮓ ﺟﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن وچ ۾ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. اﻫﻮ ﮔﻞ‬
‫ﺳﺌﻔﺮان ﻛﺮوﻛﺲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻧﺎﻟﻮ ‪ Crocus Sativa‬آﻫﻲ. ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾ اﻫﻮ ﺟﻤﻮن ۽ ﻛﺸﻤﻴﺮ ۾ ﭤﺌﻲ‬
‫ﭤﻮ. ﻫﺮ ﮔﻞ ﻣﺎن زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ﭨﻲ ﭼﺎر اﻧﭻ ڏﻳﮃ ﺟﺎ ڌاﮘﺎ ﻧﻜﺮن ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻜﺎﻳﺎوﭸﻦ ﭤﺎ. ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ )اﺳﭙﻴﺲ( ﺟﻲ دﻛﺎن‬
‫ﺗﺎن آﺋﻮن دوﺳﺘﻦ ﻻ‪ ‬زﻋﻔﺮان ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻨﺪو ﻫﻮس ان ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﮐﻲ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺌﻔﺮان ﻛﺮوﻛﺲ ﮔﻠﻦ ﺟﻲ ﭘﻮک ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎري. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮔﺮام )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻛﻠﻮ ﮔﺮام ﺗﻮر ﺟﻮ‬
‫ڏﻫﻮن ﺣﺼﻮ( زﻋﻔﺮان ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ﮀﻬﻪ ﻫﺰارن ﮐﺎن ﺳﺖ ﻫﺰار ﮔﻞ ﭤﺎ ﮐﭙﻦ !ان ﻛﺮي زﻋﻔﺮان دﻧﻴﺎ‬
‫ﺟﻮ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ ۾ ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻣﺼﺎﻟﺤﻮ )‪ (Spice‬ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ اﺻﻞ ڌرﺗﻲ اﻳﺮان وارو ﺧﺮاﺳﺎن‬
‫ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ذرﻳﻌﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﭸﻲ رﻫﻴﻮ‬
‫ﻫﻮس )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ۽ ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻬﮍن ﺟﺎ ﺑﻪ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ.( ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻗﺪﻣﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎن اڳ ﻣﻠﻚ آﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ‬
‫ﮘﻮٺ آﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮔﺎڏي ﺑﻴﻬﺎري ﺳﺎﺋﻠﻨﺴﺮ ﺟﻮ ﭘﺎﺋﻴﭗ وﻳﻠﮉ ﻛﺮاﻳﻮ. ﻫﻲ ﭔﻬﺮاڙي وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ‬
‫ﻫﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ وﻳﭡﻞ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﺎرﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﮔﺬر زﻋﻔﺮان ﺗﻲ آﻫﻲ. ”ﻫﺎﮢﻮﻛﻲ ﺻﺪر‬
‫ﻣﺤﻤﻮد اﺣﻤﺪ ﻧﺰاد ﮐﺎن اڳ ﮐﻴﻦ ﺳﻨﺪن ﻓﺼﻞ ﺟﺎ ﺗﻤﺎم ﭤﻮرا ﭘﺌﺴﺎ ﭤﻲ ﻣﻠﻴﺎ. وڏو ﻓﺎﺋﺪو وچ وارا دﻻل ﮐﺎﺋﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﭘﺮ‬
‫ﻫﺎڻ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺳﻨﺌﻮن ﺳﮅو زﻋﻔﺮان ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﭤﻲ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ ان ﺟﻮ وڏو اﮔﻬﻪ ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﻫﺎڻ اﺳﺎن‬
                                                                                ‫ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮش آﻫﻴﻮن.“‬
‫ﻣﻮن واري ڊراﺋﻴﻮر ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﻫﻨﻦ ﻫﺎرﻳﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻨﺪي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ‬
‫زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺗﻲ وڏي ﻣﺤﻨﺖ ﭤﻲ ﮔﻬﺮﺟﻲ. ” ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﺮﻣﺎن ۾ ﺑﻪ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار ﮐﻦ‬
‫ﻫﻴﻜﭩﺮن ﺗﻲ زﻋﻔﺮان ﺟﻮ ﻓﺼﻞ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. زﻋﻔﺮان ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ ﺳﭡﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﻳﻌﻨﻲ اوﻧﻬﺎري ۾ ﮔﺮم ۽‬
‫ﺧﺸﻚ ﺗﻪ ﺳﻴﺎري ۾ ﭤﮅ واري ﻣﻮﺳﻢ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ.“ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻻ‪ ‬ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﺳﮅو ۽ ﺑﻨﺎ‬
‫وﮢﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﮡ ﺿﺮوري ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﺞ ﺟﺎ ﻛﺮﮢﺎ ﺳﮅا ﭘﻮن. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﺎري زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ۾‬
                  ‫ﻛﻮﺑﻪ وﻻﺋﺘﻲ ﭜﺎڻ )‪ (Fertilizer‬اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﭥﺎ ﻛﻦ. ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭘﻮک ﺳﺌﻮ ﺳﻴﻜﮍو ‪Organic‬آﻫﻲ.‬
‫”زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ۽ ﻟﮣﺎﺋﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﺤﻨﺖ ﻃﻠﺐ ۽ ڏﮐﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺿﺮورت‬
‫آﻫﻲ،“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﻟﮣﺎﺋﻲ وﻗﺖ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮔﻞ ﻛﺮي ﭘﭩﺠﻲ ﭤﻮ ۽ ان ﻣﺎن ﻫﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬وارا زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ڌاﮘﺎ )‪(Stigmas‬‬
‫ﻛﮃﺟﻦ ﭤﺎ. ﻫﻲ ﻛﻢ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺳﺞ اﭜﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﮔﻠﻦ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﮐﮍڻ ﺟﻮ ﻣﺪو ﻓﻘﻂ ۵۱‬
                                                                    ‫ﮐﺎن ۰۲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ ﭤﻮ.“‬
‫ﮔﻠﻦ ﻣﺎن زﻋﻔﺮان ﺟﺎ ﻫﻲ ڌاﮘﺎ )‪ (Stigmas‬ﻛﮃڻ ﺑﻌﺪ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮀﺎﻧﻮري ۾ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ ﺳﻜﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﭙﺶ ۽‬
           ‫ﺧﺸﻚ ﻫﻮا ﻫﺠﻲ. اﻫﻲ ﭘﻨﺠﻦ ﮐﺎن ﺳﺘﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻜﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ، ان ﺑﻌﺪ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﻚ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﭡﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙﻳﻦ ۾ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﭘﻨﺠﺎب واﻧﮕﺮ )ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﻲ آدم ﺷﻤﺎري ﭘﮡ‬
‫ﺳﺌﻮ ﺳﻴﻜﮍو ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ( ﻣﺮد ﻫﺎرﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن زاﻟﻮن ۽ ڌﻳﺌﺮون ﺑﻪ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن. اﺳﺎن وٽ ﺳﻨﮅ ۾‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﭰﭩﻴﻦ ﺟﻮ ﭼﻮﻧﮉو وﻏﻴﺮه ﻫﺎرﻳﻦ ﺟﻮ زاﻟﻮن ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن اﻫﻮ ﺑﻪ ﻫﺎڻ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﺌﻲ ڏﻫﺎڙي ﺟﻲ ﺑﺎﮔﮍي ﻣﺰورن ۽‬
‫اﻧﻬﻦ ﺟﻲ زاﻟﻦ ﮐﺎن ﻛﺮاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ ۽ ﻛﺌﺒﻠﻦ ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﺎري‪‬‬
‫ﮐﺎن ﭘﺮه ﭰﭩﻲ‪ ‬ﮐﺎن اڳ اﭤﻴﻮ ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ. رات ﺟﻮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭨﻲ وي ڏﺳﻲ ﺳﻤﻬﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اک‬
‫ﮐﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﺎﮀﺎ ﻣﭥﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ. ان ﮔﻬﭧ ‪) Input‬ﻣﺤﻨﺖ( ﻛﺮي ﻓﺼﻞ ﺟﻲ ‪ Output‬۽ ﻛﻤﺎﺋﻲ ۾ ﻛﺎﻓﻲ‬
‫ﮐﻮٽ اﭼﻲ ﭤﻲ. ‪ T.V‬وﻏﻴﺮه ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان، ۽ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﭘﮡ آﻫﻲ، ﭘﺮ اﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﺎري ۽ ﮘﻮﭠﺎﮢﻮ اڄ ﺑﻪ‬
                                                                         ‫ﺳﻮﻳﺮ ﺳﻤﻬﻲ ﭤﻮ ﺳﻮﻳﺮ اﭤﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺑﺎرﺳﻠﻮﻧﺎ )اﺳﭙﻴﻦ( ﺟﻲ ﻣﭥﺌﻴﻦ دﻛﺎﻧﺪار ۽ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺟﻲ ان زﻣﻴﻨﺪار ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ‬
                                                ‫اﺳﭙﻴﻦ ۾ ﻋﺮب ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﻦ ۱۶۹ع ڌاري ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ.‬
‫اﻫﮍي ﻃﺮح دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﭘﮡ زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﭘﻮک ﻋﺎم ﭤﻲ. اﭴﻜﻠﻬﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺌﻠﻴﻔﻮرﻧﻴﺎ رﻳﺎﺳﺖ‬
‫۾ زﻋﻔﺮان ﭘﻮﮐﮡ ﺟﻮ ﺗﺠﺮﺑﻮ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ ڌرﺗﻲ )‪ (Soil‬۽ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ‬
‫رﻧﮓ ۽ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬ﺳﺎن زﻋﻔﺮان ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺑﻨﻴﺎدي ﻃﺮح ﻣﻌﻴﺎر ﻃﻮر ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ زﻋﻔﺮان ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎن )اﻳﺮان( ﺟﻲ‬
                                                                         ‫زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ﺋﻲ ﭜﻴﭩﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
‫اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ زﻋﻔﺮان ﻛﭙﮍا رﮜﮡ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻢ اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ۾ ‪ Crocin‬ﻧﺎﻟﻲ ﻛﻴﻤﻴﻜﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ رﻧﮓ‬
‫ﺟﻲ ﻛﻢ ﭤﻮ اﭼﻲ. ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ۾، ﺧﺎص ﻛﭙﮍا زﻋﻔﺮان ﺳﺎن رﮜﻴﺎ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﮔﻮﺗﻢ ﭔﮅ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻦ‬
                                              ‫ﺟﻲ ﭔﺎون ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻛﭙﮍن ﺟﻮ زﻋﻔﺮاﻧﻲ )ﮔﻴﮍو( رﻧﮓ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ.‬
‫زﻋﻔﺮان ﻣﺼﺎﻟﻲ ﺗﻮڙي رﻧﮓ ۽ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬ﻃﻮر ﻗﺪﻳﻢ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ. ﻛﻠﻮﭘﻴﭩﺮا ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭘﮍﻫﮡ وارن ﮐﻲ‬
‫ﺧﺒﺮ ﻫﻮﻧﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬زﻋﻔﺮان ﻣﻠﻴﻞ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﺐ ۾ وﻫﺠﻨﺪي ﻫﺌﻲ. ﻣﺼﺮ ﺟﺎ ﺣﻜﻴﻢ ﺑﺎدي، ﻗﺒﻀﻲ ۽ دﺳﺘﻦ ﺟﻬﮍﻳﻦ‬
‫ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﻋﻼج زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﻳﻮﻧﺎن ﺟﺎ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻲ ﻣﺤﻞ ؛ ﻛﻮرﭨﻮن، ﭤﻴﭩﺮ ۽ ﻧﺎچ ﺟﺎ ﻛﻤﺮا زﻋﻔﺮان ﺳﺎن‬
‫ﻣﻌﻄﺮ ﻛﻴﺎ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. اﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﺗﻪ ﺳﮑﺮ ۽ ﺳﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻴﺮو اﭨﻠﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ روم ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ روم‬
‫ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﮐﻲ زﻋﻔﺮان ﺳﺎن ڌوﺗﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ. اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﺎ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺳﻬﮣﺎ ۽ ﺳﻜﻮن وارا ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ ﻣﻴﺌﺮ ﺟﻤﺸﻴﺪ ﻧﺴﺮوﻧﺠﻲ ﻫﻮ ۽ روزاﻧﻮ ﺑﻨﺪر روڊ )ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻨﺰل ﮐﺎن ﭨﺎور ﺗﺎﺋﻴﻦ( وارو رﺳﺘﻮ ﮔﻼب ﺟﻲ‬
                                                                          ‫ﭘﺎﮢﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﮀﮣﻜﺎر ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ!‬
                                ‫اﻳﺮان ﺟﻮن اﺧﺒﺎرون ۽ ﻧﻮٽ‬

‫ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ان ﺟﻲ ﭘﺮﻧﭧ ﻣﻴﮉﻳﺎ ۽ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﺑﻪ ﭘﺌﺠﻲ ﭤﻲ. ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ڏي وﻳﻨﺪو آﻫﻴﺎن‬
‫ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺧﺒﺎر ﺳﻔﺮ دوران ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺋﻲ ﻣﻠﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺳﭡﻮ ۽‬
            ‫ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺟﻴﻜﺎ اﺧﺒﺎر ﻣﻠﻲ ﭤﻲ اﻫﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮀﭙﺠﻨﺪڙ ۽ ﭘﺎﭘﻮﻟﺮ اﺧﺒﺎر ﺋﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﺟﻬﺎز ۾ وﻫﮡ ﺳﺎن ﻫﻚ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ اﺧﺒﺎرون ﺑﻪ ورﻫﺎﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ آﺧﺮي ﺣﺼﻲ ۾ ﻫﺌﻲ‬
‫ﺳﻮ ان ڊپ ﮐﺎن ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اﺧﺒﺎرون ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﭸﻦ ﺳﻮ اﭤﻲ ﺑﻴﭡﺲ ۽ اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﮐﺎن اﺷﺎري ﺳﺎن‬
‫اﺧﺒﺎر ﮔﻬﺮڻ ﻟﮙﺲ. ﻫﻮ‪ ‬ﻣﻮن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ اﺧﺒﺎر ﺑﭽﺎﺋﻲ اﭼﻲ ﭘﻬﺘﻲ. اﺧﺒﺎرون ﺋﻲ ﻛﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﻫﻴﺲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﺎن‬
‫ﺳﻮا‪ ‬ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ان ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﻛﺌﻲ ۽ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻣﺮڪ آﻧﺪي. ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
‫ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻨﺪڙ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي اﻳﺮاﻧﻲ اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ۾ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﭥﺎ رﮐﻦ. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو‬
‫اﻫﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎﺋﻴﻨﮉ ﮐﻲ ﻋﺒﺎدت ﻻ‪ Set ‬ﻛﺮي وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ. اﺧﺒﺎر ﺗﻪ ﺑﺰﻧﻴﺲ ۽‬
‫ﻧﻮﻛﺮي ﭘﻴﺸﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﺎﻫﻪ ۽ ﺗﺠﺴﺲ ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ وﻗﺖ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ان ﻛﺌﭩﮕﺮي ﻣﺎن ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ذﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﺒﺎدت ڏي وڌﻳﻚ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ وﻗﺖ‬
‫ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ۾ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﻛﭙﮍي ﮔﻨﺪي‪ ‬ﻣﺎن اﻫﮍا ﺑﻪ ﻏﺮﻳﺐ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن‬
‫ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﺲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺳﺎﻟﻦ‬
‫ﮐﺎن رﭘﻴﻮ رﭘﻴﻮ ﺟﻮڙي ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻲ ﺧﻮاب ﺟﻲ ﺳﺎﭜﻴﺎن ﻣﺎﮢﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺘﺎ آﻫﻦ. اﻓﺴﻮس ﺟﻮ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذﻫﻦ ۽ ﻣﺎﺋﻴﻨﮉ‬
‫ﮐﻲ ان ﻗﺎﻟﺐ ۾ وﺟﻬﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﺎ ‪ Feeling‬ﻣﺤﺴﻮس ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺣﺞ ﻳﺎ ﻋﻤﺮي وﻳﻨﺪي ﭤﻲ‬
‫ﻫﺌﻲ. ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻣﻮن ﻫﻲ ﺳﻔﺮ اﻳﺮان ۾ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻪ ﭘﺮ ادﺑﻲ، ﺳﻴﺎﺳﻲ، ﻣﻌﺎﺷﺮﺗﻲ ۽ ﺳﻮﺷﻞ‬
‫ﺟﺎﻳﻮن ﺟﮙﻬﻴﻮن ، ﭘﺎرڪ ﭤﻴﭩﺮ ۽ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﺟﻲ ارادي ﺳﺎن ﺷﺮوع ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ‬
‫آﺋﻮن ﻫﻚ ﻋﺪد ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮن ﻫﻦ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﭘﮡ ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺎن. ﺳﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن دل ۾ رﮐﻲ ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح‬
‫ﻋﺒﺎدت ﺟﻮ ڍوﻧﮓ ﻛﺮﻳﺎن، ﭘﺎڻ ﺳﺎن ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﺎن دوﮐﻮ ۽ ﻛﻮڙ ﭤﻴﻨﺪو. ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮔﺮوپ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ اﻣﺎم‬
‫زادي ﻣﺤﺮوق ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺳﻤﻮرو وﻗﺖ ﻋﺒﺎدت ۾ ﻣﺸﻐﻮل ﻫﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن اﺗﺎن ﺟﻠﺪي ﻧﻜﺮي ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ﺟﻲ ﻣﺰار‬
‫ﺗﻲ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮس. ﻓﺮﻳﺪ اﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻲ آﺳﺘﺎن ﺗﻲ ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮس. ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ڏﺳﮡ ۽‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزن ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ۾ وڌﻳﻚ رﻫﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ‬
                                                              ‫اﻳﺮان ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﺮي ورﺗﻢ.‬
‫اﺧﺒﺎر ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻠﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ”ﻛﻴﻬﺎن“ ﻧﺎﻟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻫﺌﻲ. اﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﭤﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﺎ‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﻧﻪ ﮀﭙﻨﺪي ﻫﺠﻲ. آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﺎن اﭤﻲ ﭘﭡﻴﺎن وﻳﺲ ﺟﺘﻲ اﺧﺒﺎر ڏﻳﮡ واري ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻧﻨﮃڙي‬
                                               ‫ﭘﺌﻨﭩﺮي )ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻛﭽﻦ( ۾ ﺳﺎﻣﺎن ‪ Set‬ﻛﺮي رﻫﻲ ﻫﺌﻲ.‬
                                                                  ‫” اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﻫﻮﻧﺪي؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.‬
                                                    ‫” ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻠﻲ وﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﭤﻲ اﭼﺎن.“ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ.‬
‫ﺟﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﭨﻴﻚ آف ﻛﺮي ﻣﭥﻲ وﭸﻲ ﺳﻨﻮت ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﻴﻠﭧ ﭔﮅڻ واري ﺑﺘﻲ وﺳﺎﻣﻲ وﻳﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ‪‬‬
‫ﻫﻮﺳﭩﺲ اﮘﻴﺎن وﭸﻲ ﭘﺎﺋﻠﭧ ﮐﺎن ﻳﺎ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﻼس ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﺎن ﻫﻚ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر وﭠﻲ آﺋﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ‬
‫ﻛﺌﻲ. اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﭘﻨﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ﻧﻜﺮﻧﺪڙ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﺧﺒﺎرن واري ﻫﺌﻲ، ﮀﭙﺎﺋﻲ ﻋﺒﺮت ۽ ﺳﻨﮅو‪ ‬ﺟﻬﮍي ﻫﺌﻲ.‬
‫ﻓﻮﭨﻮ ﺑﻪ ﭘﺮاﮢﻲ ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ وارا ﺗﻪ ﮀﭙﺎﺋﻲ ﺑﻪ اﻫﮍي ﻣﺲ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﻫﭥﻦ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﻲ. اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ‪Tehran Times‬‬
‫ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮ ‪ ۱۹۷۹Since‬ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ اﺧﺒﺎر ﮐﻲ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ ﭨﻴﻬﺎرو ﺳﺎل ﭤﻴﺎل آﻫﻦ. ۶۱ ﺻﻔﺤﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ اﺧﺒﺎر ﺟﺎ‬
‫ﻓﻮﻧﭧ اﻳﮇا ﮀﮉا ﻫﺌﺎ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﺧﺒﺎر ۾ اﻫﻮ ﺳﻤﻮرو ﻣﻮاد ﭼﺌﻦ ﺻﻔﺤﻦ ۾ ﺳﻤﺎﺋﺠﻲ وﭸﻲ. ﺧﺒﺮن، ﺟﺮﻧﻠﺰم‬
‫۽ ﻣﻀﻤﻮن ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﻛﻮ اﻳﮇو دم ﻧﻪ ﻫﻮ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ دور ۾ اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﮍﻫﮡ ﺳﺎن‬
‫ﻛﻮ ﻓﺮق ﻧﻪ ﭤﻮ ﭘﻮي. ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﻳﻤﺮﺟﻨﺴﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺧﺎﻧﮕﻲ ﭼﺌﻨﻞ ﺑﻨﺪ ﻛﻴﺎ‬
‫ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭨﻲ وي ﮐﻮﻟﮡ ﮀﮇي ڏﻧﻲ. ﺟﺮﻧﻠﺰم ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ۾ ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬ﮐﻲ ﭔﻮﺳﭧ ﺿﺮور ﻣﺤﺴﻮس‬
‫ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﺎﻳﺪ ان ﺟﻮ ﻋﺎدي ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ رﻳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﺟﻮ رواج ﻧﻪ اﻳﻨﺪو ﻳﺎ‬
‫ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﺋﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ واﻗﻌﻲ ﻓﻜﺮ ۽ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺠﮡ ﺑﻪ ﮀﻮ ﮐﭙﻲ. ﻣﻠﻚ‬
‫ﺟﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ اﭨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻲ، ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﻣﻔﺖ ﺑﺮاﺑﺮ، ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ‬
‫اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﺌﻲ ﻣﻠﻲ، ﻫﺮ ﻫﻚ ﻧﻮﻛﺮي ۽ روزﮔﺎر ﮐﻲ ﻟﮙﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ، ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ اﻧﺼﺎف آﻫﻲ. اﻳﺘﺮو ﺳﮏ‬
‫۽ ﻻ ۽ آرڊر ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺗﻮڙي ﻳﻮرپ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ! اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۰۰۰۲ رﻳﺎل ﭘﮍﻫﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ‬
‫اﻳﮇي ﮔﻬﮣﻲ ﻗﻴﻤﺖ ! اﻫﮍي ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ اﺧﺒﺎر ﻛﻴﺮ وﭠﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪو. ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻜﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ‬
‫اﻫﻮ اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ۽ ﭘﻮﻟﻨﮉ واﻧﮕﺮ آﻫﻲ. ۰۰۰۲ رﻳﺎل ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻦ ۽ ﻫﻚ رﭘﺌﻲ ۾ ﭘﻨﮅرﻫﻦ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ان اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۳۱ رﭘﻴﺎ ﭤﻲ. ﭘﺮ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﻻ‪ ۱۳ ‬رﭘﻴﺎ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ آﻫﻦ . اﻳﺘﺮن ﭘﺌﺴﻦ ۾‬
                                                                    ‫ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ آﭼﺮ ﺟﻲ ڊان اﺧﺒﺎر ﭤﻲ ﻣﻠﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻫﮍي اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﮡ ﻻ‪ ‬ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻦ. ﻫﻚ ﺧﺒﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﻣﻨﻬﻦ‬
‫ﺟﻮ ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﻮ ۽ اﻫﺎ ﭘﮍﻫﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻟﻴﮑﻚ ” ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻘﺎﺋﻲ ﻣﻜﺎن“ ﮐﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ‬
‫ﺳﻔﻴﺮ ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﻤﻐﻪ اﻣﺘﻴﺎز ڏﻧﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻔﻜﺮ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺗﻲ ۴۲ ﺑﺎﺑﻦ ﺗﻲ‬
‫ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻛﺘﺎب ‪ The Retrospective of the thoughts & works of Iqbal‬ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻗﺒﺎل ﺟﻲ ۰۳۱ ﻫﻴﻦ ﻳﻮم وﻻدت ﺟﻲ‬
‫ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺎﻧﻔﺮﻧﺲ ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ ان ۾ ﺑﻘﺎﺋﻲ ﺻﺎﺣﺐ‬
                                                               ‫ڊاﻛﭩﺮ اﻗﺒﺎل ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﺗﻲ ﻣﻘﺎﻟﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪو.‬
‫اﻳﮉﻳﭩﻮرﻳﻞ واري ﺻﻔﺤﻲ ﺗﻲ ﺟﻨﺮل ﻣﺸﺮف ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺗﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﻧﺠﻢ ﺳﻴﭡﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ‬
‫وڏو ﺗﻨﻘﻴﺪي ﻣﻀﻤﻮن ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﺧﺒﺎر ۾ ﮀﭙﻴﻮ ﻫﻮ، ﺟﺘﺎن ﺗﻬﺮان ﭨﺎﺋﻴﻤﺲ‬
‫وارن ﮐﮣﻲ ﻫﺘﻲ ﮀﺎﭘﻴﻮ آﻫﻲ. ﻧﺠﻢ ﺳﻴﭡﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻧﮕﺮﻳﺰي اﺧﺒﺎر ﺟﻮ اﻳﮉﻳﭩﺮ ۽ ﻣﻔﻜﺮ ۽ دﻟﻴﺮ ﺻﺤﺎﻓﻲ‬
‫آﻫﻲ. ﺳﭻ ﺟﻲ ﺻﺤﺎﻓﺖ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺟﻴﻞ ﺑﻪ ﭜﻮﮘﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ ﻣﻠﻜﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ ۽‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﺗﻨﻘﻴﺪ ﮀﭙﺠﻲ ﭤﻲ ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ. ﻣﻮن ﮐﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﮢﻮ ﻟﻄﻴﻔﻮ ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ روﺳﻲ ﻫﻤﺮاه‬
‫ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ڏس اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﮇي آزادي آﻫﻲ. ” اﺳﺎن ﭼﺎﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭼﻮواﭨﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺻﺪر‬
                                                                     ‫ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮ ن ﭤﺎ.“‬
‫” ان ۾ ﻛﻬﮍي وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ، “ روﺳﻲ‪ ‬ﭼﻴﻮ، ” اﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﺎﺳﻜﻮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﻬﻲ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺻﺪر‬
                                                                    ‫ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ.“‬
‫ﺳﻮ ﭤﻮري دﻳﺮ اڳ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻮﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪس ﺗﻪ ”اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻲ‬
‫ﻛﺎ آزادي ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻧﻪ ﭘﺮ ﭘﺮﻳﺲ ﺟﻲ آزادي آﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻲ اﺧﺒﺎر ﻣﺸﺮف )ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺻﺪر( ﺧﻼف ﺑﻪ ﻣﻀﻤﻮن ڏﺋﻲ‬
‫ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ.“.......... ﺗﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻫﻮ روﺳﻲ وارو ﺋﻲ ﺟﻮاب ڏﺋﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن اﺧﺒﺎر ۾ ﺑﻪ ﻣﺸﺮف ﺧﻼف اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﭼﺮﭼﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻏﻠﻂ ﻛﺎرﻳﻦ ﺟﺎ ﻣﻀﻤﻮن‬
‫ﭘﮍﻫﻲ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﮀﺎ راﻳﻮ ﭘﺌﺪا ﻛﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ﮀﺎ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ اﺧﻼق ﮀﺎ‬
‫آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺳﮅرﻳﻞ ﻫﻮﻧﺪي ﻛﻬﮍي ﮐﮇ ۾ وﭸﻲ ﻛﺮﻳﺎ آﻫﻴﻮن ۽ اﻳﺮان، ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ، ﻛﻮرﻳﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ‬
‫ﻛﻴﮇي ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي وﻳﺎ آﻫﻦ. ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺣﻖ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ‪) ‬ﻣﺴﺘﺎن ﻋﻠﻲ ﻧﺎﻟﻲ (ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ‬
‫اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﻌﺎرف ﻛﺮاﺋﮡ ﻣﻬﻞ ﻛﻨﮅ ﻫﻴﭟ ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮن ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﺎﺷﻨﺪو اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ‬
                                                    ‫اﻳﺮان ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻲ ﻓﺨﺮ ﮐﺎن ﮘﺎﭨﺎ ﻣﭥﺎﻫﻮن ﭤﻮ ﻛﺮي.‬
‫اﺧﺒﺎر ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭩﻦ ﺟﺎ اﺷﺘﻬﺎر ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺳﺎن آﻫﻲ. وﻳﻨﺪي وﻻﺋﺘﻲ ﺳﺎﻓﭧ‬
‫ڊرﻧﻜﺲ ۽ آﺋﻴﺲ ﻛﺮﻳﻤﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻮ . دل ۾ ﻣﻮن ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ آﺧﺮ اﻳﺮان ﺑﻪ ﺗﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻫﻚ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ۽‬
‫ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ اﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ آﻫﻲ. اﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻪ ﻫﻲ وﻻﺋﺘﻲ ﺷﻴﻮن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ.‬
‫اﺳﺎن وٽ ﻛﺎﺑﻪ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻪ ﭜﭷ ڍاﻫﻪ ﻣﺌﻜﮉو ﻧﺎﻟﮉ، ‪ KFC‬ﻳﺎ ﭨﻴﻠﻴﻨﻮر ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﭤﻴﻨﺪي. ﻛﻴﺮ ﺑﻪ اﻫﻮ ﻧﻪ‬
‫ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو ﺗﻪ اﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﭜﺎﺋﺮن ﺟﺎ ﺋﻲ دﻛﺎن آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺋﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻨﺪو. ﻛﺌﺴﭩﻦ ﺟﻲ دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ‬
‫ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﻠﻢ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﺌﺴﭩﻦ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. روﻛﭥﺎم ﻻ‪ ‬ﮀﺎ ﺑﻢ ﭰﺎڙي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرڻ ۽ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ ۽ ﭘﺒﻠﻚ ﭘﺮاﭘﺮﭨﻲ ﺳﺎڙڻ ﺿﺮوري‬
‫آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺧﺒﺎر ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﺰا ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺰا ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ۾ ڏﻧﻞ اﺷﺘﻬﺎر ﭘﮍﻫﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﭙﻦ‬
                                                                                        ‫ﺗﻲ ﻣﺮڪ اﭼﻲ وﺋﻲ؛‬
‫...............‪Our Pizza Sauce is made with Italian herbs and our dough is classic of Naples‬‬
‫اﺧﺒﺎر ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﻮ. ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ آﻓﻴﺴﻦ ۽ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭩﻦ ﺟﻲ اﺷﺘﻬﺎرن ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﻮاڙ ﻳﺎ‬
‫وﻛﺮي ﺟﻮ اﮔﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ ﺑﺪران آﻣﺮﻳﻜﻲ ڊاﻟﺮن ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ. ﻫﺎڻ ﭤﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ ﻧﻨﮃو اﻧﮓ ﻛﺮڻ‬
‫ﺧﺎﻃﺮ. ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻚ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻫﻚ ﻟﮏ ڊاﻟﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ ۾ ۰۰۰۰۰۵۱۹ رﻳﺎل ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ‬
‫آﻣﺮﻳﻜﻲ ڊاﻟﺮ ۾ ﻟﮗ ﭜﮗ ﻫﻚ ﻫﺰار رﻳﺎل آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺮﻧﺴﻲ واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻖ ۾‬
‫ﻣﺎﺋﻴﻨﺲ ﻟﮙﻲ ﺟﻮ ﻫﻴﺘﺮا ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻣﻮن ﻻ‪ ‬ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو آﻫﻲ. ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ﻛﻮپ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﻮﭼﮣﻮ ﭘﻮي‬
                                                                                   ‫ﭤﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ڏﺟﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻠﻚ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺌﺴﻮ ﻧﻮﭨﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ان ﺑﺪران ﭔﻴﻮ ﭼﺌﺠﻲ ﭤﻮ. ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﺟﻲ ‪ Value‬ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ آﻫﻲ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﻮﭨﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﻳﺎل آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻮﺑﻪ دﻛﺎﻧﺪار ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ رﻳﺎﻟﻦ ۾ اﮔﻬﻪ ﻧﻪ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ‬
‫ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ۾ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو. ۽ ﺟﻲ ﻓﻘﻂ اﮔﻬﻪ ﺟﻮ اﻧﮓ ﭤﻮ ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻄﻠﺐ‬
‫ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺳﺎن اﻫﻲ ۽ ﻧﻪ رﻳﺎﻟﻦ ﺳﺎن. ﻫﻚ ﺗﻮﻣﺎن ۾ ڏﻫﻪ رﻳﺎل آﻫﻦ. ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺷﻲ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار‬
‫رﻳﺎل ﺟﻮ ﻧﻮٽ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو. ﻫﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻧﻮٽ ﺗﻪ رﭘﻴﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻲ ﺟﻮ اﮔﻬﻪ ﭘﺌﺴﻦ ۾ ﭔﮅاﻳﻮ‬
‫وﭸﻲ ﻫﺎ. ﺻﻮف ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻠﻮ؟ ۽ دﻛﺎﻧﺪار ﭨﻴﻬﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺪران ﭨﻲ ﻫﺰار ﭘﺌﺴﺎ ﭼﻮي. اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﺮ اﮔﻬﻪ‬
‫۰۰۱ ﺳﺎن وﻧﮉ ﻛﺮي رﭘﻴﺎ ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮﻧﺪا. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ اﮔﻬﻪ ﮐﻲ ۰۱ ﺳﺎن ﺿﺮب ڏﺋﻲ رﻳﺎل ڏﻳﮣﺎ ﭘﻮن ﭤﺎ. ۽ اﻫﺎ ﺑﻪ‬
‫ﭘﻚ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﺮ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ڌﻳﺎن ۾ رﮐﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﺗﻮﻫﺎن وري ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﻨﺪا رﻫﻨﺪاﺋﻮ. ان ﻻ‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ‬
‫ﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ۾ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺑﺎزار ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺟﻲ ﺳﻢ ﺗﺎن‬
‫‪ Cd‬ﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺮاﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ان دﻛﺎن ۾ آﻳﻞ ﻓﻘﻴﺮ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻤﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ۰۰۵ رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻛﮍڪ ﻧﻮٽ‬
‫ﻛﮃي ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﺗﻲ رﮐﻴﻮ. ﻓﻘﻴﺮ ﻧﻮٽ وﭠﻲ رﻣﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﭔﻪ ﭔﻮل ﺑﻪ ﻧﻪ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻧﻪ وري ﻫﻦ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ داﺋﻮد ﻫﻮ ﻛﻮ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻴﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل آﺋﻮن داﺋﻮد ﺟﻲ ﺳﺨﺎوت ﻣﺎن ڏاڍو ‪ Impress‬ﭤﻴﺲ. ﭘﺮ‬
‫ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻓﻘﻴﺮ ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻴﺲ. ﺟﻨﻬﻦ وڏي دل ﻛﺮي ان ﻧﻮٽ ﮐﻲ ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻮن ﺣﺴﺎب ﻛﻴﻮ ﺗﻪ‬
‫۰۰۵ رﻳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻧﻮٽ ۰۵ ﺗﻮﻣﺎﻧﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻦ رﭘﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﺎ. اﺳﺎن وٽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻫﮍا ﻣﭥﻲ ﭰﺮﻳﻞ‬
                                                           ‫ﻓﻘﻴﺮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﺠﻴﻦ رﭘﺌﻲ ﺟﻮ ﺳﻜﻮ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ ڏﻳﻦ.‬
‫ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻟﺌﻨﮉﻧﮓ وﻗﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ دري واري ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻣﻮﻧﮑﺎن اﻫﺎ اﺧﺒﺎر ﮔﻬﺮي. ﻫﻮ ﺳﭵﻲ‬
‫واٽ ﻋﺒﺪاﻟﻜﺮﻳﻢ ﻣﺸﺘﺎق ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ” ﺻﺮف اﻳﻚ راﺳﺘﻪ“ﭘﮍﻫﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﻫﺎڻ ﮔﻬﺮ وﭸﻲ ان اﺧﺒﺎر ﮐﻲ ﭘﮍﻫﻲ.‬
‫ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻐﺪاد وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﺗﻬﺮان ۾ ﻟﻬﻲ اﺗﺎن ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ وﻳﻨﺪو. ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اڏام ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮڻ دوران اﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ آﻳﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺎص ڊرﻳﺲ‬
‫ﻣﺎن ﭘﮡ ﺳﭹﺎﺗﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻮ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻳﺎ ﻣﻤﺒﺎﺳﺎ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﺑﻮﻫﺮي رﻫﻦ ﭤﺎ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻚ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮﺳﭛ ﻛﺮﺑﻼ وﭸﻦ ﭘﻴﺎ ۽ ﻫﻮ ﭘﮡ اﺳﺎن واري ﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻴﺎ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۽‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ. ﺑﻮﻫﺮي ﻫﻚ واﭘﺎري ۽ اﻣﻦ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ‬
‫رﻫﮡ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺴﻮاڙ ﺗﻲ ﮔﻬﺮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮڻ واري اﻳﺠﻨﭧ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﮔﻬﭩﻲ ۾‬
                  ‫رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس ﺗﻪ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻫﺌﻮﻣﺎﻧﺲ؛ ”ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﮔﻬﭩﻲ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي اﻣﻦ ﭘﺴﻨﺪ ﻫﺠﻦ.“‬
                                                                    ‫” ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﺗﻮن ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﻳﺎ اﺣﻤﺪي ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻪ.“‬
‫ﻫﻦ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﻫﻮ . ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺑﻪ ﺷﺮوع ﺟﺎ ﺳﺎل ﭔﻪ ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ۽ آﻏﺎﺧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻴﺲ. ﺗﺤﺴﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ‬
‫ﺑﻮﻫﺮي ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺳﺎن ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺳﻔﺮ ﻛﻴﺎ. ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻓﺎﻃﻤﻲ ﺧﻼﻓﺖ واري دور ۾ اﻣﺎم‬
‫اﻟﻤﺴﺘﻨﺼﺮ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ ﺑﻮﻫﺮا ﭤﻲ. ﺑﻮﻫﺮن ۾ ﺟﻌﻔﺮي ﺑﻮﻫﺮا، داﺋﻮدي،‬
‫ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ، ﻋﻠﻴﺎ ۽ ﭔﻴﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮن ﺟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ. ﻫﻲ واﭘﺎر‬
‫ﺗﻮڙي ﭘﺌﺴﻲ ڏوﻛﮍ ۾ اﻣﻴﺮ آﻫﻦ. ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺧﺎص ڌﻧﮅو ﻫﺎرڊ وﻳﺌﺮ ۽ رﻧﮓ وﻛﮣﮡ ﺟﻮ آﻫﻲ. ﭼﺎﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ دﻛﺎن‬
‫ﺣﻴﺪرآﺑﺎد، ﻛﺮاﭼﻲ ، اﺣﻤﺪ آﺑﺎد، ﺑﺮودا، ۾ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر، ﻛﻮا ﻻﻟﻤﭙﻮر، ﻣﻤﺒﺎﺳﺎ ۽ ﻛﻤﭙﺎﻻ ۾. ﻫﺎڻ ﻣﮍﻳﺌﻲ ﻫﻮ ﭔﻴﻦ‬
‫ﻓﻴﻠﮉن ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺗﺤﺴﻴﻦ آﻫﻲ. ﺑﻮﻫﺮا ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ ﺟﻲ ﻫﺎﮢﻮﻛﻲ داﻋﻲ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫ﺑﺮﻫﺎن دﻳﻦ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ واري ﻃﺎﻫﺮ ﺳﻴﻒ دﻳﻦ ﺗﻌﻠﻴﻢ، وﻳﻠﻔﻴﺌﺮ، ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻻ‪ ‬ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﭘﺎڻ ۵۱۹۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۵۶۹۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺗﻮڙي آﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ وڏو ﻣﺎن ۽ ﻋﺰت ﻫﺌﻲ‬
                                             ‫ﺟﻮ ﻫﻮ ﻫﻚ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ، ﻟﻴﮑﻚ، ﺷﺎﻋﺮ، داﻋﻲ ۽ ‪ Visionary‬ﻫﻮ.‬
‫ﺑﻮﻫﺮن ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ﻗﺎﺑﻞ ڌﻳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻫﺠﮡ ﺳﺎن ﮔﮇ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ وڏي ﺣﺐ ﺳﺎن وﭸﻦ ﭤﺎ. ﺷﻞ ﻧﻪ‬
‫ﺟﻬﺎز ﺑﺼﺮي )ﻋﺮاق ﭘﻬﭽﻲ(. اﺳﺎن ﺟﻲ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺗﺤﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻟﻨﮉن ﻳﺎ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻮ اﻳﮇو ﺷﻮق ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪو‬
‫ﻫﻮ ﺟﻴﺘﺮو ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻮ. ﻋﺮاق ۾ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﻛﺮي ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﻧﺠﻒ اﭼﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت‬
                                    ‫آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻋﺮاق ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻦ ﺷﻬﺮن ۾ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻛﺮﺑﻼ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺣﻖ ۽ ﺑﺎﻃﻞ ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ﭤﻲ. ﻛﺮﺑﻼ ۰۰۱ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ ﻓﺮات ﻧﺪي ﺟﻲ‬
‫ﻛﻨﺎري ﺗﻲ آﻫﻲ. ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻴﻪ ﺳﻼم )اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﺳﮙﻮري ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻮ ڏوﻫﭩﻮ( ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ.‬
‫ﺳﻨﺪن وﻳﺠﻬﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺻﻐﺮ ۽ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﻛﺒﺮ ﺟﻮن ﻗﺒﺮون آﻫﻦ. ﭤﻮرو اﮘﻴﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺎس ﻋﻠﻤﺒﺮدار ﺟﻮ‬
‫ﺳﻮﻧﻮ ﻗﺒﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﻛﺮﺑﻼ ﮐﺎن ﻧﺠﻒ ۰۸ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ. ﻧﺠﻒ ﮐﺎن‬
‫۸ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻛﻮﻓﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﻇﺎﻟﻤﻦ ان‬
                                             ‫وﻗﺖ ﺑﻴﺪردي ﺳﺎن ﻗﺘﻞ ﻛﻴﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ.‬
                       ‫ﻫﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ............؟‬

‫اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ۽ ان ﺑﻌﺪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﺟﻮ آﺧﺮي اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﻻ‪‬‬
‫ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ. ﺳﻔﺮ ﺳﭡﻮ ﮔﺬرﻳﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﺴﻴﻦ ﺟﻬﺎز ﺑﻴﻬﻲ ۽ ڏاﻛﮡ ﻟﮙﻲ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻫﺮ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ رﻫﻲ ۽‬
‫ﺑﻴﻠﭧ ﭔﮅل ﺋﻲ رﻫﻲ. اﻫﻮ ﭔﮅي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻴﻠﭧ ﮐﻮﻟﻴﺎ ۽ ﺟﻬﺎز اﭸﺎن رن وي ﺗﻲ ڏاﻛﮡ ڏي وڌي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭤﻲ ﮐﮍا ﭤﻴﺎ. اﻳﺌﺮ ﻫﻮﺳﭩﺲ ﻫﭥﻦ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﮐﻴﻦ ﮔﻬﮣﻮﺋﻲ وﻳﻬﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﺟﻮﮘﻲ ﻧﻪ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﻣﭧ. ﻫﺮ ﻫﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭤﻴﻠﻬﺎ ﺳﻴﭩﻦ ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻴﻠﻔﻦ ﻣﺎن ﻛﮃي ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻴﭧ ڏي ﮔﭙﺎ ﮔﻴﻬﻪ ﻛﺮڻ‬
‫ﻟﮙﺎ. ” ﭠﻬﻴﻮ ! ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻓﻼﺋﻴﭧ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻦ.“ ﻣﻮن ﺳﻮﭼﻴﻮ ۽ ﺿﺮور ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ‬
‫ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﻫﻮﻧﺪو. ﮀﻮ ﺟﻮ اﻫﻲ ﻛﻢ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ. ﺟﻬﺎز ﺟﻮ دروازو ﮐﻠﻨﺪي ﮐﻠﻨﺪي ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﺗﻪ ﻟﮙﻲ وﻳﺎ‬
‫ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪن ﭔﺎر، ﺳﺎﻫﻪ ﮔﻬﭩﺠﮡ ﻛﺮي رﺋﻨﺪا ۽ رڙﻳﻮن ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ‬
‫اﻫﻮ ﻛﻠﭽﺮ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن آرام ۽ ﺻﺒﺮ ﺳﺎن ﻟﻬﮡ ﺑﺪران اﺋﻴﻦ ﻫﮡ وٺ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﭴﮡ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﺟﻲ ﺳﺐ وي‬
‫ﺟﻲ رﻳﻞ ﭤﻲ ﮀﭩﻲ. اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﺟﻠﺪ ﻟﻬﻲ ﭘﻨﺞ ﻣﻨﭧ ﺿﺮور ﺑﭽﺎﺋﻴﻨﺪا ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﺎﮘﻴﻮ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ‬
‫اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﻲ ﭼﻜﺮن ۾ ﻳﺎ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﺳﺎن ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ رﭘﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﻼڪ ﺑﺤﺚ ﭘﻴﺎ‬
                                                                                               ‫ﻛﻨﺪا.‬
‫ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﮔﻴﭧ ﮐﺎن اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﭼﮝﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﻫﻮ. آﺋﻮن آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ، ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻟﭥﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮن ۽‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ” ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻠﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ“ ﺟﻲ اڏاوت ۽ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺧﻮﺑﺼﻮرت‬
‫ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺟﻮ ﺟﺎﺋﺰو وﭠﻨﺪو ﻫﻠﻴﺲ. ﺗﺼﻮﻳﺮن ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﻧﻈﺎرا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ۾ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ اﺳﻼم‬
‫ﮐﺎن اڳ ﺟﻲ دور ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻴﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭘﮡ ﻫﻴﻮن. ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ورﺛﻮ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻨﺪو اﭼﻲ.‬
‫ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن وارن واﻧﮕﺮ ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﺎ ﻳﺎدﮔﺎر ‪ Statue‬ڊاﻫﻲ ﻧﻪ ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ. ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍي ﻣﺴﻠﻤﺎن‬
‫ﻣﻠﻚ ۾ ﺑﻪ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻨﺪن ﺟﺎ ﻣﻨﺪر ۽ دﻳﻮﺗﺎﺋﻦ ﺟﻮن ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﺗﻮڙي راﮢﻲ وﻛﭩﻮرﻳﺎ ۽ ﭘﻮرﭼﻮ ﮔﺎﻟﻲ ﭔﺎون ﺟﺎ‬
‫‪ ،Statue‬ﺗﺎرﻳﺦ ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﮐﮡ ﻻ‪ ‬اﭸﺎ ﺑﻪ ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ. اﺳﺎن وٽ ﭜﭷ ڍاﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻠﭽﺮ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ وڌي وﻳﻮ آﻫﻲ. اﻳﺘﺮي‬
‫۾ ﮀﻬﻪ ﭴﮣﺎ ﻗﺪاور ۽ ﮘﺮي ﺟﺴﻢ ﺟﺎ، ڊﮔﻬﻴﻦ ڏاڙﻫﻴﻦ ۽ ﭴﺎري‪ ‬ﺟﻲ ﭨﻮﭘﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻮن اﮘﻴﺎن ﮔﺬري وﻳﺎ. ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﻫﻲ‬
‫ﭘﮡ اﺳﺎن واري ﺟﻬﺎز ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﻚ ﭴﮣﻲ ﻣﻮن ڏي ﻧﻬﺎرﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﻼم ﻛﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ۽ ﻫﻦ ﻣﻮن ڏي‬
‫وڌي ﻫﭣ ﻣﻼﻳﻮ. اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﻫﺎل ۾ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﻗﻄﺎرون ڊﮔﻬﻴﻮن ﭤﻲ ﭼﻜﻴﻮن ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﺎڻ آﺧﺮ ۾ ﺑﻴﻬﮡ ﺑﺪران‬
‫ﺑﻬﺘﺮآﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﺮﺳﻲ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ رﻫﺠﻲ. ﭼﻮڌاري رﮐﻴﻞ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺗﻲ ﺑﻮﻫﺮا ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن‬
‫وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن. ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﻫﻲ ﮀﻬﻪ ﭴﮣﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻬﺎز ﮐﺎن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﻣﻠﻴﺎ، ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﭤﻴﻠﻬﺎ ﺟﻬﻮﻟﻴﻦ ۾ رﮐﻲ‬
‫وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ. ﭤﻴﻠﻬﻦ ۾ ﭘﻚ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﭔﻴﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻛﺘﺎب ﻫﻮﻧﺪن. ﻫﻮ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﺳﭟ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا.‬
‫رﻧﮓ ﺟﺎ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ۽ ﭘﭡﺎﮢﻦ واﻧﮕﺮ ﺑﺮف ﺟﻬﮍا اﮀﺎ ﭘﺮ ﻗﺪ ۽ ﻧﻚ ﻧﻘﺸﻲ ﻣﺎن ﻫﻮ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﻧﭥﻲ ﻟﮙﺎ. ﺳﻨﺪن ﭼﻬﺮن ﺗﻲ اﮀﻲ‬
‫ﭼﺎﭘﺌﻴﻦ ڏاڙﻫﻲ ۽ ﻧﻮر ﭤﻲ ﭔﻬﻜﻴﻮ. ﻣﻮن ﮐﻲ ﮐﻴﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ دﻓﻌﻲ ﺋﻲ ڏﺳﮡ ﺳﺎن ﺳﺎﮢﻦ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﮀﻚ ﻣﺤﺴﻮس ﭤﻲ‬
                ‫ِ‬
‫ﻫﺌﻲ. ﻛﻴﺮ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ؟ ﻣﻮن دل ﺋﻲ دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ. اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻪ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﮐﮣﻲ آﺋﻮن ﻧﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ﭘﺮ‬
‫دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ اﻳﺘﺮو ﺿﺮور ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏاڙﻫﻲ‬
‫ﻧﻨﮃي ) ڏﻳﮃ ﻧﻤﺒﺮ واري ﻣﺸﻴﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﻮارﻳﻞ( ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﮁﻮن ﻛﺠﻬﻪ وڏﻳﻮن ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻨﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﺟﻮ ن‬
‫ڏاڙﻫﻴﻮن وڏﻳﻮن آﻫﻦ ۽ ﻣﮁﻮن زﻳﺮو ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻲ ﺑﻠﻴﮉ واري ﻣﺸﻴﻦ ﺳﺎ ﻛﭩﻴﻞ آﻫﻦ. اﻳﺮاﻧﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﭨﻮﭘﻴﻦ ﺑﻨﺎ‬
‫ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻫﻮ ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﭨﻮﭘﻲ ﺑﻨﺎ ﭘﮍﻫﻦ ۽ ﻫِﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﻣﺴﺠﺪن ﺟﻲ اﻣﺎﻣﻦ واري ﭴﺎري واري ﭨﻮﭘﻲ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ”ﺣﺎﺟﻲ ﭨﻮﭘﻲ“ ﺳﮇﻳﻦ. ﺣﺞ ﺗﺎن آﻳﻞ ﻣﻠﺌﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻫﮍي ﭴﺎري‪ ‬واري ﭨﻮﭘﻲ ﭘﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪا‬
‫آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺣﺎﺟﻲ ﺳﮙﻮرا آﻫﻦ. اﻳﺮاﻧﻲ ورﻟﻲ ﻛﻮ ﭤﻠﻬﻮ ﻧﻈﺮ‬
‫اﻳﻨﺪو. ﻫﻮ ﻫﻠﮡ ﭼﻠﮡ ۾ ﺑﻪ ﺗﮑﻮ ۽ ﺳﻤﺎرٽ ﻫﻮﻧﺪو. اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ۽ اﻣﺎم ﺑﻪ ﻧﻮﻛﺮﻳﻮن ۽ ﻣﺰورﻳﻮن ﻛﻦ ۽ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ‬
‫۽ ﺳﻨﻬﺎ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭘﺮ ﻫﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ واﻧﮕﺮ ﭤﻠﻬﺎ ﻣﺘﺎرا ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻓﻘﻂ ﻧﻜﺎح‬
‫ﭘﮍﻫﺎﺋﮡ ۽ ﺷﺎدي ﺟﻲ دﻋﻮت ۾ ﭔﻮڙ ﭘﻼ‪ ‬۽ ﺣﻠﻮو ﮐﺎﺋﮡ آﻫﻲ. ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭤﻮﻟﻬﻪ ‪) Obesity‬ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎﺋﮡ‬
‫ﻛﺮي ﭘﻴﭧ ﻧﻜﺮڻ واري ( ﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺟﺴﺎﻣﺖ اﻫﮍي ﻫﺌﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻚ ﭘﭡﺎڻ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ‪ ‬ﮐﺎن، ﻫﻚ ﻛﺸﻤﻴﺮي‬
‫ﺗﺎﻣﻞ ۽ ﻣﺪراﺳﻲ ﮐﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﺟﺴﻢ ﺟﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﮘﺮي ﺟﺴﻢ ﺟﺎ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮ ﺳﻤﺎرٽ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ‬
                                                                    ‫ﻫﻠﮡ ۾ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﺑﻪ اﮘﻴﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﺎ.‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻜﻴﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻣﻮن ﻻ‪ ‬ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وچ ۾ ﻛﺮﺳﻲ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ وﻫﮡ ﺟﻲ دﻋﻮت ڏﻧﻲ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫وڌڻ ﺗﻲ ﻫﻮ اﭤﻲ ﺑﻴﻬﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﻣﻠﻴﺎ. اﻳﮇي ﻋﺰت ﻣﺎﮢﮡ ﻛﺮي آﺋﻮن ﻫﻚ ﮔﻬﮍي ﻻ‪ ‬واﺋﮍو ﺿﺮور ﭤﻲ وﻳﺲ ﭘﺮ ﭘﻮ‪‬‬
‫ﺟﻠﺪي ﺋﻲ ﺧﻴﺎل آﻳﻢ ﺗﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﺗﻪ آﻫﻲ. ﻫﻮ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ۽ ﺳﭟ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮ ﺑﻪ ﺗﻪ اﮀﻲ ڏاڙﻫﻲ ﺳﺎن ﺳﭟ ۽‬
‫ﺳﺘﺮ ورﻫﻴﻪ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻴﺎن . ﻫﻴﻨﺌﺮ آﺋﻮن ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎل اڳ واري دور ۾ ﺗﻪ ﻧﻪ آﻫﻴﺎن ﺟﮇﻫﮡ ﻫﻬﮍن اﻳﺌﺮﭘﻮرﭨﻦ‬
‫ﺗﻲ ﻛﻮ ﭘﻴﺮ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻋﻮرت ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭼﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﭧ ﻫﻲ ﺑﺌﮓ ﺗﻪ روﻟﺮ ﺗﺎن ﮐﮣﻲ ﭨﺮاﻟﻲ ۾ رﮐﻲ ڏي. ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ وڏي‬
‫ﻋﻤﺮ واري ﺟﭙﺎﻧﻲ ﻳﺎ ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺮي ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮﺳﺎﻧﺲ؛”ﺳﻮا ﺗﺎﺋﻲ ﻛﺪا ﺳﺎﺋﻲ“ ﻳﺎ ”‬
      ‫ﺑﻮﻟﻴﺢ دودوڪ ﻣﺎﭼﻲ“. )ﻣﺎﺳﻲ وﻳﻬﻪ، آﺋﻮن ﺑﻴﻬﺎن ﭤﻮ.( ﻫﻨﻦ اڙدو ۾ ﺧﻴﺮ ﻋﺎﻓﻴﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن اﻓﻐﺎﻧﻲ آﻫﻴﻮ؟‬
                                                                                                 ‫” ﻧﻪ، ﻧﻪ“‬
                                                                                     ‫”ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻴﻮ ؟“‬
                                                                                                  ‫”ﻧﻪ، ﻧﻪ“‬
‫”اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﻫﺎڻ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻳﺮن ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﻫﮍي ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻫﻮﻧﺪا ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺮﻛﻲ ﻳﺎ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن‬
                                                            ‫ﺟﻬﮍي ﺳﺎﺑﻖ روﺳﻲ رﻳﺎﺳﺖ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ.‬
‫”ﻧﻪ اﺳﻴﻦ ُاﻣﻮ درﻳﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ رﻫﻮن ﭤﺎ ۽ ﺗﻮﻫﺎن؟“ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻴﻮ. ﻣﻮن ﮐﻴﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮﺋﻲ‬
‫ﭔﮅاﺋﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ وڌ ۾ وڌ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﺎ واﻗﻒ ﻫﺠﻦ. ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ، اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﭤﻴﻨﺪا‬
    ‫ﻫﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﻣﺎن ﻫﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﻴﺎ ﻫﻮﻧﺪا، ﭘﺮ ﭔﻲ ﮔﻬﮍي‪ ‬ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وات ﻣﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻧﻜﺮي وﻳﻮ.‬
‫”ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻛﭥﻲ؟“ ﻫﻨﻦ ﭘﮁﻴﻮ. ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻛﭥﻲ ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮀﺎ ﻣﻄﻠﺐ ! ﮀﺎ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺷﻬﺮ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻦ ﻳﺎ‬
‫ﭴﺎﻣﺸﻮري ۽ ﻛﻮﭨﮍي ﮐﺎن. ﻫﻲ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﮐﺎﻧﺌﻦ ﭘﮁﺎن ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎ‪ ‬ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﻛﻬﮍي ﮘﻮٺ ۾. ۽ ﺟﻲ‬
‫ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮘﻮٺ ﻳﺎ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻬﮍي ﺧﺒﺮ. اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ وڏي‬
‫۽ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ ﺟﻲ ﭴﺎڻ آﻫﻲ؟ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮﻣﺎن ﺗﻪ آﺋﻮن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻚ ﮘﻮٺ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ‬
                                                                                             ‫آﻫﻴﺎن.‬
                                              ‫”ﻛﻬﮍو ﮘﻮٺ؟ ﻣﭩﻴﺎري، ﭨﻨﮉو آدم، ﻧﻴﻮ ﺳﻌﻴﺪ آﺑﺎد، ﺷﻬﺪاد ﭘﻮر....“‬
                                                      ‫” ﻫﺎﻻ. ﻫﺎﻻ. آﺋﻮن ﻫﺎﻟﻦ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ آﻫﻴﺎن.“ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ.‬
‫” ﻛﻬﮍو ﻫﺎﻻ؟ ﻧﺌﻮن ﻫﺎﻻ، ﭘﺮاﮢﻮ ﻫﺎﻻ؟“ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻳﻜﺪم ﺳﻮال ﻛﻴﻮ . ﻛﻤﺎل آﻫﻲ ﻫﻲ اﻣﻮدرﻳﺎﻫﻪ ﺟﺎ ازﺑﻜﺴﺘﺎﻧﻲ‬
                 ‫ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻦ ﻳﺎ ﺟﻦ. اﭼﻴﻦ ﺗﻪ اڙدو ﺑﻪ ﭘﻮري ﭘﻨﻲ ﻛﺎﻧﻪ ﭤﻲ ﭘﺮ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ اﭤﻦ.‬
‫”ﺗﻮﻫﺎن اڙدو ﻛﭥﺎن ﺳﮑﻲ ۽ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻛﻴﺌﻦ واﻗﻒ ﭤﻴﺎﺋﻮ؟ ﮀﺎ وﻫﭩﻦ ﺟﻮ ﺑﺰﻳﻨﺲ ﻛﺮﻳﻮ ﭤﺎ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن، ﺟﻮ ﻫﺮ‬
‫ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﻮﻣﺮ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ وﻫﭩﻦ ﺟﻲ وڏي ﭘﮍي ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ، ﭘﻨﺠﺎب، ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن‬
                             ‫ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻮﻳﻦ واﭘﺎري اﭠﻦ، ﻣﻴﻨﻬﻦ، ڍﮘﻴﻦ ۽ ﭔﻜﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪ و ﻓﺮوﺧﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ.‬
‫”ﻧﻪ. اﺳﺎن ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ اڳ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ،“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﻫﻴﻨﺌﺮ اﺳﺎن‬
                                   ‫ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺘﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. اﺳﺎن ﺟﻲ اﺟﺘﻤﺎع ﮐﻲ ﻫﺎﻻ ﻧﻮان ۾ اﭼﻲ ﻣﻠﮣﻮ ﻫﻮ.“‬
‫”ﻫﻴﻨﺌﺮ اﻳﺮان زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎن ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻮ ۽ ﭔﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان اﭼﻲ‬
                                                                          ‫اﻫﻮ ﺋﻲ ﭘﺮوﮔﺮام رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
‫”ﻧﻪ اﺳﻴﻦ ﻫﺎڻ ﺑﺎ‪ ‬روڊ اﺷﻚ آﺑﺎد، ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ۾ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﮘﻮٺ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ. ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ‬
                                                                               ‫زاﻫﺪان وﭸﮣﻮ آﻫﻲ.“‬
                                           ‫ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﻟﮑﻨﺪو آﻫﻴﺎن.‬
‫”ﺗﻮﻫﺎن اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ اﭼﻮ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ درﻳﺎﻫﻪ اﭼﻲ ڏﺳﻮ.“ ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ ۽ ﻣﻮن دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه وچ‬
‫اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾، ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن، ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻴﺸﻚ وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ. اﻫﻮ ۰۰۴۲‬
‫ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ۰۵۴۱ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ‪ Navigable‬۾ آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ان ۾ ﭔﻴﮍﻳﻮن، ﻻﻧﭽﻮن، ﺑﺎرﺟﻮن ۽‬
‫ﻧﻨﮃا ﺟﻬﺎز ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻨﮅو درﻳﺎﻫﻪ ۾ ﺑﻪ ﻫﻚ ﺻﺪي اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮐﺎن ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻴﻮﻳﮕﻴﺸﻦ‬
‫ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮرﭼﻮ ﮔﺎﻟﻴﻦ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻛﻴﭗ آف ﮔﮉ ﻫﻮپ ﮐﺎن ﻣﮍي، اﺋﭩﻼﻧﭩﻚ، ﻫﻨﺪي وڏو ﺳﻤﻨﮉ ﻟﺘﺎڙي‬
‫ﻋﺮﺑﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ، ﻓﻘﻂ ﻛﺮاﭼﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﻲ، ﻟﻨﮕﺮ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﺮاﻳﺎﺋﻮن ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﮘﻴﺎن ﺳﻨﮅو ﻧﺪي ذرﻳﻌﻲ‬
‫ﻣﻠﺘﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﻣﺴﻲ ﺳﭙﻲ ۽ ﭼﺎﺋﻨﮕﺎﺋﻮ ﻧﺪﻳﻦ ۾ اﻧﺪر ﮔﻬﮍي آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﻧﻴﻮ اورﻟﻴﻨﺲ‬
‫۾ ﭘﻬﭽﻮن ﭤﺎ ﻳﺎ ﭤﺎﺋﻴﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺑﺌﻨﻜﺎڪ ۾ اﭼﻲ ﻟﻨﮕﺮ ﻛﻴﺮاﻳﻮن ﭤﺎ. ﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺳﻨﮅو درﻳﺎه ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﭔﺎرن‬
‫ﺟﻲ ﮐﻴﮇڻ ﻻ‪ ‬ﻛﺮﻛﻴﭧ ﺟﻮ ﻣﻴﺪان ﭤﻲ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺑﻠﮉﻧﮓ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ وارن ﻻ‪ ‬واري ﮐﮣﮡ ﺟﻮ ﮔﺪام، ان ۾ ﻛﻨﻬﻦ‬
                                ‫زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﮀﻮﻟﻴﻦ ﺳﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ وﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﮐﻲ ﭼﻮﮢﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ؛‬
                                                             ‫دﻫﺸﺖ دم درﻳﺎﻫﻪ ۾ ﺟﺖ ﻟﮍ، ﻟﻬﺮون، ﻟﺲ، ﻟﻴﭧ‬
                                                                         ‫آﮢﻲ اوﭜﺎرن ۾ ﭘﺎﻧﮅي ﭔﻮڙي ﭔﻴﭧ‬
                                                       ‫ﺟﺖ ﭼﻜﻨﺌﻲ ﭼﻴﭧ، ات ﺳﺎﻫﮍ ﺳﻴﺮ ﻟﻨﮕﻬﻴﺎ‪ ‬ﺗﻮن ..........‬
‫ﻫﻨﻦ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ ﻣﻠﻦ ﺟﻮ ﻫﺎﻻ ﮐﺎن اﻳﻨﺪي وﻳﻨﺪي ﭴﺎم ﺷﻮرو واري ﭘﻞ ﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي، ﺳﻨﮅو درﻳﺎه ﺗﻲ ﺿﺮور ﻧﻈﺮ‬
‫ﭘﻴﺌﻲ ﻫﻮﻧﺪي، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن اڄ ﻛﻠﻬﻪ ڌوڙ ﭘﻴﺌﻲ اڏاﻣﻲ- ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ﺟﻮ درﻳﺎﻫﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮔﻬﻤﮡ ﻻ‪‬‬
                                                                           ‫دﻋﻮت ڏﻳﺌﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ......‬
‫”ﺗﻮﻫﺎن اﻣﻮدرﻳﺎه ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅو ﺗﻪ ﺿﺮور ﻫﻮﻧﺪو؟“ ﮔﻬﮣﻲ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﺎﻣﻮش ۽ ذﻫﻨﻲ ﻃﺮح ﻏﺎﺋﺐ ڏﺳﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﺠﺎڳ‬
                                                                             ‫ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ.‬
‫”ﺟﻲ ﻫﺎ. ﺟﻲ ﻫﺎ.“ ﻣﻮن ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ، ” ﻳﻮرپ ۾ آﺋﻮن ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻚ ﻛﻮرس ﻣﻴﭧ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن‬
‫ﺟﻲ ﻛﺎﻣﺮس ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ﺟﻮ آﻓﻴﺴﺮ ﻫﻮ. ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻣﻮدرﻳﺎه وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ وڏي ۾ وڏو درﻳﺎه آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭔﻦ‬
‫درﻳﺎﻫﻦ وﺧﺶ ۽ ﭘﻨﺞ ﺟﻲ ﮘﺎﻧﮃاﭘﻲ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﻨﮅو درﻳﺎه راوي، ﭼﻨﺎب، ﺟﻬﻠﻢ، ﺳﺘﻠﺞ وﻏﻴﺮه‬
‫ﺟﻲ ﻣﻴﻼپ ﺳﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻣﻮدرﻳﺎه ﮐﻲ ﺟﻴﺤﻮن ﻧﺪي ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﺎ اﻧﻬﻦ‬
                                ‫ﭼﺌﻦ ﻧﺪﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺟﻨﺖ ﻣﺎن ﻫﻦ ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺗﻲ ﻟﭥﻴﻮن.“‬
‫”اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺴﻴﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻧﺪي‪ ‬ﮐﻲ ان ﻧﺎﻟﻲ، ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻴﺤﻮن ﺳﮇﻳﻮ آﻫﻲ. ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻦ ﻛﺘﺎﺑﻦ ۾ ﻫﻦ ﻧﺪي ﺟﻮ‬
                                                                          ‫ﻧﺎﻟﻮ آﻛﺶ آﻫﻲ.“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﻧﺪي‪ ،‬ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻮدرﻳﺎه، اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۽ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ ﻓﺘﺤﻦ ۾ اﻫﻢ ﭘﺎرٽ ادا ﻛﻴﻮ.‬
‫ﻣﻮﺟﻮده دور ۾ روﺳﻴﻦ ﻫﻦ درﻳﺎه ذرﻳﻌﻲ ۽ اﮘﺘﻲ ﭘﻨﺞ ﻧﺪي ﻣﺎن اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ۽ ﻓﻮﺟﻲ آﭘﺮﻳﺸﻨﻮن ﻛﻴﻮن. اڄ‬
‫ﻛﻠﻬﻪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺟﻮ دﭔﺪﭔﻮ آﻫﻲ. ﻫﻨﻦ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻫﻦ درﻳﺎه ﺟﻲ ﻣﭥﺎن وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮي ”‬
‫ﺗﺎﺟﻚ اﻓﻐﺎن دوﺳﺘﻲ ﭘﻞ“ ﭠﺎﻫﻲ آﻫﻲ. ﻫﻲ درﻳﺎه ارل ﺳﻤﻨﮉ ۾ ﮀﻮڙ ﻛﺮي ﭤﻮ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ڍﻧﮃ ﻣﺜﺎل آﻫﻲ. اﻣﻮدرﻳﺎه ﺗﻲ‬
‫ارﻳﮕﻴﺸﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﻫﺎڻ درﻳﺎه ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ﭤﻮرو ﺋﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﭽﻲ ﭤﻮ. ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ارل ﺳﻤﻨﮉ ڏﻳﻨﻬﻮن‬
                                                                                ‫ڏﻳﻨﻬﻦ وﭸﻲ ﺳﺴﻨﺪو.‬
‫ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﻨﻲ آﻫﻦ ۽ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ‪ ‬زاﻫﺪان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ‬
‫ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ رﻫﻨﺪا. اﻳﺮان ۾ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺷﻴﻌﺎ رﻫﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻮ‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﺳﻨﻲ ﭘﮡ رﻫﻦ ﭤﺎ. زاﻫﺪان اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ. اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن ﮐﺎن زاﻫﺪان‬
‫اﻳﺘﺮو ﭘﺮي آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻧﻮري آﺑﺎد ﻳﺎ ﭠﭩﻮ ﻳﻌﻨﻲ ۰۰۱ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ زاﻫﺪان ﮐﻲ‬
‫ان ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن ﺿﺮور ﻳﺎد ﻛﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﻘﻼب ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ رﻳﮉﻳﻮ‬
‫اﺳﭩﻴﺸﻦ اﻳﺮان زاﻫﺪان ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ رﻳﮉﻳﻮ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺟﺘﺎن ﻫﺮ وﻗﺖ اﻧﮉﻳﻦ ﮔﺎﻧﻦ ﺟﻲ‬
‫ﻓﺮﻣﺎﺋﺶ ﻫﻠﻨﺪي ﻫﺌﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن واﻧﮕﺮ زاﻫﺪان ۾ ﺑﻪ ﺟﻤﻌﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ. ان ﺳﺎن ﮔﮇ‬
‫ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ‪” ‬ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﻤﺎم وڏي ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻨﺎوت ۽ ﻣﻨﺎرن ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ‬
‫آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺳﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ. زاﻫﺪان ﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﻣﻜﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ وڏي ۾ وڏي ﺳﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ.‬
‫اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﺎﺋﮡ وارﻳﻦ ﻗﻄﺎرن ۾ ﻫﺎﮢﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻛﻲ ﭤﻮرا ﻣﺎﮢﻬﻮ وﭸﻲ ﺑﭽﻴﺎ ﻫﺌﺎ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ اﮘﻮاڻ‬
‫)‪ (Guide‬ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭨﮍﻳﻞ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﮇ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﺎڻ اﭼﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﻻ‪ ‬ﻗﻄﺎر ۾ ﺑﻴﻬﻮ. ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ‬
‫ﻫﻲ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﺑﻪ اﭤﻴﺎ، آﺧﺮ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺟﻮ ‪ Entry‬ﺟﻮ ﭠﭙﻮ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﺎن ﻫﮣﺎﺋﮣﻮ‬
‫ﻫﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﭜﻠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان ڏي وﭸﻦ ﻳﺎ اﺻﻔﻬﺎن، ﺗﺒﺮﻳﺰ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ڏي، اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ‬
‫ﺳﭡﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ۽ ﭨﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﻴﺘﺮو وﻗﺖ وﮢﻲ‬
‫رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ، ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﻪ آﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺟﭙﺎن ۽ اﻧﺪﻳﺎ ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﻓﻘﻂ ﭨﻦ ﻳﺎ ﭼﺌﻦ‬
‫ﭘﺮﻳﻔﻴﻜﭽﺮن )ﺻﻮﺑﻦ( ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ . اﭤﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻮن ﻫﻨﻦ ﺗﺒﻠﻴﻐﻲ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻛﮃڻ ﻻ‪‬‬
‫ﮐﺎﻧﺌﻦ اﺟﺎزت ﮔﻬﺮي ﭘﺮ ﻫﻮ راﺿﻲ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ. ﻫﻚ ﭴﮣﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﭔﻴﻦ ﮐﻲ اﻧﻜﺎر ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻫﻦ ﺑﻪ‬
                                                                       ‫ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﺋﮡ ﺟﻮ ارادو ﻻﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ.‬
                                  ‫ﻓﺎرﺳﻲ ۽ اﺳﺎن ﺟﻮ ﭔﻮﻟﻴﻮن‬

‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﺎن اﻳﺮان اﻧﺪر داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﺟﻮ ‪ Entry‬ﭠﭙﻮ ﻟﮙﺮاﺋﮡ ۾ ﻛﺎ ﺧﺎص‬
‫دﻗﺖ ﻧﻪ ﭤﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﻗﻄﺎر ۾ آﺋﻮن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻮ ﻫﻮس ان ۾ ﻫﻚ ﮀﻮﻛﺮي‪) ‬اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ آﻓﻴﺴﺮ( ﺑﺪران ﭔﻪ ﻫﻴﻮن. ﭔﻲ‬
‫ﭨﺮﻳﻨﻨﮓ ﻫﻴﭟ ﻫﺌﻲ. ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﭴﮣﻴﻮن واري وﭨﻲ ﺗﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﮐﻲ ﻏﻮرﺳﺎن ڏﺳﻲ ﭘﺎڻ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ‬
‫ﺑﺤﺚ ﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن. ﻫﺮ ﮔﺬرﻧﺪڙ ﺳﻴﻜﻨﮉ، ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ۾ اﻫﻮ ﺧﻮف ﭤﻲ ﭘﻴﺪا ﻛﻴﻮ ﺗﻪ وﻳﺰا ﻫﺠﮡ ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
‫ﺷﺎﻳﺪ ﻫﺘﺎن ﺋﻲ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ وﭸﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن وﻳﺰاﺋﻮن ڏﺳﻲ دل ﻣﻦ ﻫﮣﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﺠﻦ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ‬
‫ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﺑﺮﺑﺎد ﻛﺮي ﻫﺎڻ ﭔﮃاﭘﻲ ۾ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۾ ﻣﭥﻲ ﭨﻴﻜﮡ ﺟﻮ ڍوﻧﮓ ﻛﺮڻ آﻳﻮ آﻫﻲ. آﺧﺮ ﻣﻮﻧﮑﺎن‬
‫رﻫﻴﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻫﻦ ذﻫﻨﻲ ﻋﺬاب ﻣﺎن ﻛﮃڻ ﻻ‪ ‬اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻲ ﮐﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي‪ ‬۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻛﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ‬
                                                                                             ‫آﻫﻲ.‬
           ‫” ﺟﻲ ﻫﺎ.“ ﻫﻦ ﺳﭡﻲ ﻟﻬﺠﻲ واري اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ واﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ؟“‬
                            ‫ﭠﻬﻴﻮ. ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ اﻳﺘﺮي. آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ.”ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ“ ﻣﻮن ﭔﮅاﻳﻮ ﻣﺎن.‬
‫”ﺟﻲ؟ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﭼﺌﺠﻮ“ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ وچ ۾ ﻟﮙﻞ ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﺳﻮراﺧﻦ وٽ ﺟﻬﻠﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ. ﻣﻮن‬
                  ‫زور ﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ورﺟﺎﻳﻮ ۽ ﻣﻮن ﮐﻴﻦ ﭘﻨﻲ ﺗﻲ اردو ۾ ﻟﮑﻲ ڏﻳﮡ ﺟﻲ آﻓﺮ ﻛﺌﻲ.‬
‫”ﻧﻪ ﺑﺲ ﻣﻬﺮﺑﺎﻧﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﺣﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ.“ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺟﻲ ﭼﺎﭔﻴﻦ ﮐﻲ دﭔﺎﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾‬
                                                                 ‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﻴﻮ.‬
‫ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ ﺳﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ ۾ ڌﻳﺎن ﺗﺎن ﻟﻬﻲ وﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﮡ ﮐﺎن وﭠﻲ اﻫﻮ ارادو ﻫﻮ ﺗﻪ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻨﻲ ﭜﻮر ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۽ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اردو ۾ ﻟﮑﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ وارن ﮐﻲ ڏﻳﻨﺪس ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﺟﻴﻜﻲ اﮐﺮ‬
‫ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ اﻟﻒ ب ۾ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻫﺠﻦ اﻫﻲ ﻟﮑﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻲ ﺑﺪران ﺟﻴﻜﻲ وﮢﻨﺎو اﻫﻲ ﻟﮑﻮ. ﮀﻮ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻟﮑﻴﻞ‬
‫‪ ALTAF‬ﻣﺎن اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﭥﻲ ﭘﻮي ﺗﻪ ﭨﻲ )‪ (T‬اﮐﺮ ﻣﺎن ﻣﻄﻠﺐ ٽ آﻫﻲ، ”ط“ آﻫﻲ ﻳﺎ ”ت“ ؟ اﮘﺌﻴﻦ دور ۾ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮن ﺗﻲ‬
‫رﮘﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻟﮑﻲ وﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ ۽ ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ اﻫﻮﺋﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ۾ ﻓﻴﮉ‬
‫ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ. ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮن ذرﻳﻌﻲ ﻫﺮ زﺑﺎن ﻟﮑﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ، ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻲ اﻟﻔﺎﺑﻴﭧ ۾‬
‫ﻧﺎﻻ ﻓﻴﮉ ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﻦ ﭤﺎ. ۽ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻟﻔﻆ اڙدو ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺗﻴﺌﻦ اڙدو‬
‫ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻟﻔﻆ اﻧﮕﺮﻳﺰي، ﻋﺮﺑﻲ ﻳﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ. اﺳﺎن ﺟﻮ اﮐﺮ ”ش“ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﻣﻠﺌﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﻧﺎﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪‬‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰ ’‪ ‘Sh‬ﻟﮑﻦ ﭤﺎ ۽ ﻣﻠﺌﻲ ’‪ ‘Sy‬ﻟﮑﻦ ﭤﺎ. ان ﻣﺎن ﻛﭥﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺤﺎق ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ‪ Ishaq‬ﮐﻲ‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰ اﺷﺎق ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻴﻮ وﭸﻦ. ”خ“ اﮐﺮ ﺟﻮ اﭼﺎر ﺟﺮﻣﻨﻲ زﺑﺎن ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ان اﭼﺎر ﺑﺪران ‪ Kh‬ﻟﮑﻦ ﭤﺎ. غ ﺑﺪران‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰ ‪ Gh‬ﭤﺎ ﻟﮑﻦ. ﻋﺮﺑﻲ زﺑﺎن ۾ گ ﺟﻮ اﭼﺎر ﻧﺎﻫﻲ. اﻫﻲ گ ﺑﺪران ق ﻟﮑﻦ. ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ آﺋﻮن اﺗﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﮘﭽﻲ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﻟﻲ وارو ﭨﺌﮓ وﺟﻬﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮس ان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻲ ۾ ﮔﻞ ﻣﺤﻤﺪ‬
                 ‫ﺑﺪران ﻗﻞ ﻣﺤﻤﺪ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ۽ ﻛﻲ ﻛﻮﻳﺘﻲ ﻋﺮب ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍو ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮐﻲ روﻣﻦ ۾ ﻟﮑﮡ ﻻ‪ ‬اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ اﮐﺮ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻧﻪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ ﭘﺎڻ اﺋﻴﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ خ ﻻ‪ Kh ‬اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﻛﻲ اﮐﺮ اﻫﮍي ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ‪Romanized‬ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ اﺳﺎن اڙدو‬
‫۽ ﺳﻨﮅي ﭘﮍﻫﮡ وارن ﮐﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﺎرو ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان وارا ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ اﮐﺮ ق ﻻ‪ Gh ‬اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻟﻔﻆ ﻗﻴﺎﻣﺖ روﻣﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻟﮑﮡ وﻗﺖ ‪ Ghiamat‬ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻳﻮرپ ۾ ﻣﻮﻧﺴﻦ ﮔﮇ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺣﺴﻴﻦ ﻗﻠﻲ زادو‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ذات ‪ Gholizadeh‬ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻮ ۽ اﺳﺎن ۽ ﭔﻴﺎ ﻳﻮرﭘﻲ ﺳﻨﺪس ﭨﺌﮓ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮍﻫﻲ ﻏﻠﻴﺰادو ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ‬
‫ﺗﻪ دل ۾ ﻛﻨﺪو ﻫﻮ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎﻻ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ دوران ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﮍﻫﮡ ۾ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻏﻠﻄﻲ‬
                     ‫ﭤﻴﻮ وﭸﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ‪ Enghlab Ave‬اﻧﻘﻼب اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ آﻫﻲ. ‪ Moghadam‬ﻣﻘﺪم آﻫﻲ. ‪ Taghi‬ﺗﻘﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮن ‪ Mineral water‬ﺟﻮن ﺑﻮﺗﻠﻮن آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ ‪ ،Ava‬ﻧﻴﺴﻠﻲ، آب ﺣﻴﺎت، وﻏﻴﺮه‬
‫وﻏﻴﺮه ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻋﻘﻴﻖ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻨﺮل واﭨﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ ﻓﺎرﺳﻲ‬
‫۾ ”ﻋﻘﻴﻖ“ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Aghiqh‬آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڌارﻳﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﻘﻴﻖ ﺑﺪران ﻋﻐﻴﻎ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﻫﮍي ﻃﺮح ﻋﺒﺪاﻟﻘﻴﻮم ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Abdul Ghayoom‬ﻳﺎ ﭠﻠﻬﻮ ‪ Abdul Gayoom‬ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﻟﺪﻳﭗ ﺟﻮ‬
‫ﺻﺪر ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻟﮑﻲ ﭤﻮ. ﺳﻮ ﻫﻨﻦ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺟﻮ ﭠﭙﻮ ﻫﮣﮡ وارﻳﻦ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Gul‬ﻟﻔﻆ ﭘﮍﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ‬
‫ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻴﻮن ﺗﻪ اﻫﻮ ﻟﻔﻆ ﺳﻨﺪن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮﺋﻲ ﮔﻞ آﻫﻲ ﻳﺎروﻣﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ‬
                                                            ‫اﻟﻔﺎﺑﻴﭧ ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺗﻲ ﻗﻞ ﻟﮑﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﮡ دوران ﺟﮇﻫﻦ دﻛﺎﻧﻦ ﻣﭥﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ ﭘﮍﻫﺎن ﭤﻮ ﻳﺎ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺑﻞ ﺑﻮرڊ‬
‫)اﺷﺘﻬﺎر( ﻳﺎ اﻃﻼع ﭘﮍﻫﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻟﻔﻈﻦ ﺗﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﻟﻔﻈﻦ ﻻ‪ ‬ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ‬
                                                                    ‫اﻫﻲ اﺻﻞ ۾ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اردو ﺟﺎ آﻫﻦ.‬
‫ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﭩﻲ ، ﺑﻬﻪ ۽ ﭘﺎﮢﻲ ﻣﻼﺋﻲ ، ﺟﻴﻜﻮ ﻟﻨﺒﺎﺋﻲ ﻻ‪ ‬ﮔﺎرو ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ان ﮐﻲ ﮔﭻ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ.‬
‫ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﮔﭻ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﭣ ﺳﺎن‬
‫رﻧﮕﻴﻦ ﺳﺮون ﭠﺎﻫﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن، ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻣﺴﺠﺪن ۽ ﻣﻘﺒﺮن ﺗﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن‬
‫ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﻳﻨﺪي ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ”ﻛﺎﺷﻲ“ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ۽ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ اﻳﺮان ﮐﺎن ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﻫﺎﻻ،‬
‫ﻧﺼﺮﭘﻮر ۽ ﻣﻠﺘﺎن ۾ آﻳﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ان ﻫﺎ‪ ‬وي ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ۽ دﻛﺎن ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
                                          ‫ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻣﻠﻚ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ؟‬
                                                                                 ‫ٰ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ دﻛﺎﻧﻦ ﻣﭥﺎن ﻟﮙﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﺑﻮرڊ ﭘﮍﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎﺋﭗ ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ ﭴﮡ ﻫﻲ‪ ‬ﻛﺎ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﻫﺠﻲ. اﻫﻲ اﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﭠﻴﭟ ﻳﺎ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ﺟﺎ آﻫﻦ، ﻫﺘﻲ اﭼﻲ‬
‫اﺣﺴﺎس ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ. ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ زﺑﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ‬
‫ﻛﮃي ﮀﮇﺟﻦ ﺗﻪ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻨﺪو ﮀﺎ؟ ﻋﺮﺑﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻲ زﺑﺎن آﻫﻲ، اﻧﮕﺮﻳﺰن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺳﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ زﺑﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮﺑﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ. اﻫﻲ ﻟﻔﻆ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﮅي‪ ‬ﺟﺎ آﻫﻦ، ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺲ، ﻻري، ڊم، ﺑﻢ، ﺑﺎﺋﻜﺎٽ، ﮔﻼس وﻏﻴﺮه، اﻫﻲ اﺻﻞ ۾‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ ﻋﺮﺑﻲ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ زﺑﺎن ۾ ﭴﮡ‬
‫ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ُاﻫﺎ ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﺎن ﭜﺮي ﭘﺌﻲ آﻫﻲ. ..... ﺧﻴﺎﺑﺎن، ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ، ﺑﻴﺎﺑﺎن، ﮔﻠﺴﺘﺎن، ﺟﻮﻫﺮ، ﮔﻠﺸﻦ، اﻗﺒﺎل،‬
‫راﻫﻪ، راﻫﻨﻤﺎ، ﻫﻤﻌﻤﺮ، ۽ ﻫﻤﻌﺼﺮ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭘﻨﺠﺎب ، ﺗﺎج ، ﺷﻜﺎر ، ﺳﺮﻛﺎر، وزﻳﺮ، زﻣﻴﻨﺪار، ﺻﻮﺑﻴﺪار، ﺳﺮﺷﺘﻴﺪار‬
‫)رﻛﺎرڊ رﮐﻨﺪڙ(، ﺷﺎﻫﻴﻦ، ﺷﺎﻣﻴﺎﻧﻮ، ﭘﻨﻴﺮ ، ﭘﺮواﻧﻮ)‪ ، (Written pass‬ﺳﺮﻣﻮ، ﺳﺮﺧﻲ )‪ ،(LipStick‬زن)ﻋﻮرت(،‬
‫زر)دوﻟﺖ( ...... وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺮي اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭘﻴﺎ ﻛﺮﻳﻮن. وﻳﻨﺪي‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻟﻔﻆ ﺗﻘﺴﻴﻢ، ﺿﺮب، ﻣﻨﻔﻲ، ﻣﺜﺒﺖ ، اﻗﻠﻴﺖ، اﻛﺜﺮﻳﺖ، درﺟﻪ ﺣﺮارت، ﺳﺮد، ﮔﺮم، ﻓﻬﺮﺳﺖ، ﻧﺮخ، ﺑﺎزار‬
         ‫)ﺑﻬﺎزار(، اﻳﺠﺎد، ﮔﺮﻓﺘﺎري، ﺷﻴﺸﻬﻪ، آﺋﻴﻨﻪ، ورزش، آزادي، زﺑﺎن، ﻣﺮغ، ﻣﻐﺰ ..... ﻫﻲ ﺳﭛ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ.‬
‫ﻛﻲ ﻛﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻲ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ آﻫﻦ، ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ‬
‫ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺻﻨﺪﻟﻲ، دﻳﻬﻪ، داروﻏﻮ، دﻣﺒﻮ، ﭼﻬﺒﻚ، ﭼﺎدر، ﭼﺎﻛﺮ )ﻧﻮﻛﺮ( وﻏﻴﺮه. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭼﺎرﭘﺎﺋﻲ )ﭼﺎر ﭘﻴﺮن‬
‫واري(، ﭨﭙﺎﺋﻲ)ﭨﻦ ﭘﻴﺮن واري(، ﮔﻠﻘﻨﺪ )ﮔﻞ+ﻗﻨﺪ( ﻣﻌﻨﻲ ﻣﭡﻮ، ﺟﺎﮔﻴﺮ )ﺟﺎ‪+‬ﮔﻴﺮ ﻣﻌﻨﻲ ‪ ،(Holding‬ﺑﺎﻟﻜﻨﻲ )ﺑﺎﻻ+ﺧﺎﻧﻪ(،‬
‫ﻛﺎرﻛﻦ )ﻛﺎر+ﻛﻨﺪن ﻣﻌﻨﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ وارو(، ﺷﺎﻣﺖ )ﺷﺎﻫﻪ+ﻣﺖ( ﻣﻌﻨﻲ ‪ Death to King‬ﺟﻴﻜﻮ وارﻧﻨﮓ اﻛﺜﺮ‬
                                       ‫ٰ‬
‫ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ۾ ڏﻧﻮ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ، ﺟﻤﻌﺪار )ﺟﻤﻊ+دار(، ﻧﺎﺧﺪا)ﻧﺎﺋﻮ+ﺧﺪا )ﻣﻌﻨﻲ ﭔﻴﮍي ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ، ﻛﻮﻫﻨﻮر )ﻛﻮﻫﻪ+ﻧﻮر(،‬
‫ﻳﻌﻨﻲ ﺟﺒﻞ ﺟﻮ ﻧﻮر، ﻫﻴﺮو، ﭘﺎﭘﻮش)ﭘﺎ‪ ‬ﻣﻌﻨﻲ ﭘﻴﺮ ۽ ﭘﻮش ﻣﻌﻨﻲ ﻛﻮر( ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻤﭙﻞ، ﺑﺰدل )ﺑﺰ ﻣﻌﻨﻲ ﭔﻜﺮي+دل( ﻣﻌﻨﻲ‬
‫ﭔﻜﺮي ﺟﻲ دل وارو ﺳﻮ ﭤﻴﻮ ﻛﻤﺰور دل، ڊﭴﮣﻮ، ﻓﺮوﺷﮕﺎﻫﻪ )دﻛﺎن(، آرﻣﮕﺎﻫﻪ)آرام ﺟﻲ ﺟﺎ‪ (‬ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻘﺒﺮو، ﻗﺒﺮ وﻏﻴﺮه‬
‫وﻏﻴﺮه. ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ ﺳﻤﻮرا ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ ﺧﺒﺮدار، ﭼﻮﻛﻴﺪار، ﻋﻤﻠﺪار، ﻳﺎ ﻣﻴﺰﺑﺎن، ﺑﻴﺎﺑﺎن، درﺑﺎن،‬
                                                        ‫ﻛﻮﭼﺒﺎن، ﻳﺎ وري ﻣﺪدﮔﺎر، ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر، ﻃﻠﺒﮕﺎر وﻏﻴﺮه.‬
‫اﺳﻜﻮل ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ اﺳﻜﻮل ﻣﺎﺳﺘﺮ روﻣﺎل ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ‬
‫ﻟﻔﻆ رو‪+‬ﻣﻠﻴﺪن ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف ﻛﺮڻ وارو. ۽ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﺎٿ روم ۾‬
‫رﮐﻴﻞ دﺳﺘﻤﺎل ﻣﺎن ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻧﻨﮃڙا ﭨﻮال ﻫﭥﻦ ﺻﺎف ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬آﻫﻦ. ﺟﻮ دﺳﺖ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ﻫﭣ، دﺳﺖ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅي، ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ، ﺳﺮاﺋﻜﻲ ۽ اڙدو زﺑﺎﻧﻦ ۾‬
‫ﺑﻪ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ دﺳﺖ ﺳﻨﺎش، دﺳﺖ ﻛﺎري، دﺳﺘﻴﺎب، وﻏﻴﺮه. ﺑﻠﻮﭼﻲ ۽ ﻣﻜﺮاﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ﺗﻪ اﭸﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﺎ‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ. اڙدو ﺳﻨﮅي ۾ ﺗﻪ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ آﺋﻴﮕﺎ ﺟﺎﺋﻴﮕﺎ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ آﻫﻦ. ﻣﻜﺮاﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺑﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ‬
                                                                              ‫اﻧﮕﻮﭘﻴﺎ ۽ ﺑﺮو وﻏﻴﺮه آﻫﻦ.‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻛﻲ ﻟﻔﻆ ﻋﺠﻴﺐ ۽ ﮐﻞ ﺟﻬﮍا ﺑﻪ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ. ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻚ رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭧ ﺷﺎپ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻣﻐﺰ،‬
‫زﺑﺎن، دل، ﻣﺮغ وﻏﻴﺮه ﻟﮑﻴﻞ ﭘﮍﻫﻲ اﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ، ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻴﺎ ﻧﺎﻻ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻚ ﻟﻔﻆ‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻮ ۽ ﺳﻮﭼﮡ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ”ﺗﺨﻢ ﻣﺮغ“ ﮀﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ اﭼﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﺨﻢ ﻣﻌﻨﻲ ﭔﺞ. ﻛﻜﮍ ﺟﻮ ﭔﺞ ﻣﻌﻨﻲ ﺑﻴﻀﻮ ! اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ دﻟﭽﺴﭗ‬
‫ﻟﻔﻆ ﻧﻮٽ ﻛﻴﺎ اﭤﻢ. آب ﻣﻴﻮه )ﻓﺮوٽ ﺟﻮس(، آب ﻣﻌﺪﻧﻲ )ﻣﻨﺮل واﭨﺮ(، ﺑﺎزار ﺑﺰرگ ﻣﺮﻛﺰي )ﺳﻴﻨﭩﺮل ﮔﺮاﻧﮉ ﺑﺎزار(‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ذﻫﻦ ۾ ﺑﺰرگ ﻟﻔﻆ ﺳﺎن دروﻳﺶ ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ، ڏاڙﻫﻲ وارو ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭜﺮي ﭤﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﺑﺰرگ ﻣﻌﻨﻲ وڏو‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﺑﺰرگ ﺑﺎزار ﻣﻌﻨﻲ وڏي ﺑﺎزار. اﻳﺮان وارا ﻛﺎوڙ ﻣﺎن آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﻲ ﺑﺰرگ ﺷﻴﻄﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر وﻳﻨﺪي‬
‫ﻫﻚ ﻋﻤﺎرت ﻣﭥﺎن وڏن اﮐﺮن ۾ ”ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن رﺿﻮي“ ﻟﮑﻴﻞ ڏﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺑﻴﻤﺎرﺳﺘﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﺑﻴﻤﺎر‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ رﻫﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﻳﻌﻨﻲ اﺳﭙﺘﺎل. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ”ﺻﻨﺪﻟﻲ ﭼﺮﺧﺪار“ ﻣﻌﻨﻲ ‪.Wheal Chair‬‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﻤﺎر ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬ﮐﻲ وﻫﺎري ﻫﻼﺋﺒﻮ آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ آﻓﻴﺴﻦ ﭔﺎﻫﺮان ﺣﻤﻞ و ﺳﻜﺖ ﺟﻬﮍا ﻟﻔﻆ ﭘﮍﻫﻲ ﺳﻮﭼﮡ‬
‫ﻟﮙﺲ ﺗﻪ آﻳﺎ اﻫﺎ ﻣﺌﭩﺮﻧﭩﻲ ﻛﻠﻨﻚ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻢ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺣﻤﻞ ﻣﻌﻨﻲ ﭘﻴﭧ آﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن وٽ ﭘﻴﭧ ﺳﺎن‬
‫ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺣﻤﻞ واري ﻋﻮرت ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺣﻤﻞ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﭘﺮ ﻣﭥﻴﻦ ﻣﻌﻨﻲ ‪Pregnancy‬‬
‫واري ان ﺳﺎن ﺻﺤﻴﺢ ﻧﭥﻲ ﺑﻴﭡﻲ. ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭨﺌﻨﻜﺮ ﺗﻲ ”ﺣﻤﻞ آب“ ڏﺳﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﻳﺲ ﺗﻪ ﺣﻤﻞ ﺟﻲ‬
                                     ‫ﺻﺤﻴﺢ ﻣﻌﻨﻲ ﮐﮣﮡ آﻫﻲ. ﺣﻤﻞ آب ﻣﻌﻨﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﮣﮡ وارو ﻳﻌﻨﻲ واﭨﺮ ﭨﺌﻨﻜﺮ.‬
‫آب ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن وٽ ﻋﺎم اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ آب ﻫﻮا، دوآب، ﭘﻨﺠﺎب وﻏﻴﺮه. ﭘﺮ‬
‫ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﺨﺖ اڃ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ آﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮀﺎ ﭤﺎ ﭼﻮن‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺮ ﻧﺌﻴﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن اڳ ﺟﻴﻜﻲ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﻟﻔﻆ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ ﺟﺎ ﻳﺎد ﻛﻨﺪو آﻫﻴﺎن اﻧﻬﻦ ۾‬
‫ﻫﻚ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭘﮡ. ﭘﺮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﻧﻬﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻻ ڌﻳﺎن ۾ ﻧﻪ اﭼﮡ ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻐﺰ ﻣﺎري ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮورت ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ. ﺑﻌﺾ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ‬
‫ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﺗﻲ ﮐﻞ آﺋﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻟﻔﻆ ﺗﻪ اﺳﺎن وٽ )ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ۾( ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺳﺎﮘﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﺎﮢﻲ ﻻ‪ ‬آب ﺟﻴﻜﻮ‬
             ‫دراﺻﻞ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آب ﻣﺎن ﺋﻲ ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﭘﻴﺸﺎب ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻴﺶ + آب ﻣﻌﻨﻲ اﮘﻴﻮن ﭘﺎﮢﻲ!‬
                          ‫ٰ‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ وڏو اﺛﺮ آﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ‬
‫ﻗﻮﻣﻲ ﺗﺮاﻧﻲ ۾ ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ۽ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮن ﺗﻮڙي ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ‬
‫ﻧﺎﻻ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ. ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﺘﻲ آﺧﺮ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ، ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن وٽ‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﭘﮡ ﻋﺎم آﻫﻦ ۽ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ. ﻫﻲ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎﺋﮡ‬
‫۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺣﻮم دوﺳﺖ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ﭔﺎرن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺪد ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾‬
‫ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﭘﮍﻫﮡ دوران ﻛﻼس ﻣﻴﭧ رﻫﻴﻮ. ﮔﮇﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﻳﺎﺳﻴﻦ ۽ ﻫﻚ ﺋﻲ وﻗﺖ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺟﻲ‬
‫ﻋﻬﺪي ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ. ﻫﻮ اﻳﺮان ۾ ﻓﺮﺧﻨﺪه ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮي ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺋﻲ ‪ Settle‬ﭤﻲ‬
‫وﻳﻮ. ۱۰۰۲ ۾ ﮐﻴﺲ ﻫﺎرٽ اﭨﺌﻚ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ‪ ‬ﺟﺪا ﭤﻲ وﻳﻮ. ﮐﻴﺲ ﭨﻲ ڌﻳﻮن ۽ ﻫﻚ ﭘﭧ ﻋﻠﻲ آﻫﻲ،‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎ‪ ‬ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﻦ ﭤﺎ. اﺳﻼم ﺟﻲ ﮔﻬﺮ واري ﻓﺮﺧﻨﺪه ۽ ﭔﺎر اڙدو ﭘﮡ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ. ﻫﻴﭟ ڏﻧﻞ‬
                                           ‫ﻧﺎﻻ ﻟﮑﺎﺋﮡ ۾ اﺳﻼم ﻣﺼﻄﻔﻲ ﺟﻲ ڌﻳﺌﻦ ﻋﺎﻟﻴﻪ ۽ ﻓﺎﺋﺰه ﻣﺪد ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.‬
                                                             ‫ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﺎﻻ ﺟﻴﻜﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﺎ آﻫﻦ؛‬
‫ﺟﻬﺎن آرا، ﺟﻬﺎن ﺑﺎﻧﻮ، ﮔﻞ اﻓﺸﺎن، ﮔﻞ اﻧﺪام )ﺳﻬﮣﻲ ﺟﺴﻢ واري(، ﮔﻠﺒﻬﺎر، ﮔﻞ ﺑﺎﻧﻮ، ﮔﻠﺒﺮگ )ﮔﻞ ﺟﻲ ﭘﺘﻲ ‪ ،(Petal‬ﮔﻠﻨﺎر،‬
‫ﮔﻠﻨﺎز، ﮔﻠﭙﺮي، دﻟﺸﺎد، ﮔﻠﺸﻦ، ﺧﺎﺗﻮن )ﻋﻮرت(، ﺧﻮرﺷﻴﺪ )ﺳﺞ(، ﻛﻮﻛﺐ)ﺗﺎرو(، درﻧﺎز)ﻗﻴﻤﺘﻲ(، ﻓﻬﻴﻤﺎ )ﭴﺎﮢﻮ(، ﻓﺮح‬
‫)ﺧﻮﺷﻲ(، ﻓﺮﻳﻦ)‪ ،(Best‬ﻓﺮزاﻧﺎ )ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ(، ﻏﺰل، ﻏﺰاﻻ، ﻏﻨﭽﺎ، ﻓﺮﻳﺎل )ﺳﻬﮣﻲ ﭘﮑﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ(، ﻳﺎﺳﻤﻴﻦ )ﻳﻜﺘﺎ(، زﻳﺒﺎ، زﻳﻨﺖ،‬
‫زرﻓﺸﺎن، ﻣﻬﻪ ﺟﺒﻴﻦ، ﻣﺎﻫﻪ ﻟﻘﺎ، ﻣﺎﻫﺮاز، ﻣﺎﻫﺮخ، ﻣﺎﻫﻨﺎز، ﻣﻬﻮش، ﻧﻐﻤﻪ، ﻧﺎدﻳﺎ )ﺧﻮاﻫﺶ(، ﻧﺎﻫﻴﺪ )ﺗﺎرو(، ﻧﺎز ﭘﺮي، ﻧﮕﺎر‬
‫)ﭘﻴﺎري(، ﻧﮕﻴﻦ، ﻧﻮﺷﻴﻦ، ﻧﻮﻳﻦ، ﭘﺮي ﻧﺎز، ﭘﺮي رو، ﭘﺮي ﭼﻬﺮه، رﻳﺤﺎﻧﺎ، رﺧﺴﺎﻧﺎ، ﺷﻴﺮﻳﻦ، ﺷﻬﻨﺎز، ﺷﻬﺮﺑﺎﻧﻮ، آﻓﺮﻳﻦ‬
‫)واﮐﺎڻ(، اﻓﺮوز )ﭼﻤﻜﻨﺪڙ(، ﻋﺎﻟﻴﻪ )‪ ،(Noble‬اﻟﻤﺎس )ﻫﻴﺮو(، اﻧﻴﺘﺎ )ﭔﻮﭨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ(، آرزو، ارﻣﻐﺎن )ﺗﺤﻔﻮ(، آرﻣﻴﺘﺎ‬
‫)ﻧﻴﻚ(،آﺗﻴﺸﻪ )ﺑﺎﻫﻪ(، ﺑﻨﻔﺸﻪ )ﮔﻞ(، اﺧﺘﺮ )ﺗﺎرو(، درﻳﻨﺎز )درﻳﺎه ﻧﺎز ‪ ،(Glory of Sea‬دل آرا )ﭘﻴﺎري(، دﻟﻜﺶ، دﻳﺒﺎ )ﺑﺮوﻛﻴﮉ(،‬
      ‫دﻳﻨﺎ )ﺣﺞ(، ﺗﻬﻤﻴﻨﺎ )ﻣﻀﺒﻮط ، رﺳﺘﻢ ﺟﻲ زال ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ(، رﺧﺴﺎﻧﻪ. )ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ‪(.Rexona‬‬
                        ‫وﻳﺰاﺋﻦ ﺟﻮن ﭠﮙﻴﻮن ۽ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ﭘﺮﻳﺸﺎﻧﻴﻮن‬

‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ واﻧﮕﺮ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﻮ ﻣﺮﺣﻠﻮ ﺑﻪ ﻣﻨﭩﻦ ۾ ﻃﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ. اﺳﺎﻧﺠﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ‬
‫ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ڏﺳﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﺟﺎﻳﻮ ﺳﺠﺎﻳﻮ ﺗﻨﮓ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﻛﺎ ﺿﺮوري ﻳﺎ ﻏﻴﺮ ﺿﺮوري ﭘﮁﺎ ﮘﺎﮀﺎ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ،‬
‫ﻧﻪ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺧﻮارﻳﻮن دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﺗﻲ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﻻ‪ ‬ﻧﺎرﻣﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﻲ ﭘﻴﺌﻲ آﻫﻲ. ان ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺳﺎن‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ڏوﻫﻪ آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﻔﺮي ﻛﺎﻏﺬات ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﮐﺎن وﻳﺰا ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻘﻠﻲ، اڻ ﭘﻮرا ﻳﺎ‬
‫ﻧﻘﺺ وارا ﻫﺠﮡ ﻛﺮي وٺ ﭘﻜﮍ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﻜﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻻ ﺑﻪ ﭔﺮن ﭤﺎ. ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ واﺳﻄﻴﺪار ﮐﺎﺗﻲ ﮐﻲ‬
‫ﭼﮍ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﭠﮗ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ۾ ﮔﻬﮍي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ‪ Expiry‬ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ‬
‫ﺟﻌﻠﻲ آﻫﻲ ﻳﺎ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻓﻮﭨﻮ ﻫﻨﻴﻮ اﭤﺲ، ﻧﺎﻟﻲ ‪ Spelling‬۾ ﻓﺮق آﻫﻲ ﻳﺎ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺻﺤﻴﺢ‬
‫ﻧﺎﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ‪ Readable‬ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﭠﮙﻴﻦ ﮐﺎن اﺳﺎن ﺟﺎ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﺮﻳﺰ ﻛﻦ ﭤﺎ، ﺟﻮ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ﻣﺸﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ، ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﺎ، ﺿﺮوري ‪ Particulars‬وﻳﻨﺪي ﻓﻨﮕﺮ ﭘﺮﻧﭩﺲ‬
‫ﻧﻮٽ ﭤﻴﻮ وﭸﻦ، ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭼﻴﻚ ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي ﺗﻪ اﻫﻮ ﺳﺎﮘﻴﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻮ ‪ enter‬ﭤﻴﻮ، اﻫﻮ‬
                                        ‫ﺋﻲ ان ڌارﺋﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ. اﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻛﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻜﺘﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﻻ‪ ‬وﻳﺰا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﺰار ﻳﺎ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﻲ ۽ ﺑﻠﮉ رﭘﻮرٽ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮡ ﺳﺎن‬
‫ﭨﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﺟﻲ وﻳﺰا ﻣﻠﻴﻮ وﭸﻲ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﺳﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﺑﻴﻤﺎري وڌڻ ﺟﻲ اﻓﻮاﻫﻦ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻮ ﻗﻮﻧﺼﻞ‬
‫ﺧﺎﻧﻮ اﻳﺮان وﻳﻨﺪڙ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﭰﭱﮍن ﺟﻮ اﻳﻜﺴﺮي ﺑﻪ ﮔﻬﺮي ﭤﻮ. ان ﻻ‪ ‬ﻫﻨﻦ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﻳﺎ ﻛﻠﻨﻚ ﻣﻘﺮر‬
‫ﻛﺮي ﮀﮇي آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻋﻴﺴﻲ ﺧﺎن ﻟﺌﺒﺎرﭨﺮﻳﺰ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮن ﻛﻠﻔﭩﻦ، ڊﻓﻴﻨﺲ، ﻧﺎﻇﻢ آﺑﺎد، ﺻﺪر ۽ ﭔﻴﻦ‬
‫ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺑﺮاﻧﭽﻮن آﻫﻦ. وﻳﺰا ۾ ﺳﻨﮕﻞ اﻧﭩﺮي ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ڊﺑﻞ ﺑﻪ. اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ‪ ‬وﭸﻦ ﭤﺎ‬
‫اﻧﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﺳﻨﮕﻞ وﻳﺰا ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم وﻳﻨﺪڙن ﻻ‪ ‬ڊﺑﻞ وﻳﺰا ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﭘﻮ‪‬‬
‫ﺑﺲ ذرﻳﻌﻲ ﻛﺮﺑﻼ )ﻋﺮاق( ۽ ﺷﺎم وﭸﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﺟﺘﺎن وري ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ اﻳﺮان اﭼﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ان ﻛﺮي اﻧﻬﻦ‬
‫ﻻ‪ ‬ڊﺑﻞ اﻧﭩﺮي ﺿﺮوري آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ ﻛﻢ ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻧﺼﻠﺮ ﺳﻴﺪ‬
‫ﻣﺠﺪد دﻳﻦ اﻓﻘﺎ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻗﻮﻧﺼﻞ ﺧﺎﻧﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭔﻬﺮاڙي ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ اڻ ﭘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﭘﻮڙﻫﺎ وﻳﭡﻞ ﻧﻈﺮ‬
‫آﻳﺎ ﺟﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ وﻳﺰا ﻻ‪ ‬ﻓﺎرم ﭜﺮﻳﻨﺪا آﻫﻦ ۽ ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ وﭠﻲ وﻳﻨﺪا آﻫﻦ. اﻓﻘﺎ وٽ ﻋﺒﺪاﻟﻬﺎدي ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻓﻴﺴﺮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ، ﺗﻨﻬﻦ ﭘﮡ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﮔﻬﺮﺑﻞ ڊاﻛﻮﻣﻴﻨﭧ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ وﻳﺰا ڏﻳﮡ ۾ دﻳﺮ ﻧﭥﺎ ﻛﺮﻳﻮن. اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ،ﺑﻠﮉ رﭘﻮرٽ،‬
‫اﻳﻜﺲ ري ۽ وﻳﺰا ﻓﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﭩﺲ ﮐﻲ ڏﻧﻲ، ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ زﻳﺎرﺗﻦ ۽ ﻣﻠﻜﻦ‬
‫ڏي وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﭨﻜﻴﭩﻮن ۽ ﮔﺮوپ ﭠﺎﻫﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺣﺞ، ﻋﻤﺮي، اﻳﺮان، ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﺘﻲ‬
‫ﻛﭥﻲ رﻫﺎﺋﺶ، ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ۽ ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ آﻓﻴﺲ اﻳﻢ اي ﺟﻨﺎح روڊ ﺗﻲ اﻣﺎم‬
‫ﺑﺎرﮔﺎﻫﻪ ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺷﻴﻌﺎ دوﺳﺘﻦ ۽ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ‬
‫ﻣﻠﺮاﻳﻮ، ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ۾ وﭸﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻲ ﻓﺎﺋﺪي ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺟﺮ ﺧﺎﻃﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮي‬
‫رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان وﭸﮡ ﻛﻮ اﻫﮍو ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ وري اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺟﻬﺪ ﭘﭩﮣﺎ ﭤﺎ ﭘﻮن‬
‫ﻳﺎ وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ﭘﺮ اﻓﺴﻮس ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﻧﻴﻚ ﻛﻢ ۾ ﺑﻪ اﭔﻮﺟﻬﻪ ۽‬
‫ﺳﺎدن ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ، ﭼﻨﺪ رﭘﻴﻦ ﺟﻲ ﻓﺎﺋﺪي ﻻ‪ ‬رﻻﺋﻴﻨﺪارﻫﻦ ﭤﺎ. ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﺌﺴﺎ وﭠﻲ ﭔﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺟﻮن ﺟﻌﻠﻲ وﻳﺰاﺋﻮن ﻫﮣﺮاﺋﻲ‬
‫ڏﻳﻦ ﭤﺎ، ﭘﻮ‪ ‬ﻏﺮﻳﺐ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﭘﺮدﻳﺲ ۾ ﻳﺎ ﺑﺎرڊر وٽ درﺑﺪر ﭤﻴﻮ وﭸﻦ. اﻫﻲ ﭠﮙﻴﻮن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺑﺎ‪ ‬روڊ اﭼﮡ وارن ﺳﺎن‬
‫ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن واري ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﻗﻢ ۾ ﭔﻪ ﺷﻴﻌﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ وڌﻫﻮ ۽ زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﻣﻠﻴﺎ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ وﭠﻲ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ﻻ‪ ‬آﻳﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﺎ‪ ‬روڊ ﻳﻌﻨﻲ‬
                                                                              ‫ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﭤﻴﻨﺪا ﭘﻬﺘﺎ آﻫﻦ.‬
‫”اﺳﺎن ﮐﺎن ﻓﻼﮢﻲ ﻫﻤﺮاه ﭘﺌﺴﺎ وﭠﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﺳﻼم آﺑﺎد ﻣﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا ﻟﮙﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ڏﻳﺎن.“ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم‬
‫ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ. اﻫﻮ ﭔﮅي اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭔﮅاﻳﺲ ”ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﺳﻼم آﺑﺎد ﻣﺎن وﻳﺰا ﻧﭥﻲ ﻟﮙﻲ، ﭔﻲ‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﭠﮗ آﻫﻲ. اﻫﻮ ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ دو ﻧﻤﺒﺮي ﻛﻢ ﻛﺮي ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺼﻴﺒﺖ ۾ وﺟﻬﻲ رﻫﻴﻮ‬
                                                                                               ‫آﻫﻲ.“‬
‫”ﺑﺲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ،“ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺷﺒﻴﺮ ﭼﻴﻮ ” اﺳﺎن ﺗﻪ ان وﻗﺖ واﺋﮍا ﭤﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن )ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن‬
‫ﺟﻲ ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ( ﮐﺎن اﻳﺮان واري ﺑﺎرڊر واري ﺷﻬﺮ ﻣﻴﺮ ﺟﺎوا ﭤﻲ رواﻧﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﭘﻮﻟﻴﺲ‬
‫اﺳﺎن ﮐﻲ اﺗﻲ ﺋﻲ وﻫﺎري ﮀﮇﻳﻮ. ﺗﻮﻫﺎن ﭘﺎڻ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻗﺎﻓﻠﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﭘﻮڙﻫﺎ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻴﻮن،‬
‫ﺟﻴﻜﻲ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﮐﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﭘﻬﺘﺎ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺳﭵﻲ رات ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﭜﮙﻞ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮي‬
                                                          ‫ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ واﭘﺲ ﭘﺌﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.“‬
‫ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ دﻋﺎﺋﻦ ﺟﻲ اﺛﺮ ﻛﺮي ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان ۾ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻛﺮي،‬
‫ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل درس ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ، اﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان اﻧﺪر ﮔﻬﮍڻ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ وﺋﻲ ﻧﻪ‬
‫ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﮀﺎ ﻋﺰت رﻫﻲ ﻫﺎ. ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭔﻮﺟﻬﻪ ﻋﻮام ﮐﻲ زﻳﺎرﺗﻮن ﻛﺮاﺋﮡ ﺟﻲ ﭼﻜﺮ ۾‬
                                                                         ‫ﺑﻴﻮﻗﻮف ﺑﮣﺎﺋﻴﻨﺪا وﺗﻦ.“‬
‫ان وﻗﺖ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻮ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ ﻫﻚ اﻳﺠﻨﭧ ﻻ‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻫﮍو ﭠﮗ آﻫﻲ ﺟﻮ‬
‫ﺳﻨﮅ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺳﻮا ﺳﻮا ﻟﮏ رﭘﻴﺎ وﭠﻲ ﮐﻴﻦ ﺣﺞ ﻛﺮاﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮان وﭠﻴﻮ‬
‫اﭼﻲ. ”ﮐﻴﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ آﮢﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻫﻲ ﻣﻜﻲ ﺷﺮﻳﻒ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻴﻮن ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻗﻢ ۽‬
‫ﺣﻀﺮت ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﺎن ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ ﮐﻴﻦ ﭼﻮﻳﻦ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻣﺴﺠﺪ ﻧﺒﻮي آﻫﻲ. ﺗﻮﺑﻪ ﺗﻮﺑﻪ! ﻛﻬﮍا ﭠﮗ ۽ ﻇﺎﻟﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫آﻫﻦ. ﻏﺮﻳﺒﻦ ﺳﺎن دوﮐﻮ ﭤﺎ ﻛﻦ ۽ ﻛﻮڙ ﭤﺎ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ. ﭴﮡ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﺌﻲ ﺟﻬﺎن ۾ ﻫﻠﮣﻮ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ. اﻫﮍن ﭠﮙﻦ ﺟﺎ ﺗﻪ‬
                                            ‫ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﮡ ﮐﭙﻦ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﺧﺒﺮدار ﭤﺌﻲ.“ ﻋﺎﺑﺪ ﭼﻴﻮ.‬
‫ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ﮐﺎن ﺗﺎﻓﺘﺎن )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﻮه ﺗﺎﻓﺘﺎن ( ۰۳۶ ﮐﻦ ﻣﻴﻞ آﻫﻲ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻧﻮﺷﻜﻲ،‬
‫اﺣﻤﺪ وال، ﭘﺎڊاگ روڊ ، دﻟﺒﻨﺪﻳﻦ، ﻳﻜﻤﭻ ۽ ﻧﻮڪ ﻛﻨﮉي ﺟﻬﮍا ﻧﻨﮃا ﮘﻮٺ اﭼﻦ ﭤﺎ. رﺳﺘﻮ اﻳﮇو ﺧﺮاب آﻫﻲ ۽ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ‬
‫ﺗﺮﺳﻨﺪي ﭔﻴﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ. ﻳﻌﻨﻲ ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ ۴۲ ﻛﻼڪ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻦ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎرڊر ﭨﭙﮡ ﺑﻌﺪ ﭨﻦ ﭼﺌﻦ‬
‫ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺷﻬﺮ ﻣﻴﺮﺟﺎوا اﭼﻲ ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ ۰۰۱ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮن ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ۽‬
‫ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ زاﻫﺪان اﭼﻲ ﭤﻮ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ رﺳﺘﺎ اﻳﮇو ﺗﻪ وﻳﻜﺮا ۽ ﭘﺮاﻣﻦ‬
‫آﻫﻦ ﺟﻮ ۰۰۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﻫﻚ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ۽ اﺳﺎن ڏي ﻧﻮڪ ﻛﻨﮉي ﮐﺎن ﻛﻮه ﻛﻮﻓﺘﺎن ﺟﻮ‬
‫۰۲۱ ﻣﻴﻞ رﺳﺘﻮ ﻃﻲ‪ ‬ﻛﺮڻ ۾ ڏﻫﻦ ﻛﻼﻛﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ وﻗﺖ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻲ. ﭘﺮ اﻫﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﺎ‪ ‬روڊ اﻳﺮان اﭼﮡ ﺳﺎن وڏو‬
‫ﺧﺮچ ﺑﭽﻴﻮ ﭘﻮي ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﭨﻜﻴﭧ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌي‬
‫ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﺑﻪ اﻳﺘﺮو ﻣﻬﺎﻧﮕﻮ ﻧﺎﻫﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾. ﻛﻲ ﺷﻴﻮن ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ‬
‫ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ. ﻛﻲ ﺷﻴﻮن اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﮐﮣﻲ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻧﻪ ﻫﺠﻦ ﭘﺮ ﺻﺎف ﺳﭥﺮﻳﻮن ۽ ﻫﺎﺋﻴﺠﻨﻚ ﺗﻪ آﻫﻦ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻮ ﭨﺌﭗ واﭨﺮ ﻳﻌﻨﻲ ﻧﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﺌﮡ ﻻﺋﻖ آﻫﻲ. ﭔﻴﻮ ﮀﺎ ﮐﭙﻲ! اﺳﺎن وٽ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ‬
‫ﺑﻴﻤﺎرﻳﻮن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ آﻟﻮدﮔﻲ ۽ ﺑﻴﻤﺎر وﻫﭧ ﮐﺎﺋﮡ ﻛﺮي آﻫﻦ. اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺗﻨﺪرﺳﺖ آﻫﻦ ۽ ﮔﻬﭧ ﮐﺎﺋﮡ ۽ ﮔﻬﮣﻲ ﭘﻨﮅ ﻛﺮي ﭜﺮ وارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﻬﺎ ۽ ﺳﻤﺎرٽ آﻫﻦ. اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ ﻛﺮﻳﮉٽ ﻧﻪ ڏﻳﮡ ﺳﺨﺖ ﺑﺨﻴﻠﭙﮣﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﻋﻮام ﺟﻲ ﺳﻮاري ﻻ‪ ‬ﺳﮏ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ‬
‫آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻬﺮ ۾ ﺗﻬﺮان ﻣﺸﻬﺪ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻗﻢ ،اﺻﻔﻬﺎن ﻳﺎ ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺷﻴﺮاز ، ﺑﺲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ واﻧﺪﻛﺎﺋﻲ وﻗﺖ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﭼﻜﺮ ﻫﮣﮡ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ اﻳﺮان ۾ ﺧﺎص ﻣﺸﻐﻠﻮ رﻫﻴﻮ ﭤﻲ. ﺗﻮﻫﺎﻧﮑﻲ‬
‫ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭴﺎڻ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﭼﺎر ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﮡ وارﻳﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن آﻫﻦ، ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻗﻢ ۾ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ آﻓﺮﻳﻜﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﻋﻠﻢ ﭔﮅاﻳﻮ. اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ وڏو ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻣﺪرﺳﻮ‬
‫ڏﺳﻲ ﺑﺲ ﻻ‪ ‬اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺲ ﺗﻪ ﻛﺎﻧﮕﻮ ﺟﻮ ﻫﻲ ذواﻟﻘﻌﺪ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﺎﺳﭩﻞ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ، ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
‫ﭼﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ واري ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺑﺎزار ﻗﻢ ۾ وﭠﻲ آﻳﻮ. ﮐﻴﺲ ﺳﭡﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي آﺋﻲ ﭤﻲ ﺳﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ‬
‫ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﺳﺴﭩﻢ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ﻗﻢ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﻮر اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻛﭥﻲ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ‬
                     ‫ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﺳﺎن ﭘﮡ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ.‬
‫ﻣﭥﻲ ذﻛﺮ ﻛﻴﻞ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ وڌﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﭘﺎڻ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﻴﺪا﷢ ﺟﻮ‬
‫ﻓﺮزﻧﺪ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﺪن ﮘﻮٺ ﺗﻌﻠﻘﻲ ﺷﻬﺪاد ﻛﻮٽ ﺟﻮ ﭼﺎﻛﻴﺎﮢﻲ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ﺟﻨﻢ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺎرچ ۱۶۹۱ ﺗﻲ ﭤﻴﻮ.‬
‫ﭘﺎڻ اﺑﺘﺪاﺋﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮘﻮٺ ﻣﻴﺮو ﺧﺎن ۾ ﻣﺮﺣﻮم ﻣﻮﻻﻧﺎ اﺧﺘﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﮐﺎن ورﺗﺎﺋﻮن ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﺎﻣﻊ اﻟﻤﻘﺪﻣﺎت‬
‫۾. ان ﺑﻌﺪ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۾ ﺟﺎﻣﻊ اﻣﺎم ﺻﺎدق ﻋﻠﻤﺪار روڊ واري ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ. ” ان ﮐﺎن‬
‫ﭘﻮ‪ “،‬ﻣﻮﻻﻧﺎ ﺷﺒﻴﺮﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ”اﻳﺮان آﻳﺲ ﺟﺘﻲ ﺣﻮزه ﻋﻠﻤﻴﻪ ﻗﻢ ۾ آﻳﺖ ا﷢ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻔﺘﻲ اﻟﺸﻴﻌﻪ اردﺑﻴﻠﻲ وٽ ﻫﻲ‬
                                                                                    ‫درس ورﺗﻢ؛‬
                                                                                      ‫ﻧﻬﺞ اﻟﺒﻼﻏﻪ‬
                                                                                   ‫ﺻﺤﻴﻔﻪ ﺳﺠﺎدﻳﻪ‬
                                                                                      ‫ﻛﺘﺐ ارﺑﻊ‬
                                                                                     ‫اﺻﻮل ﻛﺎﻓﻲ‬
                                                                                ‫ﻣﻦ ﻻﻳﺤﻀﺮ اﻟﻔﻀﻴﻪ‬
                                                                                       ‫اﻻﺳﺘﺒﺼﺎر‬
                                                                                        ‫ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽‬
                                                                                    ‫ﻋﻠﻮم ﺗﺎرﻳﺦ.“‬
‫ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم ﺷﺒﻴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻗﻢ ۾ اﻧﻬﻦ ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ. ان ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
‫ﻣﺎن” اﻣﺎم زﻣﺎﻧﺎ ﻣﻬﺪي ﻣﻮﻋﻮد“ ۾ ﭘﻲ اﻳﭿ ڊي ﻛﺌﻲ. ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﺷﺎم زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﺗﻮڙي ﻟﻴﻜﭽﺮ‬
‫ڏﻳﮡ ﻻ‪ ‬وﭸﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﻲ. ﺳﺎﮢﺲ ﮔﮇ دادو ﺿﻠﻌﻲ ﺟﻲ ﻣﺎڏو ﮘﻮٺ ﺟﻲ زوار ﻓﻴﺾ‬
‫ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﭘﮡ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪس ڏاڏو زوار رﺋﻴﺲ ﻣﺮﺣﻮم ﺟﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﭼﺎﻧﮉﻳﻮ ﺷﻴﻌﻦ‬
‫ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۲۵۹۱ ۾ ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﻨﺎﻇﺮو ﻛﺮاﻳﻮ ﻫﻮ. زوار ﺧﺎن ﻣﺤﻤﺪ ڊﮔﺮي ﻛﺎﻟﻴﺞ‬
                              ‫ﺧﻴﺮﭘﻮر ﻧﺎﭤﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎن اﻳﻢ اي ۽ ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ‪ M.Ed‬ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.‬
                        ‫ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ۽ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﮔﻤﺸﺪﮔﻲ‬

‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ﺑﻌﺪ ﻛﺴﭩﻢ ﻣﺎن ﺟﻠﺪي واﻧﺪو ﭤﻲ ﭔﺎﻫﺮ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺲ. ﺳﺎﻣﺎن ۾ ﻣﻮن وٽ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ‬
‫ﻧﻨﮃڙي ﺑﺌﮓ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺟﻬﺎز ۾ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺋﻲ رﮐﻲ ﻫﻴﻢ ۽ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﮡ وﻗﺖ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻟﭥﺲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ‬
‫ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺳﺎﭤﻲ- ﺧﺎص ﻛﺮي اﻫﻲ ﺟﻦ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﻣﺎن آﻧﺪو ﻫﻮ اﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﺑﺌﮕﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ‬
‫ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻫﻲ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﻲ روﻟﻨﮓ ﺑﻴﻠﭧ ﺗﻲ اﭼﻦ. ﮔﺮوپ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ۾ ﺟﺘﻲ ﭔﻴﺎ ﻓﺎﺋﺪا آﻫﻦ اﺗﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻧﻘﺼﺎن‬
‫آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﻻ‪ ‬اﻧﺘﻈﺎر ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي وﻗﺖ ﺟﻮ زﻳﺎن ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻫﻚ ﭔﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺳﺴﺘﻲ ﻛﺮي رﻳﻞ ﻳﺎ ﮘﻨﮃﻳﻨﺪڙ اڏام )‪ (Connecting Flight‬ﺟﻲ ﮀﭩﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ اﻧﺪﻳﺸﻮ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ، ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻴﻨﺌﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ‬
‫ﭨﻦ ﻛﻼﻛﻦ اﻧﺪر ﻣﺸﻬﺪ ﻻ‪ ‬وﻳﻨﺪڙ ﻣﻜﺎﻧﻲ اڏام ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﭘﻬﺮﻳﻦ‬
‫ﻓﻼﺋﻴﭧ آﻫﻲ ﺟﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ‪) IKIA‬اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ(ﺗﻲ ﻟﭥﻲ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ واري اڏام ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﻨﺪي ﻫﺌﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو‬
‫)اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ( ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۵۳ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ”ﺗﻬﺮان- ﻗﻢ“ ﻫﺎ‪ ‬وي ﺗﻲ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮن اﻧﺪروﻧﻲ )‪(Domestic‬‬
‫اڏاﻣﻮن اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﺎن ﻫﻠﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻮن‪ ‬اﺳﺎن ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﻮ‬
‫ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﻪ ﭤﺌﻲ ﻫﺎ ﺟﻮ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﻲ ﭨﺮاﻟﻴﻦ ۾ ﮀﻜﻲ ان ﮔﻴﭧ ڏي واڪ ﻛﻨﺪا ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻮن ﻫﺎ ﺟﺘﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻻ‪‬‬
‫ﺟﻬﺎز ﮐﻲ اڏاﻣﮣﻮ ﻫﻮ. ﭘﺮﻫﺎڻ اﺳﺎن ان ﮔﻴﭧ ﮐﺎن ۵۳ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﺑﻴﭡﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﺑﺲ ﻳﺎ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ اﻫﻮ‬
‫ﻓﺎﺻﻠﻮ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻮ اﻛﺮﮢﻮ ﻫﻮ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﺳﻜﻮن ﭤﻲ ﻻﻫﻲ. اﺳﺎن واري‬
‫ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻟﻬﻨﺪڙ ﻫﻚ ﻫﻚ ﭤﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي رواﻧﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ‬
‫ﮔﺮوپ ﻻ‪ ‬ﺑﺲ ﺑﻪ ﻛﺎ اﻫﮍي ﮐﺘﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﮡ ﻻ‪ ‬ﮀﺖ ﺗﻲ ﻳﺎ ﻫﻴﭟ ﺟﺎ‪ ‬ﻫﺠﻲ. ان ﻻ‪ ‬ﺳﭝﻨﻲ ﺟﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻮ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺋﻲ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ. آﺋﻮن ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﺑﻨﺎوٽ‬
‫۽ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻮ ﻧﻈﺎرو ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ. ﭘﺮي ﭘﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﺎ‪ ‬وي ۽ ان ﺗﻲ ﭔﺮﻧﺪڙ ﻣﺮﻛﺮي ﺑﻠﺐ ڏﺳﻨﺪو رﻫﻴﺲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﮘﻴﺎن‬
‫ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﺎ آﻫﻦ، ﭨﺌﻜﺴﻲ وارن ﺳﺎن اڌ ﻓﺎرﺳﻲ اڌ ﺳﻨﮅي‬
‫ﮔﺎڏڙ اڙدو ۾ ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﺮي آﺧﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﭜﺎڙي ﺗﻲ راﺿﻲ ﭤﻲ رواﻧﺎ ﭤﻲ وﻳﺎ. ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ اﻳﺮان آﻳﻞ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻫﻮ ﭘﺮ اﻋﺘﻤﺎد ﻫﺌﺎ. ﭴﮡ ﺳﮑﺮ ﮐﺎن روﻫﮍي ﭘﺌﻲ وﻳﺎ. اﺗﻲ ﻫﻚ ﻳﻮرپ ﮐﺎن ﺑﻪ اڏام ﭘﻬﭽﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ‬       ‫ُ‬
‫ﻧﻮﺟﻮان ﮐﻲ وﭠﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﻨﺪس ﻣﺎﺋﭧ ﻣﭧ، دوﺳﺖ ﻳﺎر ۽ ﭘﺮﻳﺲ وارا ﻣﻮوي ﻛﺌﻤﻴﺮاﺋﻦ ﺳﺎن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺎ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ‬
‫ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﮐﻴﺲ ﮔﻠﻦ ﺟﺎ ﻫﺎر وڌاﺋﻮن ۽ اﺗﻲ ﻣﻮﺟﻮد ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮔﻼب ﺟﻮ ﮔﻞ ڏﻧﺎﺋﻮن. ﻳﻮرپ ﮐﺎن آﻳﻞ ﻫﻲ‬
‫ﺳﻨﻬﻮ ڊﮔﻬﻲ ﻗﺪ ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﭨﺎﺋﻲ ﺑﻨﺎ ﺳﻮٽ ۾ ﻫﻮ. ﭨﺎﺋﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ وﻻﻳﺖ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺎﺋﻴﻨﺪا آﻫﻦ. ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ‬
‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ وﭠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻦ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﭨﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﭘﺎﺗﻲ. ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻲ ڊﻧﺮ ۾ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺑﻨﺎ ﭨﺎ‪ ‬ﺟﻲ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﻳﻮرپ ﮐﺎن آﻳﻞ ﻫﻦ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻫﻚ ﭔﻦ‬
‫ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﮐﻲ اﺷﺎرن ﺳﺎن ﻣﻨﭣ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃڻ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻢ. ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان‬
‫ﮐﺎن اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ آﻳﺎ ﻫﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﻓﭧ ﺑﺎل ﻳﺎ ﻫﺎﻛﻲ ﺟﻮ راﻧﺪﻳﮕﺮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﺳﻨﺪس ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ ‪ Sport‬ﺳﺎن واﺳﻄﻮ‬
‫آﻫﻲ. ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ ﭘﺌﻲ آﺋﻲ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﺌﻲ. ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﭘﭿ ﭘﭿ ﻛﺮي ﻧﻴﭟ‬
‫ﻣﻌﻠﻮم ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﺟﺮﻣﻨﻲ ﻣﺎن ﻛﻴﻤﺴﭩﺮي ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۾ ﻣﭥﺎﻫﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﮐﮣﻲ ﻣﻮﭨﻴﻮ آﻫﻲ ﺳﻮ اﻳﺮان ﺟﺎ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ. ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺟﻲ ﭼﭙﻦ ﺗﻲ آﻳﻞ ﻣﺮڪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﺌﻲ. ان ﺳﺎن‬
‫ﮔﮇ اﻫﻮ ﺑﻪ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎ‪ ‬ﭘﻲ‪ ‬۽ ﻣﺎﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﺗﻲ ﻫﭣ رﮐﻲ ﻣﻠﻴﻮ. ان وﻗﺖ ﻫﻨﻦ‬
‫ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﺎن ﺟﻲ اﮐﻴﻦ ۾ ﺑﻪ ﺧﻮﺷﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﻟﮍڪ ﺗﺮي آﻳﺎ. ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﺑﻪ ڏﺳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ‬
‫ﻣﺤﻨﺖ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ، ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﻼﺳﻦ ﮐﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﮔﺴﺎﺋﻴﻨﺪا ﻧﻪ ﻫﺌﺎ، اﮘﻴﻦ ﺳﻴﭩﻦ ﺗﻲ وﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ، ﻫﻨﻦ ﺳﺎن‬
‫ﺳﻨﺪن ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻲ ﺟﺎ آﻓﻴﺴﺮ ۽ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ﻳﺎ وزﻳﺮ وﻗﺖ ﺑﻪ وﻗﺖ ﻣﻠﻨﺪا رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﮐﻴﻦ ﻣﺤﻨﺖ ﻛﺮي‬
‫ﺳﭡﻲ ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﮐﮣﮡ ﺟﻲ ﺗﻠﻘﻴﻦ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪن ﺳﭡﻲ اﺧﻼق ۽ ﺳﭡﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد‬
‫ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﻣﺎن ‪ Impress‬رﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻼف ﭘﺮوﭘﺌﮕﻨﮉا ﻛﻨﺪي رﻫﻨﺪي‬
                       ‫ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﺎﻫﻞ آﻫﻦ ﭴﭧ آﻫﻦ- ﭘﺮ ﺣﻘﻴﻘﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻲ ﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪي ﻫﺌﻲ.‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬۾ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﮐﻲ ﭘﻚ ﻓﺮود ﮔﺎﻫﻪ ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي‬
‫۾‪ Imam Khomeini International Airport‬ﺳﺎن ﮔﮇ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬۾ ” ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ“ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ. ﺗﻬﺮان ﺟﻮ‬
‫ﻫﻲ ﻧﺌﻮن اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۵۳ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﮐﻦ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ ۽ ﭘﺮاﮢﻮ وارو ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ‬
‫اوﻟﻬﻪ ۾ ۽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺣﺪن ۾ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺷﻬﺮ‬
‫ﮐﺎن ﭘﺮي ﻛﻮ وڏو اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﭠﺎﻫﻴﻮ وﭸﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ وڌﻧﺪڙ ﻫﻮاﺋﻲ ﺿﺮورت ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﺌﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﻫﻦ‬
‫ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺣﻤﺪ اﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ۱۹۷۹ ‬واري اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺑﺎﻧﻲ آﻳﺖ ا﷢‬
‫روح ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻧﺎﻟﻲ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ ﭠﻴﻜﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭔﺎﻫﺮ ﺟﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﻲ ڏﻧﻮ ﻳﻮ ﭘﺮ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ‬
‫اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﭠﻬﺮاﺋﺠﻲ. ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﭠﻬﮡ ۾ ﻛﺎﻓﻲ رﻧﮉﻛﻮن‬
‫درﭘﻴﺶ اﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن. اٺ ﺳﺎل ﺗﻪ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻨﮓ ﺟﻲ ﻛﺮي اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻢ‬
‫ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ رﻛﺠﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺎل ڏﻳﮉ ﮐﻦ اڳ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ ﻛﻢ ‪ Operational‬ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ﭘﺮ‬
‫ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ رن وي ﺗﻲ ﺟﻬﺎز ﻟﻬﮡ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻫﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻫﻲ‪ ‬اﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻦ اڏام آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻫﺎڻ ﻟﻬﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻣﻠﻲ آﻫﻲ. ان ﺳﺎن اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﺋﺪي‬
‫ﺑﺪران ﻧﻘﺼﺎن ﺋﻲ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮣﻮ ﭤﻮ ﭘﻮي ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻨﻦ‬
                                       ‫ﮐﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﭜﺮي وري ﭘﺮاﮢﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﻬﺮآﺑﺎد وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.‬
‫اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺘﻲ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﺷﺮاب ‪ Serve‬ﻧﭥﻮ‬
‫ﭤﺌﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎزن ﺗﻲ ﺣﻼل ﮐﺎڌو ﻣﻠﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ﺟﻮن ﺳﭛ اڏاﻣﻮن ‪ Non smoking‬آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﺑﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺳﭝﻨﻲ اڏاﻣﻦ ﺗﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﺟﺎ‪ ‬ﮀﮇﻳﻞ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﻤﺎ ﻛﻼس ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ‪ Executive Class‬آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭨﻨﮕﻮن ڊﮔﻬﻴﻮن ﻛﺮڻ ﺟﻲ وڌﻳﻚ ﺟﺎ‪ ‬آﻫﻲ ۽ ﻣﺎﻧﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﭘﮡ ﻛﺎﻓﻲ‬
                             ‫وراﺋﭩﻲ آﻫﻲ، ﻳﻌﻨﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ڊﺷﻦ ﻣﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﺟﻮ ڊش ﭼﻮﻧﮉي ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.‬
‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ‪ IKA‬ﻻ‪ ‬آﺧﺮ ۾ اﻳﺘﺮو ﭼﻮﻧﺪس ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮن ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ،‬
‫اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ ﺟﺎ ﻣﻌﺎﻣﻼ ﺟﻬﭧ ﭘﭧ ﭤﻴﻮ وﭸﻦ ۽ ﻫﻚ ﭤﻜﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﭘﺮﻳﺸﺎن ۽ ﺑﻴﻤﺎر ﻧﭥﻮ ﭤﻴﮣﻮ‬
‫ﭘﻮي. اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻮ اﺳﭩﺎف ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﺧﻮش اﺧﻼﻗﻲ ﺳﺎن رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ۽ ﻣﺪد ﻛﺮي ﭤﻮ. ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﺘﻲ‬
‫ﻛﭥﻲ وﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻛﺮﺳﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن، ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﺑﻪ وارو اﭼﮡ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﻧﻪ‬
‫ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﺳﭝﻨﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏن ﺗﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻤﺲ وارن ﻛﻤﺮن ۾ ﺑﻴﻬﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ﺑﺲ رﮘﻮ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ڏور‬
‫ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﭔﮅاﻳﻮ ان ﻻ‪ ‬ﻣﻴﭩﺮو )ﺷﻬﺮ ﮐﺎن‬
‫اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻨﺪڙ رﻳﻞ( ﺟﻮ ﻛﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ آﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ وچ ﺳﺎن اﺋﻴﻦ ﮘﻨﮃﺟﻲ‬
‫وﻳﻨﺪو ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ‪ JFK‬ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن آﻫﻲ. ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪‬‬
‫ﭨﻴﻜﺴﻲ ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﻟﮏ رﻳﺎل ﻳﻌﻨﻲ ڏﻫﻪ ﻫﺰار ﺗﻮﻣﺎن وﭠﻲ ﭤﻲ. اﻫﺎ رﻗﻢ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺳﺖ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ‬
‫)ﭔﺎرﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﻦ ڊاﻟﺮن( ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﺎ ﮔﻬﭧ ﺑﻪ وﭠﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﭨﻲ‬
‫ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﺮﻳﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﭔﻦ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻮ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻣﻴﭩﺮو‬
                                               ‫ﭨﺌﻜﺴﻲ وارا اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺻﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭨﻲ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﺎ وﭠﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ اﮘﺌﻴﻦ ﻛﻼس ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺰﻧﺲ ﻛﻼس ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﻫﻤﺎ“ ‪ Homa‬ﻫﺠﮡ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ‬
‫ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻲ آﺧﺮ ۾ ﭘﮡ ﻫﻤﺎ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ ﭘﮑﻲ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻜﻞ ﮀﺎ ﺟﻲ آﻫﻲ؟ ﻫﻤﺎ دراﺻﻞ ﻫﻚ دﻳﻮ‬
‫ﻣﺎﻻﺋﻲ ﭘﮑﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ‪ Achaemenid‬ﮐﺎن وﭠﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﺨﺖ ﺟﻤﺸﻴﺪ ‪Persepolis‬‬
‫ﺟﻲ ﻣﺤﻼت ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻲ ﭤﻨﭝﻦ ﻣﭥﺎن ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﻮڪ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻲ‬
‫ﭘﮑﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن اﭼﻲ وﻫﻨﺪو ﻫﻮ ان ﮐﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﺧﻴﺎﻟﻲ )‪ (Mythological‬ﭘﮑﻲ‪ ‬ﺟﻲ‬
‫ﭘﺮﺷﻦ آرٽ ۾ وڏي اﻫﻤﻴﺖ آﻫﻲ. ان ﻛﺮي )ﺷﺎﻳﺪ( اﻳﺮان اﻳﺌﺮ وارن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺸﺎن ﻫﻤﺎ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ‬
        ‫آﻫﻲ. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ اﻳﺌﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻲ ”ﻫﻮا ﭘﻴﻤﺎﺋﻲ ﻣﻠﻲ اﻳﺮان“ ﺟﻮ ﺷﺎرٽ ﻓﺎرم )ﻣﺨﺨﻒ( ”ﻫﻤﺎ“ ﭤﻮ ﭠﻬﻲ.‬
‫آﺧﺮﻛﺎر اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﺳﭛ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎ . ان وﻗﺖ ﻫﻚ ﺑﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻧﻪ ﺑﭽﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫ﭘﺮي ﮐﺎن ﭔﻪ ﺑﺴﻴﻮن )ﻫﻚ ﻧﻨﮃي ﻫﻚ وڏي( ﺑﻴﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ وڏي اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﻛﺎﻓﻲ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ‬
‫ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﮡ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﮀﺖ ﺗﻲ ﻳﺎ ﻫﻴﭟ اﻟﮗ ﺟﺎ‪ ‬ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﭘﺎڻ ﺳﺎن رﮐﮣﻮ ﻫﻮ ان ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﺋﺮ‬
‫آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰ ﻛﺮڻ وارن ﮐﻲ ﭔﻪ ﺑﺴﻴﻮن ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﭼﭩﻲ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ. ﭘﻮﺋﻴﻦ ۰۳ﺳﻴﭩﻦ واري ﺑﺲ ۾ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ‬
‫اﻧﭽﺎرج ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ، آﺋﻮن ۽ ﻫﻚ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ زال ﻣﮍس ۽ ﭼﺎر ﭔﺎر ﻫﺌﺎ، اﻫﻲ ﭠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﺎ. ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﺎﻧﺌﻦ‬
‫وڌﻳﻚ وڏﻳﻮن ﻛﻨﮓ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺑﺌﮕﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻬﻨﻲ اڌ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ‪ ‬ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﭔﻪ ﻳﺎ ﭨﻲ ﺳﺎل ﻧﻮﻛﺮي‬
‫ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ اﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﮀﮇﺑﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﺳﺎﺋﻴﺰ ﺟﻮن ﺑﺌﮕﻮن ﮐﮣﺒﻴﻮن آﻫﻦ. ﻫﺮ ﻫﻚ ﺗﻌﺠﺐ ۾ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻫﻴﮇﻳﻮن‬
‫وڏﻳﻮن ﺑﺌﮕﻮن ﮀﻮ ﮐﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﮐﮣﮡ وﻗﺖ ﮐﻴﻦ ﺋﻲ ﺳﻮرن ۾ ﭤﻴﻮن وﺟﻬﻦ. ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻧﻬﻦ ۾‬
‫ﺻﺒﺢ ﺷﺎم ﺑﺪﻻﺋﮡ ﻻ‪ ‬وﮘﺎ ۽ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﮐﻨﻴﻮن آﻫﻦ. ﺳﭽﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮔﻬﻤﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺮڻ وﻗﺖ ﺳﮑﻴﻮ‬
‫ﻣﺴﺎﻓﺮ اﻫﻮ ﭤﻮ رﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﭤﻮ ﮐﮣﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺟﺘﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﺗﻪ ﭔﻪ‬
‫وﮘﺎ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ ﭼﺎدر ۾ ڍﻛﺠﻲ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﺮ ﭤﻮ ڏﺳﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮ وﮘﻮ ﻛﻬﮍو‬
‫ﻛﭙﮍي ﻳﺎ ﺳﻼﺋﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ، اﺳﺘﺮي ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﻳﺎ اڻ اﺳﺘﺮي آﻫﻲ. ﻣﺮدن ﮐﻲ ﺑﻪ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﭔﻦ ﺑﺪران ﮐﮣﻲ ﭨﻲ وﮘﺎ ﮐﮣﻦ ۽‬
‫ﺷﻠﻮار ﻗﻤﻴﺺ ﺑﺪران ﻫﻮ ﭨﺮاﺋﻮزر )ﭘﺠﺎﻣﻲ ﺟﻬﮍي ڍري ﭘﺘﻠﻮن ﻳﺎ ﻛﺎرﮔﻮ ﭘﻴﻨﭧ( ۾ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﭥﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﺗﻪ اﻫﺎ‬
‫ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﮐﻴﺴﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﺳﻔﺮي ﻛﺎﻏﺬات، ﭘﺌﺴﺎ ۽ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ وڌﻳﻚ ﺳﻬﻮﻟﺖ ﺳﺎن رﮐﻲ‬
‫ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ ﺟﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﭨﺮاﺋﻮزرن ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ﻛﻮ ﻫﺰارن ۾ ﻫﻚ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺷﻠﻮار‬
‫ﻗﻤﻴﺾ ۾ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪو ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮﻧﺪي ﺗﻪ ﻫﻮ ﺧﻴﺮﭘﻮر، ﻣﻠﺘﺎن ﻳﺎ ﺳﺒﻲ‪ ‬ﺟﻮ آﻫﻲ. ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ‬
‫۾ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻬﮍو ﺑﻬﺘﺮ ﻣﻠﻚ ﭤﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪو. اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺑﻪ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺳﭡﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﭥﻲ‬
‫ﻛﭥﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ واﻧﮕﺮ ﻏﻴﺮ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﮐﺎڌي ﺟﻮ ﺧﻮف ﺑﻪ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺣﻼل ﮐﺎڌو ﻋﺎم ﻣﻠﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ‬
‫اﺗﻲ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ وڌﻧﺪي وﭸﻲ. اﻳﺮان ۾ ﭤﻮرا ڊش آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﭡﺎ ۽ ﺳﺴﺘﺎ آﻫﻦ. زﻋﻔﺮان ﺟﻲ ﺧﻮﺷﺒﻮ‪ ‬ﻛﺮي‬
   ‫اﻳﺮان ﺟﺎ رﮐﺎ ﭼﺎﻧﻮر ﺑﻪ ﭜﻼ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ ﺳﻮ اﻫﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮان ﭔﻮڙن ﺟﺎ ﭘﺌﻚ دﭔﺎ ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺮڻ ﺑﻴﻮﻗﻮﻓﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﻨﻬﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮرن ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﺟﻠﺪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻫﻠﮡ ﻻ‪ ‬ﻓﺎرﺳﻲ ۾‬
‫اﻧﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ڏﻧﺎ. ﻫﺎڻ وﻗﺖ ﺳﻮڙﻫﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﭘﺌﻲ وﻳﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﭔﻲ ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﺎن‬
‫ﭘﻜﮍﮢﻲ ﻫﺌﻲ. اﮘﻴﺎن وڏي ﺑﺲ ﭤﻲ، ﭘﻮﻳﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي. رﺳﺘﺎ وﻳﻜﺮا، ﺳﮅا ۽ روﺷﻦ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺑﺴﻴﻮن ﭴﮡ ﺗﺮﻧﺪﻳﻮن‬
‫ﭘﺌﻲ وﻳﻮن. اﭸﺎن ﻛﻲ ڏﻫﻪ ﭘﻨﺪرﻫﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻣﺲ ﺳﻔﺮ ﻛﻴﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻲ ﭔﺎرن )ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ ﻣﺎﺷﺎ‪‬‬
‫ا﷢ ﺟﻮان آﻫﻦ( ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﻣﺎ‪ ‬ﭘﻲ‪ ‬ﻫﺎ‪ ‬ﮔﻬﻮڙا ﻣﭽﺎﺋﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺌﻴﭩﺮن ۽ ﺟﺌﻜﭩﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻠﻬﻮ ﺗﻪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ‬
‫ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ. ﻫﻮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ ڏوﻫﻪ ﻣﮍﻫﮡ ﻟﮙﺎ ﺗﻪ ﺑﺲ ۾ ﮀﻮ ﻧﻪ رﮐﺌﻲ. ”ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﻛﻴﮇي ﭤﮅ آﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮀﺎ‬
‫ﭤﻴﻨﺪو.“ ﻫﻮ ﭼﻮڻ ﻟﮙﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﺑﺲ ﻣﻮﭨﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ اﻫﺎ ﮔﺮم ﻛﭙﮍن ﺟﻲ ﭤﻴﻠﻬﻲ ﮐﮣﻲ ﺳﮕﻬﻦ. ﻫﺎ،‬
‫اﻫﻮ ﻟﮑﮡ وﺳﺮي وﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮐﺎن ﻋﻼوه، اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ ۾، اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﻮﻟﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﺑﻪ ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ اﻛﻴﻠﻲ ﻧﻜﺘﻲ ﻫﺌﻲ. اﻫﺎ ﻫﻦ وﻗﺖ ﭘﺎڻ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ۾ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﺑﺌﮓ اﮘﻴﺎن وﻳﻨﺪڙ وڏي ﺑﺲ ۾‬
‫ﻫﺌﻲ. ﺳﻮ ﺑﺲ ﺟﻲ واﭘﺲ ﻫﻠﮡ ﺟﻮ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﻫﻦ داﻧﻬﻮن ﻛﻴﻮن ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﺑﺌﮓ ﺟﻮ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﮘﻴﺎن وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ‬
‫ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﺳﺎﻣﺎن ﻻﻫﻲ ﻫﻠﻲ وﻳﻨﺪي ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ ﺟﻲ ﻛﻴﺮ ﺳﻨﭝﺎل ﻛﻨﺪو. آﺋﻮن ﺳﻮﭼﮡ ﻟﮙﺲ ﺗﻪ‬
‫ﻫﺎڻ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو. ﮔﺮوپ ﮐﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ وارو ﺑﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﺳﻮرن ۾ ﭘﺌﺠﻴﻮ وﭸﻲ. ﭘﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ‪ ،‬اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ڏاڍي‬
‫ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ان ﺧﺎﺗﻮن ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﺮ ﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﺧﻴﺎل ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺎﻣﺎن‬
‫ﮐﮣﺎن ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻲ ﻧﻈﺮداري ﻛﺮﻳﺎن. ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻢ ﺑﺲ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮڻ ۽ ان ﮐﻲ ﭜﺎڙو ڏﻳﮡ آﻫﻲ.“ ۽ ﺟﻦ ﺟﺎ ﮔﺮم‬
‫ﻛﭙﮍا اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﭔﺎﻫﺮان رﻫﺠﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﻫﻦ وﻗﺖ واﭘﺲ ﻣﻮﭨﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮن ﺟﻮ ﻫﻦ ﻫﺎ‪ ‬وي ﺗﻲ‬
‫ﻛﭥﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ‪ U-Turn‬ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ واﭘﺲ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮن ۽ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﺎڻ‬
‫اﻧﻬﻦ ﺳﺌﻴﭩﺮن ﭘﭡﻴﺎن ﺟﻲ وﻳﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﺪ واري اڏام ﻧﻜﺮي وﻳﻨﺪي. ان ﻛﺮي ﺑﻬﺘﺮ اﻫﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ‬
                              ‫ﻣﺸﻬﺪ ﻣﺎن ﻫﻠﻲ ﻧﻮان ﺳﺌﻴﭩﺮ وﭠﺠﻮ. اﻳﺮان ﺟﻬﮍا ﺳﭡﺎ ۽ ﺳﺴﺘﺎ ﺳﺌﻴﭩﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻣﻠﻨﺪا.‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻮ ۰۳ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺟﻮ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻲ ﻛﻼڪ ۾ ﻃﻲ‪ ‬ﭤﻲ وﻳﻮ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ‬
‫ﻫﻚ ﻻرﻳﻨﺲ روڊ ۽ ﮔﺎرڊن ﺟﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻣﺎن ﮔﺬري ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ اڌ ﻛﻼڪ ﻟﮙﻲ وﻳﻮ.‬
‫اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ، ﺑﺲ ﻣﺎن ﺳﺎﻣﺎن ﻻﭤﻮﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻦ ﺟﺎ ﺳﺌﻴﭩﺮ رﻫﺠﻲ وﻳﺎ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺋﻲ وڏﻳﻦ ﺑﺌﮕﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن‬
‫ﺳﺌﻴﭩﺮن وارو ﺷﺎﭘﺮ ﺑﻪ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻨﻦ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﺷﺎﻳﺪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻜﺮ ﻛﻴﻮ.‬
‫ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﺌﻴﭩﺮ ۽ ﺟﺌﻜﻴﭩﻮن ﻣﻠﻲ وﻳﻮن ﭘﺮ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻮ ﺗﻪ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ‪ ‬ﻋﻘﻠﻤﻨﺪي ﻛﺌﻲ ۽ ﺑﺲ ﮐﻲ‬
                                              ‫ُ‬
                                    ‫اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ڏي ﻧﻪ ﻣﻮﭨﺎﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ واري اڏام ﮀﭩﻲ وﭸﻲ ﻫﺎ.‬
                                        ‫ﻫﻴﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺪارم‬

‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. رات ﺟﻮ وﻗﺖ ﻫﻮ. ﻫﺎ‪ ‬وي ﻣﭥﺎن ﺑﻠﺒﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﺎﻟﺮون ﻫﻴﻮن ۽‬
‫ﮔﺎڏي‪ ‬ﮐﻲ ‪ Beam‬ﺗﻲ ﺑﺘﻴﻮن رﮐﻲ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻳﻨﺪڙن ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﻛﮃڻ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﭥﻲ ﭘﺌﻲ. ﺷﻬﺮ اﭸﺎن ﭘﺮي ﻫﻮ ۽‬
                              ‫ﺳﻨﺴﺎن ﭔﻬﺮاڙي ۾ اﻧﻴﻚ ﺑﺘﻴﻦ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻧﻈﺮ آﻳﻮ.‬
‫”ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﺎزي ﻧﻤﺎز ﺗﻲ آﺋﻮن ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎﺋﺮ ﺳﻠﻤﺎن ۽ ﻋﻤﺮان ﺑﻪ اﻳﺮان آﻳﺎ ﻫﺌﺎ،“ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ، ”دراﺻﻞ وﭸﮣﻮ وڏي ﭜﺎ‪ ‬ﮐﻲ ﻫﻮ. اﺳﺎن ﮐﻴﺲ ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮀﮇڻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. اﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ‬
‫ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻬﺎز ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ۽ وﻳﺰا ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﻪ آﻫﻲ. ﺳﻮ اﺳﺎن ﺑﻨﺎ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ۽ وﻳﺰا ﭼﮍﻫﻲ ﭘﻴﺎﺳﻴﻦ ۽‬
                                                           ‫واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻏﻼم اﺳﺤﺎق ﺻﺎﺣﺐ ﺳﺎن ﮔﮇ آﻳﺎﺳﻴﻦ“‬
‫ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ دﻓﻨﺎﺋﮡ وﻗﺖ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ اﺗﻲ ﭘﻬﺘﻮ.‬
‫اﻳﺮان وارن ڏاڍو ‪ appreciate‬ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﭔﺌﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻫﻴﮉ ﻧﻪ ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن‬
‫ﭨﻲ دﻓﻌﺎ ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. آﺧﺮي دﻓﻌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﮇو ﺑﻴﻤﺎر ۽ ﻛﻤﺰور ﭤﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ آﮜﺮﻳﻦ ﺟﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﻧﻤﺎز‬
‫ﭘﮍﻫﻨﺪو ﻫﻮ. آﺧﺮي ﻳﺎرﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﭙﺘﺎل ۾ رﻫﻴﻮ. ﺳﻨﺪس ‪ Internal Bleeding‬ﮐﻲ روﻛﮡ ﻻ‪ ‬آﭘﺮﻳﺸﻦ ﭤﻲ‬
‫ﺟﺘﻲ ﭘﻮ‪ ‬دل ﺟﻲ دوري ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻮت ﭤﻴﻮ. اﻫﻮ ﺟﻮن ﺟﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﺎل ۹۸۹۱. ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ‬
                                                                                 ‫ﻋﻤﺮ ۶۸ ﺳﺎل ﻫﺌﻲ.‬
‫اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ آﺋﻮن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﻫﻮس ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﭨﻲ وي ﺗﻲ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺟﻮن ﺟﻲ ﺳﺨﺖ ﮔﺮم ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﺮن‬
‫ﮐﺎن ﻧﻜﺮي ﺳﻤﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﭤﻠﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﮐﻴﻦ ﻧﻪ اڃ ۽ ﺑﮏ ﺟﻲ ﭘﺮواﻫﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻪ ﮔﺮﻣﻲ ﺟﻲ. ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رش ۾‬
‫ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﮡ ﻛﺮي ﻣﺮي وﻳﺎ. ﮔﺮﻣﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺳﺮﻛﺎري ﻓﺎﺋﺮﺑﺮﻳﮕﻴﮉ ﺟﻮ ﮔﺎڏﻳﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻣﭥﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎرﻳﻨﺪﻳﻮن‬
‫رﻫﻴﻮن. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺟﻨﺎزي ﺗﻲ آﻳﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﭨﻴﻬﻪ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻫﻮ. ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ ﭤﻲ ﻧﻈﺮ وﻳﺌﻲ اوڏاﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ. ﻣﺮد ﻛﺎرن ﻛﭙﮍن ۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﭼﺎدرن ۾، رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻜﺮي ﭘﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ڏﻫﻪ ﺳﺎل اڳ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪‬‬
‫اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو ﻫﻮ. ان وﻗﺖ ﺷﺎه )ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﭘﻬﻠﻮي( ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ. ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‬
‫ﻫﻦ ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﮐﻴﺲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ. اﻫﺎ ﻓﻴﺒﺮوري ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺳﺎل ۹۷۹۱ ﻫﻮ. ﺳﭵﻲ‬
‫دﻧﻴﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻏﻮر ﺳﺎن ڏﺳﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. اﺳﺎن ﺳﻨﺪس اﻫﺎ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﺟﭙﺎﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﺟﻲ ﺷﭗ ﻳﺎرڊ ‪ I.H.I‬۾‬
‫ﭔﮅي ﻫﺌﻲ“...... ا﷢ ﻧﻪ ﻛﺮي ﭘﺮ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭸﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ ﻫﻠﻲ ﻫﺎ،“ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺧﻄﺎب‬
‫ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ،” ﺗﻪ اڄ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮرو ﺗﻴﻞ ڌارﻳﻦ ﮐﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي ﻫﺎ. اﺳﺎن ڌارﻳﻦ ﺟﺎ ﻏﻼم ﭤﻲ رﻫﻮن ﻫﺎ.‬
‫اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ اﺳﺎن داﻧﻬﻮن ﭤﺎ ﻛﺮﻳﻮن. اﻫﻮﺋﻲ ﺳﺒﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﺟﻲ ﺧﻮن ﺳﺎن‬
‫ﮘﺎڙﻫﻴﻮن ﭤﻲ وﻳﻮن.......“ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﭔﮅﻧﺪڙ ﻧﻌﺮا ﻫﮣﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ وڏو ﺷﻴﻄﺎن آﻫﻲ .... آﻣﺮﻳﻜﺎ! ﺷﻞ ﻣﻮت اﭼﻨﺌﻲ .....‬
‫اﺳﺎن ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ۽ ﻧﻌﺮن ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭘﮍﻫﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ. ”آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ان ﺟﺎ ﮀﺎڙﺗﺎ ﻋﺮب ﻟﻴﮉر‬
‫دﻫﺸﺘﮕﺮد ۽ ﻗﺰاق آﻫﻦ“ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﺻﻴﺖ ۾ ان ﺟﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﺎ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻳﮉﻳﻮ ﺗﻬﺮان ﺗﺎن‬
‫ﭔﮅاﺋﻲ وﺋﻲ ۽ ﺑﻲ ﺑﻲ ﺳﻲ ۽ ‪ CNN‬ﺟﻬﮍي ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻲ ﺳﺎن دﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ. ” ﺷﻞ ا﷢ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ‬
                                                                                               ‫ﻏﺎرت ﻛﺮي.“‬
‫ﭨﻮﻛﻴﻮ ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻨﺰا ﺟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﻲ ﻣﺼﺎﻟﺤﻦ ۽ ﺣﻼل ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﻫﮣﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ‬
‫ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ﮀﮇي، ” اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ.“ ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ، ” ﻫﻦ ﺟﻲ وﭸﮡ ﺳﺎن اﺳﺎن‬
                                                                              ‫ﻳﺘﻴﻢ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻴﻮن.“‬
‫ﻣﺸﻬﺪ، ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮن ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﺗﻬﺮان اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﻣﺎم‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻟﻬﻲ ﭘﻴﺲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ اﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ۾ وڏو‬
‫ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ”ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮه“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. اﻫﻮ ﻣﻴﭩﺮو رﻳﻞ رﺳﺘﻲ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻞ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن‬
‫۾ ”اﻳﺮان-ﻋﺮاق“ ﺟﻨﮓ ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻴﻞ ﭔﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺷﻬﻴﺪن ﺟﻮن ﻗﺒﺮون آﻫﻦ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﭘﻨﺞ ﻫﺰار‬
‫اﻳﻜﮍن ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻣﺎل ۽ ﻣﺪرﺳﻮ ﭠﻬﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻣﻘﺒﺮو ﺑﻪ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻬﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ۹۸۹۱ ﮐﺎن ﻛﻢ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ آﻫﻲ. اﻧﺪر ﻣﺴﺠﺪ ﺑﻪ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﻮن‬
‫ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ. اﭨﻜﻞ ﭔﻪ ﺳﻮ ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻴﻨﺪا ﺟﻴﻜﻲ ان وﻗﺖ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬آﻳﻞ ﻫﺌﺎ. ﻧﻤﺎز ﻣﻬﻞ‬
‫ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻫﭣ ﭔﮅي ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﻳﻢ ﺗﻪ ﻧﻪ رﮘﻮ ﺷﻴﻌﺎ ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ‬
                                                                                      ‫ُ‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺳﻨﻲ ﭘﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ. اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ ﻋﻤﺎﻣﻪ )ﭘﭩﻜﻲ( ۾ ﻫﻚ ﺳﻴﺎﻟﻜﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻮﻻﻧﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ‬
‫ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﭘﺮوﺟﻴﻜﭧ ﺗﻲ ﺳﺮﻛﺎر ﻫﻚ رﻳﺎل ﺑﻪ ﺧﺮچ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺳﻮ ﺳﭛ ﻋﻮام‬
‫ﺟﻲ ڏﻧﻞ ﭘﺌﺴﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ. ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬آﻳﻞ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﻟﻴﮉر ﺟﻲ ﻫﻦ‬
‫درﮔﺎﻫﻪ ﻻ‪ ‬ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺷﻴﺸﻲ ﺟﻲ ﭜﺘﻴﻦ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻴﺮن ﻣﺎن ﻧﻮٽ وﺟﻬﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﭼﻮڌاري ﻧﻮﭨﻦ ﺟﺎ‬
                                                                                          ‫ڍﻳﺮ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺳﻴﺎﻟﻜﻮٽ ﺟﻲ ﻣﻮﻟﻮي‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﺳﺎل ۱۲ ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ، ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻲ ﭘﺌﺴﺎ ﻛﮃي ﮘﮣﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. آﻳﺖ‬
‫ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ )ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ روح ا﷢( ﺳﺎل ۲۰۹۱ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﺧﻮﻣﻴﻦ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽‬
‫۸۸ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺟﻮن ۹۸۹۱ ﺗﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ. ﻫﺘﻲ ﺳﻨﺪس زﻧﺪﮔﻲ ۽ اﻧﻘﻼب ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ‬
‫ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ وﻗﺖ ان ﺟﻮ ذﻛﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅڻ ۾ اﻳﻨﺪو ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺑﻨﺎ‬
                                         ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺗﻲ ﻧﻜﺮڻ ﻳﺎ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻮ ﭘﮍﻫﮡ اﺟﺎﻳﻮ ﻟﮙﻨﺪو.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ، ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر، ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ڏﮐﻴﻮ‬
‫رﮐﻲ اﻧﺴﺎﻧﺬات ﺟﻲ ﭜﻼﺋﻲ ۽ ﺳﮏ ﻻ‪ ‬ﭘﺎڻ ﭘﺘﻮڙﻳﻮ، ﭘﺎڻ وڏو ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﻣﻜﺮر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ﺗﻮڙي‬
‫دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺳﭽﻲ دل ﺳﺎن ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ. ﻫﻦ اﻧﺴﺎن، ﺟﻴﻜﻮ ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻣﺎﻟﻲ ﻃﻮر ﻛﻤﺰور ۽‬
‫ﻏﺮﻳﺐ ﻫﻮ، ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ، ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻐﺮب ﭘﺮﺳﺖ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ڊاﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ‬
                                                                        ‫ﺑﻨﻴﺎد رﮐﮡ ﺟﻮ اﻧﻘﻼب آﻧﺪو.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ۴۲ ﺳﻴﭙﭩﻤﺒﺮ ۲۰۹۱ )۰۲ ﺟﻤﺎدي اﻟﺜﺎﻧﻲ ۰۲۳۱ ﻫﺠﺮي( ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻫﻮ‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﺧﻤﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ڏﮐﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۰۰۳ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ )۰۸۱ ﻣﻴﻞ(‬
‫ﭘﺮي آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﻟﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻳﺖ ا﷢ ﺳﻴﺪ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻮﺳﻮي ۽ واﻟﺪه ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺎﺟﻲ آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻢ ﻫﻮ. اﻣﺎم‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺳﻴﺪ ﺧﺎﻧﺪان ﺳﻮ ﻫﻮ، ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻮ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻌﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻧﻴﺎﮢﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ زﻫﺮا ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن، ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم‬
                                                           ‫ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )۵۴۷-۹۹۷( ﺟﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻫﻮ.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ڏاڏي ”ﺳﻴﺪ اﺣﻤﺪ ﻣﻮﺳﻮي ﻫﻨﺪي“ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺳﺎن ﻫﻮ )ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮ‬
‫ﺧﻴﺎم، ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ۽ اﻣﺎم زادي ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا آﻫﻦ(. ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﺪي ان ﻛﺮي ﺳﮇﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻦ‬
‫ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ اﮘﻮاڻ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل ﺗﻌﻠﻴﻢ ڏﻧﻲ. اﺗﺎن ﻣﻮﭨﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺧﻮﻣﻴﻦ ۾ اﭼﻲ‬
‫‪ Settle‬ﭤﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ﭨﻲ زال ﺳﻜﻴﻨﺎ ﻣﺼﻄﻔﻲ )اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﻟﺪ( ﮐﻲ ۶۵۸۱ ۾ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ. ﻫﻲ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ‬
                                                           ‫ٰ‬
                    ‫ﺟﮇﻫﻦ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺧﻼف ﻫﻨﮕﺎﻣﺎ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ۷۵۸۱ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﻠﻮو ﭤﻴﻮ.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ ﻣﺮزا اﺣﻤﺪ ﻣﺠﺘﻬﺪ ﺧﻨﺴﺎري ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ‬
‫ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﮐﻮﻟﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ڏﻧﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ‬
‫ﻧﺎﻧﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ. ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ ﺷﺎه ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﻜﻢ ﻧﺎﻣﻮن ﻛﺌﻨﺴﻞ ﻛﺮﮢﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ان‬
                  ‫واﻗﻌﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ وڏو اﺛﺮ آﻫﻲ.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ اﻫﺎ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ اﻟﺰﻫﺮه ﺟﻲ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ روح ا﷢ ﻣﻮﺳﻮي‬
‫آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭔﻪ ﻟﻘﺐ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. آﻳﺖ ا﷢ ۽ اﻣﺎم. آﻳﺖ ا﷢ ﻣﺬﻫﺒﻲ اﮘﻮاڻ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ اﻫﻮ‬
‫ﻟﻘﺐ ﺳﭛ ۾ وڏو ﻧﻪ آﻫﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ اﻫﻮ ﻟﻘﺐ اﻳﺮان ۾ اﻧﻘﻼب آﮢﮡ وﻗﺖ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ان ﺑﻌﺪ ﺟﻠﺪ ﺋﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم‬
‫ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﻟﻘﺐ اﻣﺎم ڏﻧﻮ وﻳﻮ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ واﻟﺪ ﺳﻴﺪ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻮﺳﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ آﻳﺖ ا﷢ ﻫﻮ )ﻧﺠﻒ ﻋﺮاق‬
                                        ‫ٰ‬
‫ﻣﺎن دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﺧﻤﻴﻦ ۽ ﭜﺮ وارن ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﭤﻴﻮ.( اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﻲ ﭼﺎر ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺑﻪ ﻛﻲ‬
‫ﻣﺲ ﮔﺬرﻳﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ آﻳﺖ ا﷢ ﻣﺼﻄﻔﻲ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڌاڙﻳﻠﻦ ارڪ ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ان وﻗﺖ ﻫﻮ‬
                                                                  ‫ٰ‬
‫۷۴ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ‪ ‬۽ ﻣﺎﺳﻲ ﻧﭙﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﭘﻨﺪرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس‬
‫واﻟﺪه ۽ ﻣﺎﺳﻲ ﺳﺎﮘﻲ ﺳﺎل ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﮔﺬاري وﻳﻮن. اﻫﮍﻳﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ‬
‫ﺷﻮق ﺟﺎري رﮐﻴﻮ. ﻫﻦ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏي ﭜﺎ‪ ” ‬آﻳﺖ ا﷢ ﺳﻴﺪ ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪه“ وٽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ‬
                                      ‫ٰ‬
‫ارڪ ﺟﻲ ﻫﻚ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﻣﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ ۽ ﻋﺮﺑﻲ ادب ﭘﮍﻫﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ اﭼﻲ ۷۲۹۱‬
‫ڌاري اﻋﻠﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺌﻲ ۽ ﻓﻘﻪ، ﻓﻠﺴﻔﻲ، ﻋﺮﻓﺎن ۽ اﺧﻼﻗﻴﺎت ﺟﻬﮍن ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ۾ ‪ Specialization‬ﻛﺌﻲ.‬
                                                                                            ‫ٰ‬
‫ﻫﻦ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ )ﭘﻬﻠﻮي ﺧﺎﻧﺪان( ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن ﻣﻐﺮﺑﻲ ۽ ﻏﻴﺮ اﺳﻼﻣﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻮن ﭘﺴﻨﺪ ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ﺟﻨﻬﻦ‬
                         ‫ﺧﻼف ﻫﻮ آواز اﭤﺎرﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺗﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻟﮙﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ.‬
‫ان وﻗﺖ ﺟﻲ وڏي ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ آﻳﺖ ا﷢ ﺑﻮروﺟﺮدي ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮام ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻟﻴﮉر ﻳﻌﻨﻲ آﻳﺖ ا﷢ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻴﺖ ﺧﻼف ﺟﻬﺎد زور وﭠﮡ ﻟﮙﻮ. ﻫﻲ‪‬‬
‫۱۶۹۱ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۳۶۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺮوج ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﺋﻲ. ان ﺳﺎل ۳ ﺟﻮن ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺗﺎرﻳﺨﻲ‬
‫ﺗﻘﺮﻳﺮ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺗﻲ ﭜﺎڙڻ ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﻧﺪﻳﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﮐﻲ‬
‫‪ Support‬ﭤﻲ ﻛﻴﻮ اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮاﻧﻦ ﮐﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ اﺳﺮاﺋﻴﻞ ﻣﻮﻛﻠﮡ ﭘﺴﻨﺪ‬
‫ﻛﻨﺪو ﻫﻮ. ﺧﻤﻴﻨﻲ ان ﺟﻲ ﺧﻼف آواز ﺑﻠﻨﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﺗﻘﺮﻳﺮ ۾ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻋﺎﻟﻤﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻫﻢ‬
‫ﻛﺮدار ادا ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ.“ اﻫﻮ ﭔﮅي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ”اﻳﺮان“ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺎﺑﻲ ڏاڏي ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ‬
‫وﻳﭡﻮ ﻫﻮ، اﻫﻮ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻲ اﻫﻲ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ۾ ﻛﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﻳﺎ ﻛﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻼف ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ‪ ‬ﻏﺎﺋﺐ ﭤﻲ‬
‫وﻳﻨﺪو ﻫﻮ. ان ﻛﻢ ﻻ‪ ‬ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﺟﺎﺳﻮﺳﻲ ادارو ‪ SAVAK‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻇﻠﻤﻦ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ‬
‫ﺑﻪ ﻣﻨﻬﻦ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻜﻨﺪا رﻫﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺟﻮﺷﻴﻠﻲ ﺗﻘﺮﻳﺮ ﭔﮅڻ ﺑﻌﺪ ﻗﻢ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻧﻜﺮي آﻳﺎ ۽‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﭤﻴﮡ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﮑﮍي ﺗﻪ ﺳﭝﻨﻲ وڏن ﺷﻬﺮن وﻳﻨﺪي ﺗﻬﺮان ۾، ﻋﻮام ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ‬
‫ﺧﻼف ۽ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺣﻖ ۾ ﻣﻈﺎﻫﺮا ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ. ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ آرڊر ﺗﻲ ﻓﻮج ﭨﺌﻨﻜﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻫﻦ وڌﻧﺪڙ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮐﻲ‬
‫ﺧﺘﻢ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻛﺌﻴﻦ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﺘﻞ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ ﭘﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ ﻣﺎﭠﻮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ. وﻳﺘﺮ ﻟﻴﮉرن ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ دﭔﺎ‪‬‬
‫اﻳﺘﺮو ﺗﻪ وڌي وﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﻣﻮﺟﻮدﮔﻲ ۾ ﻣﺎٺ ﭤﻲ وﻳﻨﺪي. اﻫﻮ ﺳﺎل‬
‫۴۶۹۱ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۴ ﻧﻮﻣﺒﺮ ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻃﻦ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ. ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺗﺮﻛﻲ ‪ Deport‬ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ‬
‫ﻫﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ازﻣﻴﺮ ۽ ﺑﺮﺳﺎ ۾ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۵۶۹۱ ۾ ﻋﺮاق ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﺳﺎل ﻧﺠﻒ ۾‬
‫رﻫﻴﻮ، ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺎﻧﻦ وارن ﻛﺌﺴﭩﻦ ﺗﻲ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي اﻳﺮان‬
‫ﻣﻮﻛﻠﻴﻮن وﻳﻮن ﭤﻲ ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﺎن ﻣﺎﮢﻬﻦ وڌﻳﻚ ﻛﺌﺴﭧ ﭨﻴﭗ ﻛﺮي ﻋﻮام ۾ ورﻫﺎﻳﺎ ﭤﻲ. آﺧﺮ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫اﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭸﻲ.ان وﻗﺖ ﻋﺮاق ﺟﻮ ﻧﺎﺋﺐ ﺻﺪر ﺻﺎدام ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﮐﻲ زوري‪ ‬ﻋﺮاق ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ وﻳﺰا ﺗﻲ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ‪ Neauphle-le-chateau‬۾ اﭼﻲ‬
‫رﻫﻴﻮ. ﭘﭡﻴﺎن اﻳﺮان ۾ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻣﻈﺎﻫﺮا وڌﻧﺪا وﻳﺎ. ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺑﭽﮡ ﺟﻮ‬
‫ﻛﻮ آﺳﺮو ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ۶۱ ﺟﻨﻮري ۹۷۹۱ ﺗﻲ اﻳﺮان ﮀﮇي ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ. ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ ﺳﺮ ﺑﭽﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﻛﺎ ﻧﺌﻴﻦ‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻴﺲ ۾ اﻧﺴﺎن ﻻ‪ ‬وڏو ﺳﺒﻖ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫ﻫﺌﻲ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڏو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ۽ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻣﮑﻴﻮن ﻣﺎﻛﻮڙﻳﻮن ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ. ﻫﻦ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ. ﮐﻴﺲ ﭘﭧ ﺟﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﭘﭧ ﺧﺎﻃﺮ ﭔﻲ ﺷﺎدي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭼﻲ‬
‫ﻫﻴﮇا ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺘﻮن ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ، اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺗﺮﻛﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ﺑﺤﺮاﺣﻤﺮ ﮐﺎن ﻛﺌﺴﭙﻴﺌﻦ ﺳﻤﻨﮉ‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ﺳﻨﺪس آﻫﻲ ان ﺟﻮ ﻛﻮ واﻟﻲ وارث ﻧﻪ ﭤﺌﻲ. ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻲ زال ﻣﺎن ﭘﭧ ﺑﻪ ﭤﻴﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ‬
‫ﮐﻴﻦ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﺤﻞ ﻣﺎڙﻳﻮن ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻠﻚ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ. ﻧﻪ رﮘﻮ ﮀﮇﮢﻮ ﭘﻴﻮ ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻛﻮ ﻣﻠﻚ ﮐﻴﻦ رﻫﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻴﺎر‬
‫ﻧﻪ ﻫﻮ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻬﮍو ﻣﻠﻚ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﻏﻼﻣﻲ ﻛﺌﻲ ان ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﮀﻮت ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﺑﻨﺎ ﺳﮇ ﺟﻲ‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺑﻪ ﭼﻴﺲ ﺗﻪ ﭔﻴﻠﻲ ﺟﻠﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﭨﻴﺴﭧ ﻛﺮاﺋﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺟﺎن ﮀﮇ. ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺟﻮ‬
‫ﻫﻴﮇو وڏو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ، ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ، آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻛﺌﻨﺴﺮ ﺟﻲ ﻣﺮض ۾ ﺗﮍﭘﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻦ ﺟﻲ ڏاڏي ﭠﮙﻲ‬
‫ﻛﺮي ﻫﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﺋﻲ. ﻫﻮ ﮀﺎ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ رﻫﻨﺪو ﻧﺎن‪‬‬
                          ‫ا﷢ ﺟﻮ. ﭘﻬﻠﻮي ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﺌﻴﻦ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ﭘﻮرن ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻓﻴﺒﺮوري ۹۷۹۱ ﺗﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ۵۱ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺟﻼوﻃﻨﻲ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ آﻳﻮ. ﺟﻴﺌﻦ ﺷﺮوع ۾ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻫﺎ واﭘﺴﻲ اﺳﺎن ﺟﭙﺎن ۾ ﭨﻲ‬
‫وي ﺗﻲ ڏﭠﻲ. ‪ ABC‬ﭨﻲ وي ﺟﻮ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪو ﭘﻴﭩﺮ ﺟﻴﻨﻨﮕﺲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ۾ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ واﻗﻌﻲ ﺟﻲ رﭘﻮﭨﻨﮓ‬
                   ‫ﻛﺮي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ، ﺗﻨﻬﻦ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ؛‬
‫”?‪“What do you feel in returning Iran‬‬
                                                                                 ‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺟﻮاب ۾ ڏﻧﻮ؛‬
‫” ﻫﻴﭻ اﺣﺴﺎس ﻧﺪارم.“ ﻳﻌﻨﻲ آﺋﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻣﺤﺴﻮس ﻧﭥﻮ ﻛﺮﻳﺎن. ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺟﻮاب ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮا ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﺎ‬
                                         ‫ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﺨﺎﻟﻒ، ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻛﭡﻮر دل ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺛﺎﺑﺘﻲ ﭤﺎ ڏﻳﻦ.‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ واﭘﺲ اﭼﮡ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﭽﻲ دل ﺳﺎن ﻫﻦ ﺟﻮ آڌر ﭜﺎ‪ ‬ﻛﻴﻮ. ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻣﻮﺟﺐ‬
‫ﺗﻬﺮان ۾ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﻟﮏ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻬﺸﺖ‬
‫زﻫﺮا ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺗﻲ اﭼﻲ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﻴﺪن ﮐﻲ ﺧﺮاج ﺗﺤﺴﻴﻦ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ ﺟﻦ ﻫﻦ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﻻ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﺟﻮ‬
‫ﻧﺬراﻧﻮ ڏﻧﻮ ۽ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﻓﻮج ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻫﭥﺎن ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ. ﻋﻮام اﺳﻼﻣﻚ رﻳﭙﺒﻠﻚ ﻻ‪ ‬ووٽ ڏﻧﻮ ۽ اﻫﮍي ﻃﺮح‬
‫دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﮔﻮﻟﻲ ﺗﻲ ۰۰۴۱ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﺳﻼﻣﻲ رﻳﺎﺳﺖ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ. ۹۷۹۱ ﮐﺎن ۹۸۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﭛ‬
‫ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺗﻘﺮﻳﺮون ﻛﻴﻮن، ﻟﻴﻜﭽﺮ ۽ واﻋﻆ ڏﻧﺎ، ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ ڏﻧﺎ، اﺳﻼم ۽ اﺧﻼق ﺟﻮن‬
           ‫ﭜﻼﻳﻮن ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﺧﺎرﺟﻲ ۽ اﻧﺪروﻧﻲ ﭘﺎﻟﻴﺴﻴﻮن اﺳﻼم ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮن.‬
‫ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﺣﻴﺎت رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ۳ ﺟﻮن ۹۸۹۱ ﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻦ ﺟﻬﺎن ﻣﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ‬
                                                          ‫ﭠﺎﻫﻲ وﻳﻮ. ۽ ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﭨﻮرﺳﭧ ﺟﻲ؛‬
‫”.‪“The Islamic Republic of Iran like a beacon, Shines out across the globe and embraces the oppressed‬‬
                                        ‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ‬

‫ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان اﭼﮡ وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ‪ Iran Air‬ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﻫﻮاﺋﻲ‬
‫اڏي”اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ“ ‪ IKA‬ﺗﻲ اﭼﻲ ﻻﭤﻮ، ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻣﻴﻞ ﭘﺮي آﻫﻲ.اﻳﺮان اﻳﺌﺮ ﺟﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ‬
‫ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﻓﻼﺋﻴﭧ ﭘﻬﺮﻳﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﻲ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻛﺮاﭼﻲ‬
‫ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻻﭤﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ آﻫﻲ. اﻫﻮ‬
‫اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﮐﮣﻲ ﭘﺮاﮢﻮ ۽ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﺴﺎﻓﺮن ﻻ‪ ‬ﺗﻪ ﺳﭡﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ واﻧﮕﺮ ﺷﻬﺮ‬
‫۾ ﺋﻲ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺻﻮرت ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﻛﺮي ﭨﻮﺋﺮزم وڌي ﻧﻪ‬
‫ﺳﮕﻬﻲ آﻫﻲ ۽ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﺟﻴﻜﻲ آﻫﻦ اﻫﻲ ﺋﻲ ﮔﺬرﻳﻞ وﻳﻬﻪ ﻳﺎ ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺳﺎﮘﻴﻮن آﻫﻦ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان، اﻧﮉﻳﺎ، ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ‬
‫ﻳﺎ ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واﻧﮕﺮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻫﺠﻦ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮔﻬﻤﮡ وارو، اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ‬
‫ﻟﻬﻲ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ‪ ‬ﺻﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ اﭼﻲ ﻫﺎ. اﺗﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ وٽ ﻳﺎ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ﻓﻴﺼﻞ ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ وٽ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭘﻮي‬
‫ﻫﺎ. ﭘﺮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ وٽ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﻓﻮراﺳﭩﺎر ﻳﺎ ﭤﺮي اﺳﭩﺎر ﻣﮉي وي ﻫﻮﭨﻞ ﻫﺌﻲ ﺳﺎ ﺑﻪ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﻳﺌﻲ. ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﻛﮇﻫﻦ اوﭼﺘﻮ ﮔﻬﮣﻲ ﺑﺎرش ﭤﻲ ﭤﺌﻲ ﻳﺎ ﻫﻨﮕﺎﻣﺎ ﭤﺎ ﭤﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﭥﻮ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي‬
‫ڌارﻳﻮن ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻮﭨﻞ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﻴﻜﻮ اﻫﮍﻳﻦ ﻫﻨﮕﺎﻣﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﻈﺮ ۾ رﮐﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻳﺎ رﻳﻠﻮي‬
‫اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ رﻫﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻬﺮان ﺟﻮ ﭘﺮاﮢﻮ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺋﻲ ﻫﻚ ﺣﺼﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ.‬
                                                                  ‫ﺷﻬﺮ ﺟﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ ۽ ﭼﻮراﻫﺎ ﺳﭛ وﻳﺠﻬﺎ اﭤﺲ.‬
‫آﻳﺖ ا﷢ ﺳﻌﻴﺪي روڊ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻴﺪان ﻓﺘﺢ واري ﭼﻮراﻫﻲ ﮐﻲ ﻣﻴﺪان آزادي واري راﺋﻮﻧﮉ اﺑﺎﺋﻮٽ ﺳﺎن ﻣﻼﺋﻲ ﭤﻮ ۽ اﻫﻮ‬
‫رﺳﺘﻮ ﻣﻴﺪان آزادي واري ﭼﻮراﻫﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح روڊ )ﺑﺰرﮔﺮاه ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح( ﭤﻴﻮ وﭸﻲ ﺟﺘﺎن ﺷﻬﺮ‬
‫ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﻣﻴﭩﺮو ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻴﺪان آزادي وٽ ﺑﺲ ﭨﺮﻣﻴﻨﻞ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺑﺴﻮن ﻣﺸﻬﺪ، ﻗﻢ،‬
‫زﻧﺠﺎن، ﻫﻤﺪان ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮ ن ڏاﻧﻬﻦ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﭔﻦ اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ۽ ﭼﻮراﻫﻦ ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭔﻴﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ؛‬
‫ﻛﻤﻴﻞ، ﻣﺎﻟﻚ اﺷﺘﺮ، ﻫﺎﺷﻤﻲ، داﻣﭙﺰﺷﻜﻲ، ﻃﻮس، آزادي، اﺳﺘﺎد ﻣﻌﻴﻦ، ﺻﺎﻟﺤﻲ، ﺟﻴﺤﻮن وﻏﻴﺮه اﭼﻴﻮ ﻣﻠﻦ ﺟﻦ ﺗﻲ‬
      ‫ڌارﻳﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آﻳﻞ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻲ ﮐﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﺳﮕﻬﻪ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ.‬
‫ﻫﻦ وﻗﺖ اﺳﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﭥﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ان‬
‫ﻛﺮي ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﺎن ﺟﻬﺎز ۾ ﭼﮍﻫﮣﻮ ﻫﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻪ‬
‫ﮔﻬﮣﻮ ﻣﭥﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﭤﻮرو اﺗﺮ ۾ ۽ ۰۰۵ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اوﭜﺮ ۾، اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺑﺎرڊرن‬
‫وٽ آﻫﻲ. ﻫﻮن‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ڏي ﺳﮅي اڏام ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻫﻲ ۰۰۵ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺳﻔﺮ ﺟﺎ ﺗﻪ ﺑﭽﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن‬
‫اﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﺑﻪ ۰۶۴ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﺑﭽﻦ ﻫﺎ. ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻣﻔﺎﺻﻠﻮ ۰۲۹۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ‬
‫آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻓﻘﻂ ۰۵۴۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻓﺴﻮس ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺗﻲ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ‬
‫ﭘﺸﺎور ﺟﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﺸﺎور ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ۽ ﻫﺎڻ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﭘﺸﺎور‬
‫۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﺎ ڊﺋﺮﻳﻜﭧ اڏام ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﮇﻫﻮﻛﻮ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻦ ﻫﺎ ﺟﻮ ﭘﺸﺎور وارن ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺮاﭼﻲ‬
                                                                     ‫ﮐﺎن ﺑﻪ ۰۵۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﺳﺎن ﻫﺎڻ ﺑﺲ ۾ ”ﻗﻢ-ﺗﻬﺮان“ ﻫﺎ‪ ‬وي وﭠﻨﺪا، ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ اڏي ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ اڏي ﺗﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺑﻪ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ”ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا“ ۾ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﻬﻴﺪن ﺟﻮ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن‬
‫ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﻫﻦ ۾ ﭔﻦ ﻟﮑﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺷﻬﻴﺪ ﺗﻪ ﻋﺮاق ۽ اﻳﺮان واري ۸ ﺳﺎل ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻨﮓ ﺟﺎ آﻫﻦ، ﭔﻴﺎ اﻫﻲ ﺷﻬﻴﺪ‬
‫آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ آﻧﺪل اﻧﻘﻼب ۾ ﮔﺬرﻳﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﺎﺳﻮﺳﻲ اداري ﺳﺎواڪ ۽ ﻓﻮج‬
‫ﻫﭥﺎن ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﺎ. اﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺼﺮي ﻛﻼس ﻣﻴﭧ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻼس ﻣﻴﭧ )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﭙﻨﮓ‬
‫ﺟﻮ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل( ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺻﺤﺎﺑﺎ ﮐﻲ ﭼﻴﮍاﺋﻴﻨﺪي ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ” ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ‪ ‬ﺑﭽﺎﺋﻲ ﺑﻪ اﭤﺎﻧﻮ ﻳﺎ‬
                                                                                    ‫ﭜﺮﺟﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ؟“‬
                                                                      ‫”ﮀﻮ ﮀﻮ؟“ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺻﺤﺎﺑﺎ ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮس.‬
‫”ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﻋﺮاق ﺑﻌﺪ ﻫﺎڻ ﺟﮇﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻨﺪو ﺗﻪ ﺷﻬﻴﺪن ﮐﻲ ﻛﭥﻲ دﻓﻦ ﻛﻨﺪاﺋﻮ؟“‬
‫ﺟﻮاب ۾ ﺻﺤﺎﺑﺎ )ﻣﻮن ڏي ﺑﻪ اﺷﺎرو ﻛﺮي( ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ” ﺗﻮﻫﺎن ﻣﺼﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﮀﺎ ﭤﻴﻨﺪو؟“ ﺗﻪ ﻛﺌﻴﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ واري ﮐﻞ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮس اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﮀﮇي ڏي ﺗﻪ ” اﺳﺎن ﺗﻪ آﻫﻴﻮن آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﺎ ﭼﻤﭽﺎ.....‬
                                   ‫اﺳﺎن ﺑﻲ ﻏﻴﺮﺗﻦ ﺟﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﻻﺋﻲ ﮀﺎ ﺣﺸﺮ ﭤﻴﮣﻮ آﻫﻲ، ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﭜﺎ‪“!.....‬‬
‫اﺳﺎن ﭨﺌﻲ ﭴﮣﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺗﻮڙي آﻓﺮﻳﻜﺎ، اﻳﺸﻴﺎ، ڏﮐﮡ اﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ، ﭔﻪ ﺳﺌﻮ‬
‫ﮐﻦ ﺟﻬﺎزي آﻓﻴﺴﺮ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﮔﮇ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. ﻗﺎﻫﺮي ‪ Cairo‬ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ اﻳﺮان‬
‫ﮔﻬﻤﮡ ﻻ‪ ‬اﻳﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﺮان ﻣﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻲ. ” ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۽ ﻋﺮاق ﺟﻲ اٺ ﺳﺎل ﻟﮍاﺋﻲ ۾‬
‫ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ، اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻧﺴﻞ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭘﻮڙﻫﺎ ۽ ﭔﺎر ﻧﻈﺮ آﻳﺎ ﭤﻲ، ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﻣﻠﻚ ﺗﻲ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻮرپ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻃﺮﻓﺎن ﺳﺨﺖ ﭘﺎﺑﻨﺪﻳﻮن ﻟﮙﻞ آﻫﻦ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻴﮇي ﻋﻈﻴﻢ ۽ ﻣﺜﺎﻟﻲ ﻗﻮم‬
‫آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺳﮑﻴﻮ ﺳﺘﺎﺑﻮ ﻣﻠﻚ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ، ﺟﺘﻲ اﻣﻴﺮ ﺗﻮڙي ﻏﺮﻳﺐ ﺧﻮش آﻫﻲ. ﭨﻲ‬
    ‫وﻗﺖ ﻣﺎﻧﻲ ﭤﻮ ﮐﺎﺋﻲ ۽ ﻋﺰت ﺟﻲ روزي ﭤﻮ ﻛﻤﺎﺋﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺳﺌﻲ ﺳﮙﻲ ﮐﺎن ﺑﺴﻮن ﭨﺮﺋﻴﻜﭩﺮ ﭤﻮ ﭠﺎﻫﻲ ....“‬
‫ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺳﺎن آﺋﻮن ﺑﻪ ﺳﻬﻤﺖ آﻫﻴﺎن ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻨﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﺗﻲ اﻓﺴﻮس ﻛﻨﺪو آﻫﻴﺎن ۽ ﮐﻞ ﮐﻞ ۾ ﮐﻴﻦ ﭼﻮﻧﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻛﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫آﻫﻴﻮن ﺟﻮ اﭸﺎن ﻧﭥﺎ ﺳﮅرون! ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺣﻨﻔﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﻧﻪ اﻳﻨﺪي آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ، ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ، ﭘﺎرﻛﻦ، اﺳﭙﺘﺎﻟﻦ، ﺑﺴﻴﻦ ۽ رﻳﻞ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﻨﺪي ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﺑﻪ واﮐﺎڻ‬
‫ﻛﺮي وﻳﻨﺪو آﻫﻲ. ﻳﺎرو ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻣﭥﻲ ﺟﻮ ﺳﻮر آﻫﻲ. وﻗﺖ ﭤﻮرو ﻫﺠﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﻇﻢ آﺑﺎد‬
‫ﮐﺎن ﻣﻠﻴﺮ ڏي ﻧﻪ ﻧﻜﺮﻧﺪي. ﻛﺎ ﺧﺒﺮ ﻧﭥﻲ ﭘﻮي ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮو ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻟﮙﻲ وﭸﻲ. ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ‬
‫ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﻫﺎ‪ ‬وي ﺟﺎ ﺗﻪ اڌ ﻛﻼڪ ۾ ﭘﻮرا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ ﭘﺮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﭨﻲ ﭼﺎر ﻣﻴﻞ ﻟﻨﮕﻬﻲ ﻣﻬﺮآﺑﺎد‬
‫اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪ ‬دﻋﺎﺋﻮن ﭘﻴﺎ ﮔﻬﺮون ﺗﻪ ﺟﻠﺪي ﭘﻬﭽﻮن ﻣﺘﺎن ﻣﺸﻬﺪ وﻳﻨﺪڙ اﺳﺎن واري ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻫﻠﻲ ﻧﻪ وﭸﻲ.‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﺳﺎن وارو ڊراﺋﻴﻮر ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا ﮐﺎن وﭠﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ ﮐﺎن ۽ وڏن رﺳﺘﻦ ﺗﺎن وﭠﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ ﺟﻴﺌﻦ‬
‫ﺟﻠﺪ ﭘﻬﭽﻲ. ﻧﺎرٿ ﺑﻬﺸﺖ زﻫﺮا روڊ، ﺧﻠﻴﺞ ﻓﺎرس روڊ، ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺎﻇﻤﻲ روڊ، ِﻳﺖ ا﷢ ﺳﻌﺪي روڊ ۽ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ وري‬
‫اﻧﺪرﻳﺎن رﺳﺘﺎ ﺑﺮادران ﺑﻬﺮاﻣﻲ روڊ، ﻧﺎرٿ ﺣﻴﺪري روڊ، ﻣﻴﺪان ﻣﻌﻠﻢ، ﺗﺨﺘﻲ روڊ، ۵۴ ﻣﺘﺮي زرﻧﺪ روڊ وﭠﻴﻮ ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻲ‬
‫ﭘﺮ ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺟﺎﻣﻊ ﻛﻼٿ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۽ ﭘﺎﭘﻮش ﺟﻬﮍا ﻋﻼﺋﻘﺎ اﭼﻴﻮ وﭸﻦ. ﻫﻚ ﻃﺮف ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙن ﺟﻮ ﺟﺘﺎن‬
‫ﻛﭥﺎن رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﺮڻ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ وارن ﺟﻮ ﻏﻠﻂ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن اﭼﻲ ﭰﺎﺳﮡ آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺲ ﻳﺎ ﻛﺎر‬
‫واري ﮐﻲ ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ ﭜﺮ واري ﻟﻴﻦ ۾ ﭤﻮري ﺟﺎ‪ ‬ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮀﮇي ان ۾ ﻫﻠﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﺌﭙﭩﻦ‬
‫ﺣﻨﻔﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻴﻦ ﭤﻮ ﻛﺮي! اﻫﺎ ﺗﻪ ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب آﻫﻲ. اﭸﺎن ﺑﻪ ﭼﺎﻛﻴﻮاڙي،‬
‫ﺑﻐﺪادي ۽ ﻟﻲ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺟﻮ ﻫﺘﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺮي ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ ﻣﻮﻧﺠﻬﻪ ﭤﻴﮡ ﺑﺪران ﻫﻮ وﻳﺘﺮ ﻫﻮ ﻣﻠﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي.‬
‫ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﭤﻮ ﺳﻮﭼﻴﺎن ﺗﻪ ﺣﻨﻔﻲ‪ ‬ﺟﻮ ڏوﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﻛﻮﻟﻤﺒﻮ ۽ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ﺳﺎن ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ‬
‫ﻛﻴﺮو )ﻗﺎﻫﺮي( ﺳﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ، ﻛﺎرن ۽ ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﮔﮇﻫﻪ ﮔﺎڏﻳﻮن، اٺ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺳﺎن‬
‫ﮔﮇ ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ﺑﻪ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻛﻴﺮو ۾ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﻜﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻣﻨﺠﻬﻲ ﭘﻮي. ان ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﺗﻬﺮان ۾‬
‫ﻓﻘﻂ ﭼﺌﻦ ﭰﻴﭥﻦ ﺗﻲ ﭘﻴﭩﺮول ۽ ﮔﺌﺲ ﺗﻲ ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻮن آﻫﻦ. ﻛﺘﺎ ﭔﻼ ﺗﻬﺮان ۾ ﺗﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ، ﺷﻴﺮاز ۽ اﺻﻔﻬﺎن ۾‬
‫ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ اوور ﻓﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪڙ ﮔﭩﺮن ۽ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮي ﮐﺎن ﭘﺎڪ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﮔﻬﻤﻲ‬
‫اﻳﻨﺪڙ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﻫﺮ وﻗﺖ ﭔﮅﺑﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻴﻮن ﺻﺎف رﻫﻦ. ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﺧﺒﺮ‬
‫ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ ﭤﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺷﻴﺮاز ۾ رات ﺟﻮ ﭔﺎﻫﻴﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ﺷﻬﺮي ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫ﺟﺎ ﭜﻨﮕﻲ ﺳﺨﺖ ﺳﺮدي ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭔﻬﺎرن ﺳﺎن ﮔﻬﭩﻴﻮن ﺻﺎف ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﮔﻨﺪ ﻛﭽﺮو ﭨﺮﻛﻦ ۾ ڍوﺋﻲ رﻫﻴﺎ‬
                         ‫ﻫﺌﺎ. اﺳﺎن وٽ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ڊﻓﻴﻨﺲ ﺟﻬﮍي ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﺻﻔﺎﺋﻲ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ.‬
‫ﺻﺒﺢ ﭘﻬﺮ ﺻﺎف ﺳﭥﺮي ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ڍﻳﺮ ﭜﻨﮕﻲ اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﭼﻮراﻫﻲ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﺿﺮور اﻳﻨﺪا ﺟﻴﺌﻦ آﻓﻴﺲ وﻳﻨﺪڙ‬
‫ڊﻓﻴﻨﺲ آﻓﻴﺲ ۽ ﻛﻠﻔﭩﻦ ﻛﺌﻨﭩﻮﻧﻤﻴﻨﭧ ﺑﻮرڊ ﺟﺎ ﻓﻮﺟﻲ آﻓﻴﺴﺮ ﮐﻴﻦ ڏﺳﻲ وﭠﻦ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ وﮢﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن وﻳﭡﺎ ﺳﮕﺮﻳﭧ‬
‫ﮀﻜﻴﻨﺪا. اﻫﻢ رﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﺎﻗﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﻮ ﻋﻴﺪ واري ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺋﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﮔﻬﺮ ﮔﻬﺮ ﺟﻮ ﺑﻴﻞ وﭴﺎﺋﻲ‬
                                                                            ‫ﻋﻴﺪ ﺟﻲ ﺧﺮﭼﻲ وﭠﮡ ﻻ‪.‬‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﮔﻼ ﻧﻪ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ. دراﺻﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻟﮑﮡ ﺳﺎن ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ اﻳﻨﺪڙ‬
‫زاﺋﺮﻳﻦ ﻳﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻏﻠﻂ ﻓﻬﻤﻲ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺼﺮي دوﺳﺖ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ۾ اﭼﻲ آﺋﻮن‬
‫ذﻫﻨﻲ ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ۽ ﮔﺎڏﻳﻦ ﺟﺎ ﻗﺎﻧﻮن ۽ ان ﺗﻲ ﭤﻴﻨﺪڙ ﻋﻤﻞ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ، ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۽ ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ﺟﭙﺎن‬
‫ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻚ ﺟﻬﮍو ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻮ ﻫﻮس ﺟﺘﻲ ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﮡ ﻻ‪ ‬ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ وک ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ﻻﻫﻲ‬
‫روڊ ﺗﻲ رﮐﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻦ ﮐﻲ ﺑﺮﻳﻚ ﻟﮙﻴﻮ وﭸﻲ. ﻫﺘﻲ اﻫﮍي ﺣﺎﻟﺖ آﻫﻲ ﺟﻬﮍو ﻣﻮت ﺟﻲ ﮔﻮﻟﻲ ۾ ﻫﻠﮣﻮ ﭘﻮي‬
‫ﭤﻮ. ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺋﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻻري ﭤﻲ ﻣﭥﺎن ﭼﮍﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ وارا ۽ ﭘﻴﺎدا ﻫﻚ ﭔﺌﻲ‬
‫ﮐﻲ ڊﻳﭵﺎري ﭘﺎڻ اﮘﻴﺎن وڌن ﭤﺎ. ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﺎن ڊﭴﻨﺪي ڊﭴﻨﺪي ﻫﻴﭟ ﻟﻬﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻳﻨﺪر ﮔﺎڏﻳﻦ وارا رﻓﺘﺎر‬
‫ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﺎرن ڏﻳﺌﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ڊﻳﭵﺎري ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﺑﻴﻬﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﺠﺒﻮر ﻛﻨﺪا ﭘﺮ ﺟﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺑﻲ ﺧﻮف آﻫﻴﻮ،‬
‫ﭘﺮﻋﺰم آﻫﻴﻮ ۽ وﻳﺘﺮ ﻫﻚ ﺑﺪران ﭨﻲ ﭼﺎر ﭴﮣﺎ آﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﺑﺮﻳﻚ ﻫﮣﻲ ﺑﻴﻬﻲ رﻫﻨﺪا ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ رﺳﺘﻮ‬
‫ﻛﺮاس ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﻴﻨﺪا. ﻣﻮن ان ﺑﻌﺪ ان ﺧﻮف ﺗﻲ ﺣﺎوي ﭤﻴﮡ ۽ ﭘﻜﻮ ارادو ﭘﻴﺪا ﻛﺮي رﺳﺘﻮ ﭨﭙﮡ ﺟﻲ‬
‫ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺮ دﻓﻌﻲ ﻟﮙﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﭨﺌﻜﺴﻲ وارو، ﺑﺲ وارو، ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ وارو ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎڏي ﺳﻠﻮ‬
‫ﻛﺮي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﻨﮕﻬﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ڏﻳﮡ ﺑﺪران ﻣﻮن ﻣﭥﺎن ﭼﺎڙﻫﻲ وﻳﻨﺪو. ان ﺑﻌﺪ ﻣﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ رﺳﺘﻮ‬
‫ﭨﭙﮡ ﻻ‪ ‬ﻓﭧ ﭘﺎٿ ﺗﻲ اﻧﺘﻈﺎر ﭤﻲ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﺴﻴﻦ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﻦ. ﻣﻮن ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن‬
‫)ﻳﻌﻨﻲ اﻳﻨﺪڙ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻃﺮف، ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن( ﻫﻨﻦ ﺟﻲ آڏ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻲ ﭤﻲ ورﺗﻮ. ﭘﻴﺪل ﻫﻠﻨﺪڙ اﻳﺮاﻧﻲ ان ﻗﺴﻢ‬
‫ﺟﺎ ﺳﺮﻛﺴﻲ ﻛﺮﺗﺐ ﻛﺮي اﻫﮍو ﺗﻪ ﻫﻮﺷﻴﺎر ۽ ﺗﻴﺰ ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ رﻓﺘﺎر ﺑﻪ ﮔﻬﭩﺎﺋﮣﻲ ﻧﻪ‬
‫ﭘﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﻫﻮ اﻧﮕﮍ وﻧﮕﮍ ﻛﺮي اک ﮀﻨﭛ ۾ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻲ وﭠﻦ ﭤﺎ ۽ ﮔﺎڏﻳﻦ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﭼﭙﺠﮡ ﻻ‪ ‬آﺋﻮن رﻫﺠﻲ وﻳﻨﺪو‬
‫آﻫﻴﺎن ﺟﻮ ﻫﻦ ﻋﻤﺮ ۾ ﻣﻮﻧﮑﺎن اﻫﮍو ﺗﮑﻮ ﻧﭥﻮ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﺌﻲ. اﻧﻜﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮري ﻛﻮﺷﺶ ﻫﻮﻧﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ڊﮔﻬﻴﻦ‬
‫ﭼﺎدرن وارﻳﻦ ﻋﻮرﺗﻦ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﭘﻮڙﻫﻴﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ رﺳﺘﻮ ﻛﺮاس ﻛﻴﺎن. ﮀﻮﺗﻪ ﺟﺎن ﺟﺎﻧﻮر ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﻴﺎري آﻫﻲ. ۽‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ اﻳﺘﺮا ﻣﺮد ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﺮ وﻗﺖ رﺳﺘﻮ ﭨﭙﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻮ‬
‫ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﭔﺎرﺋﻲ ﻫﻮﻧﺪا ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻮ ﺣﺎل ڏﺳﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ‬
‫ﺳﭛ ﮔﺎڏﻳﻮن رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﺋﻲ آﻫﻦ، ﮔﺌﺮﻳﺞ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﮔﺎڏﻳﻮ ن ﺑﻪ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﭘﺎرڪ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﮔﺎڏﻳﻮن ﺋﻲ‬
‫ﮔﺎڏﻳﻮن ﮀﻮ ﻧﻪ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﭘﺎڻ ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻋﻮام ﻻ‪ ‬ﻗﻴﻤﺖ ﮔﻬﭧ رﮐﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺗﻪ‬
‫ﻫﺘﻲ اﻳﮇو ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻟﻴﭩﺮ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﻮﺗﻞ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ۾ ﭨﻲ ﻟﻴﭩﺮ ﭘﻴﭩﺮول ﭤﻮ ﻣﻠﻲ. ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ‬
                      ‫ﻫﻚ ﻓﺎرﻳﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ ڌﻳﺎن ۾ رﮐﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ واﻫﻪ ﺟﻮ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮ.‬
‫... ‪Different Cars‬‬
‫.. ‪Flimsy Mountains‬‬
‫.. ‪Old trees‬‬
‫... ‪Beautiful Scene‬‬
‫. ‪Cool weather‬‬
‫... ‪Busy life‬‬
‫ﻫﻮن‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﺟﻲ ﮔﭙﺎ ﮔﻴﻬﻪ ﺿﺮور آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﺪاﻣﻨﻲ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارو ﻛﻮ ورﻟﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﭨﺮﺋﻔﻚ ﮐﻲ ﻛﻨﭩﺮول ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭼﻮراﻫﻦ ﺗﻲ ﻫﻚ ﻳﺎ ﭔﻪ ۽ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﭨﻲ ﺑﻪ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ وارا ﭘﺴﺘﻮل ﻳﺎ ﺷﺎرٽ ﮔﻦ‬
‫ﺳﺎن ﺑﻴﻬﻦ ﭤﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬اﻫﮍي ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﮔﺎڏﻳﻦ وارا ﺳﮕﻨﻠﻦ ﺗﻲ ﻓﻀﻴﻠﺖ ﺳﺎن ﺑﻴﻬﻦ ﭤﺎ. ‪Lonely Planet‬ﮔﺎﺋﻴﮉ وارن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ‬
                                                                         ‫ﭨﺮﺋﻔﻚ ﻻ‪ ‬واه ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ؛‬
The traffic of Tehran is homicidal and no rules are observed. Traffic lights, indicators, footpaths, and the like are totally
ignored.
The willingness of a car to stop at a red light at a busy intersection is directly proportional to the number of armed traffic
police the driver can see within riffle range.
                               ‫اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺎرون‬

‫ﺟﮇﻫﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﻣﻮﻧﮑﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ دوﺳﺖ ۽ واﻗﻔﻜﺎر اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭔﻴﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮁﮡ ﺳﺎن‬
                                  ‫ﮔﮇ اﻫﻮ ﺑﻪ ﭘﮁﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﻬﮍﻳﻮن ﻛﺎرون ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن؟‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻲ‪ ‬آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﭘﻬﻠﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺟﻮ راڄ ﻫﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ڌن دوﻟﺖ‬
‫ﺷﺎﻫﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﭜﺎﺗﻴﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺧﺎص ﻣﺎﮢﻬﻦ، ﻓﻮﺟﻲ۽ ﺳﻮل اﻋﻠﻲ ﻋﻤﻠﺪارن ﺟﻲ ﻫﭣ ۾ ﻫﺌﻲ. ﻏﺮﻳﺐ ﺳﻮرن ۾‬
                                        ‫ٰ‬
‫ﻫﺌﺎ اﻣﻴﺮن ﻋﻴﺶ ﭤﻲ ﻛﻴﻮ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﺳﭡﺎ رﺳﺘﺎ ﺑﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﺎﻫﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺧﻮﺷﺎﻣﻨﺪڙﻳﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﺌﺎ. آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻳﺎري دوﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻧﺎﺗﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻴﻞ ۽ ﻧﺎﮢﻲ ﻣﺎن ﺟﺎوا ﭘﺌﻲ ﻛﻴﺎ ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ اﻣﻴﺮ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻲ‪ ‬ﻣﺎن‪ Impress‬ﻫﺌﺎ. ﻋﻮام وٽ ﺳﻔﺮ ﻻ‪ ‬ﭜﻠﻲ ﮐﭩﺎرو ﺑﺲ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮن‬
                                          ‫اﮘﻴﺎن ﻫﻚ ﮐﺎن ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﻛﺎر ﻧﻈﺮ آﺋﻲ ﭤﻲ. ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻧﻘﺎد ﺟﻲ ؛‬
‫.‪Iran was once playground for u.s automakers‬‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻓﻮرڊ ۽ ‪ GM‬ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮن ﭠﻬﻴﻞ ﻛﺎرون؛ ﺷﻴﻮرﻟﻴﭧ ‪ ،Navas‬ﺑﻴﻮڪ ﺟﻬﮍﻳﻮن وڏﻳﻮن‬
‫ﻛﺎرون ﻧﻈﺮ آﻳﻮن ﭤﻲ. ﭘﺮ اﻧﻘﻼب اﭼﮡ ۽ ﺧﺎص ﻛﺮي ۱۸۹۱ ۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺳﻔﺎرﺗﺨﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ آﻣﺮﻳﻜﻲ ﺷﻬﺮﻳﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻳﺮﻏﻤﺎل ﻛﺮي رﮐﮡ ﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻣﺎل ﺳﺎن ﮔﮇ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن ﻛﺎرن اﭼﮡ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺑﻪ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ وﻳﻮ. اڄ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﮘﺘﻴﻞ‬
‫ﭨﺮﺋﻔﻚ وارن رﺳﺘﻦ ۽ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﭘﻮڙﻫﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻲ ﺳﭟ ۽ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ﻣﺎڊل وارﻳﻮن ﺷﻴﻮﻳﻮن ۽ ﻛﺌﮉﻟﻚ ﻛﺎرون‬
‫ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو ڏﺳﺠﻲ ﭤﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺎرون ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن اﻫﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻟﻮﻛﻞ ﻣﻴﮉ آﻫﻦ،‬
‫ﻳﻌﻨﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﻛﺎرون ﭘﻴﻜﺎن )‪ ،(Paykan‬ﺳﺎﻣﻨﺪ)‪ ،(Samand‬ﺳﻮرﻳﻦ )‪ ،(Soren‬ﺳﺎرﻳﺮ )‪ ،(Sorir‬ﻟﻮﮔﺎن، ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ ۱۴۱،‬
‫ﺳﺒﺎ)‪ ،(Saba‬ﻧﺴﻴﻢ ﻛﺎر، ﻧﺴﻴﻢ ﺳﻔﺎري، ﭘﺎرس ﮐﻮدرو، اﻳﺮان ﮐﻮدرو ڊﻳﺰل، ﻣﻮراﺗﺎب، ﻫﻨﺪاﺋﻲ ﺳﻮﻧﺎﺗﺎ، ﻛﺮﻣﺎن ﮐﻮدرو،‬
‫ﻛﺶ ﮐﻮدرو، ﺳﻴﻨﺎد- ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺎرو ن اﺋﻴﻦ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﺳﻮزوﻛﻲ ﺟﻮن ﻣﻬﺮاڻ ،اﻟﭩﻮ، ﭜﻠﻴﻨﻮ وﻏﻴﺮه، اﻳﺮان ۾‬
‫وﻳﻨﺪي ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﻬﻦ ۽ ‪ Assemble‬ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﺮوﭨﺎن ﺳﺎﮔﺎ، ﭘﺮوﭨﺎن وﻳﺮا ، ﭘﺮوﭨﺎن اﻣﭙﻴﺎن، ﭘﺮوﭨﺎن‬
                                                                                               ‫‪ ۲Gen‬وﻏﻴﺮه.‬
‫اﻳﺮان ۾ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﮐﻦ ﺳﺮﻛﺎري ۽ ﺧﺎﻧﮕﻲ ﻛﺎرﻳﻦ ﺟﺎ ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ آﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻪ ”اﻳﺮان ﮐﻮدرو“ ۽ ”ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ“ ﺗﻤﺎم‬
‫وڏا آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺎڏﻳﻦ ﻣﺎن ﻧﻮي ﺳﻴﻜﮍو ﭠﻬﻦ ﭤﻴﻮن. اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن‬
‫)ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻴﺮ آﻫﻲ( اﻳﺮان ۾ اﺋﻴﻦ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻣﻮروﺗﻲ ﻛﺎر ﻫﺌﻲ.‬
                                                                                 ‫ٰ‬
            ‫ان ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻫﺎڻ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن اﻳﺮان ﮐﻮدرو وارن ﺳﺎﻣﺎﻧﺪ )‪ (Samand‬ﻧﺎﻟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺎر ﻛﮃي آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﻴﭙﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﺟﻮن ﻛﺎرون ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ ۾ ﺻﺒﺎ، ﻧﺴﻴﻢ، ﺳﺎﺋﭩﺮون ‪ Xantia‬وﻏﻴﺮه اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن. ان ﺑﻌﺪ‬
‫ﻧﻨﮃي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﮡ وارا آﻫﻦ؛ ﻛﺮﻣﺎن ﻣﻮﭨﺮس ﻛﻤﭙﻨﻲ،ڊاﻫﻤﻦ ﮔﺮوپ ﻛﻤﭙﻨﻲ، ﻛﺶ ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ، راﻧﻴﺮان‬
‫ﺗﺮاﻛﺘﻮر ﺳﺎزي )ﻳﻌﻨﻲ ﭨﺮﺋﻴﻜﭩﺮ ﻣﺌﻴﻨﻴﻮ ﻓﻴﻜﭽﺮ(ﺷﻬﺎب ﮐﻮدرو ۽ ﭔﻴﻮن ﻛﺠﻬﻪ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺿﺮورت‬
‫ﺟﻮ ڏﻫﻪ ﺳﻴﻜﮍو ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن. اﻫﻲ ﺳﻤﻮرﻳﻮن ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻛﺎرن ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻮن، ﺑﺴﻴﻮن، وﺋﻦ، ﻧﻨﮃﻳﻮن‬
‫وڏﻳﻮن ﭨﺮﻛﻮن، ﭨﺮﺋﻜﭩﺮ ۽ ﻣﻨﻲ ﺑﺴﻮن وﻏﻴﺮه ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﺟﻬﮍي ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺷﺎﺑﺎس ﻫﺠﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﻮ ڌارﻳﻦ‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﻣﺪار ﻧﺎﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺋﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ‬
‫ﮐﻲ وﻛﮣﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان وچ اوﭜﺮ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻛﺎرون ۽ ﺑﺴﻴﻮن ﭨﺮﻛﻮن ﭠﺎﻫﮡ ۾ ﭨﺎپ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ‬
                                                                                              ‫ﺗﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻛﺎرن ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺮان ﮐﻮدرو )‪ (Iran Khodro Industrial Group‬آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻮ‬
‫ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ. ۲۶۹۱ ۾ ﭔﻦ ﭜﺎﺋﺮن اﺣﻤﺪ ۽ ﻣﺤﻤﻮد ﺧﺎﻳﺎﻣﻲ‪ ‬ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺷﺮوع ۾ ﻧﺎﻟﻮ ”اﻳﺮان‬
‫ﻧﺌﺸﻨﻞ“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ۱۹۷۹ ‬واري اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”اﻳﺮان ﮐﻮدرو“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ. ﮐﻮدرو ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﭨﻮﻣﻮﺑﺎﺋﻴﻞ آﻫﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﻛﻤﭙﻨﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻴﻜﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺎرون ﭠﺎﻫﻴﻨﺪي رﻫﻲ‬
                                                                             ‫ٰ‬
                                                         ‫ﺟﻴﻜﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﻛﺎر ﻫﻠﻤﻦ ﻫﻨﭩﺮ ﺟﻲ ﭔﻲ ﺻﻮرت آﻫﻦ.‬
‫۵۰۰۲ع ﮐﺎن ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ‪ ‬ﭘﻴﻜﺎن ﻛﺎر ﺑﻨﺪ ﻛﺮي ۱.۸ ﻟﻴﭩﺮ ﺟﻲ ﺳﺮﻣﻨﺪ ﻛﺎر ﭠﺎﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ‬
‫ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ۵۰۴ ‪ Peugeot‬ﺟﻲ ﭘﻠﻴﭧ ﻓﺎرم ﺗﻲ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭘﮡ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺎر‬
‫آﻫﻲ. ﺳﺮﻣﻨﺪ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﮑﻮ ڊوڙﻧﺪڙ ﮔﻬﻮڙن ﺟﻮ ﻧﺴﻞ آﻫﻦ. اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ‬
                                                        ‫ٰ‬
‫ﭨﻴﻜﻨﻴﻜﻞ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﺎر ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ )ﺳﺮﻣﻨﺪ( اﻳﺮان ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ ﺻﺪر ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺘﺎﻣﻲ‪ Propose ‬ﻛﻴﻮ ﻫﻮ‬
                                    ‫ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺷﻬﺮ)‪ (epic‬ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺗﺎن ﮐﻨﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﻛﺎر ﺳﺮﻣﻨﺪ دﺑﺌﻲ ۽ دوﺣﺎ )ﻗﻄﺮ( ﺟﻲ ﺑﻪ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ. اﻫﺎ ﻛﺎر ﻋﺮب اﻣﺎرات ﮐﺎن ﻋﻼوه‬
‫روس، ﺑﻠﻐﺎرﻳﺎ، ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن، ﭘﻮﻟﻨﮉ ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺑﻪ اﻳﻜﺴﭙﻮرٽ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻲ‪ ‬ﻛﺎر ﺑﻴﻼروس ۾‬
‫ﻳﻮﻧﻴﺴﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۾ اﺳﭩﺎر ﻛﻤﭙﻨﻲ ”اﻟﺼﻤﻨﺪ ﻋﺰﻳﺰ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻲ. ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭔﮅاﻳﻮ‬
                  ‫ﺗﻪ ﻫﻦ ﺳﺎل ﮐﺎن ﻫﻲ‪ ‬ﻛﺎر ﺷﺎم ‪ Syria‬۾ ﭘﮡ ”ﺳﺎﻣﻨﺪ ﺷﺎم“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﭠﻬﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﻣﻨﺪ ﻛﺎر ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ”ﻧﺌﻴﻦ ﭘﻴﻜﺎن“ )ﭘﻴﻜﺎن ﻧﻮ( ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻛﺎر‬
‫ﭘﻴﻜﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﭨﻦ ڏﻫﺎﺋﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ۾ ﭠﻬﻨﺪي رﻫﻲ ان ﺟﻲ ”آﭨﻮﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﭘﺮوڊﻛﺸﻦ ﻻﺋﻴﻦ“ ﺳﻮڊان ﺟﻲ ﻫﻚ‬
‫ﻛﻤﭙﻨﻲ ”ﺧﺎرﻃﻮم ﭨﺮاﻧﺴﭙﻮرﭨﻴﺸﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ‪ “‬ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ. ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﺳﺎﮘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻧﺎﻟﻲ‬
                                                                           ‫ﺳﺎن ﻛﺎر ﭠﺎﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﻦ.‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﮐﺎن ﺟﮇﻫﻦ ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
                                                                          ‫ﺷﻜﻞ ﭠﺎﻫﻴﻨﺪي ﭼﻴﻮ؛‬
‫‪The Paykan or Arrow is a four cylinder time capsule. The design has barely changed since the first model was copied‬‬
‫.‪from the British Hillman Hunter‬‬
‫ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ ﺷﻴﻮرﻟﻴﭧ ﻛﺎر ﺳﺎن ﺧﻮش ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ، ﺑﻘﻮل ﺳﻨﺪس، ﻧﻪ اﺳﭙﻴﺌﺮ ﭘﺎرﭨﺲ‬
                                                                 ‫ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﺎ وﻛﺎﻣﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻫﻚ ﭔﺌﻲ اﻫﮍي ﻧﺎراض ﻫﻤﺮاﻫﻪ ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن )ﺟﻴﻜﺎ ﺳﺘﺮ ﺳﻴﻜﮍو اﻳﺮان ﺟﻲ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ‬
‫ﭤﻲ (ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﻛﺎر آﻫﻲ! اﻧﻘﻼب ﮐﺎن اڳ وارﻳﻦ ﻛﺎرﻳﻦ )ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺮﻳﻜﻦ ﻛﺎرن ﺑﻴﻮڪ ۽ ﻛﺌﮉﻟﻜﻦ( اﮘﻴﺎن‬
                                                                   ‫ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﻮ ﮐﻮﮐﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﭘﭡﻴﺎن اﻳﺮان ﮐﻮﮐﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪو ﭤﻲ وﻳﻮ. ﭼﮝﻮ ﺟﻮ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻬﮍي ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن اﻳﺮان ۾‬
‫اﻧﻘﻼب آﻧﺪو ۽ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻴﺮن ﺗﻲ ﺑﻴﻬﺎرﻳﻮ ﻧﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﭨﭣ ﭘﻴﺴﭧ ۽ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ ﺑﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن آﺋﻲ ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﺎڻ ﻓﺨﺮ ﻫﺌﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﭘﻴﻜﺎن ۽ ﺳﺎﻣﻨﺪ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﻛﺎرون ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮ ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﺳﻨﺪن ﻣﻠﻚ ۾ ﭠﻬﻦ‬
‫ﭤﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻏﺮﻳﺐ ﻏﺮﺑﻮ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ. اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭘﻴﻜﺎن ﮔﺎڏي ﺟﻲ ﻓﺌﻜﭩﺮي ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ واري اﻧﭽﺎرج ﭼﻴﻮ‬
‫ﺗﻪ؛ ”اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺎر ﭘﻴﻜﺎن ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻮن ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ﺑﻪ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺗﻪ دل ﭼﻮڻ ﺗﻲ‬
                   ‫ﻛﭥﻲ ﺑﻪ وﻛﮣﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. ﮐﮣﻲ ﮀﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭘﻮي ﭘﻴﻜﺎن ﻛﺎر ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ اﭨﻮٽ اﻧﮓ رﻫﻨﺪي.“‬
                                  ‫ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪‬‬

‫اﻳﺮان ۾ ﮔﺎڏﻳﻮن ﭠﺎﻫﮡ واري وڏي ﻛﻤﭙﻨﻲ اﻳﺮان ﮐﻮدرو ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن، ﻋﻮرت ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮرن ﻻ‪ ‬ﭘﮡ‬
‫ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻲ. ﻣﻮن ﺟﻬﮍا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﮔﻬﮣﻮ رﻫﻴﺎ ۽ ﺟﻦ ﺟﻲ دﻣﺎغ ۾ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻫﺎ ڊس اﻧﻔﺎرﻣﻴﺸﻦ‬
‫وڌي ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ آﻫﻲ، ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻛﺎ آزادي ﻧﺎﻫﻲ، اﻧﻬﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﻫﻮﻧﺪي ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﺳﺎن ﺧﻮﺑﺼﻮرت، ﺳﻤﺎرٽ ۽ ﺳﻨﻬﮍﻳﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﻲ اﻣﻴﮕﺮﻳﺸﻦ ۽ ﻛﺴﭩﻢ‬
‫آﻓﻴﺴﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ روپ ۾ ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا. ﺑﺎزارﻳﻦ ۽ ﺳﭙﺮ ﻣﺎرﻛﻴﭩﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ، ﺳﺎﻫﻴﮍﻳﻦ ﺳﺎن ﻳﺎ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪي ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا، ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﻴﮉي ڊاﻛﭩﺮ، ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ، ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﺮﻛﺎري ۽ ﻏﻴﺮ‬
‫ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ وارﻳﻦ ﮐﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ وﻳﻨﺪو ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﻳﺎ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﻛﺎرون ﭘﺎڻ ڊراﺋﻴﻮ ﻛﻨﺪي‬
‫ڏﺳﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا. ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺘﺮو ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺗﻌﺠﺐ ﻟﮙﻨﺪو ﺗﻪ ﻣﻠﺌﻲ ﻋﻮرﺗﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﺴﻴﻮن ﺑﻪ‬
‫ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن. ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻛﺎراج ﺷﻬﺮ وﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﺑﻮﻻﻗﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ‬
               ‫۾ ﻧﺮس ﻫﺌﻲ. ﻛﺎراج ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﻳﺘﺮو ﭘﺮي آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻮاﺑﺸﺎﻫﻪ ﻳﻌﻨﻲ ۰۶ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ.‬
‫ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﺠﺐ ﭤﻴﻨﺪو ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن ۽‬
‫ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﮐﺎن ”‪ “Women – Only‬ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﺗﻬﺮان ۾ ﺑﻪ ﻫﻠﮡ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن آﻫﻦ. ۽ ﻓﻘﻂ ﺑﺲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﭥﻴﻦ ﻋﻮرت‬
‫ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ ﭘﺮوﻓﻴﺸﻨﻞ ڊراﺋﻴﻮر ﻧﺎﻫﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﺳﭛ ۾ وڌﻳﻚ ﻧﺎﻣﻴﺎري ۽ ﭘﺮﻫﻴﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر زﻫﺮا اﻟﻘﺎدري‬
‫آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ اﭼﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ. ﻣﻮن ﺑﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻫﻦ ﻋﻮرت ﺑﺎﺑﺖ ‪CNN‬‬
‫ﺗﻲ ﭔﮅو ﻫﻮ. ﻫﻮ‪ ‬ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ ۽ آل ووﻣﻴﻦ ﻧﺴﺎ‪ ‬ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺳﺮوس ﺟﻲ ﻣﻼزم آﻫﻲ. ﻗﻢ ۾ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ‬
‫ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻠﻨﺪي ﭔﻪ ﺳﺎل ﭤﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ. ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻜﻴﺎﮢﻲ ﻧﻴﺮه آﻏﺎز ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ اﻫﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ، ﻋﻮرﺗﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻫﻦ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ‪ ‬۾، ﺣﻖ ڏﻳﺎرڻ ۾ ﻣﺪد ﺧﺎﻃﺮ ﮐﻮﻟﻲ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﻛﻤﭙﻨﻲ‪ ‬ﺟﻮن ﭨﻴﻜﺴﻴﻮن ﭘﮡ ﭔﻴﻦ ”ووﻣﻴﻦ –‬
                                          ‫اوﻧﻠﻲ“ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻮن ۽ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻧﻨﮃا ﭔﺎر ﮐﮣﻦ.‬
‫”زال ۽ ﭔﺎر اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺿﺮور ﭼﮍﻫﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ“ ﻫﻦ ﭨﻬﻚ ڏﻳﻨﺪي ﺟﺮﻣﻨﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ رﺳﺎن اﻳﺠﻨﺴﻲ ‪Reuter‬‬
                                                ‫وارن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ، ”ﭘﺮ ﻣﮍس ﮐﻲ واڪ ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻮﻧﺪي.“‬
‫ﺗﻬﺮان ۾ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ رﻫﻴﺲ ان ﺟﻲ زال ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬وڏو‬
            ‫ﺳﮏ آﻫﻦ ﮀﻮ ﺟﻮ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻣﺮد ڊراﺋﻴﻮر ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻲ آرﺳﻲ‪ ‬ﻣﺎن ﻋﺠﻴﺐ ﻧﻈﺮن ﺳﺎن ڏﺳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ.“‬
‫ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻋﻮرت ﭘﮡ ﺳﺎﮘﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ﻫﺎڻ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ آﻓﻴﺲ وﭸﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮان ﻣﺮد ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺳﺎن روز روز وﭸﮡ ﺳﺎن ﻣﮍس ﺑﻪ ﺷﻜﺠﻴﻮ ﭘﻮن. ” ﻫﺎڻ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭨﺌﻜﺴﻲ‬
‫ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرت روزاﻧﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭔﺎرن ﮐﻲ اﺳﻜﻮل ﮀﮇي اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﻮﻧﮑﻲ آﻓﻴﺲ وﭠﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ. ﻋﻮرت ﻫﺠﮡ‬
‫ﻛﺮي آﺋﻮن ﺑﻲ ﻓﻜﺮ رﻫﺎن ﭤﻲ ۽ ﭔﺎرن ﺳﺎن ﮔﮇ وﭸﮡ ﺿﺮوري ﻧﭥﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎن.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ. ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻃﺮﻓﺎن اﻫﻮ ﻗﺎﻧﻮن‬
                                   ‫ﻣﻘﺮر ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﺎدي ﺷﺪه ﻋﻮرت ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻟﻮﻛﻞ ﻛﺎرون ۽ ﭘﻴﭩﺮول ﺳﺴﺘﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻳﻮرپ ﻳﺎ‬
‫اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻓﻮرڊ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ . ﺳﻮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻦ ﻗﺴﻢ‬
‫ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ ﭼﮍﻫﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺳﭡﻲ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ. ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻏﺮﻳﺐ ۽‬
‫اﻛﻴﻠﻴﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ ﭔﺎر ﮐﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺧﺮچ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻣﺎن ﻛﮃﻳﻮ وﭠﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﻮﺷﻲ‬
                                                            ‫آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻦ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﺗﻲ ﺑﺎر ﻧﻪ آﻫﻦ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر زﻫﺮا ﺟﻮ اﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ڏاڍو وﮢﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” آﺋﻮن ﭨﺌﻜﺴﻲ ان ﻛﺮي ﻧﭥﻲ‬
‫ﻫﻼﻳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ ﻛﻮ ﭨﺎپ ﺟﺎب آﻫﻲ )ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻤﺎﺋﻲ ﭤﻲ ﭤﺌﻲ( ﭘﺮ ﻣﻮن ﮐﻲ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﭤﺌﻲ‬
‫ﺗﻪ اﻫﺎ ﻋﻮرت ﻃﺮﻓﺎن ﻫﻚ وڏي ‪ achievement‬آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬اﻫﻲ ﻛﻢ ﺑﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ، ﺟﻴﻜﻲ ﻓﻘﻂ ﻣﺮدن ﻻ‪ ‬ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ‬
‫و ﻳﺎ ﭤﻲ.“ ﻫﻦ ﭨﻲ وي ﺗﻲ اﻧﭩﺮوﻳﻮ ڏﻳﻨﺪي اﻫﻮ ﺑﻪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﻬﺮ )ﻳﻌﻨﻲ ﻗﻢ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ‪ ‬ﭨﻴﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻲ ﭤﻲ( ﺟﻲ‬
                                      ‫ﻣﺮد ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻮن ﻓﻘﻂ رڌﭘﭽﺎ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﻧﻪ آﻫﻦ.“‬
‫ﻫﻮن‪ ‬ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﻻ‪ ‬اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ واﻟﻲ ﺑﺎل ۽ ﻣﻠﻬﻪ )‪ (Wrestling‬ﺟﺎ ﻣﻘﺎﺑﻼ‬
‫ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ﺑﺸﺮﻃﻴﻜﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻣﺮدن ﮐﺎن ڌار وﻫﺎرﻳﻮ وﭸﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻨﮃﻳﻦ‬
‫ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ اﻫﻢ ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۽ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ۾ ﭘﮡ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﺳﻮچ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ‬
‫۽ ﻗﻮم ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻻ‪ ‬ﻋﻮرت ۽ ﻣﺮد ﮐﻲ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ. ان ﻻ‪ ‬اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﻮڙي اڄ ﺟﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻋﻮرت ﮐﻲ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺣﻖ ﺣﻼل ﺟﻲ ﭘﻮرﻫﺌﻲ ﻳﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻴﻦ ﻧﭥﺎ. ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ﻋﻮرت ۽ ﻣﺮد ﮐﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮔﻬﺎﭨﻮ ﭤﻴﮡ ﻳﺎ‬
‫اﻛﻴﻼﺋﻲ ۾ ﮔﮇ رﻫﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻦ ﭤﺎ. اﻫﺎ ﺳﺨﺘﻲ ﺗﻪ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ. ﻛﻮﺑﻪ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮀﻮﻛﺮو ۽ ﮀﻮﻛﺮي‬
‫ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﻳﺎ ﻣﻼﻛﺎ ﺟﻲ ﭘﺎرڪ ۾ ﺑﻴﻨﭻ ﺗﻲ ﮔﮇ وﻳﻬﻲ ﺗﻪ ڏﻳﮑﺎري. ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻳﻜﺪم ﺧﻠﻮت ﺟﻲ ﻛﻴﺲ ۾‬
‫ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﺮﻳﻮ ﮀﮇي. ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻲ، وڏي ﭼﺎﭼﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭼﮍﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﺳﻨﺪس ﭜﺎﺋﻴﭩﺎ – ﻳﻮرﭘﻲ‬
‫ﻣﻠﻚ ﺑﻪ وﺗﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﮀﻮﻫﻪ ﮀﻨﮉﻳﻨﺪا. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻫﻮ ﭤﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب‬
                      ‫آﮢﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﭔﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻗﻴﺪﻳﺎﮢﻲ ﺑﮣﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ، ﺑﻘﻮل ﻫﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺟﻨﺮﻟﺴﭧ ﮔﺎرٿ ﺳﻤﭣ ﺟﻲ ﺗﻪ آﻳﺖ ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﻻ‪ ‬ﺣﺠﺎب ﺿﺮوري‬
‫ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ آزادي ڏﻧﻲ آﻫﻲ. ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﭥﻮ ﺣﺠﺎب )روﺳﺮي( ﺳﺎن ۽ ﺟﺴﻢ ﭼﺎدر ﺳﺎن ڍﻛﻲ ﭤﻴﻮن ﻫﻠﻦ‬
‫ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﺗﻪ ﮐﻮﻟﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ . ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺴﻴﻦ ۽ ﭨﺮﻳﻨﻦ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻛﻞ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﺎزار ۽ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ۾ اﻛﻴﻠﻲ ﻳﺎ ﺳﺎﻫﻴﮍﻳﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﺗﻪ اﺟﺎزت آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺮب ۽‬
‫اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﻣﻼن ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ آﻫﻦ. ﻫﻮ ﻫﻚ را‪ ‬ﺗﻲ ﻧﻪ آﻫﻦ.‬
‫ﻛﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﻨﻬﻦ ۽ ﻣﭥﻮ اﮔﻬﺎڙو ﻛﻴﻮ ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ڍﻛﻲ ﭘﻮ‪ ‬ﭤﻴﻮن ﻧﻜﺮن، ﻛﻲ ﺗﻪ ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾‬
‫ﭤﻴﻮن ﻧﻜﺮن ﺗﻪ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ آﮜﺮﻳﻮن ﮐﻨﻴﻮن ﭤﻴﻮن وﭸﻦ. ان ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ‪‬‬
‫ﺟﻴﻨﺰ )‪ (Jeans‬ﺟﻮن ﺑﺮاﻧﮉﻳﮉ ﭘﺘﻠﻮن ۽ ﻣﺮداﻧﻲ ﻓﻴﺸﻦ ﺟﻮن ﻛﺎﻟﺮن وارﻳﻮن ﻗﻤﻴﺼﻮن ﺑﻪ ﭘﺎﺋﻲ ﭤﻲ ۽ ﮔﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ‬
‫ﻻ‪ ‬ﻫﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ روﻣﺎل ﺳﺎن ﻣﭥﻮ ڍﻛﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ ۽ ﺟﺴﻢ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎدر وراﺋﮣﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﻛﻮ‬
‫ﻣﺮد ان ﮐﻲ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﮐﺎن ﻳﺎ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﮡ ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻮ اوڙي ﭘﺎڙي وارو ﻫﻦ ﺗﻲ آﮜﺮ ﮐﮣﻲ‬
‫ﺳﮕﻬﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙو ﮀﻮ ﭘﺌﻲ ﻛﺮي. اﻳﺮان ۾ ﻋﻮرت ﻻ‪ ‬ﻓﻘﻂ ﺣﺠﺎب ۽ ﭼﺎدر ﺿﺮوري آﻫﻦ. ان ﺑﻌﺪ ﻛﻮ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺟﻲ ﮔﻼ ﭤﻮ ﻛﺮي ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙي ﭘﺌﻲ ﻫﻠﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻣﺎغ ﺟﻮ ﻋﻼج ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان‬
‫۾ ﺟﻮان ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺗﻮڙي ﭘﻮڙﻫﻴﻮن اﺋﻴﻦ ﻣﻨﻬﻦ اﮔﻬﺎڙو ﻛﺮي ﭘﻴﻮ ﻫﻠﻦ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﻣﺮد ﮔﻬﮣﻮ ﻣﻮﻟﻮي ﺑﮣﺠﻲ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﻳﺎ ڌي‪ ‬ﮐﻲ اﻓﻐﺎﻧﻲ ﺑﺮﻗﻌﻮ ﭘﺎﺋﮡ ﺗﻲ زور ﭤﻮ ﭜﺮي ﻳﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ڍﻛﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻦ ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ‬
‫ﻗﻢ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ وﭸﻲ وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ۽ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺗﻪ ﻋﻮت ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮو ﭘﮍدو‬
                                                                                         ‫ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ......‬
‫ﺳﻮ ان ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻟﺒﺎس ﻣﻘﺮر ﻛﺮي ﻫﻦ ﻋﻮام ۽ ﻣﻠﻚ ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮي ﻛﺌﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ وڌﻳﻚ ﺋﻲ ﺑﻬﺘﺎن ﭤﻲ ﻫﮣﻲ. ﻧﻪ ﺗﻪ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻮﻟﻮي‪ ‬ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫ﭼﻴﻒ ﻣﻨﺴﭩﺮ ارﺑﺎب رﺣﻴﻢ ﺟﻴﺘﺮي ﺑﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﺳﺨﺘﻲ ﻳﺎ ﮔﻬﭩﺘﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﺎ ﻋﻮرت ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ‬
                                                                         ‫ﭔﻪ‪ Quotation‬ڌﻳﺎن ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ.‬
                                                       ‫ﻫﺮ ﭔﺎر ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﺳﻜﻮل ﻣﺎ‪ ‬ﺟﻲ ﮔﻮد آﻫﻲ.‬          ‫•‬
‫اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺣﻘﻦ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن، ﻋﻮرﺗﻦ ۽ ﻣﺮدن ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﻮﺑﻪ ﻓﺮق ﻧﺎﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ ﭔﺌﻲ اﻧﺴﺎن آﻫﻦ ۽‬           ‫•‬
                              ‫ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺴﺘﻘﺒﻞ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻣﺮدن واﻧﮕﺮ ﭘﺎڻ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻦ دور ۾ ﻋﻮرت اﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﮓ ۾ اﻫﻲ ﺑﻪ ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﮇ ﺑﻠﻚ ﻣﺮدن‬         ‫•‬
                                                  ‫ﮐﺎن ﺑﻪ اﮘﻴﺎن رﻫﻲ دﺷﻤﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.‬
                     ‫ﻫﻦ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۽ اﻧﻘﻼب ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻣﺮدن ﮐﺎن ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﭘﺎڻ ﻣﻠﻬﺎﺋﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.‬                         ‫•‬
‫اﺳﺎن ﺷﻴﻌﺎ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﺎﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ آﮐﺎڙي ﻣﺎن ﭔﺎﻫﺮ رﮐﮡ ﺑﺪران ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻋﻠﻲ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺟﻮ‬
                 ‫ٰ‬                                                                             ‫•‬
                                                                     ‫ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ﭤﻴﻨﺪو ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮن ﭤﺎ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﭘﺎڻ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻴﮡ ﺑﺎﺑﺖ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺑﻪ‬
‫ﻫﻼﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮن- دراﺻﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﺟﻲ آزاد ﻫﺠﮡ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭘﮡ وڏو ﺛﺒﻮت آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ ﻣﺮد ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﺟﺎ‬
                                                                         ‫ﺣﻖ ﻫﺠﮡ ﺟﻮ وڏو ﻣﺜﺎل آﻫﻲ.‬
‫ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻛﻮاﻻﻟﻤﭙﻮر ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎرﻟﻴﺎﻣﻴﻨﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻋﻮرت ﺟﻤﻴﻼن‬
                                   ‫ﻛﺎدﻳﻮر اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪن ﺟﻲ ﭘﮁﻴﻞ ﺳﻮال ﺟﻮ واﻫﻪ ﺟﻮ ﺟﻮاب ڏﻧﻮ ﻫﻮ؛‬
‫”.‪“If meritocracy and rule of law are to be held up, men and women must be provided with equal apporunities in all fields‬‬
‫دي ﮔﺎرﺟﻴﻦ اﺧﺒﺎر ﺟﻲ ۲ ﻓﻴﺒﺮوري ۷۰۰۲، ﺟﻤﻌﻲ واري ﭘﺮﭼﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺧﺒﺮ ﮀﭙﻲ‬
                           ‫آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺧﺎﻃﻮ راﺑﺮٽ ﻧﺌﭧ اﻧﮕﺮﻳﺰ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺗﻬﺮان ۾ ﺋﻲ رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﻣﺮدن ﺑﺪران ﻓﻘﻂ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ڊراﺋﻴﻮري ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ڏﻳﺌﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ. ﻫﻚ ﻣﺮد‬
‫ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻫﻚ ﺳﻨﺴﺎن ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﺧﺎﺗﻮن ﺷﺮﻳﺌﺘﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﻋﻮرت ﺳﺎن ﮐﻴﭽﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ‬
‫ﭘﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﮀﺎ اﻧﺠﺎم ﭤﻴﻨﺪو. ﻫﻦ ﺗﻪ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻚ ﻋﻮرت ذات ﺟﻴﻜﺎ ﻧﻨﮃڙي ﭔﺎر‬
‫ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﺎڏي ۾ وﻳﭡﻲ آﻫﻲ اﻫﺎ ﻫﻦ ﮐﻲ ﮀﺎ ﭤﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ. ﭘﺮ ﻣﺮﺿﻴﺪه ﺧﺎﺗﻮن ﻛﺎ ﺟﻮڊي ﻛﺎراﭨﻲ ﺟﻲ‬
‫اﻧﺴﭩﺮﻛﭩﺮ ﻫﺌﻲ. ﻫﻦ ﻣﻜﻦ ۽ ﭠﻮﻧﺸﻦ ﺳﺎن ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﺟﺎ ﻫﮇ ﮔﮇ ﭜﭹﻲ رﮐﻴﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﮐﻴﺲ ﻛﺎر ﺟﻲ ڊﻛﻲ‪ ‬۾‬
‫وﺟﻬﻲ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﭩﻴﺸﻦ ﺗﻲ اﭼﻲ ﭰﭩﻮ ﻛﻴﻮ. ان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ﭘﺎڻ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻲ ﻣﻠﻚ‬
                                                       ‫ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ وڌﻳﻚ ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ.‬
‫ان ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ”‪ “All Women‬ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ۾ آل ووﻣﻴﻦ ﭘﻮﻟﻴﺲ اﺳﭩﻴﺸﻨﻮن ﻳﻌﻨﻲ ﭤﺎﮢﺎ ﭘﮡ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ اﻋﻠﻲ‬
‫ٰ‬
‫ﻋﻤﻠﺪار ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﭙﺎﻫﻲ، اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻮن آﻫﻦ. ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭤﺎﮢﺎ اﻳﺮان ۾ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وڌي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﻮ اﺗﻲ‬
‫ﻣﻈﻠﻮم ﻋﻮرﺗﻮن ﺳﻮاﻻﺋﻲ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻦ ﭤﻴﻮن ۽ وﻳﻨﺪي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﺮﻳﻞ ﻳﺎ ﭨﻮﭨﻲ ﻣﮍس ﺟﻲ ﭘﮡ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻛﺮي‬
‫ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دوﺳﺖ ﺟﻲ زال ﻣﻌﺮﻓﺖ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻞ ۳۲ ﺳﺎﻟﻦ‬
‫ﺟﻲ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﻧﻮﺟﻮان ﻋﻮرت ﺛﻤﺮﻳﻦ ﻣﻈﻬﺎري‪ ‬ﺳﺎن ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﻴﻢ. ﻫﻦ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ‪ ‬۾ ﻫﺎﺋﻲ اﺳﻜﻮل‬
‫ﻣﺎن ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻨﺲ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اڳ ﻫﻚ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻲ اﺷﺘﻬﺎر ڏﻳﮡ ﺗﻲ‬
‫ﻫﻦ ڊراﺋﻴﻮر ﭤﻴﮡ ﻻ‪ ‬اﻧﭩﺮوﻳﻮ ڏﻧﻮ. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ۰۵ ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭘﺎڻ ﻫﻚ آﻫﻲ. ﺛﻤﺮﻳﻦ‬
‫ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻦ ﭼﻮﻧﮉ ۾ ﻛﻤﭙﻨﻲ وارن ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻧﻬﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻴﻮه آﻫﻦ ۽ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﻫﻲ ﺷﺎدي‬
                                                                    ‫ﺷﺪه ﻋﻮرﺗﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻏﺮﻳﺐ آﻫﻦ.“‬
                         ‫” ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮀﻴﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ اﺗﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ڊپ ﻧﭥﻮ ﭤﺌﻲ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫” ﻧﻪ، ﻫﺮ ﮔﺰ ﻧﻪ.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ” ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﮔﺎڏﻳﻦ ۾ اﻻرام ﺳﺴﭩﻢ آﻫﻲ ۽ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﺮ وﻗﺖ واﺋﺮﻟﻴﺲ ﺳﻴﭧ رﻫﻲ‬
‫ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﻛﺰي آﻓﻴﺲ ﮐﻲ ﻫﺮ ﻫﺮ اﻃﻼع ڏﻳﻨﺪﻳﻮن رﻫﻮن ﭤﻴﻮن ﺗﻪ اﺳﻴﻦ ﻛﭥﻲ آﻫﻴﻮن.“ ﻫﻦ‬
                                                                                           ‫ﭔﮅاﻳﻮ.‬
‫ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬اﻧﻬﻦ ڊراﺋﻴﻮر ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ وڌﻳﻚ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻧﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺎ ڌارﺋﻴﻦ زﺑﺎن – ﺧﺎص‬
‫ﻛﺮي ﻋﺮﺑﻲ، ﺗﺮﻛﻲ، اﻓﻐﺎﻧﻲ، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎﻧﻲ، اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻳﺎ ﻓﺮﻳﻨﭻ ﺑﻪ ﭴﺎﮢﻦ ﭤﻴﻮن، ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﻓﺎرﻳﻨﺮس ﺳﺎن ﺳﻨﺪن زﺑﺎن ۾‬
‫ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻦ. ﺛﻤﺮﻳﻦ ﭨﺌﻜﺴﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎد ي ﮐﻲ ﭼﺎر ﺳﺎل ﭤﻴﺎ آﻫﻦ. ﮐﻴﺲ ﭔﻪ ﭔﺎر آﻫﻦ ﺟﻦ وٽ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻗﺖ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس وﻫﻲ ﭤﻮ ﺷﺎم ﺟﻲ وﻗﺖ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻮ‪ ‬ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻨﺪي آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﮍس ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ‬
‫ﻛﻢ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺮﻧﺪو آﻫﻲ. ” اﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮٺ دوﺷﻴﺐ ﺟﺎ آﻫﻴﻮن.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”‬
                               ‫اﺳﺎن ﻛﻲ اﻣﻴﺮ ﻧﻪ آﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﭼﮝﻲ ﺑﭽﺖ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ.“‬
                        ‫ﺳﮑﺮ ﺟﺎ ﻫﻤﺮاﻫﻪ ۽ ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬

‫ﺑﺲ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻣﺎن ﮔﺬري اﭼﻲ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﭘﺮاﮢﻲ واري ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﻣﻬﺮآﺑﺎد ﺗﻲ ﻻﭤﻮ‬
‫ﺟﺘﺎن اﭸﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ اڏاﻣﻮن ۽ ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ﺳﭛ اﻧﺪروﻧﻲ )‪ (Domestic‬اڏاﻣﻮن ﭘﺮواز ﻛﻦ ﭤﻴﻮن. ﺑﺲ ﻣﺎن‬
‫ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺘﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻬﮍو ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﺻﺪر واري رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ اﮘﻴﺎن ﺑﻴﭡﺎ ﻫﺠﻮن. اﻫﺎﺋﻲ ﺑﺴﻴﻦ، ﻣﻮﭨﺮﺳﺎﺋﻴﻜﻠﻦ ۽‬
               ‫ُ َ‬
‫ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ﺟﻲ ﮔﭙﺎﮔﻴﻬﻪ، اﻫﻲ ﺋﻲ دﻛﺎن ۽ ﻫﻮﭨﻠﻮن! ﺑﺲ رﮘﻮ ﻓﺮق اﻫﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻓﻀﺎ ۾ دوﻧﻬﻮن ۽ ﻣﭧ ﺟﻲ ڌپ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ.‬
‫ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻳﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﺑﻪ اﺧﺘﻴﺎري وارو ادارو آﻫﻲ اﻫﻮ ﮔﺎڏي ﺟﻲ ‪ Exhaust‬ﺧﺎرج ﻛﻴﻞ‬
‫دوﻧﻬﻴﻦ ۽ ﮔﺌﺲ ﺗﻲ ﻧﻈﺮ ﭤﻮ رﮐﻲ. ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﮔﺎڏي‪ ‬ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺎڏي‪ ‬ﺟﺎ ﭘﺴﭩﻦ ۽ ﺳﻠﻴﻨﮉر ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻮ رﮐﻲ‬
‫ﺟﻮ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ وڏو ڏﻧﮉ آﻫﻲ. ﺗﻬﺮان ﺗﻮڙي اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ ﻛﭽﺮي ﮐﮣﮡ ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ ۽‬
‫ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واﻧﮕﺮ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ ﺻﺎف ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﮔﭩﺮ اوور ﻓﻠﻮ ﭤﻴﻨﺪي ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ. ﺗﻬﺮان ۽‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ﺟﻮن ﭜﺘﻴﻮن- ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻮن ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﺷﻬﺮ‬
‫ﺟﻲ ﻧﺎﻇﻤﻦ )‪ (Mayors‬ﮐﻲ ﭔﻚ ﮐﮣﻲ دﻋﺎﺋﻮن ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن ﺟﻦ ﺷﻬﺮﻳﻦ ۽ ﭘﺮدﻳﺴﻴﻦ ﻻ‪ ‬ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﭠﻬﺮاﺋﻲ‬
                                   ‫ﮀﮇﻳﺎ آﻫﻦ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺠﺒﻮر ﭤﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙن ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻣﺜﺎﻧﺎ ﺧﺎﻟﻲ ﻧﭥﺎ ﻛﻦ.‬
‫ﺟﻴﺴﻴﻦ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺑﺲ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﺮو ﮘﺮو ﺳﺎﻣﺎن ﻻﻫﻴﻦ ۽ ان ﮐﻲ ڍوﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻦ، ﺗﻴﺴﻴﻦ آﺋﻮن‬
‫ﭔﻦ وﮘﻦ واري ﺳﺖ ﻛﻠﻮ ﺟﻲ ﻫﻠﻜﻲ ﺑﺌﮓ ﮐﮣﻲ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍن ﻫﻚ ﭔﻦ ﭔﻴﻦ ”‪ “Travel light‬ﺟﻲ ﻓﻠﺴﻔﻲ ۾ ﻳﻘﻴﻦ رﮐﻨﺪڙن‬
‫ﺳﺎن ﮔﮇ، ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﺑﻠﮉﻧﮓ ڏي وڌڻ ﻟﮙﺲ. ﺳﻔﺮ دوران ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ۾ ﻛﻴﺘﺮو ﺗﻪ ﺳﮏ‬
‫آﻫﻲ. ﮔﻬﮣﺎ وﮘﺎ ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﺗﻪ ﺳﺎﮘﻴﻮ وﮘﻮ ڌوﺋﻲ ﭘﻴﻮ ﭘﺎﺋﺠﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ. ﭘﺮ ﮔﺮوپ ۾ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﺳﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﺮڻ‬
‫ﺑﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﺳﻮرن ۾ وﺟﻬﻴﻮ ﮀﮇي. ﻛﻲ ﻛﻲ دروﻳﺶ ﻫﻚ ﺗﻪ ﮔﻬﺮان ﺋﻲ ﮔﻬﮣﻮ ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪا. ﭔﻪ ﭔﻪ ﭨﻮال‬
‫ﮐﮣﻨﺪا. ﻫﻴﭟ وﮀﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬اﻟﮗ ﭼﺎدر ﮐﮣﻨﺪا، ﻣﭥﺎن وﺟﻬﮡ ﻻ‪ ‬اﻟﮗ – ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ڊپ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺘﺎن ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﭨﻮاﻟﻦ‬
‫۽ ﭼﺎدرن ۾ ﺟﺮاﺛﻴﻢ ﻫﺠﻦ. ﭜﺎﺋﻲ اﻫﮍو ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﮔﻬﺮان ﺋﻲ ﻧﻪ ﻧﻜﺮﺟﻲ . ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﺻﺎﺑﮡ ﺟﻲ‬
‫وڏي ﭼﻜﻲ، ﺷﺌﻴﻤﭙﻮ ۽ ﻳﻮڊي ﻛﻮﻟﻮن ﺟﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﺑﻮﺗﻞ، ﭼﻤﭙﻞ، ﺑﻮٽ، ﻫﺮڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻚ ﻋﺪد ﺷﻠﻮار ﻗﻤﻴﺺ، رات ﺟﻮ‬
‫ﺳﻤﻬﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﻠﻴﭙﻨﮓ ﺳﻮٽ ...... ﭘﻮ‪ ‬ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺑﺌﮓ وڏي ۽ ﮘﺮي ﭤﻴﻮ ﭘﻮي ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺧﺮﻳﺪاري ﺑﻪ‬
‫ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﻛﻨﺪا. ﭘﺴﺘﺎ، ﺑﺎدام، ﻛﭙﮍو، ﭔﺎرن ﻻ‪ ‬راﻧﺪﻳﻜﺎ، ﺑﻮٽ، ﺳﺌﻴﭩﺮ، ﻛﻮٽ وﻏﻴﺮه . ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻤﻮرﻳﻮن‬
‫ﺷﻴﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ۾ ﺑﻪ ان ﺋﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن. ﺑﻠﻚ ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ، ﮐﻮڙي ﮔﺎرڊن، ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ‬
‫ﺟﻬﮍن ﻋﻼﺋﻘﻦ ﻣﺎن اﭸﺎ ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺣﺪ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﺮي ﭘﻮ‪ ‬ﮐﺎﻧﺌﻦ ﺳﺎﻣﺎن ﻧﻪ ﮐﭵﮡ ﺗﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﻮن‬
‫ﺟﻬﮍن ﮐﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﺑﺌﮓ ﻳﺎ ﭤﻴﻠﻬﻮ ﮐﮣﻲ ﭘﻴﺎ ﻫﻠﻦ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪا“ ﭜﺎﺋﻮ ﻫﭥﻴﻦ ﺧﺎﻟﻲ آﻫﻴﻦ‬
‫ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻣﺎن ﺗﻪ ﮐﮣﺎ ﺋﻲ ﻫﻞ. ﻫﺎڻ ﻛﻬﮍو اﻧﻜﺎر ﻛﺠﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﻮ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻛﺎ ﻋﻮرت‬
‫ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻨﭣ ﭤﻲ ﻛﺮي. ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﻫﺎ ﭼﻮڻ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﭛ ۾ ﮘﺮي ﺑﺌﮓ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ. اﻫﮍي ﺻﻮرت‬
‫۾ اﻧﺪر ﺋﻲ ﺳﮍﻳﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن ﮔﻬﭧ ﺳﺎﻣﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﮏ ﻻ‪ ‬ﮐﻨﻴﻮ آﻫﻲ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺟﻮ ڍوﺋﮡ ﻻ‪ ! ‬ﻳﻮرپ ۾ ﺟﻬﺎز ﺳﺎزي‬
‫ﺟﻲ ﮀﻬﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ واري ﻓﻴﻠﮉ ﭨﺮپ ۾، ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﺮ ﻫﻔﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻚ ۾ وﭸﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺗﻪ ان‬
‫ﻣﻠﻚ ۾ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ، ﭨﺮﻳﻦ ۽ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﺑﻪ ﺳﻮاري ﻛﺮﮢﻲ ﭘﻴﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻓﻴﺮي ۽ ﺑﺲ ۾ ﺑﻪ.‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ۵۱ ﮐﻦ ﭴﮣﻦ ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻮ ﺑﺎزي ﻻ‪ ‬ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ‬
‫ﻛﺮي ﮔﻬﮣﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺳﺎن ﭨﺮﻳﻮل ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﭘﻮ‪ ‬ﺳﺎﻣﺎن اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ۾ ﻫﮣﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن وٽ ﺳﺎﻣﺎن‬
‫ﮔﻬﭧ آﻫﻲ ﻣﺪد ﻛﺮﻳﻮ. ﻫﺎڻ ﻫﻚ ﺋﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙن ﺳﺎن ﻛﻬﮍو اﻧﻜﺎر ﻛﺠﻲ، ﻛﻬﮍو ﺟﻬﻴﮍو ﻛﺠﻲ؟ ﭘﺮ‬
‫ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻳﻤﻦ ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻼﻧﻨﮓ ﻣﻮﺟﺐ ان ﺑﻌﺪ ﺳﺎﻣﺎن اﻫﻮﺋﻲ ﭤﻮرو ﮐﮣﻨﺪا‬
‫ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﭘﺮ وڏي ﺑﺌﮓ ۾ وﺟﻬﻲ. ﻛﻮ ﭼﻮﻧﺪو ﺑﻪ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺒﺎرڪ ﻳﻜﺪم ورﻧﺪي ڏﻳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ڏﺳﻴﻦ ﻧﭥﻮ اﺳﻴﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ‬
‫ﺋﻲ ﻧﭥﺎ ﮐﮣﻲ ﺳﮕﻬﻮن. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ۾ ﭔﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﺳﺘﺮﻳﺎﮢﻴﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺌﻦ ﻗﻤﻴﺼﻦ ۽ ﭔﻦ ﺟﻴﻨﺰ ﺟﻲ‬
‫ﭘﺘﻠﻮﻧﻦ ۾ ﺳﭵﻮ ﺳﺎل ﮔﺬارﻳﻮ وﭸﻦ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﺳﻔﺮ ﻛﻨﺪڙ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ‬
‫ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﺳﺒﻖ ﻫﺌﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻔﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ‪ ‬اٺ وﮘﺎ ۽ ﭨﻲ ﺟﻮڙا ﭼﺌﻤﭙﻠﻦ ﺟﺎ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻴﻮن ﻫﻴﻮن، ﺳﻮ ﺑﻪ ﻛﻲ‬
                                                               ‫دﻋﻮﺗﻮن ‪ attend‬ﻛﺮڻ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻋﺒﺎدت ﻛﺮڻ ﻻ‪.‬‬
‫ﻣﻬﺮآﺑﺎد اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ اﻧﺪر اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮدن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﻟﮙﻞ ﻫﺌﻲ. ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﺳﻔﺮ‬
‫ﻛﻦ ﭤﺎ. ان ﺟﻮ ﻫﻚ ﺳﺒﺐ ﺳﺴﺘﺎ ﭜﺎڙا ۽ ﻣﻠﻚ ۾ اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ. ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﺮدن ﺳﺎن ﺑﻪ ﮔﮇ ﻧﻪ آﻫﻦ. ﺑﻠﻚ ﭼﻮڌاري‬
‫ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻄﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﻣﺮدن ﺑﻨﺎ، ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺳﺎڻ وﭠﻲ ﻳﺎ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﭨﺮﻳﻮل‬
‫ﭘﻴﻮ ﻛﻦ. ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺎﺋﻮﻧﭩﺮ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻣﭥﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ، ﻫﺘﺎن‬
‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ، زاﻫﺪان، ﻳﺰد، ﻛﺮﻣﺎن، ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺷﻴﺮاز، ﻫﻤﺪان وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. اﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ‬
‫واري ﻛﺎﺋﻮﻧﭩﺮ اﮘﻴﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﻗﻄﺎر ۾ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﺎﺳﻴﻦ. ﻣﺮدن ﺟﻲ ﻗﻄﺎر اﻟﮗ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ اﻟﮗ. ﻣﻮن ﭨﻜﻴﭧ ڏﺋﻲ‬
‫ﺑﻮرڊﻧﮓ ﻛﺎرڊ ورﺗﻮ- ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ رزرو ﭤﻲ وﺋﻲ . ﻫﺎڻ ﻣﻮن ﺑﻨﺎ ﺟﻬﺎز ﻧﻪ اڏاﻣﻨﺪو- ﺟﻲ اڏاﻣﻨﺪو ﺑﻪ ﺗﻪ ان ﮐﺎن‬
‫اڳ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻓﻌﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ اﻧﺎﺋﻮﻧﺲ ﻛﻨﺪا ان ﺑﻌﺪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺌﮓ ﮘﻮﻟﻬﻲ ﺟﻬﺎز ﻣﺎن ﻛﮃﻧﺪا ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻮاﺋﻲ‬
‫ﺟﻬﺎز آﺟﻮ ﭤﻲ اڏاﻣﻨﺪو. ﺑﻬﺮﺣﺎل اڏام ۾ اﭸﺎن وﻗﺖ ﻫﻮ ان دوران آﺋﻮن واش روم ﻣﺎن ﭤﻲ اﭼﺎن ۽ ﻓﻮن ﺑﻪ ﻛﺮي وﭠﺎن.‬
‫ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﺑﻮٿ واش روم ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ ﻟﮙﻞ ﻫﺌﺎ. ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﻬﻦ ۾ ﺳﻜﺎ ﻳﺎ ﻛﺎرڊ وﺟﻬﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﻚ ﺟﻲ‬
‫ﻫﭣ ۾ ﻛﺎرڊ ڏﺳﻲ اﺷﺎري ﺳﺎن ﭘﮁﻴﻮﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﭥﻲ ﻣﻠﻨﺪو. ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﮅاﺋﮡ ﻣﻮﺟﺐ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري دﻛﺎن ﺗﻲ وﻳﺲ‬
‫ﺟﺘﻲ ﮐﺎڌي ﺟﻮن ﺷﻴﻮن رﮐﻴﻞ ﻫﻴﻮن. ﻫﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭔﺌﻲ دﻛﺎن ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ وﭠﻲ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬۾ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﭘﺮ آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﻪ‬
‫ﺳﮕﻬﻴﺲ ان ﻛﺮي ﻫﻮ دﻛﺎن ﻣﺎن ﻧﻜﺮي آﻳﻮ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن واري ﻗﻄﺎر ۾ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻛﺎن ﮀﮇي ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙي دﻛﺎن ڏي‬
‫اﺷﺎرو ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﻋﻮرت ﺟﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮن ﺗﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. آﺋﻮن اﻧﺘﻈﺎر‬
‫ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﺟﻮ ﭨﻮن ۽ ﻟﻬﺠﻮ ‪ Enjoy‬ﻛﺮڻ ﻟﮙﺲ. اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻟﺲ ﺋﻲ ﻟﺲ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﭔﮅي رﻫﻴﻮ ﻫﻮس. ﺗﺎﻣﻞ، اﻓﻐﺎﻧﻲ ﻳﺎ وﻳﻨﺪي ﭼﻴﻨﻲ زﺑﺎﻧﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﻦ زﺑﺎن ﺟﻮ ﻟﻬﺠﻮ‬
‫ﻣﺎرڌاڙ وارو ﮐﻬﺮو ۽ ﻛﺮﺧﺖ ﻧﺎﻫﻲ. ﺑﻴﺤﺪ ‪ Polite‬۽ ﻧﺮم ﻟﮙﻲ ﭤﻮ . ﻳﺎ ﺷﺎﻳﺪ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﮔﻠﻲ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻞ ﻫﺮ آواز ﻣﭡﻮ‬
‫ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ وٽ اﻫﮍو ﻛﻮ ﻛﺎرڊ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻬﮍو اﺳﺎن وٽ ﻛﺮاﭼﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻣﻠﻨﺪو آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭨﻴﻠﻴﻔﻮن ﺑﻮٿ‬
‫ﺟﻲ ﭼﻴﺮ ۾ وﺟﻬﻲ ﻳﻜﺪم ﻛﺎل ﻛﺒﻮ آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ﻟﮑﻴﻞ اﻧﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ﻣﻮﺟﺐ ﻫﻜﮍو ﻧﻤﺒﺮ ﻣﻼﺋﻲ ﭔﻴﻮ ﻣﻼﺋﮣﻮ‬
‫ﻫﻮ . ان ﺑﻌﺪ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺿﺮروت وارو ﻧﻤﺒﺮ. ﻫﻮ‪ ‬ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﻮ ﺋﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻤﺠﻬﺎﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬زﺑﺎن‬
‫۾ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻫﺌﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻻ‪ ‬اﻫﺎ ﺑﻪ ﺣﻴﺮت ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان اﻳﺮاﻧﻲ‬
‫ﻋﻮرت وڏي اﻋﺘﻤﺎد ﺳﺎن دﻛﺎن ﻫﻼﺋﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ان ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ‬
‫ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻨﺪي ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ روڊن ﺗﻲ ﮐﻴﻦ ﮔﺎڏي ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو ڏﺳﻲ ﺳﻮﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﻗﻮم وﭸﻲ ﻛﭥﺎن ﺟﻮ‬
‫ﻛﭥﺎن ﭘﻬﺘﻲ آﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﻐﺮﺑﻲ اﺧﺒﺎر ﻧﻮﻳﺲ ﺑﻨﺎ ڏﺳﮡ ﺟﻲ ۽ ﺑﻨﺎ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ وﻳﭡﺎ اﺧﺒﺎرون ﻛﺎرﻳﻮن‬
                      ‫ﻛﻦ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ آﻫﻲ. ﻫﻮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾ ﺑﻨﺪ ﭤﻲ ﮔﻬﺮ ۾ وﻳﭡﻴﻮن آﻫﻦ.‬
‫ﻛﺎرڊ وﭠﮡ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ﻣﻮﭨﻴﺲ. ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﻛﺎرڊ ﺗﻲ ان ﺟﻲ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻃﺮﻳﻘﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻞ‬
‫ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ وﻗﺖ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﻋﻴﻨﻚ ﻛﮃي اﻫﺎ ﺟﺎﻧﭻ ﻛﺮڻ ﺗﻲ دل ﻧﻪ ﭼﺎﻫﻴﻮ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻠﻲ ۾‬
‫ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍا ڏﭠﻢ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ. وﻗﺖ ﭘﺎس ﻛﺮڻ ﺧﺎﻃﺮ اﻧﻬﻦ وٽ ﭘﻬﺘﺲ. ﻫﻮ ﭨﻴﻬﻪ ﭘﻨﺠﭩﻴﻬﻪ‬
‫ورﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﺎﻓﻲ ﺻﺤﺘﻤﻨﺪ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ۾ زﻳﺎرﺗﻦ‬
‫ﻻ‪ ‬آﻳﺎ آﻫﻦ. ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻗﻢ وﻳﻨﺪا. اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﻗﺎﻓﻠﻲ ۾ اﭼﮡ ﺑﺪران ﻫﻮ ﭨﺌﻲ‬
‫ﭴﮣﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ، ﭘﺮ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ اﻳﺮان آﻳﺎ آﻫﻦ. ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﺋﭩﻦ ۽ دوﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان اﭼﻲ‬
‫ﭼﻜﺎ آﻫﻦ اﻳﺘﺮي ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ورﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ. واﻗﻌﻲ اﻳﺮان اﻫﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ‬
‫ﺟﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ،ﺳﺴﺘﺎﺋﻲ ۽ ﻣﺸﺮﻗﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ‪ ‬وڏي ﺳﻬﻮﻟﺖ آﻫﻲ. ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﺋﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﭘﺮﻫﺎڻ ﻣﺎده ﭘﺮﺳﺘﻲ ﺟﻲ اﻫﮍي ﺗﻪ ﻫﻮا ﻟﮙﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﭩﻜﻴﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ راﻫﻪ‬
‫ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ‪ ‬وﻗﺖ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻮڙي ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرو ‪ Polite‬۽ ﻫﻴﻠﭙﻔﻞ آﻫﻲ. اﻫﻮ ﺗﻪ ﻧﭥﻮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ‬
‫ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ان ﻛﺮي ُاﻫﻲ ﭘﻮﻻﺋﻴﭧ آﻫﻦ. ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۽ ﻛﻮﻳﺖ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﻲ ﮀﺎ‬
‫ﺗﻪ ﭨﻴﮍي آﻫﻲ! ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ، ﺳﻠﻮﻧﻲ ۽ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺸﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﻮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪي ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﭤﺎ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ. ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
‫ﻣﻠﻚ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮀﺎ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻛﺎﻣﻮرو ﻇﺎﻟﻢ آﻫﻲ. ﻧﻪ ڏﺳﻨﺪو ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻪ ﭘﺮدﻳﺴﻲ. ﻫﻦ ﮐﻲ ﭨﺎرﭼﺮ ڏﻳﮡ ۾ ﺗﺴﻜﻴﻦ‬
                                                                                       ‫ُ‬
‫ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻨﺪو ﻫﻮ. ﻣﻨﺠﻬﻴﻞ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﻢ ڊاﻫﮡ ﺟﻲ ﭼﻜﺮ ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ. ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﺟﻲ‬
          ‫ﻣﻠﻚ ۾ ڌارﻳﻮن ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ اﻳﻨﺪي ﮔﻬﭕﺮاﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﻣﻠﺘﺎن، ﺟﻴﻜﺐ آﺑﺎد ۽ ﺟﻬﻠﻢ ﺟﺎ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﺑﻪ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮن.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻪ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﻣﻠﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺑﻪ. ﺳﻨﺪن ﺗﻌﻠﻖ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۽ ﺳﮑﺮ ﺳﺎن‬
‫آﻫﻲ. ﻫﻲ ﭨﺌﻲ ﭴﮣﺎ ﭘﺎڻ ۾ دوﺳﺖ، ﺳﺮﻛﺎري ﻧﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ آﻫﻦ. ﻣﻤﺘﺎز ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ﺧﻴﺮﭘﻮر ۾ ارﻳﮕﻴﺸﻦ ڊﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭧ ۾‬
‫آﻫﻲ. ﻛﺮﻳﻢ ﺑﺨﺶ راﭴﮍ ﺳﮑﺮ ۾ ﻫﺎﺋﻲ وي ڊﭘﺎرﭨﻤﻨﭧ ۾ اﻛﺎﺋﻮﻧﭧ آﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ. ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺎﻫﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﻴﺮاﮢﻲ ﺳﮑﺮ ۾‬
‫ﻏﻼم ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻬﺮ ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﺮاﺋﻴﻮﻳﭧ اﺳﭙﺘﺎل ”ﺣﺮا“ ۾ ﭘﺮﺋﻜﭩﺲ ﻛﺮي‬
‫ﭤﻮ. ۵۳ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﺮﺟﻦ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۱۱ ﻓﻴﺒﺮوري ۲۷۹۱ آﻫﻲ( ﺷﺎﻫﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺌﭩﺮڪ‬
‫ﻫﺎ‪ ‬اﺳﻜﻮل ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ۽ اﻧﭩﺮ اﺳﻼﻣﻴﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺳﮑﺮ ﻣﺎن ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﭼﺎﻧﮉﻛﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن ۷۹۹۱ ۾‬
‫ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ. ﻫﺎﺋﻮس ﺟﺎب ﺳﻮل اﺳﭙﺘﺎل ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻛﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﺎرٽ ون ﺟﻮ اﻣﺘﺤﺎن ۹۹۹۱ ۾ ۽ ۳۰۰۲ ڌاري‬
                                  ‫‪ MCPS‬۽ ‪ FCPS‬ﻛﺌﻲ. ﺳﻨﺪس ﻣﺴﺰ ﭘﮡ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ وﻳﻨﺪڙ ﺟﻬﺎز ۾ اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮي ﺧﻮﺷﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺳﻮٽ ﻛﻮٽ ۾ وﻳﭡﻞ اﻳﺮاﻧﻲ‬
‫ﺟﻴﻨﭩﻞ ﻣﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﮐﺎن ﭴﺎﮢﻮ آﻫﻲ. آﺋﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ ﮔﻬﮍي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻴﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﺘﺲ ﺗﻪ ان ﻗﻄﺎر ۾ دري‪‬‬
‫وٽ اﮘﻮاٽ وﻳﭡﻞ ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺻﺎف اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭼﻴﻮ ” ﻫﻲ ﺷﺎﻳﺪ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﺳﻴﭧ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ آﺋﻮن وﻳﻬﻲ‬
                        ‫رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن. ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ اﻋﺘﺮاض ﻫﺠﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﭜﺮ واري وﭼﻴﻦ ﺳﻴﭧ ﺗﻲ ﭤﻲ وﻫﺎن.“‬
‫”ﭘﻠﻴﺰ ، ﺗﻮﻫﺎن وﻳﭡﺎ ﻫﺠﻮ.“ ﭼﺌﻲ آﺋﻮن ﺳﻨﺪس ﭜﺮ ۾ ﭤﻲ وﻳﭡﺲ. ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﭼﮍﻫﮡ، ﺑﻴﻠﭧ ﮐﻠﮡ ۽ اﻳﺌﺮﻫﻮﺳﭩﺲ ﻃﺮﻓﺎن‬
‫ﻳﻜﺪم ﺟﻴﻮس )آب ﻣﻴﻮه( ‪ Serve‬ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ آﺟﺎ ﭤﻴﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻣﻮن ﻫﻦ ﺳﺎن ﮐﻴﻜﺎر ﮐﮍي ﻛﺌﻲ . ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ‬
‫ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات آﻫﻲ. ”آﺋﻮن ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ )‪ (Allama Tabatabaee‬ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ‬
                        ‫آﻫﻴﺎن ۽ ﻛﻤﻴﻮﻧﻴﻜﻴﺸﻦ اﺳﭩﮉﻳﺰ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ آﻫﻲ.“ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﺎرڊ ڏﻳﻨﺪي ﭼﻴﻮ.‬
‫”ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻬﮍي ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﺎن ﻣﻼﻗﺎت ﭤﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                          ‫۾ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ.“ ﻣﻮن ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻨﺪي ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ.‬
                                                                                                 ‫َ‬
                                                    ‫”ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻴﻮ؟“‬
                                                                                       ‫ٰ‬
‫” ﭤﻮرو ﮔﻬﮣﻮ واﻗﻒ آﻫﻴﺎن، ان ﻛﺮي ﺟﻲ ﻣﻮﻧﺴﺎن ﮔﮇ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ وﻳﻬﺎرو ﮐﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺌﺎ اﻧﻬﻦ ۾‬
                                    ‫ﻫﻚ ﭔﻪ ﭴﮣﻮ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﭘﮍﻫﻴﻞ آﻫﻲ.“‬
‫ﻫﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﻻ‪ ‬اﻳﺘﺮو ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ اﻳﺮان ﮐﮣﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﭘﺮ ان ۾ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺮب ۽‬
‫آﻓﺮﻳﻜﻦ ﻣﻠﻜﻦ واﻧﮕﺮ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺟﻲ ﮐﻮٽ ﻧﺎﻫﻲ. ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ‬
‫ﭘﭡﺘﻲ ﭘﻴﻞ آﻫﻲ. ﺑﻠﻚ اڄ ﺑﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﻛﻲ ﮔﻬﮣﺎ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﻧﻪ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻫﻮ ﺿﺮور آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ‬
‫درﺳﮕﺎﻫﻪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﻣﻌﻴﺎر ﺗﻤﺎم ﺑﻠﻨﺪ رﮐﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۽ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ‬
‫واﻧﮕﺮ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺗﻲ وڏو ڌﻳﺎن ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻳﺎ ﻣﺼﺮ ۾ ﭘﮡ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارا ﭼﮝﺎ ﺧﺎﺻﺎ ۽ ﭘﺮاﮢﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ اڄ ﻛﻠﻬﻪ‬
‫اﺗﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﻛﺮي ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. اﻧﮉﻳﺎ ۾ اﭸﺎ ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ ﺣﺎل آﻫﻲ ﺑﻠﻚ ﮔﻬﮣﻮ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻳﺎ‬
                   ‫ﻣﻠﺌﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺗﺮﺟﻴﺢ ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻧﮉﻳﺎ آﻫﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان ﮐﻲ ﻋﺮب ﻳﺎ آﻓﺮﻳﻜﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ )ﻟﺒﻴﺎ، ﭨﻴﻮﻧﻴﺸﻴﺎ، ﻣﻮراﻛﻮ( ﺟﻬﮍو ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﮐﭙﻲ. اﻳﺮان ۾‬
‫ﺗﻤﺎم اﻋﻠﻲ ﻣﻌﻴﺎر ﺟﺎ ﻛﺎﻟﻴﺞ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻳﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﺗﺠﺮﺑﻲ ﻣﺎن اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮس‬
                                                                                         ‫ٰ‬
‫ﻛﻴﻮ اﭤﻢ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﺤﻨﺘﻲ، وﻗﺖ ﺟﻮ ﻗﺪر ﻛﺮڻ وارا، ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬آﺗﺎ ۽ ﻫﺮ وﻗﺖ ﺟﺴﺘﺠﻮ ۾‬
‫ﻟﮙﺎ رﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺘﺤﺎﻧﻦ ۾ ﺳﭡﻲ ﮐﺎن ﺳﭡﻮ ﻧﻤﺮ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﺮﺧﺮو ﻛﺮﻳﻮن. اﻳﺮان ﺳﭵﻮ‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. رﮘﻮ ﺗﻬﺮان ﺷﻬﺮ ﮐﻲ وﭠﺒﻮ ﺗﻪ ﭨﻴﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻓﻘﻂ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ . اﻳﺘﺮﻳﻮن‬
                                ‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن ﺗﻪ ﺳﭵﻲ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ، ﻣﻮراﻛﻮ ﻳﺎ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪﻳﻮن.‬
                                                                  ‫ﻛﺠﻬﻪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛‬
                                                                                ‫*اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                    ‫*اﻣﻴﺮ ﻛﺒﻴﺮ اﻧﺠﻨﻴﺮﻧﮓ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                              ‫*اﻣﺎم ﺻﺎدق ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                           ‫*اﻳﺮان ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                              ‫*اﻳﺮان اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ )ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ(ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                   ‫*اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اﺗﺮ ﺗﻬﺮان‬
                                                                  ‫*اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ڏﮐﮡ ﺗﻬﺮان‬
                                                              ‫*اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ وچ)ﺻﺪر(ﺗﻬﺮان‬
                                                                            ‫*ﺷﻬﻴﺪ ﺑﻬﺸﺘﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                            ‫*ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                            ‫* ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﻌﻠﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                               ‫*اﻣﺎم رﺿﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                               ‫*اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                                  ‫*اﻟﺰﻫﺮا ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬
                                                                ‫*ﺑﺎﻗﺮاﻟﻌﻠﻮم ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه .‬
‫ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻫﮍﻳﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ۾ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻫﻦ‬
‫وﻗﺖ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻫﻮ. ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ‪‬‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ اڌ ﺻﺪي ﮐﻦ ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۷۵۹۱ ۾ ﻛﺎﻟﻴﺞ آف ﻛﺎﻣﺮس ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ۾ ﺷﺮوع‬
‫ﭤﻲ ﻫﺌﻲ. ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ وڌڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺗﻬﺮان ﺑﺰﻧﻴﺲ ﻛﺎﻟﻴﺞ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﺳﭵﻲ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ۾ ﻫﻲ‬
‫ﻛﺎﻟﻴﺞ اﻳﻜﺎﻧﺎﻣﻜﺲ، ﻛﺎﻣﺮس ، ﺑﺰﻧﺲ، اﻛﺎﺋﻮﻧﭩﻨﮓ ۽ ﻣﺌﻨﻴﺠﻤﻴﻨﭧ ﺟﻬﮍن ﺳﺒﺠﻴﻜﭩﻦ ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ.‬
‫۰۸۹۱ ۾ ﻫﻲ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ۱۹۸۴ ‬۾ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﮐﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‪ ‬ﺟﻮ درﺟﻮ‬
                                                      ‫ڏﻳﺌﻲ ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ.“‬
‫ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﭡﻴﺎن ﻫﻲ‪ ‬ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﭹﻴﻞ ڏاﻫﻮ، ﻣﻔﻜﺮ، ﻓﻼﺳﻔﺮ، ﻟﻴﮑﻚ ۽‬
‫ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ‪ ‬ﻫﻚ اﺗﺴﺎﻫﻪ ﺑﺨﺸﻴﻨﺪڙ ﭨﻴﭽﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﮐﻲ ﭘﺎﺳﻲ‬
‫رﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﮑﻴﮍي. اڄ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻣﻠﻚ – اﺳﻼﻣﻲ رﻳﭙﺒﻠﻚ آف اﻳﺮان ﭠﺎﻫﮡ وارن ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﻼﻣﻪ‬
                        ‫ﺟﺎﺷﺎﮔﺮد ﻫﺌﺎ ﺟﻬﮍوڪ ﻣﺮﺗﻀﻲ ﻣﻮﺗﺎﻫﺎري، ڊاﻛﭩﺮ ﺑﻬﺸﺘﻲ، ڊاﻛﭩﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻣﻔﺎﺗﺢ وﻏﻴﺮه.‬
                                                                       ‫ٰ‬
‫ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ )ﺳﻨﺪس ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻫﻮ (، ۲۸۹۱ ۾ ﺗﺒﺮﻳﺰ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﻧﺠﻒ ﺷﻬﺮ ۾ ﻓﻘﻬﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ‬
‫ﻗﺎﻧﻮن ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ وﭠﮡ ﺑﻌﺪ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ دﻳﻨﻲ درﺳﮕﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ ۽‬
‫ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ. ﭘﺎڻ ۴۴ ﮐﻦ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮍﻫﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. اﻧﻬﻦ‬
‫ﺳﭝﻨﻲ ۾ اﻫﻢ ”ﺗﻔﺴﻴﺮ اﻟﻤﻴﺰان“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ وﻳﻬﻦ ﺟﻠﺪن ﺗﻲ ﻣﺸﺘﻤﻞ ﻗﺮآن ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ آﻫﻲ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ”‬
                                                                   ‫ﺷﻴﻌﺎ دراﺳﻼم“ ۽ ”اﺻﻮل ﻓﻠﺴﻔﻪ“ آﻫﻲ.‬
‫ﻋﻼﻣﻪ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪس ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻌﺮ ﺟﻮن ﭔﻪ ﺳﭩﻮن ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﮐﺎن ﻟﮑﺎﻳﻮن‬
                                                                                          ‫اﭤﻢ.‬
                                                   ‫ﻓﺮﻳﺐ ﺟﻬﺎن ﻣﺨﻮر زﻳﻨﻬﺎرﮐﻬﻪ در ﭘﺎي اﻳﻦ ﮔﻞ ﺑﻮد ﺧﺎر ﻫﺎ‬
                                                  ‫ﭘﻴﺎ ﭘﻲ ﺑﮑﺶ ﺟﺎم ﺳﺮﮔﺮم ﺑﺎﺷﺒﻬﻞ ﮔﺮ ﺑﮕﻴﺮ ﻧﺪ ﺑﻴﻜﺎر ﻫﺎ.‬
‫ﻋﻼﻣﻪ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺴﻴﻦ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻧﻮي ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۱۸۹۱ ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ.‬
                                      ‫اﻳﺮان - ﺟﺘﻲ ..........‬

‫ﺟﻬﺎز ﺟﻲ اڏاﻣﮡ ﻣﻬﻞ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﻛﺠﻬﻪ‬
‫ﭘﮍﻫﻴﻮ. ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺳﻨﻮت ۾ اﭼﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮀﺎ ﭘﮍﻫﻴﻮ درود ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﺳﺒﺤﺎن اﻟﺬي‬
                                                                                     ‫ﺳﺨﺮ .....؟‬
                                        ‫”آﺋﻮن ﺟﻬﺎز ﺗﻮڙي ﭨﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﻫﻠﮡ ﻣﻬﻞ آﻳﺖ ﻛﺮﺳﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪو آﻫﻴﺎن.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.‬
‫ﻫﻦ اﻧﺪروﻧﻲ ‪ Domestic‬اڏام ﺗﻲ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ ﺻﻠﻮات ﭘﮍﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﮡ ﭼﻴﻮ وﻳﻮ. ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ ۽ ﭔﻴﻦ ﺟﻴﻜﺎ‬
‫ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺻﻠﻮات )درود ﺷﺮﻳﻒ( ﭘﮍﻫﻴﻮ ﭤﻲ اﻫﻮ ﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﮑﻲ ڏﻧﻲ. ”اﻟﻠﻬﻢ ﺻﻞ ﻋﻠﻲ ﻣﺤﻤﺪ و آل‬
                                                                                         ‫ﻣﺤﻤﺪ.“‬
                           ‫”ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻣﻮﻛﻞ ﺗﻲ ﮘﻮٺ ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻴﺎ وﭸﻮ؟“ ﻣﻮن ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.‬
‫”ﻧﻪ، ﻧﻪ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﮘﻮٺ ﺑﻪ ﺗﻬﺮان آﻫﻲ،“ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﻣﺸﻬﺪ آﺋﻮن دراﺻﻞ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻟﻴﻜﭽﺮ‬
                                                 ‫ڏﻳﮡ ﭘﻴﻮ وﭸﺎن. ﭔﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺗﻬﺮان ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻨﺪس.“‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ۽ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﻫﻴﭟ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻮن ﺑﺘﻴﻮن ﺟﻬﮙﻤﮗ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﮐﻴﺮ‬
‫ﺟﻬﮍي اﮀﻲ روﺷﻨﻲ ﻣﺎن ﻇﺎﻫﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ آﻫﻲ. ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ دري‪‬‬
               ‫ﻣﺎن ﻫﻴﭟ روﺿﻲ ﻃﺮف ﻧﻬﺎري ”اﺳﻼم ﻋﻠﻴﻚ ﻳﺎ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ رﺿﺎ“ ﭨﻲ ﭼﺎر دﻓﻌﺎ ﭘﮍﻫﻴﻮ.‬
                                       ‫ٰ‬
‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ڏي اﻳﻨﺪي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن وﻳﭡﻞ ﻫﻤﺮاﻫﻪ – ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ ﺳﻨﺪس ۽ ﺳﻨﺪس زال‬
‫ﺟﻲ ﭼﻬﺮي ﻣﺎن ﻣﻮن ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ، ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ اﺧﺘﺮ ﻫﻮ. ﮀﻮﻳﻬﻪ، ﺳﺘﺎوﻳﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ‬
‫ﻧﻮﺟﻮان ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ آﻏﺎ ﺧﺎن اﺳﭙﺘﺎل ۾ ﻧﻮﻛﺮي ﭤﻮ ﻛﺮي. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭤﻲ وﻳﺎ ﭘﺮ‬
‫ﮐﻴﻦ اوﻻد ﻧﻪ ﭘﺌﻲ ﭤﻴﻮ ” ﭘﻮ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ اﭼﻲ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﻳﺴﻴﻦ ۽ ﻫﻲ‪ ‬اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ آﻫﻲ“ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﮐﺎن‬
‫اﭠﻦ ﻣﻬﻴﻨﻦ ﮐﻦ ﺟﻮ ﭔﺎر وﭠﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ. ﻣﻮن ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﻮڏاﺋﻴﻨﺪي ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ‬
                                                                                            ‫ﭘﮁﻴﻮ.‬
                                                                                  ‫”ﻋﻠﻲ رﺿﺎ.“ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ.‬
‫”ﻣﺎﺷﺎ‪ ‬ا﷢ ! ا﷢ ﮔﻬﺮﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻴﺎن ﻧﻴﻚ ۽ دﻳﻨﺪار ﭤﻴﻨﺪو.“ ﻣﻮن دﻋﺎ ڏﻳﻨﺪي ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﮐﻲ‬
‫ﭼﻴﻮ. ”آﺋﻮن ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻚ دوﺳﺖ ﺧﺎص ﺗﺎﻛﻴﺪ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ‬
                                                   ‫ﭘﻬﭽﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺮاد ﭘﻮري ﭤﻴﮡ ﻻ‪ ‬دﻋﺎ ﮔﻬﺮان.‬
‫اﻣﺎم، وﻟﻲ، اوﻟﻴﺎ‪ ‬۽ ﭘﻴﻐﻤﺒﺮن ﺟﻮ ﺑﻠﻨﺪ ﻣﺎن ۽ رﺗﺒﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﭘﺮ ﮀﺎ اﻫﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺠﻴﺐ ﻧﭥﻮ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ‬
‫ﻫﻨﻦ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﻻ‪ ‬ﭘﻴﺎر ۽ ﻋﺰت ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ اﻳﺘﺮو وڌﻳﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن ﺿﺮورﺗﻮن رب ﮐﺎن ﮔﻬﺮڻ وﺳﺮﻳﻮ‬
                             ‫وﭸﻦ ۽ ﻛﭥﻲ اﺳﺎن ﺷﺮڪ ﺟﻬﮍي ﮔﻨﺎﻫﻪ ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻣﺒﺘﻼ ﺗﻪ ﻧﭥﺎ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮن؟“‬
‫”ﺑﻠﻜﻞ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﺎ ﭼﺌﻮ،“ ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﭼﻴﻮ، ” دراﺻﻞ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻫﻮ ﻏﻠﻂ ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻛﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻣﺎم ﻳﺎ‬
      ‫وﻟﻲ ا﷢ ﮐﺎن ڊﺋﺮﻳﻜﭧ ﭤﺎ ﮔﻬﺮون. اﺳﺎن ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻨﻦ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﮐﻲ وﺳﻴﻠﻮ ﺑﻨﺎﺋﻲ رب ﭘﺎڪ ﮐﺎن دﻋﺎ ﭤﺎ ﮔﻬﺮون.“‬
‫ڊاﻛﭩﺮ وﺳﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ، ﭔﺎر ۽ ﻣﺎ‪ ‬ﭘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﮔﮇ ﭔﻦ ﻫﻔﺘﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان آﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻮ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻛﻨﻬﻦ ﮔﺮوپ ﺳﺎن‬
‫ﺷﺎﻣﻞ ﭤﻲ اﭼﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ آﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس واﻟﺪﻳﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ اﻳﺮان اﭼﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻨﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ رﻫﮡ ﻳﺎ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ ۽ واﻗﻌﻲ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺷﺮﻳﻒ ۽ ﻗﺎﻧﻮن‬
‫ﺟﻲ ﭘﺎﺳﺪاري ﻛﻨﺪڙن ﻻ‪ ‬ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻣﺴﺌﻠﻮ ﻧﺎﻫﻲ. ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﻟﭽﻦ ﻟﻔﻨﮕﻦ ﻻ‪ ‬ﻧﻪ آﻫﻲ. ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ‬
‫ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻗﺎﻋﺪا ﻗﺎﻧﻮن ﺳﺨﺖ آﻫﻦ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﺑﻪ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ڏوﻫﺎري ڏوﻫﺎري آﻫﻲ‬
‫ﭘﻮ‪ ‬اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ. ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ وزﻳﺮ ﻳﺎ ﺳﺮﻛﺎري ﻋﻤﻠﺪرا ﺟﻮ ﭘﭧ. ڏوﻫﻪ‬
                                                                      ‫ﺟﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﺰا ﻣﻠﮣﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ڏﺳﮡ ﺟﻮ ڏاڍو ﺷﻮق ﻫﻮ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙن‬
‫ﺟﺎ ﺟﻬﺎز اﻳﺮان اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ڏاڍو اﻓﺴﻮس ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﻬﻴﻨﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﺑﺮﻣﻮدا ۽‬
‫ﻛﻴﻮﺑﺎ ﻳﺎ ﻧﺎروي ﺳﺌﻴﮉن ۽ ﻛﺌﻨﺎڊا ﮐﺎن ﺗﻪ وﭸﻴﻮ ﻧﻜﺮي ﭘﺮ ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ اﻳﺮان ﻧﭥﻮ اﭼﻲ. اﻳﺮان ﺟﻬﮍي‬
                                    ‫ﭘﺮاﮢﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻴﭟ ﮐﻴﺴﻲ ﻣﺎن ﭜﺎڙو ﭜﺮي آﻳﻮ آﻫﻴﺎن.‬
‫”واﻗﻌﻲ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﻠﻚ ۽ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﭘﺮاﮢﻲ آﻫﻲ،“ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻧﻘﻴﺐ ﭼﻴﻮ،“ ﻫﻲ‪ ‬ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﻗﺪﻳﻢ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن اﻋﻠﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽‬
        ‫ٰ‬
‫ﺗﻤﺪن، ﻣﺎﻳﺌﻪ ﻧﺎز ﻣﻌﺎﺷﺮت ۽ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ ﭴﻢ ﮐﺎن ﭔﻪ ﺻﺪﻳﻮن‬
                                ‫ٰ‬
‫اڳ ﺟﮇﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﻋﺮوج ۽ ﺗﺮﻗﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ واﻗﻒ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ. ﺑﻠﻚ ﮔﻤﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ اوﻧﻬﺎﺋﻴﻦ ۾ ﻏﺮق‬
‫ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﻛﺒﻴﺮ ﺟﻬﮍا ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﻧﻮﺷﻴﺮان ﺟﻬﮍو ﻋﺎدل ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻋﺰت ﺟﻲ‬
‫ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏ ﭠﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ. ان وﻗﺖ اﻳﺮان ۾ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﺟﺎ واﺿﺢ ﻗﺎﻧﻮن ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺌﺎ.ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ.‬
                  ‫ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺳﻤﺎﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ڌرﺗﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺣﺼﻮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺳﻠﻄﻨﺘﻦ ﮐﺎن اﺗﻢ اﺗﺎﻫﻮن ﻫﻮ.“‬
                                                    ‫اﺳﺎن ﻛﺎ دﻳﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﺿﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﮔﮡ ﮘﺎﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ.‬
‫ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ دور ۾ اﻳﺮان دﻧﻴﺎ ﺟﻮ اﻛﻴﻠﻮ ﺳﭙﺮﭘﺎور ﻫﻮ.ﻫﻦ ﺟﻲ ﭨﻦ ﮐﻨﮉن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. ان دور ۾ اڄ واري‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﺎ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﺷﺎﻣﻞ ﻫﺌﺎ. ان زﻣﺎﻧﻲ ﺟﺎ اﺛﺮات اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ﻧﻤﺎﻳﺎن‬
‫آﻫﻦ.اﺳﻼم ﮐﺎن اڳ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﻫﺌﻲ. ان وﻗﺖ ﺳﭵﻮ ﻣﻠﻚ زرﺗﺴﺘﻲ )ﭘﺎرﺳﻲ( ﻣﺬﻫﺐ ﺟﻮ‬
‫ﭘﻮﭴﺎري ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻮﭴﮡ وارا آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري( ﻳﺎ ﻣﺠﻮﺳﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ. ﺟﻦ اﺳﻼم ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ دل وﺟﺎن‬
‫ﺳﺎن ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻤﻞ ﺳﺎن ان ﺟﻮ ﺣﻖ ادا ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ. ﭤﻮري ﺋﻲ ﻋﺮﺻﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮم اﺳﻼم‬
‫ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ۾ اﮘﻴﺎن اﮘﻴﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮاﮢﻲ ﻟﮑﮣﻲ ﮐﻲ ﮀﮇي ان ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻲ رﺳﻢ اﻟﺨﻂ ﮐﻲ‬
                              ‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻛﻴﻮ. اﻫﮍي ﻃﺮح زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻌﺒﻲ ۾ اﺳﻼم ﺟﻲ ﻣﻬﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﮡ ﻟﮙﻲ.‬
‫”ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺷﻌﺮ و ادب ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ،“ اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
                                   ‫ﭼﻴﻮ، ”اﻳﺮان ﻓﺮدوﺳﻲ ۽ ﻋﻤﺮﺧﻴﺎم ﺟﻬﮍن ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.“‬
‫”ﺟﻲ ﻫﺎ،“ ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ، ”اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﻓﺮدوﺳﻲ )۰۲۰۱-۵۲۹(، ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم )۱۳۱۱-۸۴۰۱(، ﺟﺎﻣﻲ)۲۹۴۱-۴۱۴۱(،‬
                                                        ‫ُ‬
‫ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر )۰۲۲۱-۰۳۱۱(، ﺟﻼل اﻟﺪﻳﻦ روﻣﻲ )۳۷۲۱-۷۰۲۱(، ﺷﻤﺲ ﺗﺒﺮﻳﺰي، ﺣﺎﻓﻆ، ﺳﻌﺪي)۱۹۲۱-۴۸۱۱( ۽‬
                                                                     ‫ﻣﻨﺼﻮر اﻟﺤﻼج ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.“‬
‫آﺋﻮن دراﺻﻞ ان ﺋﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﭘﻬﺘﻮ آﻫﻴﺎن ﻧﻪ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻦ ﺟﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻬﺎز‬
‫وﭸﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﻳﺎ ﺟﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ – ﺗﻪ ﮀﺎ آﺋﻮن ﭜﺎڙا ﭜﺮي اوڏاﻧﻬﻦ وﭸﺎن ؟ ﻫﺮﮔﺰ ﻧﻪ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ‬
‫ﺋﻲ ﭔﻲ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ )ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ(، ﺣﻀﺮت ﻋﺒﺪاﻟﻘﺎدر ﺟﻴﻼﻧﻲ، اﻣﺎم ﻏﺰاﻟﻲ، ﺳﻨﺎﺋﻲ ﻏﺰﻧﻮي‬
                                                   ‫)ﺷﺎﻋﺮ(، اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ۽ ﻓﺮﺧﻲ ﺳﻴﺴﺘﺎﻧﻲ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ رﺿﺎ ۽ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﻓﺎﻃﻤﻪ ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن‬
                                                            ‫ٰ‬
‫ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎﺻﻠﺖ ، ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ، اﻣﺎم زادي ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮق، اﻣﺎم زادي اﺑﺮاﻫﻴﻢ، اﻣﺎم زادي ﺳﻴﺪ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ ، اﻣﺎم‬
                          ‫زادي ﻣﻮﺳﻲ ﻣﺒﺮﻗﻊ ۽ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﻧﻮ ﺟﻬﮍن ﻧﻴﻚ ۽ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ اﻧﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ رﻫﻴﻮ.‬
                                                                                         ‫ٰ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺎﺋﺮس، داﺋﺮس، ارڌﺷﻴﺮ، ﺷﺎﻫﭙﻮر، ﻫﺮﻣﺰد ۽ ﺑﻬﺮام ﺟﻬﮍن ﭘﺮﺷﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻮ‬
‫ﭘﺮوﻳﻦ داراﺑﻲ )اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻜﺲ ۾ ‪ Ph.D‬ﻛﻨﺪڙ ﻋﻮت(، ﻓﺎروﺧﺮا‪ ‬ﭘﺎروﺳﺎ )وزﻳﺮ ﺗﻌﻠﻴﻢ(، ﺷﻴﺮﻳﻦ‬
‫ﻋﺒﺎدي )ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﻳﺎ ﻓﺘﻪ(، ﻻدان ۽ ﻟﻴﻼح )ﮘﻨﮃﻳﻞ ﺟﺴﻢ وارﻳﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن(، ﺑﻴﻬﻨﺎز ﻣﻮزاﻛﺎ )ﻟﻨﮉن ۾ ۵۰۰۲ ۾ ﺑﻢ‬
‫ﭰﺎﭨﮡ ﺗﻲ ﻣﺮي وﻳﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت(،ﺷﺮﻣﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮﻳﻮار )ﺳﺎل ۵۰۰۲ ﺟﻲ ﻣﺲ ﻳﻮرپ(، زﻫﺮه راﻧﺎ ورد )اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ اﻳﺮان‬
                                                   ‫ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ واﺋﻴﺲ ﭼﺎﻧﺴﻠﺮ( ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻴﻜﻮ زرﺗﺸﺖ)‪ ،(Zarathustra‬ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ، ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ، ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد )ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﻣﮍس ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ۷۴۴۱ ﮐﺎن ۷۵۴۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﺟﻠﻪ ﮐﺎن ﭼﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ(، ﻣﻤﺘﺎز ﻣﺤﻞ )ﻋﺒﺪاﻟﺤﺴﻦ‬
‫آﺻﻒ ﺧﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻲ ڌي‪ ‬۽ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﺎن ﺟﻲ زال(، ﻧﻮرﺟﻬﺎن)اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻳﺰد ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﻣﺮزا‬
              ‫ﻏﻴﺎث ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ڌي‪ ‬۽ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺮ ﺟﻲ وﻳﻬﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۽ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﭙﺴﻨﺪ زال ( ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻨﻬﻦ ۾ اڄ ﻓﺮﺷﺪ ﻣﻮﺳﻮي )دﻧﻴﺎ ﺟﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮل اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ اﮘﻮاڻ ﻋﻮرت(، آزادي ﺗﺒﺎزاد )ﻧﺎﺳﺎ ﺟﻲ‬
‫ﺳﺎﺋﻨﭩﺴﭧ(، ﻣﺮﻳﻢ ﻣﺮزا ﺧﺎﻧﻲ )‪ ،(Mathematician‬ﻣﻨﺎ اﺳﺎدي )اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮه ۽ ﻟﻴﮑﻚ(، ﻣﻌﺼﻮﻣﻪ اﺑﺘﻜﺎر)اﻳﺮان ﺟﻲ ﻧﺎﺋﺐ‬
                                               ‫ٰ‬
‫ﺻﺪر( ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي ﺳﺎﭤﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﻮن ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ۾ ، ﺳﺌﻴﮉن ﻣﺎن ﭘﻮﺳﭧ‬
‫ﮔﺮﻳﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ؛ ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻗﻠﻲ زادو )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﻮﻣﻲ ﺟﻬﺎز ران ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺟﻮ ﺟﻨﺮل ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ(، ﺑﺸﻴﺮ‬
‫ﻛﺎﻣﻜﺎر)ﭨﻴﻜﻨﻴﻜﻞ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ‪ IRISL‬ﺗﻬﺮان(، ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻏﻼم رﺿﺎ اﻳﻤﺎد ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﻣﻈﻬﺎري )ﭔﺌﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ‬
‫ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ ۾، ﺟﻴﻜﺎ ﮀﺎﺑﻬﺎر ۾ آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮔﻬﻤﮡ ﺑﻌﺪ‬
‫ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﻻ‪ ‬دﻋﻮت ڏﻧﻲ آﻫﻲ (، ﺑﻬﺰاد ﻣﺤﻤﺪ ﺳﻴﻒ اﻻﻫﻲ )ﻣﺌﻨﻴﺠﻨﮓ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ، ﺑﻨﻴﺎد ﺷﭙﻨﮓ ﻛﻤﭙﻨﻲ ﺗﻬﺮان(،‬
‫ﻏﻼم رﺿﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ )ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﺟﻨﺮل، ﺗﻬﺮان( ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺎﻟﻤﻮ ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻫﺌﺎ ۽ ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ‬
‫ﻣﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ‪ Scandinavian‬وارن ﻛﺘﺎﺑﻦ ؛ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻛﻮﭘﻦ ﻫﻴﮕﻦ، ﻳﻮرپ ﺟﺎ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ(، ﺳﻴﺪ ﻋﻠﻲ اﻳﺴﺘﺮي )ڊي ﺟﻲ ﺑﻨﺪرﻋﺒﺎس ﭘﻮرٽ اﭤﺎرﭨﻲ(، وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه ... ﻫﻲ‬
‫اﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺳﺎن ﻣﻮن زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺳﺎل ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۽ ورﻟﮉ ﻣﺌﺮﻳﭩﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﮔﺬارﻳﺎ.‬
‫ﺟﺘﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻫﺌﺎ. ﻫﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن‬
‫دﻟﭽﺴﭗ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ اﻳﺮان اﭼﮡ ﺟﻲ ﺗﮇﻫﻦ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﺑﻪ دﻋﻮت ڏﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ. اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﭽﺎﺋﻲ، ﻧﻬﭡﺎﺋﻲ ۽ ﭘﺎڪ‬
‫ﺻﺎف زﻧﺪﮔﻲ ﮔﺬارڻ ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﻫﺌﺎ. وﻻﻳﺖ ۾ اﺳﻼم ﺟﻮ ﺻﺤﻴﺢ ‪ Image‬ﻓﻘﻂ ۽ ﻓﻘﻂ اﻳﺮاﺋﻲ ﺋﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺟﺘﻲ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪه ﻳﻮرپ ﺟﻲ رﻧﮕﻴﻨﻴﻦ ۾ ﻣﺪﻫﻮش ﭤﻲ وﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ اﺗﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺧﻄﺎ ﻧﻪ ﭤﻴﺎ.‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﺳﭝﻨﻲ ۾ ﺧﻮﺑﺼﻮرت، ﺟﻮان ۽ ﺳﻤﺎرٽ ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪس اﺻﻮل ۽ اﻳﻤﺎﻧﺪاري‪ ‬ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ‬
                                                                                         ‫‪ Impress‬ﻛﻴﻮ ﭤﻲ.‬
‫اڄ آﺋﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻮن اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﺳﺎﭤﻲ ﮐﻲ‬
‫اﻃﻼع ﻧﻪ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ ﭘﺮوﮔﺮام ﻣﻮﺟﺐ ﻣﺸﻬﺪ، ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ﻗﻢ‬
‫ﻣﺎن ﭤﻲ ﭘﻮ‪ ‬ﭘﺮاﮢﻴﻮن ﻳﺎدﻳﻮن ورﺟﺎﺋﮡ ۽ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻳﺎد ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬اﻧﻬﻦ دوﺳﺘﻦ وٽ ﺗﻬﺮان، ﺗﺒﺮﻳﺰ، اﺻﻔﻬﺎن ۽‬
                                                                         ‫ﮀﺎﺑﻬﺎر وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو رﮐﺎن ﭤﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻫﻮاﺋﻲ اڏو ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﻛﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﺮي ﻧﺎﻫﻲ. اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺑﻌﺪ ﭨﺌﻜﺴﻴﻦ ۾ وﻳﭡﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺟﻠﺪﺋﻲ‬
‫ﺷﻬﺮ ﺟﻲ روﺷﻨﻴﻦ ۾ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻦ ﭨﻮﺋﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ وارن-اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﻫﻮﭨﻞ رﺿﻮان ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺑﻠﻜﻞ وچ ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ‬
‫ﻣﺒﺎرڪ ﮐﺎن ﭔﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﻗﻢ ۾ ﺑﻪ ﺟﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ؛ ﻫﻮﭨﻞ ﻧﮕﻴﻦ ﻗﻢ ۽ ﻫﻮﭨﻞ اﭘﺎراﭤﺎ )ﺑﻴﺒﻲ ﻣﻌﺼﻮﻣﺎ‬
‫ﺟﻲ( روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﺳﺎﻣﻬﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﺎن ﻫﺮﺷﻲ‪ -‬ﺷﺎﭘﻨﮓ ﺳﻴﻨﭩﺮ، ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ، ﺑﺎزارﻳﻮن ﭘﻨﮅ ﭘﻬﭽﮡ واري‬
                                                                                    ‫ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻴﻮن.‬
                                   ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﺗﺎرﻳﺦ‬

‫ﺗﻬﺬﻳﺐ و ﺗﻤﺪن، ﭔﻮﻟﻲ ادب، ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ ﻧﻈﺎم، ﺷﻬﺮن ۽ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ ﺟﻮڙﺟﻚ ۽ ﺳﮅاري ۾ ﻳﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ، ﭤﺎﺋﻴﻠﻴﻨﮉ، ﭼﻴﻦ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪا. ۱۷۹۱ ۾ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ‬
‫ﭘﻬﻠﻮي‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﺟﻲ ۰۰۵۲ ﻫﻴﻦ ﺳﺎﻟﮕﺮه وڏي ڌام ڌوم ﺳﺎن ﻣﻠﻬﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ- ﺳﺎﺋﻴﻦ ﮀﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ!دﻧﻴﺎ‬
‫ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺻﺪر ۽ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﮀﺎ ﺗﻪ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ، ﮀﺎ ﺗﻪ ﺧﺮچ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ. روز‬
‫اﺧﺒﺎرن ۽ رﻳﮉﻳﻮ ﺗﺎن اﺳﻴﻦ ان ﺟﺸﻦ ﺟﻮ ﺧﺒﺮون ﭔﮅي، ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﭨﻴﻜﺎ ﭨﭙﮣﻲ ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺗﻌﺠﺐ‬
‫ﻟﮙﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ۰۰۵۲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ ﻧﻈﺎم ﻫﻠﻨﺪو اﭼﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن‬
              ‫ٰ‬
‫ﺑﻪ ۰۰۵ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﮐﺎن وﭠﻲ! اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ۰۰۵۲ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﻫﻲ‪ ‬ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ، ﻫﻦ اﻋﻠﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ‬
            ‫ٰ‬
‫ﺟﺸﻦ ﺑﻌﺪ، ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر ﭜﭵﻲ ﭜﺮي ﭜﺴﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ. ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﻠﻮار ﺟﻲ ﻓﻘﻂ‬
‫ﺗﻘﺮﻳﺮن ۽ ﺗﺤﺮﻳﺮن ذرﻳﻌﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ. اڄ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”اﺳﻼﻣﻲ ﺟﻤﻬﻮرﻳﻪ اﻳﺮان“ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﻃﺮح ﺟﻮ‬
                                             ‫اﺳﻼﻣﻲ ﻧﻈﺎم ۽ ﻋﻮاﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ دﻋﻮيٰ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻫﺘﻲ، اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻫﻦ اﺳﭩﻴﺞ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ، ﺟﻬﻮﻧﻲ ۽ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺗﺎرﻳﺦ ﮐﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻟﻔﻈﻦ ۾ ﻟﮑﮡ‬
‫ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻨﻦ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ﮐﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ‬
                                                                              ‫ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ.‬
‫ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﺳﺮزﻣﻴﻦ، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﺑﺎدﺷﺎﻫﺘﻮن، ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن اڍاﺋﻲ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ‬
‫ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﭥﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻮن ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. ان ڌرﺗﻲ‪ ‬۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ اڄ ﮐﺎن ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ ﺟﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اڄ ﺟﻴﺌﺮو ﭤﻲ ﭘﻮي‬
‫۽ ﺗﻮﻫﺎن ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭘﮁﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺮان ﭤﻲ وﻳﻨﺪو ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﻬﮍو ﻣﻠﻚ آﻫﻲ! دراﺻﻞ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ‬
‫ﺟﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻧﺎﻟﻮ ﭘﺮﺷﻴﺎ /ﻓﺎرس ﺿﺮور ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ﻧﻪ ﻫﻮ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ، ادب، ﺷﻌﺮو ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﻧﺎﻟﻦ‬
            ‫ﺳﺎن ﻣﻨﺴﻮب ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن، ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي، ﭘﺮﺷﻦ ﭔﻠﻲ، ﭘﺮﺷﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﻮ .... وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.‬
‫ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﻠﻄﻨﺖ- ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ، ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻲ‪ ‬رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي‪۱۹۳۵ ،‬‬
‫۾ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان رﮐﻴﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ- ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ، ان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪڙ‬
                                                    ‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۽ ﺷﺎﻫﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ اﺣﻮال ﻛﻴﻮن ﭤﺎ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ وﻻدت ﮐﺎن ﺑﻪ ﭔﻪ ﻫﺰار ﺳﺎل اڳ روس ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻦ ﮐﺎن آرﻳﻦ ﺟﺎ ﭨﻮﻻ ﻫﻦ‬
                                                                                       ‫ٰ‬
‫ڌرﺗﻲ ﺗﻲ اﭼﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﺳﻴﻦ اڄ اﻳﺮان ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. اﻳﺮان ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻪ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آرﻳﺎﻧﺎم ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻞ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ” رﻳﺎ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ زﻣﻴﻦ“. ﻫﻲ آرﻳﺎ ﺑﺪو ﻗﺒﻴﻼ ﺟﻴﻜﻲ اﺗﺮ ﮐﺎن ﻟﮇي ﻫﺘﻲ آﻳﺎ، اﻫﻲ آدﻣﺸﻤﺎري‬
                                                                                  ‫ٰ‬
‫۾ وڌڻ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ۾ آرﮔﻨﺎﺋﺰ ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪا وﻳﺎ ۽ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﻫﻲ ﭔﻦ وڏن ﮔﺮوﭘﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﺠﻲ وﻳﺎ. ﻫﻚ اﻫﻲ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ اڄ واري اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ ۽ اوﭜﺮوارن ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ رﻫﻲ ﭘﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻴﺪس ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﭔﻴﺎ ﭘﺮﺷﻦ ﺟﻴﻜﻲ‬
‫ﭘﺎرس ﻳﺎ ﻓﺎرس ﺻﻮﺑﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ڏاﮐﮣﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ ۾ ‪ Settled‬ﭤﻲ وﻳﺎ. اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻨﻦ آرﻳﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال اﻧﺠﻴﻞ‬
                                                       ‫ﻣﻘﺪس ۽ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﻛﺘﺎب اوﺳﺘﺎ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﻴﺪس )‪ (Medes‬ﺑﺎﻗﻲ ﻗﺒﻴﻠﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺗﻬﺬﻳﺐ ﻳﺎﻓﺘﻪ ﻫﺌﻮ. ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد اﻛﺘﺒﺎﻧﺎ )ﻫﻤﺪان( ۾ ۰۰۷‬
                         ‫ق.م رﮐﻴﻮ. ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﺟﻲ ﭴﻤﮡ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺖ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ ﺟﻲ ﭤﻲ.‬
                                                              ‫ٰ‬
‫ﻣﻴﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻲ ۾ ﭘﺮﺷﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻮ )ﻓﺎرس ۾ رﻫﮡ وارا( ﻫﺌﺎ. ۶۴۵ ق.م ڌاري ﭘﺮﺷﻦ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ‬
‫ﺳﺎﺋﺮس )‪ (Cyrus the Great‬ﺟﻲ ﺳﺮداري‪ ‬۾ ﻣﻴﺪس وارن ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﺳﻮڀ ﻣﺎﮢﻲ ۽ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﺮس‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ ‪ Achaemenid‬ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ‬
‫ﺑﻨﻴﺎد وڌو. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﻛﻮروش ﻛﺒﻴﺮ“ ۽ ”ﻛﻮروش ﺑﺰرگ“ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ، ۰۹۵ ق.م ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽‬
                      ‫۰۳۵ ق.م وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ ۹۲ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ، ۹۵۵ ق.م ﮐﺎن ﻣﺮڻ ﺗﺎﺋﻴﻦ.‬
‫ﺳﺎﺋﺮس )ﻛﻮروس ﻛﺒﻴﺮ ﻳﻌﻨﻲ ” ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ“( ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻫﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.ﻫﻦ ﺟﻮ‬              ‫•‬
‫ذﻛﺮ ﺑﺎﺋﻴﺒﻞ ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻢ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﻗﺮآن ۾ ذواﻟﻘﺮﻧﻴﻦ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﺨﺼﻴﺖ‬
‫ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻫﻲ ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭤﻴﻮري اﺳﺎن ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻔﻜﺮ اﺑﻮاﻟﻜﻼم آزاد‬
‫ﺟﻲ ڏﻧﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﺎ ۽ ﺳﻨﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ‪ Support‬ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﻋﻼﻣﺎ‬
       ‫ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﺗﻔﺴﻴﺮ ” اﻟﻤﻴﺰان“۾، ۽ ﻣﻘﺮم ﺷﻴﺮازي ۽ اﺑﻮ اﻋﻠﻲ ﻣﻮدودي ﭘﮡ ‪ endose‬ﻛﻴﻮ آﻫﻲ.‬
                                 ‫ٰ‬
‫آﺳﭩﺮﻳﻠﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﮉﻧﻲ ۾ ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ)‪ (statue‬ﻟﮙﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۴۹۹۱ ﺗﻲ ﺳﺎﺋﺮس‬             ‫•‬
‫)ﻛﻮروش( ﺟﻮ ۰۰۶۲ ﺟﻨﻢ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﻠﻬﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻫﻮ ﭼﺌﻦ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻮ ‪) Statue‬ﻳﻌﻨﻲ اﻧﺴﺎن ﺟﻲ‬
                                                        ‫ﻗﺪ ﮐﺎن ﭔﻴﮣﻮ( ﺳﮉﻧﻲ اوﻟﻤﭙﻚ ﭘﺎرڪ ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ.‬
‫۲۹۹۱ ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎﺋﻴﻜﻞ ﻫﺎرٽ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ‪ List of Influential People‬ﻟﮑﻴﻮ ان ۾ ﺳﺎﺋﺮس‬          ‫•‬
                                                                           ‫ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۷۸ ﻫﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻚ ﻋﺪل و اﻧﺼﺎف وارو ۽ رﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﻨﺪڙ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﺟﻲ دل ۾ ﺧﺪا ﺟﻮ‬           ‫•‬
‫ﺧﻮف رﻫﻴﻮ ﭤﻲ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﺧﺪا ﮐﻲ ﻣﭹﮡ وارو ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رﻋﻴﺖ ﮐﻲ ﺟﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ دﻳﻮﺗﺎﺋﻦ ﺟﻲ‬
‫ﻋﺒﺎدت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ، ﺗﻨﮓ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﻮ. ﻫﻮ وڏو ﻓﺎﺗﺢ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﻗﻮﻣﻦ ﻣﻴﺪس ۽ ﭘﺮﺷﻦ ﮐﻲ‬
‫ﻣﻼﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻫﮍو ﺗﻪ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺑﻨﺎﻳﻮ ﺟﻮ ان وﻗﺖ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮڻ وارو ﻛﻮﺑﻪ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ﻫﻦ‬
‫اوﭜﺮ ﻃﺮف ﻛﺎﻫﻮن ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ ﺗﺮﻛﺴﺘﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻼﻳﻮ ۽ اوﻟﻬﻪ ﻃﺮف آﺋﻮﻧﻴﺎ )‪ (Ionia‬ﮐﺎن وﭸﻲ ﻧﻜﺘﻮ.‬
                                            ‫اﺗﺮ ﻃﺮف ﻛﺎﻛﺌﺴﻴﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڌرﺗﻲ ﺳﻨﺪس ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ اﭼﻲ وﺋﻲ.‬
‫ﺳﺎل ۳۰۰۲ ﺟﻮ ﻧﻮﺑﻞ اﻧﻌﺎم ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻮن ﺷﻴﺮﻳﻦ ﻋﺒﺎدي ﮐﻲ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ واري‬      ‫•‬
                                                      ‫ﺗﻘﺮﻳﺮ ۾ ﻫﻦ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻳﺎد ﺗﺎزي ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ؛‬
‫‪“I am an Iranian, a descendent of Cyrus the Great. This emperor proclaimed at the pinnacle of power 2500 years ago‬‬
‫‪that he ‘would not rein over the people if they did not wish it? He promised not to force any person to change his‬‬
‫”.‪religion and faith and guaranteed freedom for all. The charter in the history of human rights‬‬
‫ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮق ﺟﺎ ﭘﺮ اڄ ﺟﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻦ. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻃﺮز‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﺎﺑﺖ آﺋﺴﻠﻨﮉ ﺟﻬﮍي ڏوراﻧﻬﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﺑﻪ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اڄ ﺟﻲ آﻣﺮﻳﻜﺎ )‪ (USA‬ﺟﻲ‬
‫ﺳﻴﺎﺳﺘﺪاﻧﻦ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن اﺑﻦ ڏاڏن ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﺑﺎﺑﺖ ‪ Cyropaedia‬ﺟﻬﮍن ﻛﺘﺎﺑﻦ ﻣﺎن اﺗﺴﺎﻫﻪ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ. اﻫﺎ‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﺻﺪر ﭤﺎﻣﺲ ﺟﻴﻔﺮﺳﻦ وٽ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ﺟﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭔﻪ ﻛﺎﭘﻴﻮن رﻫﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ۽‬
‫آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﺮ اﻋﻠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ ﻋﻤﻠﺪار ۽ ‪ Statesment‬ﻻ‪ ‬اﻫﻮ ﺿﺮوري ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭔﻪ ﻛﺘﺎب ﺿﺮور ﭘﮍﻫﻲ. ﻫﻚ ﻫﻲ‬
                                                                                 ‫ٰ‬
‫ﺳﺎﺋﺮس وارو ‪ Cyropaedia‬۽ ﭔﻴﻮ ﻣﺌﻜﻴﺎوﻟﻲ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب ” دي ﭘﺮﻧﺲ“. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻚ ﺷﺒﻬﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺳﺎﺋﺮس ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ. ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻢ ۽ ڊﭠﻞ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺎر ﮔﺎد‬
‫)‪ (Pasargadae‬۾ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﭘﻮ‪ ۳۳۰ ‬ق.م ڌاري ﺟﮇﻫﻦ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ‬
‫اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ )‪ (Persepolis‬ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﻴﻮ، ان وﻗﺖ ﻫﻮ ﺳﺎﺋﺮس‬
‫ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻫﻦ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ ﭘﺎﺳﺎرﮔﺎد ۾ ﺑﻪ آﻳﻮ ﻫﻮ. ﭘﺮاﮢﺎ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ‬
                                  ‫ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﻛﺘﺒﻲ ﺗﻲ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻏﺎﺋﺐ آﻫﻲ، ﻫﻲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ؛‬
‫”اي واﭨﻬﮍو! آﺋﻮن اﻫﻮ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﻋﻈﻴﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﻫﻴﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﭘﺮﺷﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮڙي. ان ﻛﺮي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ‬
                                  ‫ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺴﺪ ﻧﻪ ﻛﺮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭩﻲ‪ ‬ﻫﻴﭟ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻻش دﭔﻴﻞ آﻫﻲ.“‬
‫ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﺌﻤﺒﻴﺲ )‪ (Cambyses‬ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن وڏي ﺟﻮ رﮐﻴﻮ ۽‬   ‫•‬
‫اﻫﻮ ”ﻛﺌﻤﺒﺴﺲ دوم“ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭔﺌﻲ ﭘﭧ، ﻫﻚ اﭠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ‪ ‬۽ ﭔﻴﻮ ﻫﻚ ﺳﺎل ﻻ‪‬‬
‫ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﭘﺮ ﻛﺎ اﻫﮍي ﻧﺎﻣﻮس ﻧﻪ ﻛﮃﻳﺎﺋﻮن. ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ ان ﺑﻌﺪ ﭰﺮي ﮔﺮي دارﻳﺲ)‪ (Darius‬ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻴﻮ‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ ﺳﺎﺋﺮس دي ﮔﺮﻳﭧ واﻧﮕﺮ دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﺷﺎﻳﺪ ﻫﻨﻦ اﻳﺮﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﻣﺎن ﻣﺘﺎﺛﺮ ﭤﻲ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ‬
                               ‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﻟﻴﮕﺰﺋﻨﮉر دي ﮔﺮﻳﭧ )ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ( ﺳﮇراﻳﻮ.‬
‫دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ )‪ (Darus I‬ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻲ ﻣﺎڊرن ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾ دارﻳﻮش ۽ ﻫﻨﺪي زﺑﺎن ۾ داراﻳﻮ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ،‬
‫۹۴۵ ق.م ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۵۶ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺳﻦ ۵۸۴ ق.م ﺗﻲ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ – ﻳﻌﻨﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ‬
‫ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﭘﺎﺳﻲ ﺗﺮﻛﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ روس اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ ﭼﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ، ۷۳ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
                                                                                           ‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ.‬
                                   ‫ﻛﺎﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ‬

                                                                               ‫دارﻳﺲ )‪ (Darius I‬ﻛﻴﺮ ﻫﻮ؟‬
‫ﺷﺮوع ۾ آﺋﻮن ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﻲ اﺗﺮاﻫﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن آرﻳﺎ آﻳﺎ اﻧﻬﻦ ۾ وڏا ﭨﻮﻻ ﻳﺎ ﻗﺒﻴﻼ ﭠﻬﻲ وﻳﺎ.‬
‫ﻫﻚ ﻣﻴﺪس ۽ ﭔﻴﻮ ﭘﺮﺷﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﺮدار ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ذﻛﺮ ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ‬
‫ﺳﺎﺋﺮس ﻣﻴﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﻣﻼﻳﻮ، ان وﻗﺖ ﻣﻴﺪس )‪ (Medes‬ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﺳﺮدار‬
‫ارﺳﺎﻣﻴﺲ)‪ (Arsames‬ﻫﻮ . دارﻳﺲ دي ﮔﺮﻳﭧ، ﻫﻦ ﺳﺮدار اﺳﺎﻣﻴﺲ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻣﻴﺪس‬
‫ﺟﻲ ﺳﺮدار ارﺳﺎﻣﻴﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺮداري ﭘﮗ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺗﺨﺖ و ﺗﺎج ﺳﺎﺋﺮس ﺣﻮﻟﻲ ﻛﻴﻮ. ﺳﺎﺋﺮس ﻫﻦ ﺟﻲ‬
‫ﭘﭧ ﻫﺴﺘﺎﺳﭙﻴﺲ )‪ (Hystaspes‬ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻦ ﻋﻼﺋﻘﻦ )ﭘﺎرﭤﻴﺎ ۽ ﻓﺮﻳﮕﻴﺎ( ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻛﺮي رﮐﻴﻮ. دارﻳﺲ ﻫﻦ ﮔﻮرﻧﺮ‬
‫ﻫﺴﺘﺎﺳﭙﻴﺲ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ. ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭔﻨﻬﻲ ﭘﭩﻦ ۾ ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﺣﺎل ﻧﻪ‬
‫ﻫﻮ . اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ دارﻳﺲ اﻳﺮان )ﻳﻌﻨﻲ ﺳﭵﻲ ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ دارﻳﺲ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺳﺎن ﻣﺎﺋﭩﻲ ﺑﻪ‬
‫ﭤﻲ. ﺳﺎﺋﺮس ﮐﻲ ﭼﺎر ﭔﺎر ﻫﺌﺎ. ﭔﻪ ﭘﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻫﻚ ﭤﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﺟﻨﮕﻴﻦ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﺎ‬
‫۽ ﭔﻪ ڌﻳﺌﺮون ﺷﻬﺰادي آرﺗﻲ اﺳﭩﻮن ۽ ﺷﻬﺰادي اﺗﻮﺳﺎ )‪ . (Atossa‬ﻫﻨﻦ ﭔﻨﻬﻲ ﭜﻴﮣﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي دارﻳﺲ ﺳﺎن ﭤﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫دارﻳﺲ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ زرﻗﻴﺲ )‪ (Xerxes I‬ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ اﻫﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﺳﺎﺋﺮس ﺟﻮ ڏوﻫﭩﻮ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ. ﻫﻦ ۶۸۴ق.م‬
                            ‫ﮐﺎن ۵۶۴ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬۽ ﻧﺎﻧﻲ واﻧﮕﺮ ﻧﺎﻟﻴﺮو ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ.‬
‫دارﻳﺲ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي ﺳﺎﺋﺮس، ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن واري ﺷﻴﺮﺷﺎﻫﻪ ﺳﻮري واﻧﮕﺮ ﻣﻠﻚ ۽ رﻋﻴﺖ ﻻ‪ ‬ﭜﻼ ﻛﻢ‬
‫ﻛﻴﺎ. دارﻳﺲ ﻫﻚ ﺋﻲ ڌﮢﻲ اﻫﻮرا ﻣﺰدا )‪ (Ahura Mazda‬ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ. زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ﻋﻘﻴﺪي ﻣﻄﺎﺑﻖ اﻫﻮرا ﻣﺰدا اﻫﺎ‬
‫وڏي ﻫﺴﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺧﻠﻘﻴﻮ. ان ﻛﺮي زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ﻋﻘﻴﺪي ﮐﻲ ﻣﺰدا ﻳﺎ ﺳﻨﺎ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻳﻌﻨﻲ‬
                                                                                      ‫ﻣﺰدا ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت.‬
                                            ‫دارﻳﺲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان، آرﮔﻨﺎﺋﻴﺰر ۽ اﺋﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﭩﺮ ﻫﻮ.‬        ‫•‬
          ‫ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮﺷﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ ۰۲ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ ۽ ﻫﺮﻫﻚ ﺗﻲ ﺳﺘﺮاپ )ﮔﻮرﻧﺮ( ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ.‬                  ‫•‬
‫ﻫﻦ ﺳﺎﺋﺮس وارو ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﮀﮇي اڄ واري ﺷﻴﺮاز ﭜﺮﺳﺎن ﭘﺮﺳﻴﭙﻮﻟﺲ )‪ (Persepolis‬ﻧﺎﻟﻲ ﻧﺌﻮن ﺷﻬﺮ‬               ‫•‬
‫اڏراﻳﻮ. ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻟﭩﻲ، ﭰﺮي آﺧﺮ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ‬
                                               ‫ﮐﻨﮃﻫﺮ اﭸﺎن ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ.‬
‫دارﻳﺲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻴﺌﺮي ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﭨﻜﺮي‪ ‬ﮐﻲ ﻛﭩﺎﺋﻲ ان اﻧﺪر ﭠﻬﺮاﺋﻲ‬                    ‫•‬
                                                                                                   ‫ﮀﮇﻳﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﻴﻞ ﻧﺪي‪ ‬ﮐﺎن وﭠﻲ ﺳﺌﻴﺰ ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺌﻨﺎل ﭠﻬﺮاﻳﻮ. ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ۾ ﻣﺼﺮ‬ ‫•‬
‫ﺑﻪ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ. ﻣﺼﺮ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ دارﻳﺲ ﺟﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺼﺮ ﺟﻲ ﻋﻮام ﻻ‪ ‬ﺑﻪ ﭜﻼ ﻛﻢ ﻛﻴﺎ‬
                                                 ‫۽ اﻧﺼﺎف ﺳﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻼﺋﻲ ﻫﻮ ﻣﺼﺮ ﺟﻮ ﻓﺮﻋﻮن ﭘﮡ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ.‬
                                   ‫ﻫﻦ ﭼﻮڌاري رﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﭴﺎر وﮀﺎﺋﻲ. ﻣﺎپ ۽ ﺗﻮر ﺟﺎ وٽ ۽ ﻣﺎﭘﺎ ﻣﻘﺮر ﻛﻴﺎ.‬      ‫•‬
‫ﺑﻬﺴﺘﻮن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﭘﻬﺎڙي ﺗﻲ دارﻳﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮑﺮاﻳﻞ ﻋﻬﺪ ﻧﺎﻣﺎ اﻳﺮان ۾ اﻳﻨﺪڙ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﻻ‪ ‬ڏﺳﮡ‬       ‫•‬
                                                                                       ‫وﭨﺎن آﻫﻦ.‬
                                         ‫ﭔﻴﻦ ﭘﺮﺷﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ واﻧﮕﺮ دارﻳﺲ ﺑﻪ ﻏﻼﻣﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺧﻼف ﻫﻮ.‬             ‫•‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ۵۸۴ ق.م ۾ دارﻳﺲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ زرﻗﻴﺲ اول ۵۶۴ ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ‬
‫ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ﭘﺮ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )ﻳﻌﻨﻲ اﻫﻜﻴﻤﻴﻨﮉ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ اﻫﻲ ﭨﻲ ﭴﮣﺎ ﺳﺎﺋﺮس، دارﻳﺲ ۽ زرﻗﻴﺲ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﺗﺮﻳﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ. ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻴﻜﺎ ۰۵۵ ق.م ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻲ ﺳﺎ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۰۳۳ ق.م واري ﺣﻤﻠﻲ‬
‫ﺗﻲ دﻧﮓ ﭤﻲ. ﺳﻜﻨﺪر ﺟﻲ ان وﻗﺖ ﻋﻤﺮ ﭘﻨﺠﻮﻳﻬﻪ ﺳﺎل ﻛﺎ ﻣﺲ ﻫﺌﻲ. ﻫﻮ ﻳﻮﻧﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﻘﺪو ﻧﻴﺎ ﮐﺎن ﻟﺸﻜﺮ وﭠﻲ‬
‫دﻧﻴﺎ ﮐﻲ ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺧﻮاب ﭘﻮرو ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان )ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ۾ ﻛﺎ دﻗﺖ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻣﻠﻚ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﺎ ﺣﺎل ﻫﻴﮣﺎ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ ﻫﺌﺎ. ﭘﺮﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﭘﺴﻨﺪ آﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ روﺧﺴﺎﻧﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ‬
‫ﮀﻮﻛﺮي‪ ‬ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﻴﻦ ﺟﻨﺮﻟﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﭼﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﻋﻠﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي‬
                                      ‫ٰ‬
‫ﻛﺮﻳﻮ. ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۲۳ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺳﻦ ۳۲۳ ق.م ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﺟﺎ ﺟﻨﺮل‬
‫ﻫﻴﮇي وڏي ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭘﺎڻ ۾ اﭨﻜﻲ ﭘﻴﺎ. آﺧﺮ ﻣﺎن اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺳﻴﻠﻴﻮﻛﺲ )‪ ،(Seleucus‬ﻧﺎﻟﻲ‬
‫ﺟﻨﺮل ﺳﻮﭜﺎرو ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﺳﻴﻠﻮﻛﻲ ﮔﻬﺮاﻧﻲ )‪ (Selencid Dynasty‬ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ڏﻳﮃﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫رﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭘﺎرﭤﻴﺎ ﻗﻮم ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﺋﻲ ﭘﺎرﭤﻴﺎ ﮔﻬﺮاﮢﻲ )‪ (Parthian Dynasty‬ﮐﻲ ﻗﺎﺋﻢ‬
‫ﻛﻴﻮ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ اﭨﻜﻞ ۰۰۵ ﮐﻦ ﺳﺎل-۷۴۲ ق.م ﮐﺎن وﭠﻲ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۴۲۲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ ﭘﺎر ﭤﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ وڌاﺋﻲ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﮐﺎن اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ وڌاﺋﻲ ﺿﺮور ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺗﻲ ﻟﮙﺎﺗﺎر‬
‫اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ۽ روﻣﻴﻦ ﺟﺎ ﺣﻤﻼ ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺷﻬﺮي ﻟﮍاﺋﻴﻦ ﻫﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﻲ ﻛﻤﺰور ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ‬
‫ﺳﻦ ۴۲۲ع ۾ ﻫﻚ ﭘﺮﺷﻦ آرڌر ﺷﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻧﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻚ‬
‫دﻓﻌﻮ وري اﻳﺮاﻧﻴﻦ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﺋﻲ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ وﺟﻮد ۾ آﺋﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ )‪(Sasanid‬‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان ﺷﻬﺮ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ۴۲۲ع ﮐﺎن ۱۵۶ع‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ﺳﺎڍا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۳۳ ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﺎ. )ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻴﻠﻮﻛﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ‬
                                     ‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ۲۱ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ۽ ﭘﺎرﭤﻴﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۲۴ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ.(‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﺎ ۰۵۴ ﺳﺎل ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫آﻫﻦ ۽ اﻫﻲ ﻧﺎﻻ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ رﻫﻨﺪڙ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ )‪ (Zoroastrain‬ڌرم ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ )ﺟﻦ ﮐﻲ اﺳﺎن وت ﻋﺎم ﻃﺮح‬
                                                              ‫ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ( ۾ ﻋﺎم آﻫﻦ ﺟﻬﮍوڪ؛‬
                                                                                                 ‫ارڌ ﺷﻴﺮ‬
                                                                                                 ‫ﺷﺎﻫﭙﻮر‬
                                                                                                   ‫ﻫﺮﻣﺰد‬
                                                                                                  ‫ﭘﻴﺮوز‬
                                                                                       ‫ﺧﺴﺮاﺋﻮ، وﻏﻴﺮه ....‬
‫ﺳﺎﺋﺮس، دارﻳﺲ، زرﻗﻴﺲ، ﻛﺌﻤﺒﻴﺴﺲ، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ”ﻫﺨﺎ ﻣﻨﺸﻲ“ ﮔﻬﺮاﮢﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ‪) Achaemenid‬اﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ( ﭘﮡ‬
‫ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۰۳۳ ق.م ﺗﺎﺋﻴﻦ ۰۲۲ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. اﻧﻬﻲ دوران ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ۴۱ ﮐﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ‬
‫ﺟﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اڄ واري اﻳﺮان ۽ ﭜﺮوارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺣﺼﻦ( ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ . ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ‬
‫ﻧﺎﻟﻮ دارﻳﺲ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻫﻮ ”دارﻳﺲ ﺳﻮم“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﻳﻮﻧﺎن ﮐﺎن آﻳﻞ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻦ‬
‫ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺗﻲ ﻳﻮﻧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻠﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ڌارﻳﻮن ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ. ﻫﻲ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ‬
‫ﺳﻠﺴﻠﻮ ۰۳۳ ق.م ﮐﺎن ۴۲۲ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎڍا ﭘﻨﺞ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﻫﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ‪ Selucid , Argead‬۽ ﭘﺎرﭤﻴﻦ ‪ Arsacid‬ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﺎ ۰۶‬
‫ﮐﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻳﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ان ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ اﻳﺮان ﺳﺎن ﻫﻮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن . ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺑﻌﺪ‬
‫ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ. ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران اﻳﺮان ﺟﻲ وڏي آدﻣﺸﻤﺎري‪ ‬ﺟﻴﻜﺎ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ )ﺑﺎﻫﻪ‬
‫ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎري( ﻫﺌﻲ، اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﭡﻮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺛﺎﺑﺖ ﻛﻴﻮ. اﻧﻬﻦ‬
‫ﻣﺎن ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﻼم ﺟﺎ وڏا ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﻣﻔﻜﺮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ )اﻫﻜﻲ ﻣﻴﻨﺪ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ‬
‫ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ اﻫﮍو ﮔﻬﺮاﮢﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻦ ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﻫﻮ. ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ اﻳﺮان ۾ اﻧﻬﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ‬
‫ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ۽ ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻋﺎم آﻫﻦ ۽ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دور ﺟﺎ‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻮڙي رﻋﻴﺖ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ ۽ ﻳﻬﻮدي ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﺟﻲ دور ۾ ﺑﻪ اﻫﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﻫﻮ. ﻇﺎﻫﺮآﻫﻲ ان دور ﺟﻲ آﺧﺮ‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭸﺎ ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ. ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮان ﻓﺘﺢ ﻛﺮڻ ﮐﺎن ۰۳۳ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻴﺴﻲ ﻋﻠﻴﻪ‬
      ‫ٰ‬                                                                         ‫ٰ‬
‫اﻟﺴﻼم ﺟﻮ ﺟﻨﻢ ﭤﻴﻮ. ۽ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻻدت ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ اﻳﻜﻴﻬﻴﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮو‬
‫اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۱۷۵ع ۾ ﭤﻲ. ﺧﺴﺮو اول ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ۸۴ ﺳﺎل )۱۳۵ ﮐﺎن ۹۷۵( ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ان ﺑﻌﺪ‬
‫ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻬﺎرم ﻳﻌﻨﻲ ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺟﻲ ۹۷۵ ﮐﺎن ۰۹۵ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﮔﻬﮍي ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ‬
‫ﺗﺒﻠﻴﻎ ﺷﺮوع ﻧﻪ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ، ﺟﻮ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻧﺰول وﺣﻲ ۱۱۶ ۾ ﭤﻴﻮ. ﻫﺮﻣﺰد ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺑﻌﺪ اﻳﺮن ﺟﻮ‬
‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ )ﺧﺴﺮو دوم( ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ روم ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ‬
‫وﺳﻠﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺗﻮڙي ﻫﺨﺎﻣﻨﺸﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ‬
‫واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮ زﻣﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻮ ان ﻛﺮي اڄ ﺑﻪ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ‬
‫ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻠﻦ، ﮔﻬﺮن، ﭘﺒﻠﻚ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ۾ ﺳﺎﺋﺮس ۽ دارﻳﺲ ﻳﺎ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون، ﭼﭩﺴﺎﻟﻴﻮن ۽‬
‫ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. اڄ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻛﻮروش )ﺳﺎﺋﺮس(، دارﻳﺲ، ﻓﻴﺮوز، ﺑﻬﺮام، ﺷﺎﻫﭙﻮر، ﺧﺴﺮو،‬
‫ارڌﺷﻴﺮ، رﺧﺴﻮﻧﺎ )ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال(، رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ‬
‫ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ادب، ﺷﻌﺮو ﺷﺎﻋﺮي، ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻮ اﺛﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﺗﻲ‬
‫رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ دﻳﮑﺎدﻳﮑﻲ‪ ‬۾ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ رﺳﺘﻢ ۽ ﺳﻬﺮاب ﺟﻬﮍا ﻧﺎﻻ ﻋﺎم آﻫﻦ. ﻧﻪ رﮘﻮ اﻫﻲ ﭘﺮ زرﻳﻨﺎ ﺟﻬﮍا ﻧﺎﻻ‬
                                                              ‫ﭘﮡ ﺟﻴﻜﺎ روس ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ زار ﺟﻲ راﮢﻲ ﻫﺌﻲ.‬
                ‫ُ‬
‫ﻣﭥﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺧﺴﺮو اول ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻟﮑﮡ ﻣﻬﻞ ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﺴﺮو اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻨﺪي ﺷﺎﻫﭙﻮر ﺟﻮ‬          ‫•‬
‫ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻴﻜﻮ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﮐﻮﻟﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ، ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭨﺎپ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﮔﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰ‬
‫ﺑﻪ واﮐﺎڻ ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﺎﻟﻴﺞ .‪ The greatest intellectual center of time‬ﻫﻮ. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ،‬
‫ادب ، ﺷﺎﻋﺮي ۽ آرٽ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﺛﺒﻮت اڄ ﺑﻪ ”ﻃﺎق ﺑﻮﺳﺘﺎن“ ۽ ﻧﻘﺶ رﺳﺘﻢ“ ﺟﻲ‬
          ‫ِ‬             ‫ِ‬
                                                                                       ‫ﺗﺼﻮﻳﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻣﻠﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺟﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ .‪ One thousand and one night‬ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ، ﻋﺮﺑﻲ ۾ ”ﻛﺘﺎب اﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲ و‬
   ‫ٰ‬                                                                                    ‫ٰ‬             ‫•‬
‫ﻟﻴﻠﻲ“ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ”ﻫﺰار وﻳﻚ ﺷﺐ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ان ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎدي ﺷﺮوﻋﺎت ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دؤر ﺟﻲ اﻓﺴﺎﻧﻮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ ﻳﺎر ﮐﺎن‬   ‫ٰ‬
‫ﺷﺮوع ﭤﻲ. ﭘﻮ‪ ‬وﻗﺖ ﺳﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ دورن ۾ وڌﻳﻚ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﻣﻼﻳﻮن وﻳﻮن. اﻫﻲ‬
‫ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎه ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ﺳﻨﺪس راﮢﻲ ﺷﻬﺮزادي‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮن. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
                                                                   ‫ُ‬
‫ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ زال ﻫﻦ ﺳﺎن وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫِﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﺷﻬﺮﻳﺎر ﮐﻲ ان ﮐﺎ ﭘﻮ‪ ‬دﻣﺎغ ۾ اﻫﻮﺋﻲ اﭼﻲ وﻳﭡﻮ‬
‫ﺗﻪ ”ﻛﺎﺑﻪ ﻋﻮرت وﻓﺎدار ﻧﺎﻫﻲ“. ﻫﻮ ڏﻫﺎڙي ﻧﺌﻴﻦ زال ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﺻﺒﺢ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻨﺪو ﻫﻮ.‬
‫اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻛﻨﻮاري ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﺟﻮ وزﻳﺮ ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﮀﺎ ﻛﺠﻲ. ان‬
‫ﺗﻲ وزﻳﺮ ﺟﻲ ڌي‪ ‬ﺷﻬﺮزادي‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺗﻲ زور آﻧﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﺷﻬﺮﻳﺎر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﺎن ﻛﺮاﺋﻲ وﭸﻲ. ﺷﺎدي‪ ‬رات‬
‫ﻧﺌﻴﻦ ﻛﻨﻮار ﺷﻬﺮزادي‪ ‬ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﻼﻣﺖ ﮐﻲ ﻫﻚ آﮐﺎﮢﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﭘﺮ ان ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﺘﻢ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ. ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺳﭵﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ‬
‫ﭔﮅڻ ﺟﻲ ﺷﻮق ۾ ﻫﻦ ﻧﺌﻴﻦ ﻛﻨﻮار ﮐﻲ ﻣﺎري ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﭔﻲ رات ﻫﻦ اﻫﺎ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭘﻮري ﻛﺮي وري ﭔﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ۽‬
‫ﺻﺒﺢ ﺗﺎﺋﻴﻦ ان ﺟﻮ اﻧﺠﺎم رﻫﺠﻲ وﻳﻮ. ﺳﻮ اﻫﮍي ﻃﺮح ﻫﻚ ﻫﺰار ﻫﻚ راﺗﻴﻮن ﮔﺬاري ورﺗﺎﺋﻴﻦ. اﻧﻬﻦ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ‬
‫۾ ﻫﻚ رات )۱۹ ﻫﻴﻦ رات( ﺷﻬﺮزادي‪ ‬ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ )ﺧﺴﺮو دوم ۰۹۵ ﮐﺎن ۸۲۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ واري ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ(‬
‫ﺟﻲ ﭘﮡ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻲ. ﻫﻲ اﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻲ ا﷢‬
                         ‫ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ. ﺷﻬﺮزادي‪ ‬ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﺟﻮ ﻋﻨﻮان ﻫﻮ ؛‬
                   ‫”ﺧﺴﺮو، ﺷﻴﺮﻳﻦ ۽ ﻣﻬﺎﮢﻮ.“ ﺷﻴﺮﻳﻦ ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺟﻲ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ زال ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ آرﻣﻴﻨﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﻫﻲ داﺳﺘﺎن ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ‬
                                                                                 ‫ٰ‬
       ‫دور ﺳﺎن آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ اﺑﻮ ﻣﻨﺼﻮر ﻗﻄﺮان ﺗﺒﺮﻳﺰي ﺳﻦ ۰۰۰۱ع ڌاري ﭼﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
                                                                    ‫ﻫﺰار ره ﺻﻨﻒ ﻫﻔﺖ ﺧﻮان و رﻳﻴﻦ دز‬
                                                                 ‫ﻓﺮو ﺷﻨﻴﺪم وﺧﻮاﻧﺪم ﻣﻦ از ﻫﺰار اﻓﺴﺎن‬
                           ‫)ﻣﻮن ”ﻫﺰار اﻓﺴﺎن“ ۾ ﻫﺰار دﻓﻌﺎ ”ﻫﻔﺖ ﺧﺎن “ ۽ روﻳﻴﻦ دﻳﺰ“ ﺟﻮ ﻗﺼﻮ ﭘﮍﻫﻴﻮ ۽ ﭔﮅو.(‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ اﻫﻮ داﺳﺘﺎن آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن اڄ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮﻗﻲ دﻧﻴﺎ ﭘﺮ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ﺑﻪ واﻗﻒ آﻫﻲ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ‬
‫ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻓﻠﻤﻮن ۽ ﭨﻲ وي ﺳﻴﺮﻳﺰ ﭠﻬﻲ ﭼﻜﻴﻮن آﻫﻦ. ﻫﻴﻨﺌﺮ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ‪ ‬۾ ‪ Arabian Nights‬ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻓﻠﻢ ﺗﻤﺎم‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ آﻫﻲ. ﻫﻦ ۾ ﻓﻠﻢ اﺋﻜﭩﺮﻳﺲ ﻣِﻠﻲ اوﻳﺘﺎل ﺷﻬﺮزادي ﭤﻲ آﻫﻲ ۽ ڊوﮔﺮي اﺳﻜﺎٽ ﺷﻬﺮﻳﺎر ﭤﻴﻮ آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
                                      ‫ﺑﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ ﭨﻴﻠﻴﻮﻳﺰن ‪ BBC One‬ﺗﺎن ان ﻓﻠﻢ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ.‬
                               ‫ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎ ﻋﻈﻴﻢ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ .....‬

‫اﻳﺮان ﺗﻲ ﺟﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ۽ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم آﻳﻮ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۴۲۲ ﮐﺎن ۱۵۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﭨﻴﻬﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻦ ﺗﻪ ﺳﺎل اڌ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻦ وﻳﻬﻦ‬
‫ﮐﺎن ﺳﭟ ﺳﺘﺮ ﺳﺎل ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﺌﺎ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ اﻳﺮان ﻛﺎﻓﻲ وڌﻳﻮ وﻳﺠﻬﻴﻮ، ادب ﺷﻌﺮ و ﺷﺎﻋﺮي، ﺛﻘﺎﻓﺖ ۽ ﭔﻴﻦ ﻓﻨﻦ ۾ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺌﻲ. ﻫﻦ درو ﺟﺎ‬
‫ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﻋﺪل ، اﻧﺼﺎف ۽ رﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل رﮐﮡ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ. دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ وڏي اﻫﻤﻴﺖ ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ. ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﺎ ﺟﺎﻧﺸﻴﻦ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ‬
‫ﻣﺬﻫﺐ، ﻧﺴﻞ ۽ زﺑﺎن ﺟﻲ اﺧﺘﻼف ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻋﺮب ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﻤﺪن ﮐﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺘﺎﺛﺮ رﻫﻴﺎ. ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻛﻮﻓﻲ ۽ ﺑﺼﺮي ۾ ﮀﺎﻧﻮﮢﻴﻮن ﻗﺎﺋﻢ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن )ﺟﺘﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ( ﺗﻪ‬
‫ﻋﺮب ﺣﺎﻛﻤﻦ، ﻗﺒﻀﻲ ﻫﻴﭟ آﻳﻞ ﻫﻨﻦ ﻧﻮن ﻋﻼﺋﻘﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ رﮐﻴﺎ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ‬
‫اﺋﮉﻣﻨﺴﭩﺮﻳﺸﻦ اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ارڌ ﺷﻴﺮ ﺟﻮ ﺧﺎﻧﺪان ﺋﻲ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﺘﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ارڌ ﺷﻴﺮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻦ ۴۲۲ ﮐﺎن ۱۴۲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﺳﺎل‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ . ﭘﺎڻ اﻋﻠﻲ درﺟﻲ ﺟﻮ ﺟﺮﻧﻴﻞ ۽ ﻣﻨﺘﻈﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اردﺷﻴﺮ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻗﻮل ﻣﺸﺮق ﺗﻮڙي‬
                                                                            ‫ٰ‬
                                                                ‫ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ اڄ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
              ‫”ﻗﺪرت ﺑﻲ ﻟﺸﻜﺮ و ﻟﺸﻜﺮ ﺑﻲ زر و زر ﺑﻲ زراﻋﺖ و زراﻋﺖ ﺑﻲ ﻋﺪاﻟﺖ و ﺣﺴﻦ ﺳﻴﺎﺳﺖ ﻧﺸﻮو.“‬
‫ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﻣﺪار ﻓﻮج ﺗﻲ آﻫﻲ. ﻓﻮج، ﺑﻨﺎ ﻧﺎﮢﻲ ﺟﻲ، ﮔﮇ ﭤﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﻧﺎﮢﻮ ﺑﻐﻴﺮ زراﻋﺖ ﺟﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﭤﻲ ﻧﭥﻮ‬
                                           ‫ﺳﮕﻬﻲ ۽ زراﻋﺖ اﻣﻦ ۽ اﻧﺼﺎف ﺑﻨﺎ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ.‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ۾ ارڌ ﺷﻴﺮ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻧﺎﻟﻴﺮا ۽ ﻧﺎﻣﻴﺎرا ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﺎ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺷﺎﻫﭙﻮر اول )۲۷۲-۱۴۲(‬
‫اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﺟﻨﮉي ﺷﺎﻫﭙﻮر، ﺷﺎد ﺷﺎﻫﭙﻮر ۽ ﻓﺎرس ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﻫﻦ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ آﺑﺎد ﻛﻴﺎ. ﻫﺮﻣﺰ، ﺷﺎﻫﭙﻮر دوم، ﮔﻮر،‬
‫ﻓﻴﺮوز، ﻗﺒﺎد، ﻧﻮﺷﻴﺮوان، ﺑﻬﺮام ...وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. اﻧﻬﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ۾ ﺧﺴﺮاﺋﻮ ﻧﺎﻟﻲ ﺑﻪ ﭔﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ.‬
‫ﻫﻚ ﺧﺴﺮاﺋﻮ اول ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۱۳۵ ﮐﺎن ۹۷۵ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۸۴ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭔﻴﻮ ﺧﺴﺮاﺋﻮ‬
‫دوم ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﻦ ۰۹۵ ﮐﺎن وﭠﻲ ۸۲۶ ع ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ۸۳ ﺳﺎل اﻳﺮن ﺗﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. ﻫﻲ اﻫﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ڏي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻧﺒﻲ ﻛﺮﻳﻢ ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﮡ‬
‫ﺟﻲ دﻋﻮت ﺟﻲ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ. ﺧﺴﺮو ﭘﺮوﻳﺰ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺴﺮيٰ ﻓﺎرس ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ان اﺳﻼم ﺟﻲ دﻋﻮت ﻗﺒﻮل‬
‫ﻧﻪ ﻛﺌﻲ. ﺑﻠﻚ ﭼﮍ ۾ اﭼﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺧﻂ ﻣﺒﺎرڪ ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﺧﻂ آﮢﻴﻨﺪڙ‬
‫ﺳﻔﻴﺮ ﺟﻲ ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﺌﻲ. ﭘﺎڻ ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﭔﮅو ﺗﻪ ﻓﺮﻣﺎﻳﺎﺋﻮن ﺗﻪ ا﷢ ﺗﻌﺎﻟﻲ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ‬
                    ‫ٰ‬
‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﺖ ﺟﺎ ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻨﺪو ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺟﻠﺪ ﺋﻲ اﻫﺎ اﮘﻜﭥﻲ ﭘﻮري ﭤﻲ وﺋﻲ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻤﻴﺸﻪ‬
‫ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ‪ ‬دﻧﻴﺎ ﻣﺎن ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ. اﻫﺎ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻴﻜﺎ ۰۰۴ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﻈﺒﻮﻃﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﻫﻠﻨﺪي آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ‬
‫راڄ، ﭨﻦ ﮐﻨﮉن ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻫﻮ اﻫﺎ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﮐﺎن اﻟﮗ ﭤﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ‬
‫وﺋﻲ. ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﺎﻫﺮﻳﺎن ﻋﻼﺋﻘﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬اﻧﺪروﻧﻲ اﻳﺮان، ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ. اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻮڀ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ‬
‫ﺳﻠﺴﻠﻮ ﺣﻀﺮت اﺑﻮ ﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ رﺿﻪ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺋﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮ. ۱۵۶ ڌاري ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان- ﺷﺎم،‬
‫ﻋﺮاق، ﻣﺼﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﻦ ﻫﻼﻳﻮ ﭤﻲ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﻪ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﮐﺎن‬
‫ﭘﻮ‪ ‬اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺑﺪران ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو. اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ۱۶۶‬
‫ﮐﺎن ۰۵۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ان ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ۰۵۷ ﮐﺎن ۷۶۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ، ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻋﺮب ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ۸۵۲۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭨﻜﻞ ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل راڄ رﻫﻴﻮ. اﻳﺮان ﺗﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺟﻲ‬
‫ﭘﻮﭨﻲ ﻫﻼﻛﻮ ﺧﺎن ۸۵۲۱ ۾ ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو. ﻫﻼﻛﻮ ﺧﺎن ﺟﻲ ﻧﺴﻞ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ اﺳﻼم‬
                                        ‫ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﮕﻮل ﻗﺒﻴﻠﻲ ﮐﺎن اﻟﮗ ﭤﻲ وﻳﻮ.‬
‫۵۳۳۱ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﻣﻨﮕﻮل ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﺠﻲ وﺋﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﻛﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ راڄ ﻛﺮڻ‬
‫ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ. ﺗﻴﻤﻮر )ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻳﺎ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻴﻦ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ۽ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن ﻫﻮ،‬
‫ﺗﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻣﻨﮕﻮل ﺳﻠﻄﻨﺖ ﮐﻲ وري ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻠﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻲ. ﺗﻴﻤﻮر ﭘﺎڻ اﻳﺮان ﺗﻲ‬
‫۹۶۳۱ ﮐﺎن ۵۰۴۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اڌ ﺻﺪي ﮐﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ۽ ﭘﻮﭨﺎ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ﺗﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﻫﻪ رخ وڌﻳﻚ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۰۴ ﺳﺎل ﮐﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮاﻫﻦ ﺣﺼﻦ ﺗﻲ راڄ‬
                    ‫ﻛﻴﻮ. ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻣﺴﺠﺪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ ۸۱۴۱ ۾ ﭠﻬﺮاﺋﻲ.‬
‫ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﻣﻌﺮﻓﺖ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﺎﺋﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ. ﺳﻔﻮي اﺻﻞ ﺗﺮڪ ﻗﺒﻠﻲ ﺟﺎ‬
‫اﻳﺮان ۾ رﻫﻨﺪڙ ﻫﺌﺎ. ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ۲۰۵۱ ۾ ﭘﻴﻮ ۽ ڏﻫﺎﻛﻮ ﮐﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ. ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺑﻪ ﺳﺎﺋﺮس، دارﻳﺲ ۽ ﺳﻜﻨﺪر واﻧﮕﺮ ‪The Great‬ﺳﮇﺟﮡ ۾ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﻳﻌﻨﻲ” ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ“.‬
‫ﻫﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻮن وڏﻳﻮن ﺧﺬﻣﺘﻮن آﻫﻦ. ﻫﻮ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﻋﺎﺷﻖ ﻫﻮ. اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﭘﮡ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس‬
‫ﭠﻬﺮاﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻛﻴﻮ. اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ اﻳﻠﺰﺑﻴﭣ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻲ درﭔﺎر ﺟﺎ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﮐﺎن ﺧﺎص ﻫﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ.‬
        ‫اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﺻﻔﻬﺎن ﻻ‪ ‬ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ” اﺻﻔﻬﺎن – ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن“ ﻳﻌﻨﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اڌ دﻧﻴﺎ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ آﻧﺪو. اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي، اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾‬
‫آﻧﺪو. ﭘﺮ اﻓﻐﺎﻧﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ وڏو ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﺎ. ﺟﻠﺪي ﻧﺎدرﺷﺎه، ﻫﻚ ﺗﺮﻛﻲ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﺮدار ﻧﻪ‬
‫ﻓﻘﻂ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ﻣﺎن ﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ان دوران ﻫﻦ اﻧﮉﻳﺎ‬
‫۾ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﻣﭽﺎﺋﻲ، دﻫﻠﻲ‪ ‬ﻣﺎن ﻛﻮه ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ۽ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﺳﻤﻴﺖ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﻟﭩﻲ اﻳﺮان ﮐﮣﻲ آﻳﻮ. ۷۴۷۱‬
‫۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻫﻦ ﻳﺎرﻫﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. ان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اڌ ﺻﺪي ﮐﻦ ۴۹۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ زﻧﺪ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﺟﻦ ۾ ﻛﺮﻳﻢ ﺧﺎن )۹۷۷۱ – ۰۵۷۱( اڄ ﺑﻪ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﻛﺮي، اﻳﺮان ﮔﻬﻤﮡ وارن ﺟﻲ ﺳﺎﮢﺲ‬
                                                                                      ‫ﺳﭹﺎﮢﭗ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ.‬
‫زﻧﺪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻛﺎﺟﺎران ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۴۹۷۱ ﮐﺎن ۵۲۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ. ﻛﻮﺟﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺌﺎ؛ آﻏﺎ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻛﻮﺟﺎر، ﻓﺘﺢ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ )۴۳۸۱- ۷۹۷۱(، ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ، ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ وﻏﻴﺮه. آﺧﺮي‬
‫ﺣﺎﻛﻢ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻛﻮﺟﺎر ۹۰۹۱ ۾ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ رﺿﺎ ﺧﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻓﻮﺟﻲ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ﻣﺪد ﺳﺎن ﻛﻮﺟﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺗﺨﺘﻮ اوﻧﮅو ﻛﺮي ﺗﺎج ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻲ، ﭘﺎڻ ﺣﺎﻛﻢ‬
                                               ‫ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻬﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺌﻲ.‬
‫رﺿﺎ ﺧﺎن )ﻳﻌﻨﻲ ﻫﺎڻ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي( ۵۳۹۱ ۾، ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻧﺎﻟﻮ اﻳﺮان ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ، ﺟﻴﻜﻮ‬
‫ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ. ۱۴۹۱ ۾ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ۽ روس اﻳﺮان ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﺎن ﻻﻫﻲ ڏﻳﻬﻪ ﺑﺪر‬
‫ﻛﻴﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ. ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ ﺷﺎﻫﻪ ﭘﻬﻠﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ، ﻳﻌﻨﻲ‬
‫ﺷﺎﻫﻦ ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﺳﮇراﺋﮡ ﻟﮙﻮ، اﻫﻮ ﻫﻦ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ. ۷۹۹۱ ۾ آﻳﺖ ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اﻧﻘﻼب، اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﻫﻦ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﮀﮇي ﭜﭵﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﺠﺒﻮر ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﺗﺎرﻳﺦ و ادب ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮدن ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻟﭽﺴﭗ‬
                                                                           ‫ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻟﮑﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن.‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ دور ﻋﻠﻢ و ادب ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن اﻫﻢ ۽ ﺑﺎاﺛﺮ ﺗﻮارﻳﺨﻲ دور ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ‬
‫ﭤﻮ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺬﻳﺐ ۽ ﺗﻤﺪن ﺟﻮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻳﻮرپ ﺟﻲ روﻣﻦ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺗﻲ ﺑﻪ اﺛﺮ اﻧﺪاز‬
‫ﭤﻴﻮن. روﻣﻦ ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻴﭡﺎﻫﻮن ﺳﻤﺠﻬﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﻫﻨﻦ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ‬
‫ﺑﺮاﺑﺮي ﺟﻮ درﺟﻮ ڏﻧﻮ ۽ روﻣﻦ ﺣﺎﻛﻢ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ”ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﭜﺎ‪ “‬ﻟﮑﻲ‬
‫ﻣﺨﺎﻃﺐ ﭤﻴﻨﺪو ﻫﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ، آرٽ ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻳﻮرپ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ آﻓﺮﻳﻜﺎ، ﭼﻴﻦ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺛﺮ اﻧﺪاز‬
                                                                                                 ‫ﭤﻴﻮ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺗﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﻤﻠﻮ ۴۳۶ع ۾ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ‬
‫ﻳﻜﺪم ﻛﻴﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻮڀ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻋﺮب ﻣﺎٺ ﻛﺮي وﻳﻬﻲ ﻧﻪ رﻫﻴﺎ. ﻫﻨﻦ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري،‬
‫ﺧﺎﻟﺪ ﺑﻦ وﻟﻴﺪ ﺟﻲ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻲ‪ ‬۾ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ﻛﺎﻣﻴﺎب ﭤﻴﺎ. ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ )۴۴۶ – ۴۳۶( دوران ۷۳۶ ۾‬
‫ﻗﺪﺳﻴﻪ ﺟﻲ ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻋﺮﺑﻦ ۽ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻲ ﭤﻲ ان ۾ ﺗﻴﺴﻔﻮن ﺷﻬﺮ )‪ (Ctesiphon‬ﺟﻴﻜﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ‬
‫ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻫﻮ، اﻫﻮ ﻋﺮﺑﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻫﻲ ﺷﻬﺮ دﺟﻠﻪ ﻧﺪي ﺟﻲ اوﭜﺮ واري ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﺑﻐﺪاد ﮐﺎن ۵۳ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ‬
‫ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻠﻚ ان ﮐﺎن اڳ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ‪ Arscids‬وارن ﺟﻲ ﺑﻪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ‬
‫۽ ۰۰۸ ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﻮارواران ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ‬
‫ﻳﺰدﮔﺮد ﺗﺨﺖ ﺗﻲ ﻫﻮ. وڏي رﻋﺐ ﺗﺎب ۽ ﻣﻨﻈﻢ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ﺳﻮا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ، ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ، آﺧﺮي ﭘﻨﺠﻦ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﭨﮍ ﭘﮑﮍ ﭤﻲ وﺋﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮن رﻳﺌﻲ، اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻫﻤﺪان وﻏﻴﺮه ۾ ﺑﺎﻏﻲ‬
‫ﻗﻮﺗﻮن، ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻬﺎڏو اﭨﻜﺎﺋﻴﻨﺪﻳﻮن رﻫﻴﻮن، ﺑﺎﻗﻲ ﺳﭵﻮ اﻳﺮان ۽ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﺎ ﻣﻠﻚ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ‬
‫۾ ﻫﺌﺎ اﻫﻲ ﻋﺮب ﺧﻠﻴﻔﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻠﻴﺎ وﻳﺎ. اﻳﺮان ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ دروان ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ‬
‫ﺗﺒﺎﻫﻪ ۽ ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ، ﻣﺤﻞ ۽ ﭘﻠﻴﻮن ڊﻫﻲ وﻳﻮن ۽ ﻛﺌﻴﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﺎغ ۽ ﺑﻠﮉﻧﮕﻮن ﺑﺮﭘﭧ ﭤﻲ وﻳﻮن. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ‬
‫ﻫﻦ ڌرﺗﻲ ﺗﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ راڄ ﭼﻨﺪ ﺳﺎﻟﻦ ۾ اﺋﻴﻦ ﻫﭥﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﺟﺌﻴﻦ ﻛﻮ اڻ ﭘﺎﻟﻴﻞ ﭘﮑﻲ ﭘﭹﺮي ﺟﻮ در‬
‫ﮐﻠﮡ ﺗﻲ اڏري وﭸﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ زوال ﺑﺎﺑﺖ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ اﻳﺮاﻧﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺖ ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ‪ Quote‬ﻛﻨﺪا‬
                                                                                             ‫آﻫﻦ.‬
                                                                            ‫ﻛﺠﺎن آن ﺑﺰرﮔﺎن ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﺎن‬
                                                                                ‫زﺑﻬﺮاﻣﻴﺎن ﺗﺎ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﺎن‬
                                                    ‫ان ﺋﻲ ﺷﻌﺮ ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ؛‬
‫?‪“ To where have the great Sassanids gone‬‬
‫?‪To the bahramids and Samanids what has come upon‬‬
‫ﻓﺮدوﺳﻲ )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﻜﻴﻢ اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ ”اﻟﻔﺮدوﺳﻲ“ ﺗﻮﺳﻲ( اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ ۵۳۹‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻮس )ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن( ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ۰۲۰۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ان ﻛﺮي ﮐﻴﺲ ﺗﻮﺳﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ‬
    ‫ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ دﻫﻠﻮي، ﻟﮑﻨﻮي، ﻧﺎﭤﻦ ﺷﺎﻫﻲ، ﭔﻨﻮي وﻏﻴﺮه. ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻮ اﺣﻮال اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺳﻨﺪس ﺷﻬﺮ ﻣﺎن ﻛﺒﻮ.‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ۱۵۶ ۾ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۽ ﭘﺴﮕﺮداﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ﺳﺌﻮ‬
‫ﺳﺎل ﮐﻦ اﻣﻴﻪ ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻲ، ان ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ۰۵۷ ﮐﺎن ۷۶۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ. اﻧﻬﻲ دوران اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺻﻮﺑﻦ ۽ آس ﭘﺎس ﺟﻲ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﭔﻴﻦ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺗﻲ‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اڄ وارو اﻳﺮاﻧﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﻫﻮ ﭘﺮ ان ۾ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ‬
‫ﭤﻲ، ان ﺗﻲ ﻃﺎﻫﺮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۱۲۸ ﮐﺎن ۲۷۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ، اﻫﮍي ﻃﺮح ﻋﻠﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ، زﻳﺎروي، ﺑﻮﺋﻲ،‬
                        ‫دﻳﺎﻟﻤﻲ ۽ ﺳﻔﺮي ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ ﺳﻮﻳﻦ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ﭘﺮ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻋﺮب ﮔﻬﺮاﮢﺎ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺗﻲ وري ﺟﻨﻬﻦ ﻧﺞ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺳﺎﻣﺎﻧﻲ )‪(Samanids‬‬
‫آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ۲۹۸ ﮐﺎن ۸۹۹ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ﻫﻦ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﺎﻧﻲ ”ﺳﻤﻦ ﺧﺪا“ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۲۹۸‬
‫ﮐﺎن ۷۰۹ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺧﺮاﺳﺎن واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭨﺮاﻧﺴﻮ ﺧﻴﺎﻧﺎ وارو ﺳﭵﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﺮب ” ﻣﺎ وراﺋﮡ ﻧﻬﺮ“ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻓﺮارود ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ،‬
‫ان ﺟﻮ ﻛﻨﭩﺮول ﺳﻤﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ. ﺟﻦ ﺑﺎﺑﺖ ان دور ۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻨﺪڙ ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﻣﭥﻴﻦ ﺷﻌﺮ ۾ ذﻛﺮ‬
‫ﻛﻴﻮ آﻫﻲ. ان ‪) Transoxiana‬ﻓﺮارود / ﻣﺎ ورا‪ ‬اﻟﻨﻬﺮ( واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ اڄ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن، ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽‬
‫ﻗﺮاﻗﺴﺘﺎن ﺟﻮ ڏﮐﮡ اوﻟﻬﻪ وارو ﺣﺼﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ. ﻓﺮدوﺳﻲ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ اﻳﺮاﻧﻲ‬
                                                                                  ‫ﺑﺪو ﻗﺒﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ.‬
‫ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۸۹۹ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻲ ان ﺑﻌﺪ ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﭤﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﺣﺎﻛﻢ‬
‫ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺳﻮﻣﻨﺎٿ ﻣﻨﺪر ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﻣﺤﻤﻮد ﺟﻮ ﻧﺎﻧﻮ اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ ﺳﻤﺎﻧﻴﻦ وٽ ﻏﻼم ﭼﻮﻛﻴﺪار‬
‫)ﮔﺎرڊ( ﻫﻮ. آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻤﺰور ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻏﺰﻧﻲ ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس‬
‫ﻧﺎﭠﻲ ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ. ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﭘﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻬﺮي اﻟﭙﺘﮕﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﺳﺎﻣﺎﻧﻴﻦ وٽ ﺗﺮڪ ﻏﻼم ﻫﻮ.‬
                    ‫ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻠﻄﺎن ﺳﮇاﻳﻮ.‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾، ﻳﻌﻨﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻋﺮﺑﻦ اﻳﺮان ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﺎ رﻫﺎﻛﻮ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ‬
‫ﭘﺎڻ ”ﭘﺎرﺳﻲ“ ﻳﺎ ﻣﺠﻮﺳﻲ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. ﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ڌرﻣﻲ ﺷﺎﻋﺮ زراﭤﺴﺘﺮا ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﺣﻀﺮت‬
                                                      ‫ﻋﻴﺴﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ڏﻳﮃ ﻫﺰار ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ.‬
                                                                                         ‫ٰ‬
‫ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ زوروﺳﭩﺮﻳﻦ )ﺑﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭴﺎ ﻛﻨﺪڙن(ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ، ﻳﻬﻮدي ۽ ﭔﮅ اﻳﺮان ۾ رﻫﻴﺎ‬
‫ﭤﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻛﻴﺘﺮا ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري اﺳﻼم ﺟﻲ داﺋﺮي ۾ آﻳﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻠﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮا‬
‫اﻳﺮان ﺟﻮن ﺣﺎﻟﺘﻮن ﭘﺎڻ ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮔﺠﺮات ڏي ﻟﮇي وﻳﺎ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﺎرﺳﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ. اﻧﮉﻳﺎ‬
‫ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ۾ ﻫﻲ ﭘﺎرﺳﻲ ان وﻗﺖ ﮐﺎن اﻫﻢ رول ادا ﻛﺮي رﻫﻴﺎ آﻫﻦ. ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻨﺪر ﺑﻤﺒﺌﻲ، اﺣﻤﺪ اﺑﺎد ،‬
‫ﺑﮍودا ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺑﻪ آﻫﻦ، ﺟﺘﻲ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺑﺎﻫﻪ ﭔﺮﻧﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ. ﭘﺎرﺳﻲ ﻣﺮي وﻳﻠﻦ ﮐﻲ زﻣﻴﻦ دﻓﻦ اﻧﺪر ﻛﺮڻ‬
‫ﻳﺎ ﺳﺎڙڻ ﺑﺪران ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ ﮐﺎراﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ان ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺟﺎ‪” ‬ﺧﺎﻣﻮﺷﻲ ﺟﻮ ﭨﺎور“ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﻴﻮن. ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ڊﻓﻴﻨﺲ‬
              ‫ﻣﺎرﻛﻴﭧ وٽ ﺑﻪ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ ‪ Tower of Silence‬آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻻش ﮐﻲ ﮘﺠﻬﻴﻦ ۽ ﻛﺎﻧﮕﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺌﻠﻴﻨﮉر ﺟﻮ ﺳﺎل ۲۳۶ع ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ آﺧﺮي ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻳﺰدﮔﺮد ”ﺳﻮم“ اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ. ﻳﺰد ‪ III‬ﺟﻮ راڄ ۲۴۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ. ﻫﻮ ﻋﺮﺑﻦ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ ۽ آﺧﺮ ۾ اﺷﺘﻬﺎري‬
‫ﻣﻠﺰم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﻟﻜﻨﺪي ﻗﺘﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ. اﻫﻮ ﺷﻬﺮ اڄ ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ. ﻳﺰد‬
‫ﺳﻮم ﺟﻲ ۲۴۶ ۾ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ، ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﭘﻴﺮوز ۽ ﭔﻴﺎ ﺧﺎﻧﺪاﻧﻲ‬
                                                                                ‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭼﻴﻦ ﭜﭵﻲ وﻳﺎ.‬
                                  ‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ‬

‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺟﻬﺎز ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ )ﺟﻴﻜﻮ ”ﺷﺎﻫﺪ ﻫﺎﺷﻤﻲ ﻧﺠﺪ اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ“ ﺳﮇﺟﻲ‬
‫ﭤﻮ( رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﻟﭥﻮ. اﻳﺌﺮ ﭘﻮرٽ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ۽ ﺑﺴﻮن ﺑﻴﭡﻞ ﻫﻴﻮن. اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
                                 ‫ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي‪ ‬اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﮀﻬﻪ ﺳﺖ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ﻛﻴﻮن.‬
                                             ‫”ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻮن.“ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺻﻼح ڏﻧﻲ.‬
‫”ﻧﻪ ﺑﺲ ﭘﺮي ﻫﻠﻲ ﻻﻫﻴﻨﺪي،“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ، ” اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻮﭨﻞ ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﻻ‪ ‬ﻛﻤﺮا ﺑﻚ ﻛﺮاﻳﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ،‬
               ‫ﺑﻠﻜﻞ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾ آﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﮐﻲ ﻫﻠﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ.“‬
‫ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻮ ﭜﺎ‪ ‬ﺳﻠﻤﺎن ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان ۾ رﻫﻲ ﭤﻮ ۽ اﻳﻨﺪڙ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ، ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﻮ، اﻫﻮ ﺑﻪ ان وﻗﺖ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻮ اﺳﺎن ﮐﻲ‬
‫ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ”ﭨﺌﻜﺴﻲ ﺑﻪ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ در ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻧﻪ ﻫﻠﻨﺪي ﺟﻮ اﭸﺎ رات ﺟﺎ ڏﻫﻪ ﭤﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﺑﺎزار ۾ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ اﭸﺎ رش‬
‫آﻫﻲ.“ اﻫﻮ ﺟﻤﻠﻮ ﭔﮅي ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻬﮍي ﺳﺮدي‪ ‬۾ رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ وﮘﻲ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾‬
‫ﺧﺮﻳﺪارن ﺟﻲ روﻧﻖ آﻫﻲ. ﻫﻮﭨﻞ وٽ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﻫﻮﭨﻞ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ وارﻳﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾‬
‫آﻫﻲ. ﻫﻲ ﺳﭛ ﮔﻬﭩﻴﻮن ﻫﻮﭨﻠﻦ، دﻛﺎﻧﻦ، روﺷﻨﻴﻦ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ اﺋﻴﻦ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار‬
‫ﺟﻮن ﮔﻬﭩﻴﻮن آﻫﻦ، ﺟﻴﻜﻲ وﻳﻜﺮﻳﻮن ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﺧﺮﻳﺪارن ﺟﻲ ﺑﻴﭙﻨﺎﻫﻪ رش ﻛﺮي ﻛﺎﺑﻪ ﮔﺎڏي اﺗﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﻧﻪ‬
‫ﺳﮕﻬﻲ. ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار ۾ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻋﻮرﺗﻮن ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ‬
‫ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ وارﻳﻦ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺣﻴﺮت ﻟﮙﻲ. ﻛﻲ اﻛﻴﻠﻴﻮن، ﻛﻲ ﭔﺎرن ﺳﺎن،‬
‫ﻛﻲ ﻣﮍﺳﻦ ﺳﺎن دﻛﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ۽ ﻟﻬﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن، ﻛﻲ ﻣﺮد دﻛﺎﻧﺪارن ﺳﺎن اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﺑﺤﺚ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن‬
‫ﻫﻴﻮن، ﻛﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﻲ ﻫﮍن ﺳﺎن ﻫﻦ ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﺑﺎزارﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ﮔﻬﮣﻲ رش ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮن ﻋﻮرﺗﻦ‬
‫ﻣﺮدن ﺟﺎ ﻛﻠﻬﺎ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﺎ. ﻫﻲ ﺳﭛ ﻋﻮرﺗﻮن ﭘﮍدي ۾ ﺿﺮور ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭼﺎدر ۾- ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻮا ۾ ﻳﺎ‬
‫ﺳﻨﺪن ﻫﭣ ﻟﮙﮡ ﺗﻲ ﭘﺮي ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺟﻴﻨﺰ ۽ ﭘﺘﻠﻮﻧﻦ ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ﺳﭝﻨﻲ ﺟﺎ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻠﻴﻞ‬
‫ﻫﺌﺎ. ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻛﺎ ﺑﻪ ﻋﻮرت اﻫﮍي ﺑﺮﻗﻌﻲ ۾ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﺋﻲ ﺟﻬﮍي ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ ﻇﺎﻫﺮ ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ۽ ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﻮ‬
‫ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرت ﺳﺨﺖ ﭘﮍدي ۾ ۽ ﺳﺨﺖ ﻫﻴﺴﻴﻞ ﻫﻮﻧﺪي ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻬﮍي ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺷﻬﺮ ۾ ﺑﻪ‬
‫رات ﺟﻲ ڏﻫﻴﻦ ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﺧﻮش ﻫﻠﻨﺪو ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ‪ CNN‬۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻐﺮﺑﻲ‬
‫اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ ۽ ﭘﺮﻧﭧ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﭨﻲ ﻗﻞ ﭘﮍﻫﮡ ﺗﻲ دل ﭤﻲ ﭼﻮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﺘﺮو ﻛﻮڙ ﮐﺎن ﻛﻢ ﭤﺎ وﭠﻦ. ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺗﻲ ﻫﺎﻟﻲ وڊ ۾ ﻓﻠﻢ ﭠﻬﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﺟﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻤﮍي ﺟﻲ ﭨﻜﺮي ﺳﺎن ﻧﻚ وﭨﺎن‬
‫ﻣﻨﻬﻦ ﮐﻲ ڍﻛﻴﻞ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮ اﭤﻦ. اﻫﮍي ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﭘﮍدي ۾ ﺗﻪ ﻛﺎ ﺑﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرت ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻲ اﭼﻲ. اﻫﮍي ﺧﻴﺎﻟﻲ‬
‫ﭘﮍدي ۾ ﻣﻠﺒﻮس ﻓﻠﻢ اﺋﻜﭩﺮﻳﺲ ﺟﻨﻬﻦ اﻳﺮان ﻋﻮت ﺟﻮ ﻓﻠﻢ ۾ رول ادا ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮ ﻧﺌﺸﻨﻞ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻚ‬
‫ﻣﺌﮕﺰن ﺟﻲ ﭨﺎﺋﭩﻞ ﻛﻮر ﺗﻲ ﺑﻪ آﺋﻲ ﻫﺌﻲ. ﭘﺮ اڄ اﻳﺮان ﭘﻬﭽﻲ آڌي رات ﺟﻮ ﮐﻠﻴﻞ ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ۾ ﭔﻬﻜﻨﺪڙ ﭼﻬﺮن‬
‫ﺳﺎن ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻨﺪو ڏﺳﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ آزادي ﺟﻮ اﺣﺴﺎس ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻫﺘﻲ‬
‫اﻳﺮان ۾ ﺟﻨﻬﻦ اﻋﺘﻤﺎد ۽ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻋﻮرﺗﻮن ﺧﻮش ﺧﻮش ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﺮي رﻫﻴﻮن آﻫﻦ اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
                                                             ‫ﻣﻠﻚ ۾ ڏﻳﻨﻬﻦ ڏﭠﻲ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﻴﻮن اﭼﻦ.‬
‫ﻫﻲ‪ ‬ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪو ﺑﺴﺖ آﻫﻲ ﻫﻚ ﮀﻬﻪ ﻣﺎڙ ﺑﻠﮉﻧﮓ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﺳﭛ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﮔﻬﺮ‬
‫ﻫﺌﺎ ﭘﺮ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ وڌڻ ﻛﺮي ﺣﺮم ﭘﺎڪ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ وارﻳﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﺮ روز ﮔﻬﺮ ڊﻫﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻣﺎل‬
‫ﭠﻬﻨﺪا ﭘﻴﺎ وﭸﻦ. ﻣﻮﻧﮑﻲ رﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ ﻓﻠﻮر ﺗﻲ ﻛﻤﺮو ﻣﻠﻲ وﻳﻮ. رﺳﻴﭙﺸﻦ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ﺟﻲ ﭼﺎﭔﻲ وﭠﻲ‬
‫رﺳﻴﭙﺸﻦ ﺟﻮ وڏو ۽ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﮀﺖ وارو ﻫﺎل ﻟﺘﺎڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﺮي ۾ ﭘﻬﺘﺲ. رﺳﻴﭙﺸﻦ واري ﻫﺎل ﻳﺎ ﻻﺋﻮﻧﭻ ۾ ﭨﻲ‬
‫وي اﮘﻴﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮاﻗﻲ ﻋﺮﺑﻲ ڊرﻳﺲ ۾ وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﻦ ﻻﺋﻮﻧﺞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭜﺖ ﺗﻲ ﻗﺮآﻧﻲ آﻳﺘﻦ ﺟﺎ ﻓﺮﻳﻢ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ﭔﺌﻲ‬
‫ﭘﺎﺳﻲ واري ﭜﺖ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ آﮘﺎﭨﻲ دور ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ، ﻛﻮروش )ﺳﺎﺋﺮس(، دارﻳﺲ ۽ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎ اڳ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ‬
‫ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺷﺎﻫﭙﻮر، ﻫﺮﻣﺰد ۽ ﺧﺴﺮو ﺟﻮن ﺗﺼﻮﻳﺮون ﻫﻴﻮن. اﺳﺎن وٽ اﺋﻴﻦ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮن‬
‫ﻣﻮرﺗﻴﻮن ﭨﻨﮕﻴﻞ ﻫﺠﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ڏﻳﮡ ۾ ﺑﻪ دﻳﺮ ﻧﻪ ﻛﻦ. ﻻﺋﻮﻧﺞ ۾ وﻳﭡﻞ ﻋﺮﺑﻦ )ﻋﺮاﻗﻴﻦ( ﻣﺎن ﻫﻚ ﺣﻘﻮ‬
‫ﭘﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. ﭨﻲ وي ﺗﻲ اﻣﻴﺘﺎڀ ﺑﭽﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ اﻧﮉﻳﻦ ﻓﻠﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڊب ﭤﻴﻞ ﻫﺌﻲ. اﺳﺎن وٽ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ۾ اﻧﮉﻳﻦ ﻓﻠﻢ ﻫﻠﮡ ﺗﻲ اﺳﻼم ﺧﻄﺮي ۾ اﭼﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ ۽ ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ان ﺳﺌﻨﻴﻤﺎ ﮐﻲ ﺳﺎڙﻳﻮ وﻳﻨﺪو‬
‫آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﺗﻪ ﺳﺮﻛﺎري ﭨﻲ وي ﭼﺌﻨﻠﻦ ﺗﺎن اﻧﮉﻳﻦ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﻓﻠﻤﻮن ﭘﻴﻮن ﻫﻠﻦ، ﻛﺎ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﻨﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭔﺎرن‬
‫ﮐﻲ ‪ Train‬ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﻤﺒﺮ ون اﺟﺎﺋﻲ ﺳﺠﺎﺋﻲ ﭨﻲ وي ڏﺳﮣﻲ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻤﺒﺮ ﭨﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﺳﻤﻬﮣﻮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻮﻳﺮ اﭤﮣﻮ‬
‫آﻫﻲ. اﺳﺎن وٽ اﺑﺘﻮ ﺣﺴﺎب آﻫﻲ: ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﺌﻲ ﺷﺎم ﺟﻮ ان ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻓﻠﻢ ﺟﻮ ﺳﻲ‬
                                            ‫ڊي وﭠﻲ رات ﺟﻮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﺎڻ ﺑﻪ ڏﺳﻮن ۽ ﭔﺎرن ﮐﻲ ﺑﻪ ڏﻳﮑﺎرﻳﻮن.‬
‫ﻛﻤﺮي ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﺟﺎﺋﺰو ورﺗﻢ ﺗﻪ ﻧﻨﮃڙي ﻛﻤﺮي ۾ ﭨﻲ وي ﺑﻪ ﻫﺌﻲ، ﻓﺮج ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﻨﮃڙي ﻛﭽﻦ ﺑﻪ ﻫﺌﻲ، ﻛﻤﺮي ﮐﻲ‬
‫ﮔﺮم رﮐﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﻴﭩﺮ ﺿﺮور ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺌﺮﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﻧﻪ ﻫﻮ. ﻣﻌﻨﻲ ﻫﺘﻲ ﺳﻴﺎري ۾ ﺳﺨﺖ ﺳﻲ‪ ‬ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ اوﻧﻬﺎري ۾ ﭘﮑﻲ‬
                                               ‫ٰ‬
‫ﺟﻴﺘﺮي ﻫﻠﻜﻲ ﮔﺮﻣﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻚ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ آﻫﻲ. روس ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ رﻳﺎﺳﺖ ۽ ﻫﺎڻ آزاد‬
‫ﻣﻠﻚ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ واﻧﮕﺮ ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن اﭨﻜﻞ ﻫﻚ ﻫﺰار ﻣﻴﭩﺮ ﻣﭥﻲ آﻫﻲ، ﺳﻮ‬
‫ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﻪ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ واﻧﮕﺮ آﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ ﺳﻴﺎري ۾ ﭼﮝﻮ ﺳﻲ‪ ‬ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﺎل ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﻣﻮﺳﻢ ﺑﻴﺤﺪ‬
‫ﺧﻮﺷﮕﻮار رﻫﻲ ﭤﻲ. ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر واري ﮔﺮﻣﻲ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺑﻴﺰار ﭤﻴﻮ ﭘﻮي ۽ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ‬
                                            ‫ﺑﺪران ﻫﻮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﻳﺎ وڻ ﺟﻲ ﮀﺎﻧﻮ ﻫﻴﭟ ﮔﺬارﻳﻮ ﮀﮇي.‬
‫آﺋﻮن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ ﻻ‪ ‬ﺑﺴﺘﺮ ﺗﻲ ﻟﻴﭩﻲ ﭘﻴﺲ. ﭼﺌﺒﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ آﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ، ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن‬
‫ﭔﮅﻧﺪو آﻳﺲ. ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﭘﮁﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ‬
‫ﮐﮣﻨﺪو ﻫﻮ. اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﭔﻪ ﭨﻲ ﺷﻴﻌﺎ دوﺳﺘﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ وﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ وارن اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم‬
‫رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ وﭸﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﺑﻪ دﻋﺎ ﮔﻬﺮﺟﺎن‪ ‬۽ ﻫﺎڻ ﻫﻲ اﻫﻮ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﺳﻼم ﺟﻲ اﭠﻴﻦ‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬روزاﻧﻮ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ‬
‫ﺷﻬﺮن ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ. ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﻗﺪرﺗﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ‬
‫۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ۾، ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﺴﻠﻢ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺷﻬﺮت ۽ اﻫﻤﻴﺖ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢‬
‫ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻲ ڌي‪ ‬ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ زﻫﺮا ﺟﻲ ﭘﮍ ﭘﻮﭨﻲ ۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ آﺧﺮي آرام‬
   ‫ﮔﺎﻫﻪ ﻛﺮي آﻫﻲ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺷﺠﺮو ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻮﻃﺎﻟﺐ ۽ ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﻪ اﻟﺰﻫﺮه ﺳﺎن ﻫﻦ رﻳﺖ ﻣﻠﻲ ﭤﻮ.‬
                                                                           ‫ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻮ ﻃﺎﻟﺐ ۱۶۶-۰۰۶ع‬
                                                                             ‫ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ ۰۸۶-۶۲۶ع‬
                                                               ‫ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ۳۱۷-۸۵۶ع‬
                                                                      ‫ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ )اﻟﺒﺎﻗﺮ( ۳۴۷-۶۷۶ع‬
                                                                    ‫ﺟﻌﻔﺮ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ )اﻟﺼﺎدق( ۵۶۷-۳۰۷ع‬
                                                                  ‫ﻣﻮﺳﻲ اﺑﻦ ﺟﻌﻔﺮ )اﻟﻜﺎﻇﻢ( ۹۹۷-۵۴۷ع‬
                                                                                             ‫ٰ‬
                                                                      ‫ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ )اﻟﺮﺿﺎ( ۸۱۸-۵۶۷ع‬
                                                                                       ‫ٰ‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﻓﺮزﻧﺪ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ )۵۳۸-۸۱۸( اﻣﺎم ﭤﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ۽ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺠﻮاد ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ‬
‫وﭸﻲ ﭤﻮ . ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ )۸۶۸-۷۲۸( اﻣﺎم ﭤﻴﻮ. ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ۽ ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻮي ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ . ان‬
‫ﺑﻌﺪ ﻳﺎرﻫﻮن اﻣﺎم ﺣﺴﻦ اﺑﻦ ﻋﻠﻲ )۴۷۸-۶۴۸(ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺣﺴﻦ اﻟﻌﺴﻜﺮي ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ‬
                                                     ‫ﺣﺴﻦ)ﻣﻬﺪي( اﻣﺎم ﭤﻴﻮ. ﺳﻨﺪن ﭘﻴﺪاﺋﺶ ﺟﻮ ﺳﺎل ۸۶۸آﻫﻲ.‬
‫ﻣﭥﻴﻦ اﻣﺎﻣﻦ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻣﺎم ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﺳﻨﺪن وڏو ﻓﺮزﻧﺪ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ )۹۶۶-‬
                                  ‫ُ‬
‫۵۲۶( آﻫﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪن ﭔﻴﻮ ﻓﺮزﻧﺪ ۽ اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺟﻮ ﻧﻨﮃو ﭜﺎ‪ ‬اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت‬
‫)۷۱۸ع( ﮐﺎن اڳ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﻦ آﺑﺎد )‪ (SANABAD‬ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮﭠﮍو ﻫﻮ. اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻫﺮ ﺳﺎل‬
‫اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﺘﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ وﻳﻮ وڌﻧﺪو ۽ ﺳﻨﺪس اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﻦ آﺑﺎد ﺑﺪران ﻫﻲ ﺷﻬﺮ‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﻮ. ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻋﺰت وﭼﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ‬
‫ﻳﻌﻨﻲ ﭜﻼرو ﻣﺸﻬﺪ ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎ وٽ ﻗﻠﻨﺪر ﺷﻬﺒﺎز ﻳﺎ ﻣﺨﺪوم ﻧﻮح ﺟﻲ ﻛﺮي ﺳﻴﻮﻫﮡ ۽ ﻫﺎﻻ ﺟﻬﮍن‬
‫ﺷﻬﺮن ﮐﻲ ﺳﻴﻮﻫﮡ ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﻫﺎﻻ ﺷﺮﻳﻒ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺮ ﺳﺎل وڏي ﻋﻘﻴﺪت ﺳﺎن ﻣﺸﻬﺪ ۾ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻫﻨﻦ‬
‫ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭘﻴﺮ، ﻓﻘﻴﺮ،‬
                                         ‫ﺑﺰرگ ﻳﺎ دروﻳﺶ ﺟﻲ ﻋﺮس ﺗﻲ ﻫﺮﺳﺎل ﻫﻦ ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ. ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺑﺎ‪‬‬
‫روڊ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ رﺳﺘﺎ آﻫﻦ ﻫﻚ ۵۷۸ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ۽ ﭔﻴﻮ ۵۲۹ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺳﭙﺮ ﻫﺎ‪‬‬
‫وي ذرﻳﻌﻲ ﺑﻪ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻧﺌﺸﻨﻞ ﻫﺎ‪ ‬وي ذرﻳﻌﻲ ﭠﭩﻲ ﮐﺎن ﭰﺮﻧﺪو ﺑﻪ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﺸﻬﺪ‬
‫۽ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ وچ ۾ رﻳﻞ ﮔﺎڏي ﺑﻪ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ. روزاﻧﻮ ﭨﻴﻬﺎرو ﮐﻦ اڏاﻣﻮن اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۽ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ‬
‫ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻞ اﻳﺌﺮﭘﻮرٽ” ﻓﺮودﮔﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺪ ﻫﺎﺷﻤﻲ ﻧﺠﺪ“ ﺗﻲ ﻟﻬﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﺮ روز ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ‬
‫ﮔﻬﻤﮡ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ. ڌارﻳﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ۽ اﻓﻐﺎﻧﻲ‬
‫ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻣﻠﻜﻦ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن، ﻋﺮاق، ﮔﻠﻒ، ﻳﻤﻦ ۽‬
‫اﻧﮉﻳﺎ ﺟﺎ آﻫﻦ. اﻧﻬﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺷﻴﻌﺎ ﻓﺮﻗﻲ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ ﭘﺮ ﺳﻨﻲ ﭘﮡ آﻫﻦ. دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن‬
‫ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﺬﻫﺒﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻮ‬
                     ‫وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻛﻦ ﺣﺎﻟﺘﻦ ۾ اﺟﺎزت وﭠﮡ ﺗﻲ، ﺧﺎص ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﮐﻲ ، اﺗﻲ ﺑﻪ اﭼﮡ ﻻ‪ ‬ﮀﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ. ﻛﻲ اﻫﮍا ﺑﻪ دور رﻫﻴﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي‪‬‬
‫ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﭘﮡ رﻫﻴﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۽ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ‬
‫ﺟﺌﻴﻦ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺗﺮﻛﻲ ﺟﻲ ﺑﺎرڊر ﺗﻲ ﺗﺒﺮﻳﺰ آﻫﻲ. ﺑﺎرڊرن ﺗﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺟﺎ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن‬
 ‫آﻳﻞ ﺣﻤﻠﻲ آورن ﺟﻲ ﻋﺘﺎب ﻫﻴﭟ رﻫﻴﺎ. ﭔﺌﻲ ﺷﻬﺮ ﻛﮇﻫﻦ ﭠﻬﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﻛﺮي ڊﻫﻨﺪا ﺑﻪ رﻫﻴﺎ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ” ﺑﻨﺎﻟﻮد“ ۽ ”ﻫﺰر ﻣﺴﺠﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﻛﺸﻒ ﻧﺪي واري ﻣﺎﭤﺮي ۾ آﻫﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﻧﺪي ﻫﺎري ﻧﺪي‪‬‬
‫ﻣﺎن ﻧﻜﺮي ﭤﻲ . ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن واﭘﺎر وڙي ﺟﻮ اﻫﻢ ﻣﺮﻛﺰ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ۽ اﻧﮉﻳﺎ وﻳﻨﺪڙ ﻳﺎ اﺗﺮ ﮐﺎن ڏﮐﮡ،‬
‫ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺑﺤﺮ اوﻣﺎن وﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﺟﻮ ﻟﻨﮕﻬﻪ ﻫﺘﺎن ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل اڳ‬
‫)۸۱۸ع ﮐﺎن اڳ( ﻳﻌﻨﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن اڳ، ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ آﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﮘﻮٺ ﻫﻮ اﻫﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﻪ‬
‫ﻫﻮ ﭘﺮ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻃﻮس ﻧﺎﻟﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ دﻳﺒﻞ ۽ﭜﻨﭝﻮر واﻧﮕﺮ ﻓﻘﻂ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ، ﻫﺘﻲ ﺟﻮ اﻫﻢ‬
‫ﺷﻬﺮ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ، ﻣﻜﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ وﻳﻨﺪي وﻗﺖ ﻃﻮس ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪا ﻫﺌﺎ، ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ ﻛﻮﭨﮍي ۽‬
                                 ‫روﻫﮍي رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﺮ ﻃﺮف ﮐﺎن اﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻠﻦ ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﻮر ﺟﻨﻜﺸﻦ ﻫﻮ.‬
‫ﺗﻮس ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻃﻮس ﺑﻪ ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Tous ،Toos‬۽ ‪ Tus‬اﺳﭙﻴﻠﻦ ﺳﺎن ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﺳﻼم‬
‫ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ۱۲۲۰ ‬ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن اﭼﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﻴﻮ. ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺗﻮس )ﻃﻮس( ﺳﺎن‬
‫ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﺨﺼﻴﺘﻴﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﻴﺎن )‪ (Geber‬ﺟﻴﻜﻮ ﺑﺎﺑﺎ‪ ‬ﻛﻴﻤﺴﭩﺮي ﺳﮇﻳﻮ‬
‫وﭸﻲ ﭤﻮ، ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻃﻮس ۾ ۱۲۷ ۾ ﭴﺎﺋﻮ )۽ ۵۱۸ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ(، اﻳﺮان ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر اﺳﺪي ﻃﻮﺳﻲ )اﺑﻮ ﻣﻨﺼﻮر‬
‫ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺣﻤﺪ اﺳﺪي ﻃﻮﺳﻲ( ﺳﻦ ۲۰۰۱ ۾ ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ، ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻮڪ )اﺑﻮ ﻋﻠﻲ اﻟﺤﺴﻦ اﻟﻄﻮﺳﻲ ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻚ(‬
‫ﺳﻠﺠﻮق ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ وزﻳﺮ ۽ ﻋﺎﻟﻢ ڏاﻫﻮ ﻃﻮس ۾ ۸۱۰۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۲۹۰۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. اﻟﻐﺰاﺋﻲ )اﺑﻮ ﺣﻤﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫اﻟﻐﺰاﻟﻲ( اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻢ، ﻣﻨﺼﻒ ۽ ﻓﻼﺳﻔﺮ ۸۵۰۱ ۾ ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ۱۱۱۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺗﻔﺴﻴﺮ،‬
‫ﺣﺪﻳﺚ ۽ ﻓﻘﻲ ﺟﻮ ﻋﺎﻟﻢ ﺷﻴﺦ ﻃﻮﺳﻲ )اﺑﻮ ﺟﻌﻔﺮ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﺣﺴﻦ ﻃﻮﺳﻲ( ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮﻃﻮس ۾ ۸۶۰۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ.‬
‫ﻣﺌﭥﻤﺌﭩﻜﺲ، ﻓﻼﺳﺎﻓﻲ، ‪ Astronomy‬۽ ﻃﺐ ﺟﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﺼﺮدﻳﻦ اﻟﻄﻮﺳﻲ ﺑﻪ ﻃﻮس ۱۰۲۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۴۷۲۱ ۾ وﻓﺎت‬
                                                                  ‫ِ‬
‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﺮدوﺳﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﮐﺎن ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ واﻗﻒ آﻫﻲ، ﭘﮡ ﻫﺘﻲ‬
‫ﻃﻮس ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. دراﺻﻞ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﮇو وڌي وﻳﻮ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻮ ﻃﻮس ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺣﺼﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﮐﭙﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻻﻟﻮ ﮐﻴﺖ، ﻣﻠﻴﺮ ﻳﺎ ﻣﺎرﻳﭙﻮر اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻛﺮاﭼﻲ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ‬
                                                                                            ‫وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﺻﻮﺑﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن واﻧﮕﺮ ﺟﺎﺑﻠﻮ ﻋﻼﻗﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻛﭥﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﺮﺳﺒﺰ ﭼﺮاﮔﺎﻫﻪ ۽‬
‫ﭘﻮک ﺳﺎن ﺳﺎﻳﻮن ﺳﮅﻳﻮن زﻣﻴﻨﻮن ﭘﮡ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن، ﺟﻦ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻴﻮا، ﺑﺎدام ﭘﺴﺘﺎ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻧﺮم ۽‬
‫ﻧﺎزڪ ﺻﻮﻓﻦ ﮐﺎن ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ واﻗﻒ ﻫﻮﻧﺪا ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎن وٽ ” ﻣﺸﻬﺪي ﺻﻮف“ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ زﻋﻔﺮان‬
‫ﺑﻪ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﺷﺮوع ۾ ﭔﮅاﺋﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺘﻲ ﺟﻲ زرﺷﻚ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫آﻫﻲ .زرﺷﻚ ﺑﺮ ﺑﻴﺮﻳﺰ )‪ (Berberries‬ﺟﻮ ﻗﺴﻢ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺟﺎم ﭤﻴﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﺳﻜﺎﺋﻲ ﭘﻮ‪ ‬وﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
‫زرﺷﻚ ‪Berries‬ﺟﻮن ﺟﺌﻤﻮن، ﭼﭩﮣﻴﻮن ۽ ‪ Juices‬ﭘﮡ اﻳﺮان ۾ وﻛﺎﻣﻦ ﭤﻴﻮن. زرﺷﻚ ﺟﻲ ﺑﺎﻏﻦ ﮐﻲ ” زرﺷﻚ‬
‫آﺳﺘﺎن“ ﺳﮇﻳﻦ. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﺎﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ ﻫﻲ ﻟﻔﻆ زرﺷﻚ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻦ‬
                                ‫ﭤﺎ، ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻴﻮن ” آﮜﻮﭠﻮ“ ﻳﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ”‪.“Blowing raspberry‬‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﺧﺮوﭨﻦ، ﺑﺎداﻣﻦ، ﭘﺴﺘﻦ، ﺻﻮﻓﻦ، ڏاڙﻫﻮﺋﻦ، ﺳﻨﮕﺘﮍن، اﻧﮕﻮرن ۽ زﻋﻔﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﭘﺮ ﻓﻴﺮوزه‬
‫)ﭘﭥﺮ(، ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ، رﻳﺸﻢ )‪ ،(Wool‬ﺳﮣﻲ )‪ (Silk‬ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ۽ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻴﻮزڪ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﻣﻴﻮزڪ ﻣﺎن آﻫﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﺗﻮرﺑﺖ ﺟﺎم، ﺗﻮرﺑﺖ ﺣﻴﺪرﻳﻪ، ﺑﺠﻨﻮرد ۽ ﻗﻮﭼﺎن ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ‬
‫ﻋﻼﻗﻦ ﺟﻲ . ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ )ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ(ﺟﺎ ﺑﻨﻴﺎدي ﺳﺎز آﻫﻦ ؛ ﺗﺎر، دوﺗﺎر، دف ۽ دﻫﻞ‬
‫)ﺟﻲ ﻫﺎ! دﻫﻞ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ( ﻣﺸﻬﺪ ﻏﺰل ﺧﺎﻧﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺻﻮﻓﻲ ﺷﺎﻋﺮن‬
                                               ‫ﺟﻬﮍوڪ روﻣﻲ، ﻋﻄﺎر ۽ ﺷﻴﺦ اﺣﻤﺪ ﺟﺎﻣﻲ ﺟﺎ ﻏﺰل ﮘﺎﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ رات ﺟﻲ وﻗﺖ اﭼﮡ ﭤﻴﻮ. ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻮاﺋﻲ اڏي ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﻣﻬﻞ ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﺳﺎوڪ ۽ ﭼﻮڌاري وﮢﻦ ﺟﻮن ﻗﻄﺎرون ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن ۽ ﭘﻮ‪ ‬زﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻟﻬﮡ ﻣﻬﻞ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍو ﺳﻴﺎح ﭼﻮڌاري ﮔﻨﺒﺬ ۽‬
‫ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﻨﺎرا ڏﺳﻲ واﺋﮍو ﭤﻴﻮ وﭸﻲ. ﭴﮡ ﻛﻨﻬﻦ اﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻲ داﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﻫﺠﻲ ۽‬
                                             ‫ٰ‬
‫واﻗﻌﻲ اﻟﻒ ﻟﻴﻠﻲ ﺟﻲ اﺻﻠﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ اﻳﺮان ﺳﺎن ﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ. ان ۾ ﻋﺮب ۽ ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻮن ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن ﺗﻪ ﺑﻌﺪ‬
                                                                                   ‫ٰ‬
                                                                                  ‫۾ ﮘﻨﮃﻳﻮن وﻳﻮن.‬
                                      ‫ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ‬

‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل ﺣﺞ ۽ ﻋﻤﺮي ﻻ‪ ‬ﻣﻜﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ، زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ )اﻳﺮان(‬
‫ﻛﺮﺑﻼ ۽ ﻧﺠﻒ )ﻋﺮاق( ۽ دﻣﺸﻖ )ﺷﺎم( وﭸﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان وﭸﮡ ﺗﻤﺎم ﺳﻮﻟﻮ ۽ ﺳﺴﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺳﺎن ﺑﺎرڊر ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﺎ‪ ‬روڊ ۽ ﭨﺮﻳﻦ ذرﻳﻌﻲ ﮔﻬﭧ ﭜﺎڙي ۾ ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﻦ. ﻛﻨﻬﻦ‬
‫زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺗﻪ ﺗﺮﻛﻲ واﻧﮕﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ وﻳﺰا وﭠﮡ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﻪ ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ وﻳﺰا‬
‫ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻛﻮ ڏﮐﻴﻮ ﻛﻢ ﻧﺎﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬آﻳﻞ ڌارﻳﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ‬
‫ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﺳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﺪد ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان ﻫﻴﮇو ﺧﻮﺷﺤﺎل ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اڄ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ﭨﻴﮍي ﻳﺎ وڏاﺋﻲ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﻮ ﺑﻴﺤﺪ ‪ humble‬آﻫﻦ. ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﺑﻪ وڏ ﻣﺎﮢﻬﭙﻲ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ آﻫﻦ ۽‬
‫ﻋﺮب ﺗﻪ )اڄ ﺟﻲ دور ﺟﺎ ﻋﺮب( ﺗﻪ ﻏﺮﺑﺖ واري دور ۾ ﺑﻪ اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﻣﻐﺮور ﻫﺌﺎ. ﭘﻮ‪ ‬اﻫﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﻳﺎ ﻛﻮﻳﺖ‬
‫ﺟﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ دﺑﺌﻲ، ﺑﺤﺮﻳﻦ، ﻣﺴﻘﻂ ﺟﺎ . اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰن، آﻣﺮﻳﻜﻦ ۽ ﮔﻮري ﮐﻞ وارن ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﻣﺎن‬
‫ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺘﺎﺛﺮ آﻫﻦ. ۽ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﮔﻮرن ۽ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺟﻲ ﻛﺎ ﭘﺮواﻫﻪ ﻧﺎﻫﻲ. ﻫﻨﻦ وٽ اﻧﺴﺎﻧﻴﺖ ﺟﻮ ﻗﺪر‬
‫آﻫﻲ. ان ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻏﺮﻳﺐ ﮐﺎن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ رﻫﮡ ۽ ﺳﻴﺮ ﻛﺮڻ ۾ وڌﻳﻚ ﺳﻜﻮن‬
‫ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮي ﭤﻮ. ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ﮔﻬﻤﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ. ﭘﺮ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾ وﭸﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﺑﻨﻴﺎدي ﺿﺮورت ﺟﻲ ﻫﺮﺷﻲ‪ ‬ﺳﺴﺘﻲ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ﻏﺮﻳﺐ ﮐﺎن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﺑﻪ‬
‫ﺑﮑﻮن ﻛﺎﭨﮣﻴﻮن ﻧﭥﻴﻮن ﭘﻮن. ﻫﺘﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻧﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺳﺴﺘﻮ ۽ ﻟﺬﻳﺬ آﻫﻲ. ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ‬
‫آﻫﻲ. ان ﻛﺮي ﻫﺮﻛﻮ ﻫﻚ ﻫﻨﮅ ﮐﺎن ﭔﺌﻲ ﻫﻨﮅ ﮔﻬﻤﻨﺪو ﭰﺮﻧﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ آﺋﻮن ﻫﻤﻴﺸﻪ ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻲ‬
‫ﺗﻌﺠﺐ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﭘﻮڙﻫﺎ ، اڻ ﭘﮍﻫﻴﻞ ۽ ﻏﺮﻳﺐ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻴﺌﻦ ﭤﺎ اﻳﺮان ۾ ﭤﻮرن ﭘﺌﺴﻦ ۾‬
‫ﻣﻬﻴﻨﻮ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﺑﻪ ﮔﺬارﻳﻮ اﭼﻦ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﭘﻠﺲ ﭘﻮاﺋﻨﭧ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ڏاڍو آﻫﻲ. ﺧﺎص ﻛﺮي اﺳﺎن‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﮐﻲ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺮ روز ﻧﺖ ﻧﻴﻦ ﭠﮙﻴﻦ ۽ ﻟﭽﺎﺋﻴﻦ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ، اﻫﻲ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ‬
‫ﺣﻴﺮت ﮐﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻛﻴﺌﻦ ﺗﻪ رات ﺟﻮ دﻳﺮ دﻳﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻛﺎن ۽ ﺑﺎزارﻳﻮن ﮐﻠﻴﻮن ﭘﻴﻮن آﻫﻦ ۽ وﻳﻨﺪي ﻋﻮرﺗﻮن اﻛﻴﻠﻲ‬
                                                                             ‫ﺳﺮ ﭘﻴﻮن ﺳﻮن ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ.‬
‫اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺿﺮور اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﺗﻲ ﻫﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ‬
‫ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﺗﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻛﻴﺘﺮن ﮘﻮﭠﺎﮢﻦ ﮐﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﮀﺎ آﻫﻲ. ﻫﻨﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﺒﻮ ﺗﻪ‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﻳﺎﺋﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻳﻜﺪم ﭼﻮﻧﺪا ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭔﻴﻮن ﺑﻪ زﻳﺎرﺗﻮن ﻛﻴﻮﻧﺴﻴﻦ.‬
‫ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﻴﻦ زﻳﺎرﺗﻦ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ان ﺟﻲ آس ﭘﺎس)ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن‬
‫ﺻﻮﺑﻲ( ۾ آﻫﻦ ۽ ﭔﻴﻮن ﻗﻢ ۽ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾ آﻫﻦ . ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ اﺣﻮال ﭤﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﺘﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺠﻬﻪ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻦ‬
‫ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﮔﺎدي‪ ‬وارو ﺷﻬﺮ ﭼﺌﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻳﺮان ۾ اﻫﮍي ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﻣﺮﻛﺰ )‪ (Center‬ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﺻﻮﺑﻲ‬
‫ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ اوﺳﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ ۽ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ واري ﮐﻲ اوﺳﺘﺎﻧﺪار ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ وزﻳﺮ‬
‫داﺧﻼ ﻛﺎﺑﻴﻨﺎ ﺳﺎن ﺻﻼح ﻣﺸﻮرو ﻛﺮي ﻣﻘﺮر ﻛﺮي ﭤﻮ. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ ڊوﻳﺰن ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ )ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻛﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ‪ counties‬ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ( ۽ ﻫﺮ ڊوﻳﺰن ﺿﻠﻌﻦ )‪ (Districts‬۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﺻﻮﺑﻮ‬
‫ﺷﻬﺮﺳﺘﺎﻧﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﻫﺮ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن ﺿﻠﻌﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺨﺸﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ آﻫﻲ. ﺑﺨﺸﻦ )ﺿﻠﻌﻦ( ﺑﻌﺪ ﺷﻬﺮ ۽ ﭨﺎﺋﻮن‬
                             ‫ﭤﻴﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان ۾ ﺷﻬﺮ ۽ دﻳﻬﺴﺘﺎن ﺳﮇﻳﻦ. دﻳﻬﺴﺘﺎن ۾ وري ﻧﻨﮃڙا ﻧﻨﮃڙا ﮘﻮٺ ﭤﻴﻦ.‬
‫۰۵۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﭔﺎرﻫﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻞ ﻫﻮ، ﺟﻬﮍوڪ ؛ ﻛﺮﻣﺎن، ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن )ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن واري ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺳﺎن‬
‫ﻣﻠﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﻣﻨﺠﻬﺲ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ ﺑﻠﻮچ رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ ﺟﺘﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ۽ ﻣﺮﻛﺰ زاﻫﺪان اﺳﺎن ﺟﻲ ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۽ ﭼﻤﻦ‬
‫ﮐﻲ ﺗﻤﺎم وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ(، ﻓﺎرس، ﺧﺰﺳﺘﺎن، ﻻرﺳﺘﺎن، ﻟﻮرﺳﺘﺎن، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن )ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ روس ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ. ﻫﻲ اﺋﻴﻦ اﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ )‪ (USA‬ﺟﻲ‬
‫رﻳﺎﺳﺖ ﻧﻴﻮ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ۽ ﺳﻴﻨﭩﺮل آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻮ ﻣﻠﻚ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ آﻫﻦ.( ﻋﺮق، ﻋﺠﻢ،‬
‫ﻣﺰﻧﺪاران، ﮔﻴﻼن، ارداﻻن ۽ ﺧﺮاﺳﺎن. وﻗﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ﺑﻬﺘﺮ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن اﻧﺘﻈﺎم ﻫﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد‬
‫وڌاﺋﻴﻨﺪي رﻫﻲ. آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ﺻﻮﺑﻮ ﭔﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ﻣﺸﺮﻗﻲ آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ ّآذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن. ﺗﺎزو ۴۰۰۲ ۾‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ؛ اﺗﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ )ﻣﺮﻛﺰ( ﺑﺠﻨﻮرد ﺷﻬﺮ‬
‫ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﭔﻴﻮ ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ آﻫﻲ ۽ ﭨﻴﻮن وچ وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻴﻜﻮ رﺿﻮي‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰي ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ آﻫﻲ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ واﭘﺎر وڙي ﮐﺎن‬
‫اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻨﺪڙ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر، ﺳﺒﺰوار، ﺧﻠﻴﻞ آﺑﺎد، ﺗﺮﺑﺖ ﺣﻴﺪرﻳﺎ، ﺗﺮﺑﺖ ﺟﺎم، درﮔﺎز، ﻗﻮﭼﺎن، ﮔﻮﻧﺎﺑﺎد وﻏﻴﺮه ﺧﺮاﺳﺎن‬
                                                                                   ‫رﺿﻮي ۾ اﭼﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اڄ ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﭘﺮ آﮘﺎﭨﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎن وڏي اﻫﻤﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ. ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ.ﭘﺮ ﺗﻮﻫﺎن اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن، ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن، ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ وﻳﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ‬
‫ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﻣﻠﻨﺪا ۽ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭜﺮ وارو ﺣﺼﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.‬
‫دراﺻﻞ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ه ﺗﻤﺎم وڏو ﻣﻠﻚ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ. اڄ ﺑﻪ اﻫﻮ ﺳﭵﻮ ﺧﺮاﺳﺎن‬
‫ﮔﺮﻳﭩﺮ ﺧﺮاﺳﺎن )ﻳﻌﻨﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﻳﺎ ﺑﺰرگ ﺧﺮاﺳﺎن( ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن، ﺗﻬﺬﻳﺐ، ﻛﻠﭽﺮ‬
‫۽ ﺗﺎرﻳﺦ رﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰن اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻠﻜﺘﻲ ﮐﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭤﻲ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ‬
‫دﻫﻠﻲ‪ ‬ﮐﻲ، ﺗﻴﺌﻦ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( ﺣﺎﻛﻤﻦ، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ، ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻛﮇﻫﻦ ان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ‬
‫ﻃﻮس، ﺑﺠﻨﻮرد )ﻫﺎڻ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺷﻬﺮ( ﮐﻲ ﻣﺮﻛﺰ )ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ( ﺑﮣﺎﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﺮو )‪ (Merv‬۽ ﺳﺎﻧﺠﺎن )ﻫﺎڻ‬
‫ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾(، ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا )ﻫﺎڻ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾( ﻫﺮات، ﻛﺎﺑﻞ، ﻏﺰﻧﻲ ۽ ﺑﻠﺦ )ﻫﺎڻ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾( ۽ ﺧﻮﺟﻨﺪ ۽‬
‫ﭘﻨﺠﺎﻋﻴﺖ )ﻫﺎڻ ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۾(، ﮐﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﭤﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ‬
‫ﻓﺎﺗﺤﻦ، ﺳﭙﻬﻪ ﺳﺎﻻرن ۽ ﺳﻠﻄﻨﺘﻦ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ رﻫﻴﻮ، ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻳﻮﻧﺎﻧﻲ، ﻋﺮب ، ﺳﻠﺠﻮق، ﺗﺮڪ، ﺳﻔﻮي، ﭘﺸﺘﻮن، اﻓﻐﺎﻧﻲ ۽‬
                                                                                               ‫ﭔﻴﺎ.‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬اڄ اﺳﺎن ازﺑﻜﺴﺘﺎن وﭸﻮن ﭤﺎ، اﻫﻮ ﺻﺪﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ‬
‫ﺟﺘﺎن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ۽ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﺎ اﻫﻲ ﺷﻬﺮ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ و ادب، اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻲ ﮐﺎڻ‬
                                    ‫ﺳﻤﺠﻬﻴﺎ وﻳﺎ ﭤﻲ. ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ روﻣﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫ﺑﻮد‬                       ‫داﻧﺶ‬                  ‫ﻣﻌﺪن‬                     ‫ﺑﺨﺎرا‬                      ‫آن‬
‫ﺑﻮد‬              ‫آﻧﺶ‬                ‫ﻫﺠﺮک‬                 ‫اﻳﺴﺖ‬                 ‫ﺑﺨﺎرا‬                ‫ﭘﺲ‬
                                                                                 ‫)ﺑﺨﺎرا ﭴﺎڻ ﺟﻲ ﮐﺎڻ آﻫﻲ،‬
                                                       ‫اﻫﻮ ﺑﺨﺎرا ﺟﻮ ﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻲ ، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻠﻢ آﻫﻲ(.‬
‫ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻬﺮ روداق )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺎڻ ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ( ﺟﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮ ۽‬
                               ‫ڏاﻫﻲ ﻋﺒﺪا﷢ ﺟﻌﻔﺮ ﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ”روداﻛﻲ“ ﺟﻮ ﺑﺨﺎرا ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫زي‬                 ‫ودﻳﺮ‬                ‫ﺑﺎش‬                ‫ﺷﺎد‬                ‫ﺑﺨﺎرا‬                  ‫اي‬
‫ﻫﻤﻲ‬                ‫آﻳﺪ‬                ‫ﻣﻴﻬﻤﺎن‬                ‫ﺗﻮ‬                ‫زي‬                   ‫ﺷﺎﻫﻪ‬
          ‫)او ﺑﺨﺎرا ! ﺷﺎد ﻫﺠﻴﻦ، آﺑﺎد ﻫﺠﻴﻦ، ﺧﻮش ﻫﺠﻴﻦ، ﺗﻮ وٽ ﺟﺸﻦ ﻣﻠﻬﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻴﻮ آ.(‬
‫آﮘﺎﭨﻲ دور ۾ ﻳﻮرپ ﭘﺎﺳﻲ ﻣﺎڊرن ﺷﻬﺮ روم ۽ اﺳﺘﻨﺒﻮل )ﻗﺴﻄﻨﻄﻴﻪ( ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﺸﺮق ﭘﺎﺳﻲ ﺑﻠﺦ ۽ ﺑﺨﺎرا ﻫﻮ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮ‬
‫ﮐﻲ ﻳﺎد ﻛﺮڻ وارا، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﺟﺎ ﺳﻜﺎﻳﻞ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﻮﭘﻲ ﺟﻲ ﺳﮏ ۽ آرام ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﻨﻦ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﺷﻬﺮن‬
                                                                                ‫ﺳﺎن ﭜﻴﭩﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﭼﻲ:‬
‫۾‬                          ‫ﭼﻮﺑﺎري‬                           ‫اﭘﻨﻲ‬                        ‫ﺳﮏ‬                    ‫ﺟﻮ‬
‫۾‬                                     ‫ﺑﺨﺎري‬                               ‫ﺑﻠﺦ‬                              ‫ﺳﻮﻧﻬﻴﻦ‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﺮﻛﻨﺪڙ ﺷﻬﺮن ﺑﺨﺎرا ۽ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻮ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ذﻛﺮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. اڄ‬
                                                ‫ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ اﻧﮉﻳﻦ ﮔﺎﻧﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﭜﻴﺠﺖ ﮘﺎﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫دﻳﺪي‬               ‫ادﻫﺎر‬                 ‫ﮐﻮ‬                 ‫ﻣﺠﻬﻪ‬                ‫ﺗﻮ‬            ‫ﭼﻤﻪ‬            ‫اﻳﮏ‬
‫.....‬            ‫ﻟﻴﻠﻲ‬                  ‫ﺑﻬﺎر‬            ‫ﻳﻮﭘﻲ،‬                ‫ﻣﻴﻦ‬               ‫ﺑﺪﻟﻲ‬            ‫اور‬
‫ان ﺟﻲ آﺋﻴﮉﻳﺎ ﺷﻴﺮاز ﺟﻲ ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺧﻮاﺟﺎ ﺷﻤﺲ اﻟﺪﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺣﺎﻓﻆ ﺷﻴﺮازي ﺟﻲ ﺷﻌﺮ ﺗﺎن ورﺗﻞ‬
                                                                 ‫آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫ﻣﺎرا‬        ‫دل‬              ‫آرد‬           ‫دﺳﺖ‬          ‫ﺑﻪ‬            ‫ﺷﻴﺮازي‬             ‫ﺗﺮڪ‬          ‫آن‬       ‫اﮔﺮ‬
‫را‬         ‫ﺑﺨﺎرا‬                  ‫و‬           ‫ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ‬               ‫ﺑﺨﺸﻢ‬              ‫ﻫﻨﺪوﻳﺶ‬          ‫ﺧﺎل‬       ‫ﺑﻪ‬
‫)ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﻫﻮ ﺷﻴﺮازي ﺗﺮڪ ﻣﺤﺒﻮب ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ دل ﺟﻴﺘﻲ وﭠﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﮘﻞ ﺟﻲ ﺗﺮ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻫﻴﺮن ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ‬
                                                               ‫ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ﻗﺮﺑﺎن ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎن.(‬
‫ﺳﻮ اﻫﻲ ﻫﻴﺮن ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۽ ﺑﺨﺎرا ان وﻗﺖ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﻫﺌﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻫﺎڻ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺣﺼﻮ‬
‫اﻳﺮان ۾ وﭸﻲ ﺑﭽﻴﻮ آﻫﻲ ۽ ﺑﺎﻗﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن، ازﺑﻜﺴﺘﺎن، ﺗﺮﻛﺴﺘﺎن ڏي ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺣﺎﻓﻆ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ‬
‫دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﭨﻦ وڏن ﺷﺎﻋﺮن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ. ﺳﻨﺪس ﻣﭥﺌﻴﻦ ﺷﻌﺮ ﺗﺎن ﻳﺎد آﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﭔﮅي ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ‬
‫ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻫﻦ ﻳﻜﺪم ﺣﺎﻓﻆ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ درﺑﺎر ۾ ﮔﻬﺮاﺋﻲ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻧﭝﺎﮘﺎ ! ﻣﻮن ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ ﻛﻬﮍا ﺟﺘﻦ ﻛﺮي ﻫﻲ‬
‫ﺷﻬﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ ﻛﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﺗﻮن آﻫﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﺤﺒﻮب ﺟﻲ ﻫﻚ ﺗِﺮ ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﺨﺎوت ﺟﻮ اﻋﻼن‬
                                                                                      ‫ﻛﻨﺪو وﺗﻴﻦ؟“‬
‫”ﻫﺎﺋﻮ ﺳﺮﻛﺎر“ ﺣﺎﻓﻆ وراﮢﻴﺲ، ” ﺷﺎﻫﻪ ﺧﺮﭼﻴﻦ ۽ ﺳﺨﺎوﺗﻦ ﻛﺮي اڄ آﺋﻮن اﻫﮍو ﮐﭩﻞ ﻣﺴﻜﻴﻦ آﻫﻴﺎن ﺟﻮ وﺗﺎن ﭤﻮ ﭔﻴﻦ‬
                                                                             ‫ﺟﻮ ﻣﺎل ﻗﺮﺑﺎن ﻛﻨﺪو.“‬
                        ‫ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ اﻫﻮ ﺟﻮاب ﭔﮅي ڏاڍو ﺧﻮش ﭤﻴﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﻧﻌﺎم اﻛﺮام ڏﺋﻲ رواﻧﻮ ﻛﻴﻮ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻴﺘﺮﻳﻦ ﺻﺪﻳﻦ ﺑﻌﺪ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﺣﺪﺑﻨﺪﻳﻮن ۽ ﺑﺎﺋﻮﻧﮉرﻳﻮن ﭘﺨﺘﻴﻮن ﭤﻴﻨﺪﻳﻮن‬
‫وﻳﻮن. ﻧﺌﻴﻦ ﺟﻮڙﺟﻚ ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ، روس، اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ ﻓﺮاﻧﺲ ﺟﻬﮍن ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻜﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﺿﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺳﺮﺣﺪن‬
               ‫ِ‬
‫ﺟﻲ ﭰﻴﺮ ﭰﺎر ﻛﺌﻲ. ﻛﮍﺳﺘﺎن ﮐﻲ ورﻫﺎﺋﻲ ان ﺟﺎ ﺣﺼﺎ ﺗﺮﻛﻲ، ﻋﺮاق ۽ اﻳﺮان ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ، ﻓﻠﺴﻄﻴﻦ ﮐﻲ ورﻫﺎﺋﻲ‬
‫اﺳﺮاﺋﻴﻞ ۽ اردن ﮐﻲ وڌاﻳﻮ وﻳﻮ. اﺻﻠﻮﻛﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﻳﻌﻨﻲ ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻫﻠﻨﺪڙ ﮔﺮﻳﭩﺮ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻛﻮ ﭨﻜﺮو اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن‬
‫ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﻮ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن، ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ . ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮان وٽ ﺧﺮاﺳﺎن‬
‫ﺑﭽﻴﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ وڏو ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۴۰۰۲ ۾ ﭨﻲ ﺣﺼﺎ ﻛﻴﺎ‬
‫آﻫﻦ. ﺧﺮاﺳﺎن ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮﺋﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ. ﺧﺮ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺞ + ﺳﺎن ﻣﻌﻨﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺞ اﭜﺮڻ ﺟﻲ ﺟﺎ‪ .‬ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ‬
                                           ‫ٰ‬            ‫ٰ‬
                                      ‫اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺳﺞ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﭜﺮي ﭘﻮ‪ ‬ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ روﺷﻦ ﻛﺮي ﭤﻮ.‬
‫اﻳﺮان ۾ اﺳﻼم ﺟﻲ آﻣﺪ ﮐﺎن اڳ، ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﭼﺌﻦ وڏن ﻋﻼﺋﻘﻦ )ﺳﺘﺮاﭘﻴﻦ( ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ.‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺧﻴﺒﺮ ﭘﺎس واﻧﮕﺮ، اﻳﺮان ۾ ڌارﻳﻦ ﻗﻮﻣﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮍڻ ﺟﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ دروازو ﻫﻮ. ﻫﺮ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻨﺪڙ ﻓﻮج‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ اﭼﻲ ﭘﻮ‪ ‬ﺑﺎﻗﻲ اﻳﺮان ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ. ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﻏﺰﻧﻮي )ﺟﻴﻜﻲ ﺗﺮﻛﻦ ﺟﻲ ﻧﺴﻞ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ( اﻫﻲ ﺑﻪ‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ذرﻳﻌﻲ اﻳﺮان ۾ آﻳﺎ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﺳﻠﺠﻮق اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﻣﻨﮕﻮل آﻳﺎ ۽‬
‫ﭼﻮڏﻫﻦ ۽ ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﺗﻴﻤﻮري اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﺎ. ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ ازﺑﻜﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ‬
‫ﺟﻦ ﮐﻲ ﭘﻮ‪ ‬ﺻﻔﻮﻳﻦ )‪ (Safavids‬ﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ. ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻬﺮاﮢﻮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﺮڪ ﻧﺴﻞ ﻣﺎن ﻫﻮ. ﺻﻔﻮﻳﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺧﺮاﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻋﺮﺻﻮ اﻧﺎرﻛﻲ ﺟﻮ ﺷﻜﺎر رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ۱۸ ‬ﺻﺪي ۾ اﻓﺸﺎر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﭼﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ‬
‫ﺣﺎﻟﺖ ﭘﻴﺪا ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي‪) ‬ﻣﺮﻛﺰ( ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ. ﻗﺎﭼﺎرﻳﻦ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ اڄ ﺟﻲ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن وارا رﻫﺎﻛﻮ ﺟﻨﮕﻴﻮن ﺟﻮﭨﻴﻨﺪا ۽ ﺣﻤﻼ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻧﻴﭟ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن روس‬
‫ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ۽ روس )‪ (USSR‬ﭠﻬﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ آذر ﺑﺎﺋﻴﺠﺎن، ازﺑﻜﺴﺘﺎن، ﺗﺎﺟﻜﺴﺘﺎن ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﻠﻚ‬
                                                                ‫ﺟﺎرﺟﻴﺎ، آرﻣﻴﻨﻴﺎ وﻏﻴﺮه ﭘﮡ زوري‪ ‬ﻣﻼﻳﺎ وﻳﺎ.‬
‫اڄ ﺟﻲ اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﭨﻨﻬﻲ ﺣﺼﻦ )اﺗﺮ، ڏﮐﮡ ۽ رﺿﻮي( ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري ﺳﺘﺮ اﺳﻲ ﻟﮏ ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪي ۽‬
‫اﻳﺮاﺿﻲ ۴۱۳،۰۰۰ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﭵﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭤﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﻓﻘﻂ ۰۰۰۴۴۲‬
‫ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ. ﻳﻌﻨﻲ اﻳﺮان وارو ﻫﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ ﺻﻮﺑﻲ ﮐﺎن ﺑﻪ وڏو ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ۰۰۰۱۴۱‬
‫ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮآﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻮ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ ﺋﻲ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﺎن وڏو آﻫﻲ ﺟﻮ ان ﺟﻲ‬
‫اﻳﺮاﺿﻲ ۰۰۲۷۴۳ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ. اﻳﺮان واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن آﻫﻲ ۽ اوﭜﺮ ۾ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن.‬
          ‫ڏﮐﮡ ۾ اﻳﺮان ﺟﺎ ﺻﻮﺑﺎ ”ﻛﺮﻣﺎن“ ۽ ”ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن“ آﻫﻦ ۽ اوﻟﻬﻪ ۾ ﻳﺰد، ﺳﻴﻤﻨﺎن ۽ ﻣﺎزﻧﺪاران آﻫﻦ.‬
‫ﺳﺎل ۸۶۹۱ ۽ ۸۷۹۱ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺗﻤﺎم وڏا زﻟﺰﻻ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ۾ ۰۰۰۲۱ ۽ ﭔﻲ ۾ ۰۰۰۵۲ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺟﻞ ﺟﻮ‬
                                                                                 ‫ﺷﻜﺎر ﭤﻲ وﻳﺎ.‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ڊﮔﻬﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ڌارﻳﻮن ﻗﻮﻣﻮن ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻮن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﮡ وارا اﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ‬
‫ﻫﺘﻲ رﻫﻲ ﭘﻴﺎ . اﻧﻬﻦ ﺟﻮ اوﻻد اڄ ﮐﮣﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﻬﺠﻲ ۽ زﺑﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ وڏن‬
‫ﺟﻲ ﭔﻮﻟﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮن رﻳﺘﻮن رﺳﻤﻮن اﭘﻨﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏن ﺟﻲ ﻧﺴﻞ ۽ زﺑﺎن ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﺳﺎن‬
‫ﺳﭹﺎﺗﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ ﺳﭝﻴﺌﻲ اڙدو ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻲ ﻛﺎﭠﻴﺎواڙي، ﻣﺎرواڙي، ﻣﺪراﺳﻲ، ﭤﺮي ۽‬
‫ﺳﺮاﺋﻜﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﮁﻲ، ﮔﺠﺮاﺗﻲ، ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ، ﺑﻠﻮﭼﻲ، ﻣﻜﺮاﻧﻲ وﻏﻴﺮه. ﺗﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﻼﺋﻘﺎﺋﻲ ﻧﺴﻠﻲ‬
   ‫)‪ (ethnic‬ﺳﭹﺎﮢﭗ رﮐﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﻠﻮﭼﻲ، اﻓﻐﺎﻧﻲ، ﺗﻴﻤﻮري، ﺟﻤﺸﻴﺪي، ﻫﺰاروي، ﺟﭙﺴﻲ، ﺧﺮاﺳﺎﻧﻲ ﻋﺮب، ﻳﻬﻮدي وﻏﻴﺮه.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻧﺪﻳﻮن وﻫﻦ ﭤﻴﻮن اﻫﻲ آﻫﻦ ؛ اﺗﺮاف ﻧﺪي، ﻛﺎﺷﻒ ﻧﺪي، راﺋﻮد ﻧﺪي‬
‫۽ ﻗﺎراﺳﻮﺋﻮ ﻧﺪي. اﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﻪ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻲ ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻋﺮﺑﻦ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽ اﻧﮉوﻧﻴﺸﻴﺎ‬
‫ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺗﻪ اﮘﺘﻲ آﻫﻲ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻮ‪ ‬ﮐﮣﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﭔﻪ ڏﻫﺎﺋﻴﻮن اڳ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﺎ ﻧﻮﺟﻮان ﻣﺨﺘﻠﻒ‬
‫ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ ڊﮔﺮﻳﻮن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬اﻧﮉﻳﺎ ۽ اﺳﺎن وٽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ اﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ. اڄ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادران ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ۽‬
‫ﻣﻌﻴﺎر اﺳﺎن ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز ۾ اﻳﻨﺪي ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺮ ۾ وﻳﭡﻞ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻃﺒﺎﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺳﻴﺪ رﺿﺎ ﻧﻘﻴﺐ اﻟﺴﺎدات ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ آدﻣﺸﻤﺎري‬
  ‫ﻛﺮاﭼﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭨﺌﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺟﻴﺘﺮي ﻣﺲ آﻫﻲ، ﭔﻪ ڊزن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻮن آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ ؛‬
                                                           ‫ﮔﻨﺎﺑﺎد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ.‬         ‫•‬
                                                                 ‫اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، ﮔﻨﺎآﺑﺎد‬        ‫•‬
‫)ﮔﻨﺎ آﺑﺎد ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﺿﻠﻌﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻧﻮاب ﺷﺎﻫﻪ ﻳﺎ دادو وﻏﻴﺮه. ﮔﻨﺎﺑﺎد ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ‬
                                                      ‫ﺟﻲ ﮔﻨﺎﺑﺎدي زﻋﻔﺮان ۽ ﮔﻨﺎﺑﺎدي دروﻳﺶ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ.(‬
                                                                   ‫ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻓﺮدوﺳﻲ‬           ‫•‬
                                                              ‫اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﺸﻬﺪ‬            ‫•‬
                                                         ‫ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ‬            ‫•‬
                                                             ‫ﺳﺒﺰوار ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺗﺮﺑﻴﺖ ﻣﻌﻠﻢ‬           ‫•‬
‫)ﺳﺒﺰوار ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۰۵۲ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اوﻟﻬﻪ ۾ ﻫﻚ ﻗﺪﻳﻤﻲ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﺎﻟﻮ ﺑﻴﻬﻖ ﻫﻮ. ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ اﺑﻮاﻟﻔﻀﻞ ﺑﻴﻬﻘﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﻮ ۽ ۵۹۹ ۾ ﻫﺘﻲ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ. ان وﻗﺖ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﻴﻬﻖ ﺟﻮ اﭸﺎن ﺳﺒﺰوار‬
                                                                                  ‫ﻧﺎﻟﻮ ﻧﻪ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ.(‬
                                                         ‫اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺗﺮﺑﺖ ﺟﺎم‬        ‫•‬
                                                           ‫اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺳﺒﺰاوار‬       ‫•‬
                                                           ‫اﺳﻼﻣﻚ آزاد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر‬       ‫•‬
                                                                     ‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ‬       ‫•‬
                                                                     ‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﺑﺮﺟﻨﺪ‬       ‫•‬
                                                      ‫ﺑﺮﺟﻨﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ.‬       ‫•‬
‫)ﺑﺮﺟﻨﺪ ﮐﻲ ﻛﻮﻫﺴﺘﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ۽ ڏﮐﮡ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ. ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻮ‬
‫ﻋﻠﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت )‪ (Astronomy‬ﺟﻮ ﻣﺎﻫﺮ ﻋﺒﺪاﻟﻌﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺮﺟﻨﺪي ﺟﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ‬
‫۸۲۵۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ. ﻫﻦ ﺟﺎ ﺗﻴﺮﻫﻦ ﮐﻦ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ. ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﺮگ ﻗﻠﻌﻮ ” ارگ ﻓﺮگ“ ﻫﻦ‬
        ‫ِ‬
                                                                             ‫ﺷﻬﺮ ﺑﺮﺟﻨﺪ وٽ آﻫﻲ.‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﮐﻲ ”داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ“ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ آزاد اﺳﻼﻣﻲ واﺣﺪ، ﻣﺸﻬﺪ“، ۽ اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ ﮐﻲ‬
       ‫ﻣﻮﺳﺴﮫ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ”ﻣﻮﺳﺴﮫ آﻣﻮزش ﻋﺎﻟﻲ ﺳﺠﺎد“ ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺠﺎد اﻧﺴﭩﻴﭩﻴﻮٽ آف ﻫﺎﺋﻴﺮ اﻳﮉﻳﻮﻛﻴﺸﻦ.‬
                                            ‫ٰ‬
                                 ‫ﻣﺸﻬﺪ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ روﺿﻮ‬

‫ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺟﻨﻬﻦ ﻫﻮﭨﻞ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ﺟﻲ‬
‫روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﮐﺎن ﭔﻦ ﻣﻨﭩﻦ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ. ﻫﻮﭨﻞ ﻣﺎن ﻧﻜﺮڻ ﺳﺎن ﺑﺎزار آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ڊرا‪ ‬ﻓﺮوٽ، ﭼﺎدرن،‬
‫ﺣﺠﺎﺑﻦ، ﺗﺎزي ﻣﻴﻮي، ﻧﺎﻧﻦ، ﺑﺴﻜﻴﭩﻦ ﭨﺎﻓﻴﻦ، ﻓﻮﭨﻮﮔﺮاﻓﺮن، ﺗﺤﻔﻦ، ﺳﻮﮐﮍﻳﻦ، ﭤﺎﻧﻮن ۽ اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺟﻲ ﺳﺎﻣﺎن ﺟﺎ‬
‫دﻛﺎن آﻫﻦ. دﻛﺎﻧﻦ واري ﻫﻲ‪ ‬ﺳﭵﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﺗﻮڙي اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﻧﻨﮃﻳﻮن وڏﻳﻮن ﺑﺎزارون ﻫﺮ وﻗﺖ ﺧﺮﻳﺪارن‬
‫ﺳﺎن ﭨﭓ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن. ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ روزاﻧﻮ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﭼﻦ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺋﻲ ﺣﺎل رﻫﻨﺪو. ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ﻫﺮ ﻃﺮف ﺻﺎف ﺳﭥﺮاﺋﻲ ۽ اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ. ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻣﺮدن ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻋﻮرﺗﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. ﻧﻮﺟﻮان ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ ﻧﻈﺮ‬
‫اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺮﻫﻚ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ۽ ﻧﻮﻛﺮي ﭘﻮﻳﺎن ﻣﺸﻐﻮل آﻫﻲ. واﻧﺪن ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ڌارﻳﻦ‬
‫ﻣﺴﺎﻓﺮن ﺟﻲ آﻣﺪ ﻛﺮي ﺷﻴﻦ ﺟﻮ اﮔﻬﻪ وڌﻳﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﺑﻠﻚ ﻫﻚ ﺋﻲ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻛﺎن ﻫﺠﮡ ﻛﺮي دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻲ‬
‫ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ‪ Competation‬ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﺮﻫﻚ ﮔﻬﭧ ﻗﻴﻤﺖ آﻓﺮ ﻛﺮي ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﮔﻬﭩﺮاﺋﻲ‬
‫ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ. دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻮ روﻳﻮ رﮐﻮ ۽ ﺷﻮخ ﻧﺎﻫﻲ ﭼﺎﻫﻲ ﺧﺮﻳﺪار ﺳﻨﺪن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻢ زﺑﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﺠﻲ ﻳﺎ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن‬
‫ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ. دراﺻﻞ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻲ ﭜﺎﮜﻲ اﻣﻴﺮ ﻧﻪ آﻫﻦ ۽ ﺟﻲ آﻫﻦ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻋﺮﺑﻦ واﻧﮕﺮ ﻫﭣ ﭰﺎڙ ﻳﺎ ﺷﻮﺑﺎز ﻧﻪ آﻫﻦ. ﻫﺮ‬
‫ﻫﻚ ﺳﻮﭼﻲ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺧﺮچ ﭤﻮ ﻛﺮي. ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﺗﻪ ﺗﻤﺎم ﻏﺮﻳﺐ آﻫﻦ. ان ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻣﺎﺣﻮل ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻜﻲ ۽‬
‫ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﺑﺎزارن ۾ ﻋﺮب دﻛﺎﻧﺪارن ﺟﻮ آﻫﻲ. ﻋﺮب ﺗﻪ ﭠﻬﻴﻮ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﺟﺎ ﻧﻮﻛﺮ ۽ ﭼﻤﭽﺎ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ،‬
‫ﻫﻨﺪﺳﺘﺎﻧﻲ ۽ ﺑﻨﮕﺎﻟﻲ ﺑﻪ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﻏﺮﻳﺐ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﺧﺮﻳﺪارن ﮐﻲ ڏڙﻫﻴﻦ ﭤﺎ. ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻫﻮ ﭼﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اول ﺗﻪ‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﻨﺪن دﻛﺎن ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ ﺳﻨﺪن ﻗﻴﻤﺘﻲ وﻗﺖ ﺿﺎﻳﻊ ﻧﻪ ﻛﺮي، ﭘﺮ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﭼﮍﻫﻲ ﺑﻪ ﭤﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ‬
       ‫ﺟﻲ ﻣﺮاﻛﺶ، ﺑﺮوﻧﺎﺋﻲ ﻳﺎ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ﺟﻮ اﻣﻴﺮ ﺧﺮﻳﺪار دﻛﺎن ﺗﻲ ﭼﮍﻫﻲ اﭼﻲ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ ﺗﻪ ﭨﺮي وﭸﻮن.‬
‫وﻳﻬﻪ ﭘﻨﺠﻮﻳﻬﻪ دﻛﺎن ﻟﻨﮕﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﮔﺮاﺋﻮﻧﮉ اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﭨﺌﻜﺴﻴﻮن ۽ ﺷﻬﺮ ڏي وﻳﻨﺪڙ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ اﺳﭩﺎپ آﻫﻲ.‬
‫ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ اﻫﻢ رﺳﺘﺎ ﺧﻴﺎﺑﺎن اﻣﺎم رﺿﺎ ۽ ﺧﻴﺎﺑﺎن ﺧﺴﺮوي آﻫﻦ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ‬
‫ﺟﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﺮم ﭘﺎڪ ۽ ﺣﺮم ﻣﻄﻬﺮ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻨﮉ ۾ ﭨﺌﻜﺴﻲ واري ﮐﻲ‬
‫ﺣﺮم ﭼﻮڻ ﺳﺎن ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﮀﮇي ﭤﻮ ۽ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺑﺴﻴﻮن ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ آﺧﺮي‬
‫اﺳﭩﺎپ آﻫﻲ ﻳﺎ ﻫﺘﺎن ﻟﻨﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن. ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﺘﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻣﻴﻞ ڏﻳﮉ اﮘﻴﺎن ” ﻣﻴﺪان‬
‫ﺷﻬﻴﺪ“ ﻧﺎﻟﻲ ﭼﻮراﻫﻮ آﻫﻲ، اﺗﺎن ﭔﻲ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر، ﻃﻮس ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ڏي وﭸﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ان ﻛﺮي‬
‫ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﺋﺶ ﺟﻲ ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﻻ‪ ‬ان ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﮘﻮﻟﮡ ڏﮐﻴﻮ ﻧﺎﻫﻲ. اﺳﺎن ﺣﺮم ۾ اﻧﺪر ﮔﻬﮍون‬
‫ﭤﺎ ﺗﻪ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺻﺤﻦ ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي اﭼﻲ ﭤﻮ. ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮڻ ﻣﻬﻞ اﺳﺎن ﻗﺒﻠﻲ ﺟﻮ رخ رﮐﻲ ﻧﻜﺮون ﭤﺎ ﺗﻪ اﭼﻴﻮ ﻫﺘﻲ‬
‫ﻣﻴﺪان ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻮن ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﺎﻣﻬﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﮀﺖ ﺗﻲ ﻧﻴﺎن ﺳﺎﺋﻴﻦ ۾ ”ﻫﻮﭨﻞ رﺿﻮان“ ﻧﻄﺮ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ. ان‬
‫ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺘﺎن ﻛﻦ ﺑﻴﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﺎ ﭘﮡ ﻧﺎﻻ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ؛ ﻫﺘﻞ ﻃﺒﺮﺳﺘﺎن، ﻫﺘﻞ ﻣﺪﻳﻨﻪ، ﻫﺘﻞ اﻟﻐﺪﻳﺮ، ﻫﺘﻞ ﻣﻌﺮاج، ﻫﺘﻞ‬
‫اﭘﺎﺗﻤﺎن ﺟﺪه، ﻫﺘﻞ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ﺷﻬﺮام، ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ ورﻳﺴﺘﻮران ﺟﻮاد، ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ ﮔﻠﺸﻦ ﻧﻮ ....وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه . زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮡ ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﮔﻬﺮ ۽ ﭘﻴﺌﻨﮓ ﮔﻴﺴﭧ ﻫﺎﺋﻮس ﭘﮡ‬
‫آﻫﻦ. ﮔﻬﺮن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻛﻤﺮن ۽ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﺋﻲ اﭘﺎرﭨﻤﻴﻨﭩﺲ ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ اﭘﺎرﺗﻤﺎن ۽‬
‫ﻣﻬﻤﺎﻧﭙﺬﻳﺮ آﻫﻲ. ﭘﻮ‪ ‬ﻫﺮ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮐﻴﺴﻲ آﻫﺮ رﻫﺎﺋﺶ ﮘﻮﻟﻬﻲ ﭤﻮ . ﺣﺮم ﮐﺎن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻳﺎ ﻣﺴﻮاڙي ﮔﻬﺮ‬
‫ﭘﺮي آﻫﻦ اﻫﻲ وڌﻳﻚ ﺳﺴﺘﺎ آﻫﻦ. ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭼﺎر ﭴﮣﺎ ﮔﮇﺟﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﺮي ۾ رﻫﻦ. ﻫﻮن‪ ‬ﺑﻪ ﻫﻬﮍن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ‬
‫ﻛﻮ آرام ﻧﻪ ﭘﺮ ﻋﺒﺎدت ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻻ‪ ‬اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭼﻨﺪ ﻛﻼڪ ﻟﻴﭩﮡ ﻻ‪ ‬ﻛﻬﮍي ﺑﻪ ﮀﺖ ﻫﻴﭟ ﺟﺎ‪ ‬ﻣﻠﻲ‬
‫وﭸﻲ ﺗﻪ ﻛﺎﻓﻲ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﻣﻘﺪس ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻌﺰز زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺗﻲ‬
                           ‫ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ وڏو ﺗﻌﺪاد رات ﺟﻮ ﺑﻪ ﺣﺮم ﭘﺎڪ ۾ ﻣﻮﺟﻮد رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺮﻛﺰ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺪس‬
              ‫ٰ‬
‫روﺿﻲ ﺟﻲ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺑﻴﻦ اﻻﻗﻮاﻣﻲ ﺷﻬﺮت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ. اﻣﺎم رﺿﺎ ﻋﻠﻴﻪ اﻟﺴﻼم ۸۴۱ﻫﻪ ﺑﻤﻄﺎﺑﻖ ۵۶۷ع ۾‬
‫ﻣﺪﻳﻨﻲ ﭘﺎڪ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﭘﺎڻ ۵۵ ﺳﺎل ﺣﻴﺎت رﻫﻴﺎ ۽ ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ۰۲ ﺳﺎل ﮐﻦ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﻋﻬﺪي ﺗﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻋﺒﺎﺳﻲ‬
‫ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻫﭥﺎن ﻫﺘﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﺷﻬﻴﺪ ﭤﻴﺎ ۽ ﻫﺘﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ. اڄ ﺳﻨﺪن روﺿﻮ ﻣﺒﺎرڪ‬
‫ﺑﻲ ﻧﻈﻴﺮ اﺳﻼﻣﻲ ﻓﻦ ﺗﻌﻤﻴﺮ ۽ ﻫﻨﺮﻣﻨﺪي ﺟﻲ ﺷﺎﻫﻜﺎر ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺑﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﻨﻔﺮد ﻣﻘﺎم‬
                                                                                 ‫ِ‬
‫ﺣﺎﺻﻞ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن ﻫﺮﺳﺎل ﻟﮑﻴﻦ ﻋﺎﺷﻖ، زاﺋﺮﻳﻦ ۽ ﺳﻴﺎح اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ آﻫﻲ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ )ﺳﺮن ﺟﻲ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ۽ ﭨﺎﺋﻴﻞ ورڪ( ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﮔﺬرﻳﻞ اڌ ﺻﺪي ﮐﺎن‬
‫آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ۾ ﭠﻬﻨﺪڙ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻧﺖ ﻧﻴﻮ ڊﻳﺰاﺋﻨﻮن ﺗﻮڙي ﻣﺨﺪوم ﻧﻮح ﺟﻲ درﮔﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﻟﮙﻞ ﺻﺪﻳﻮن ﭘﺮاﮢﻲ‬
‫ﻛﺎﺷﻲ )‪ (Hand Paited Glazed Tiles‬ڏﺳﻨﺪو اﭼﺎن. ﻣﻮن ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻛﻢ ڏﭠﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻣﺎم‬
‫رﺿﺎ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮﻳﻦ ﭜﺖ ﮐﺎن اﻧﺪر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ، رﻧﮓ ، ﭼﭧ ﮔﻞ، ڊﻳﺰاﺋﻦ، ﭼﻤﻚ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ‬
‫ﭘﺴﻲ راﺣﺖ اﭼﻴﻮ وﭸﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻫﺘﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن ۾، ﺟﺘﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ اﭤﻢ، ﭜﺘﻴﻦ ﮐﻲ‬
‫ﻛﻼﻛﻦ ﺟﺎ ﻛﻼڪ ﮔﻬﻮرﻳﻨﺪي ﮔﺬرﻳﺎ ﻫﻮﻧﺪا ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ورﺗﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮون ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺸﺮﻗﻲ ۽ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ‬
                                                         ‫دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪو )‪ (E_mail‬ﻛﻨﺪو رﻫﺎن ﭤﻮ.‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﮐﺎن اڳ ﻫﻦ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﺑﺎغ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﻮﻏﺎن ۽ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﺟﻲ وچ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮ ۽ ﺟﺘﻲ‬
‫ﭔﻲ ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬ﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ﭘﺮ اﻣﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺳﻨﺪن آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري آﻫﺴﺘﻲ آﻫﺴﺘﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫رﻫﺎﺋﺶ وڌﻧﺪي وﺋﻲ ۽ ﻫﺰار ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮔﺬرڻ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﺎڻ ﻫﻲ‪ ‬درﮔﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻋﻈﻴﻢ ﻋﻠﻤﻲ، ﻣﻌﻨﻮي ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﻣﺮﻛﺰ‬
‫ﺟﻲ ﺻﻮرت اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺮي ورﺗﻲ آﻫﻲ. ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﻣﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﻫﻦ اﻣﺎم‬
‫ﻣﻌﺼﻮم ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬اﭼﻲ ﺣﺎﺿﺮ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه روﺿﻲ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﺷﻴﻮن آﻫﻦ‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﺮﻛﺰي ﻛﺘﺐ ﺧﺎﻧﻮ، ﻣﺮﻛﺰ اﺳﻨﺎد آﺳﺘﺎن ﻗﺪس، ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ، رﺿﻮﻳﻪ اﺳﻼﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ )ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ۾ داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ ﻋﻠﻮم اﺳﻼﻣﻲ رﺿﻮي ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ(، ﻣﺮﻛﺰ ﺛﻘﺎﻓﺖ، اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺤﻘﻴﻘﺎﺗﻲ ﻣﺮﻛﺰ، ﻣﺪرﺳﻪ ﻋﻠﻤﻴﻪ، ادره‬
‫ﺗﺒﻠﻴﻐﺎت وﻏﻴﺮه ﺟﻦ ﻣﺎن ﻣﺤﻘﻖ، اﺳﻜﺎﻟﺮ ۽ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ۾ دﻟﭽﺴﭙﻲ آﻫﻲ ﻓﺎﺋﺪو‬
‫ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻧﻬﻦ ﺑﻲ ﻣﺜﺎل ﺟﺎﻳﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺑﻪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﻋﻴﺴﻮي ۾‬
‫رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ۽ ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺣﺮم اﻣﺎم ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ، ﺑﻨﺎوٽ ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن ﮔﮇ اﺳﻼﻣﻲ‬
                                                           ‫ﻓﻨﻮن ۽ ﺗﻤﺪن ﺟﻲ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺮي رﻫﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺣﺮم وﻳﺠﻬﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻨﺎ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻲ اوڏاﻧﻬﻦ ﭘﺎڻ ﺋﻲ وﭸﮡ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﭘﺮ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ‬
‫ﭨﺮﻳﻮل ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ‪ ‬ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻫﻮ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﭥﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ ۽ ﺳﭵﻮ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﺟﺎﻳﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ. دراﺻﻞ ﻫﻦ ﺣﺮم ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﮐﺎن ﻋﻼوه‬
‫ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﻋﻠﻤﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﮡ وارﻳﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ. ﻫﻚ ﻧﺌﻮن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ‬
                                                        ‫َ‬
‫ﻣﻨﺠﻬﻴﻮ ﭘﻮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﭸﻲ ﻛﻴﮇاﻧﻬﻦ وﭸﻲ. ﺣﺮم ۾ اﻧﺪر اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ادارا،‬
                                                                    ‫ِ‬
‫آﻓﻴﺴﻮن، درس ﮔﺎﻫﻪ، اﮜﮡ، وراﻧﮉا ۽ وڏا ﻫﺎل آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ ﻛﻮﺛﺮ، ﺻﺤﻦ‬
‫ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي، ﺻﺤﻦ رﺿﻮان، ﺻﺤﻦ ﻋﺪﻳﺮ، ﺻﺤﻦ ﻫﺪاﻳﺖ ۽ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺻﺤﻦ آﻫﻦ. ﺻﺤﻦ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ اﺳﺎن وٽ‬
‫وراﻧﮉي ﻻ‪ ‬اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺻﺤﻦ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﮐﻠﻴﻞ ﻓﻀﺎ وارو ﭘﭧ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ وﮀﺎﻳﻞ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ زاﺋﺮﻳﻦ‬
‫ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ وﻳﻬﻲ آرام ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﻗﺮآن ﺷﺮﻳﻒ ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﺑﺴﺖ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﮡ ﮐﻠﻴﻞ ﻓﻀﺎ وارا‬
‫ﻫﺎل آﻫﻦ ۽ ﺻﺤﻨﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﺳﺎن ﻻﮘﺎﭘﻴﻞ آﻫﻦ. ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭼﺎر ﺑﺴﺖ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ اﺳﻼم ﺟﻲ‬
‫ﭼﺌﻦ ﺟﻴﺪ ۽ ﻧﺎﻣﻮر ﻋﻠﻤﺎﺋﻦ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ﺟﻲ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﻃﻮﺳﻲ ۽ ﺳﺎﭴﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ‬
             ‫ﺷﻴﺦ ﺣﺮﻋﺎﻣﻠﻲ، ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﺑﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭼﻮﭤﻮن ﺑﺴﺖ ﺷﻴﺦ ﻃﺒﺮﺳﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺣﺮم رﺿﺎ ﺟﻲ وﺳﻴﻊ اﺣﺎﻃﻲ ۾ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺑﺴﺖ، ﺻﺤﻦ ۽ ﭔﻴﺎ رواق ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ﺻﺤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﺑﻠﻜﻞ ﭜﺮﺳﺎن‬
‫رواق دارﻟﻌﺒﺎد آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﮐﻔﺸﺪاري )ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ‪ (‬ﻧﻤﺒﺮ ۰۱ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ‬
‫ﮐﺎﭔﻲ ﭘﺎﺳﻲ رواق دار اﻟﻮﻻﻳﻪ آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري اﺳﻼﻣﻲ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح رواق داراﻟﺴﻴﺎت‬
‫ﻳﺎ رواق داراﻟﺤﻔﺎظ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﻮﭨﻦ ﮐﻲ رﮐﮡ ﻻ‪ ‬ﻛﻔﺸﺪاري ﻧﻤﺒﺮ ۱۱ ۽ ۲۱ آﻫﻲ. ﻓﺎرﺳﻲ ۾ رواق ﻣﺎن‬
                                             ‫ﻣﺮاد ﻫﺎل ﻳﺎ وڏو ﻛﻤﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ اروﻗﺎ ﻳﺎ رواﻗﺎت آﻫﻲ.‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﺟﻴﻜﺎ ڌاﺗﻮ )‪ (Metal‬ﺟﻲ ﭴﺎري آﻫﻲ ان ﮐﻲ ﺿﺮﻳﺢ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﻫﻦ ﭴﺎري‪‬‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﮡ ڏﻧﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻫﺮ وﻗﺖ اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن رﻫﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ اوﺳﺘﺎﺋﻴﻦ ﻓﻘﻂ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺐ‬
                                                                               ‫ﺋﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻋﺎم ﻃﺮح ﭔﮅڻ ۾ اﻳﻨﺪو اﻫﻮ آﻫﻲ ”زوار“. زوار ﻟﻔﻆ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ زاﺋﺮ آﻫﻲ‬
‫ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻘﺪس ۽ ﻣﺘﺒﺮڪ ﻣﻘﺎم ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺮڻ وارو. اﺳﺎن وٽ ﺳﻨﮅ ۾ ﭘﮡ زوار اﺳﺘﻌﻤﺎل ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻳﻌﻨﻲ‬
‫ﻫﻜﮍو ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ. اﺳﺎن وٽ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان، ﻋﺮاق ۽ ﺷﺎم ﺟﻲ ﻣﻘﺪس ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻛﺮي اﻳﻨﺪا آﻫﻦ‬
‫اﻫﻲ زوار ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺟﻤﻊ زاﺋﺮﻳﻦ آﻫﻲ. ﺣﺮم ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﺪر ﻛﺌﻤﻴﺮا‬
‫ﮐﮣﻲ و ﭸﮡ ﮐﺎن ﺟﻬﻠﻴﻦ ﭤﺎ ﺑﻠﻚ ﻣﻴﻦ ﮔﻴﭧ وٽ آﻓﻴﺲ ﭠﻬﻲ ﭘﺌﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﭤﻴﻠﻬﻮ، ﺑﺮﻳﻒ ﻛﻴﺲ ﻳﺎ ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﺳﺎﻣﺎن آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. وﻳﻨﺪي ﻛﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭔﭩﻮن ۽ ﭘﺌﺴﺎ ﺑﻪ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﺑﺎوﺟﻮد ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ‬
‫ﺳﺨﺘﻲ ﺟﻲ ﺟﻴﺐ ﻛﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﺠﻮم ۽ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﺟﻮ ﻓﺎﺋﺪو وﭠﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﻳﻞ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ‬
‫رﺳﻴﺪ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ڏﻳﮑﺎري ﺳﺎﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ وڏي ﭼﺎدر ۾ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اوڍي‬
‫ﭘﻮ‪ ‬اﻧﺪر اﭼﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﭔﻦ ﻋﻮرﺗﻦ وٽ ﭼﺎدرون ﻧﻪ ﻫﻴﻮن . اﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ واﭘﺲ ﺑﺎزار‬
‫وﭸﻲ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮﮢﻴﻮن ﭘﻮﻧﺪﻳﻮن ﭘﺮ ﮐﻴﻦ آﻓﻴﺲ ﻃﺮﻓﺎن ﭔﻪ ڏﻧﻴﻮن وﻳﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اوڍي ان وﻗﺖ ﺋﻲ اﺳﺎن ﺳﺎن‬
                                                                                    ‫ﮔﮇ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻦ.‬
‫زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﻻ‪ ‬ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺑﻮﭨﻦ رﮐﮡ ﺟﺎ ﻛﻤﺮا آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻛﻔﺸﺪاري ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﻫﺮ ﻛﻔﺸﺪاري ﺟﻮ ﻧﻤﺒﺮ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ واﭘﺴﻲ ﺗﻲ اﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺑﻮٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ. ﻫﻲ ﺳﺴﭩﻢ اﻳﺮان ۾ ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻣﻘﺪس ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﻣﺴﺎﻓﺮ ﮐﻲ ﻛﺎ ﺑﻪ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﭥﻲ رﺳﻲ ۽ ﻫﻮ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﻳﻞ ﺑﻮٽ ﺟﻲ رﺳﻴﺪ ﻳﺎ ﭨﻮﻛﻦ ﮐﻴﺴﻲ ۾ وﺟﻬﻲ اﻧﺪر‬
‫ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ . ﭨﺌﺎﻟﻴﭧ ﺑﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮ ‪ ،W.C‬ﻟﻴﭩﺮﻳﻦ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ دﺳﺖ ﺷﻮﺋﻲ ﻟﮑﻴﻞ رﻫﻲ‬
‫ﭤﻮ. زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ رﻫﻨﻤﺎﺋﻲ ﻻ‪ ‬ﻫﻚ آﻓﻴﺲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ دﻳﻨﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ ﭔﮅاﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ”ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري“ وٽ ﻫﻚ ادره‬
‫رواﺑﻂ ﺑﻴﻦ اﻟﻤﻠﻞ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﺮ ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭘﮡ‬
                                                         ‫ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .‪Guidance office for Foreign Pilgrims‬‬
‫ﻫﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ زﺑﺎﻧﻦ ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ وﻫﻦ ﭤﺎ. اڙدو ﺳﻴﻜﺸﻦ ﺟﻲ اﻧﭽﺎرج ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻋﺒﺪا﷢ ﺟﻮﻫﺮي ﺳﺎن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ان‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ﻛﺎﻓﻲ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﭤﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﮐﺎﺋﻨﺲ ﺳﻨﺪس ڏﻧﻞ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۱۷۱۲۴۲۳۵۱۹۰ ﮐﻲ ڊاﺋﻞ‬
‫ﻛﺮي ﭘﮁﻨﺪو رﻫﻴﺲ. ﻫﻦ ﺣﺮم ﻣﻄﺎﺑﻖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ”آﺳﺘﺎن ﻗﺪس رﺿﻮي“ ﻫﺎل ۾ اڙدو ﻓﻠﻢ ﭘﮡ‬
                                                                                    ‫ڏﻳﮑﺎري وﺋﻲ.‬
‫ﻫﻦ اداري ﺟﻲ ﻃﺮف ﮐﺎن ﻣﻘﺒﺮه ﺷﻴﺦ ﺣﺮﻋﺎﻣﻠﻲ ۾ )ﺟﻴﻜﻮ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ۾ آﻫﻲ( ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ اڙدو ﺳﻤﺠﻬﮡ‬
‫وارن زاﺋﺮﻳﻦ ﻻ‪ ‬روزاﻧﻮ ﻣﺠﻠﺲ ﺟﻮ اﻫﺘﻤﺎم ﭤﺌﻲ ﭤﻮ ۽ ﺷﺮﻋﻲ ﺳﻮاﻟﻦ ﺟﺎ ﺟﻮاب ﭘﮡ ڏﻧﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ‬
‫ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬ﮔﻢ ﭤﻲ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺻﺤﻦ ﺟﻤﻬﻮري وٽ، ﺟﺘﻲ اداره ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻋﻠﻮم ﻗﺮآن آﻫﻲ اﺗﻲ ”ﮔﻢ ﭤﻴﻞ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺟﻮ‬
                                                                      ‫دﻓﺘﺮ“ ﭘﮡ آﻫﻲ، ﭘﮁﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ.‬
‫ﻫﺘﻲ اﻳﻨﺪڙ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻲ اﻃﻼع ﻻ‪ ‬اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺣﺮم ۾ ﻛﻴﺘﺮن ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻬﮍڻ ﺟﻮ دروازو اﻟﮗ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺮدن ﺟﻮ اﻟﮗ. ان ﻛﺮي ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻮ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺳﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ اﮘﻬﻴﻦ اﻫﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ‬
‫ﻛﻦ ﺗﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﻧﻜﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﭥﻲ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﮣﻮ آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ان ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻫﻴﮇي رش ۾ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻧﻨﮃا ﭔﺎر‬
‫ﻣﺎﺋﭩﻦ ﮐﺎن وﮀﮍﻳﻮ ﭤﺎ وﭸﻦ ﺟﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻚ اﻟﮗ دﻓﺘﺮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﮍن ﭔﺎرن ﮐﻲ اﺗﻲ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ‬
                                                                                   ‫ﻣﺎﺋﭧ اﭼﻲ وﭠﻦ.‬
‫ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻴﺌﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﻪ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ. ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻘﺎﺧﺎﻧﻪ ﻧﺎدري وٽ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ‬
‫ﺗﻪ اﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻠﺘﺎن ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻪ اﭼﻲ ﭘﻬﺘﺎ. اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻲ ﻋﻮرت ﺑﻪ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ۾ ﻛﻠﻮ‬
‫ﮐﻦ ﭔﺎﺟﻬﺮي ﺟﻮن ﭔﻪ ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﮐﻲ ﮐﺎراﺋﮡ ﻻ‪ ‬آﻧﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﻫﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ﮐﻲ ﻣﻨﭥﻮن‬
‫ﻛﻨﺪي رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﮐﻲ ﮐﺎراﻳﻮ. آﺧﺮ ﺳﺎﮢﺲ ﮔﮇ آﻳﻞ ﻫﻚ ﻧﻮﺟﻮان ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﺲ ﺗﻪ ﻫﺘﻲ اﮜﮡ ۾ ﻫﻦ وﻗﺖ ﻛﻴﺮ‬
‫ﮐﺎراﺋﻴﻨﺪو. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻦ ﺳﺒﻴﻞ ﻻ‪ ‬رﮐﻴﻞ ﻛﻮﻟﺮن ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﮀﺖ ﺗﻲ ، ﺟﺘﻲ اﮘﻬﻴﻦ ﭨﻲ ﭼﺎر ﻛﺒﻮﺗﺮ وﻳﭡﺎ ﻫﺌﺎ، اﺗﻲ‬
‫ﮐﮣﻲ ﭔﺌﻲ ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن اﮀﻼﻳﻮن. ﻫﻨﻦ ﺗﻪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﻛﻮ ﻧﻴﻚ ﻛﻢ ﻛﻴﻮﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻠﺘﺎن ﮐﺎن آﻧﺪل ان ﭔﺎﺟﻬﺮي ﺑﻨﺎ ﻣﺸﻬﺪ‬
‫ﺷﻬﺮ ﺟﺎ ﻛﺒﻮﺗﺮ ﻣﺮي وﭸﻦ ﻫﺎ ﭘﺮ ﭘﺮي ﮐﺎن ﻫﻚ ﺣﺮم ﺟﻲ ﺧﺪام )ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر( ﮐﻴﻦ ڏﺳﻲ ورﺗﻮ. ﺗﻨﻬﻦ اﭼﻲ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬۾‬
‫ﮐﻴﻦ دڙﻛﺎ ڏﻧﺎ. ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺷﺎﻳﺪ ﭼﺌﻲ رﻫﻴﻮ اﭤﻦ ﺗﻪ ﻫﻴﺘﺮو ﭘﺮي ﮐﺎن آﻳﺎ آﻫﻴﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻪ ﻛﻠﻮ ان آﻧﺪو اﭤﺎﻧﻮ. ﺗﻮﻫﺎن‬
                                                                                  ‫ﻛﻬﮍا ﻣﻠﺴﻤﺎن آﻫﻴﻮ ........ ؟‬
‫ﭘﺮ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﺟﻌﻔﺮي، ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن اﭼﻲ ﭤﻲ ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭼﺌﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﻛﻬﮍي ﻓﻀﻴﻠﺖ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻛﺒﻮﺗﺮن ﺟﻮ داﮢﻮ ﻫﺘﻲ اﭼﻴﻮ اﮀﻼﻳﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺒﻮﺗﺮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺣﺮم‬
‫۾ ۽ ﻫﺘﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﭘﻴﺌﻨﺪڙن ﻣﭥﺎن وﭠﻴﻮن ﻻﻫﻴﻨﺪا وﺗﻦ. ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻮ ﺑﺎﻏﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﮀﻮ ﻧﻪ ﭤﺎ وﭸﻴﻮ ﻛﺒﻮﺗﺮن‬
                                                                                        ‫َ‬
‫ﮐﻲ ان ڏﻳﻮ. ان ڏﻳﻮ. اﺗﻲ ﺋﻲ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼﺑﻲ ۾ ﻫﻚ ﭔﻲ وڏي ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺳﺒﻴﻞ ”ﺳﻨﮕﺎ آب“ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﺳﺒﻴﻞ،‬
‫ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﮐﻲ ﻛﭩﻲ ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻨﻬﻦ ۶۳۷۱ ﮐﺎن ۷۴۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ( ﺟﻲ ﺣﻜﻢ‬
‫ﺗﻲ ﻫﻲ ﭘﭥﺮ ﻫﺮات )اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن( ﻣﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ آﻧﺪو وﻳﻮ ﻫﻮ . ﺳﺒﻴﻞ ﻣﭥﺎن اﭠﻦ وﻧﮕﻦ واري اڏاوت آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ‬
                                                 ‫ﮀﺖ ﺳﻮن ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن ﺟﮍﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﭤﻨﭝﺎ ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﺟﺎ آﻫﻦ.‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻟﮙﻞ ﭴﺎري – ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ان ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۾‬
‫ﺿﺮﻳﺢ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ان ﺑﺎﺑﺖ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭴﺎري)ﺿﺮﻳﺢ( ﻛﺎٺ ﺟﻲ‬
‫ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﭔﺌﻲ اڌ ۾ ﻳﻌﻨﻲ ۷۵۹ ﻫﺠﺮي ۾ ﺻﻔﻮي دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﺗﻴﺎر ﻛﺮاﺋﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫وﻗﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ان ﺟﻲ ﻛﻤﺰور ﭤﻴﮡ ۽ ﭨﭩﮡ ﺗﻲ ﭔﻲ ﭴﺎري ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﻧﮓ )ﻫﻴﺮا( ﺟﮍﻳﻞ ﻫﺌﺎ‬
‫۽ ” ﻧﮕﻴﻦ ﻧﺸﺎن“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇي وﺋﻲ ﭤﻲ، اﻫﺎ ۰۶۱۱ ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۾ ﻟﮙﺮاﺋﻲ وﺋﻲ. اﻫﺎ ﭴﺎري ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ‬
‫۽ رﺿﺎﻗﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﺮخ ﻣﻴﺮاز وﻗﻒ ﻛﺌﻲ ﻫﺌﻲ. ﭨﻲ ﭴﺎري ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﺎدي ۸۳۲۱ ﻫﺠﺮي ۾ ﻗﺎﭼﺎري )‪(Qajar‬‬
‫ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﭔﻲ واري ﭴﺎري‪ ‬ﻣﭥﺎن ﻟﮙﺮاﺋﻲ وﺋﻲ. ۹۵۹۱ ﻋﻴﺴﻮي ۾ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻟﮙﺎﺋﮡ ﺗﻲ اﻫﺎ ﻛﮃراﺋﻲ ان ﮐﻲ ﺣﺮم‬
‫ﺟﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۾ رﮐﺮاﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻟﮙﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﭔﻲ ﭴﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻗﺎﺋﻢ رﻫﻲ. ﻫﻲ‬
‫ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ”ﺷﻴﺮوﺷﻜﺮ“ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺸﻬﻮر رﻫﻲ. وﻗﺖ ﮔﺬرڻ ﺗﻲ اﻫﺎ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻛﻤﺰور ۽ ﭘﺮاﮢﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ ۽‬
                                      ‫۳۹۹۱ع ۾ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﭴﺎري ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ.‬
‫”ﻫﻲ‪ ‬ﭘﻨﺠﻴﻦ ﭴﺎري، ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺿﺮﻳﺢ ﺣﺮم ﺟﻲ ﻣﺘﻮﻟﻲ ۽ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ وﻟﻲ ﻓﻘﻴﻪ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻴﻨﺪي ﺟﻲ ﺣﻜﻢ‬
‫ﺗﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮر ﻧﻘﺎﺷﻦ ۽ ﻫﻨﺮ ﻣﻨﺪن ﭠﺎﻫﻲ ﺗﻴﺎر ﻛﺌﻲ آﻫﻲ،“ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮﻟﺰ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻧﻤﺎﺋﻴﻨﺪي‬
‫ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﻫﻦ ﺟﻮ وزن ﭔﺎرﻫﻦ ﭨﻦ، اوﭼﺎﺋﻲ ۴ ﻣﻴﭩﺮ، ڊﻳﮕﻬﻪ ﭘﻮﮢﺎ ﭘﻨﺞ ﻣﻴﭩﺮ ۽ وﻳﻜﺮ ﭘﻮﮢﺎ ﭼﺎر ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ.‬
             ‫ﻫﻦ ﺟﻲ ﭠﻬﻲ راس ﭤﻴﮡ ۾ ﺳﺖ ﺳﺎل ﻟﮙﻲ وﻳﺎ ۽ ﺳﺎل ۱۰۰۲ع ۾ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﭴﺎري ﻛﮃي ﻫﻲ‪ ‬ﻟﮙﺎﺋﻲ وﺋﻲ.“‬
‫ﺣﺮم ۾ ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻴﻬﻪ ﭘﻴﻬﺎن ﺟﻲ ، ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﻳﻮﻧﻴﻔﺎرم ۾ ﻋﻤﻠﻮ اﻳﮇو ﺗﻪ ﻣﻨﻈﻢ اﻧﺪاز ۾ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ‬
‫ﻛﺮي ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﭴﺎري‪ ‬ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ۾ ﻫﺮﻫﻚ ﺟﻮ وارو اﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ‬
‫ﺗﻌﺪد ۽ ﺟﻮش ﺟﺬﺑﻮ رﻫﻲ ﭤﻮ ان ۾ ﺟﻴﻜﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭼﻴﭝﺎﭨﺠﻲ ﭘﻮن. ﭴﺎري )ﺿﺮﻳﺢ( ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﭔﻦ ﺳﻮن ۽‬
                                 ‫ﭼﺎﻧﺪي‪ ‬ﺟﻲ ﭘﭩﻴﻦ ﺗﻲ ﺧﻂ ﺛﻠﺚ ۾ ﺳﻮره ”ﻳﺎﺳﻴﻦ“ ۽ ”ﻫﻞ اﺗﻲ“ ﺗﺤﺮﻳﺮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ.‬
                                                                              ‫ِ‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﻟﮙﻞ ﻛﺘﺒﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻫﻲ ﭨﻴﻮن ﻛﺘﺒﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۱۰۰۲ع ۾‬
‫ﻧﺌﻴﻦ ﭴﺎري ﺳﺎن ﮔﮇ ﻟﮙﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻ‪ ‬ﺳﺎﺋﻲ رﻧﮓ ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﭘﭥﺮ ﻳﺰد ﺟﻲ ﻣﻌﺪﻧﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ”ﺗﻮران‬
                                      ‫ٰ‬
                                                                  ‫ﭘﺸﺖ“ ﻣﺎن ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. “‬
‫ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺗﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﺎ ﻟﻘﺐ، ﺗﺎرﻳﺦ وﻻدت ۽ ﺷﻬﺎدت ۽ اﻫﻮ ﺷﻌﺮ درج آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻋﻬﺪ ﺟﻲ ﻣﻌﺮوف‬
              ‫ﺷﺎﻋﺮ اﻫﻠﺒﻴﺖ دﻋﺒﻞ ﺧﺰاﻋﻲ ﺟﻲ ﻗﺼﻴﺪي ۾ ﭘﺎڻ وڌاﻳﻮ ﻫﺌﺎﺋﻮن. ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﻗﺮآن ﺟﻮن آﻳﺘﻮن آﻫﻦ ؛‬
‫ﻫﺬا ﻫﻮاﻟﻤﺮﻗﺪ اﻟﺸﺮف اﻻﻣﺎ اﻟﺘﻘﻲ اﻟﻨﻘﻲ اﻟﺼﺪق اﻟﺸﻬﻴﺪ وارث اﻻﻧﺒﻴﺎ‪ ‬واﻟﻤﺮﺳﻠﻴﻦ، ﺛﺎﻣﻦ اﻻﺋﻤﺘﮫ اﻟﻤﻌﺼﻮﻣﻴﻦ ﻣﻦ‬
‫اﻫﻞ ﺑﻴﺖ رﺳﻮ رب اﻟﻌﺎﻟﻤﻴﻦ ﺣﺠﺘﮫ ا﷢ ﻋﻠﻲ اﻟﺨﻠﻖ اﺟﻤﻌﻴﻦ ﺳﻴﺪﻧﺎ وﻣﻮﻻﻧﺎ اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ اﻟﺮﺿﺎ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ ﺑﻦ‬
   ‫ٰ‬
‫ﺟﻌﻔﺮ ﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ اﻟﺤﺴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ ﺑﻦ اﺑﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﺻﻠﻮات ا﷢ ﻋﻠﻴﻬﻢ اﺟﻤﻌﻴﻦ وﻟﺪ ﺑﺎﻟﻤﺪﻳﻨﺘﮫ ﻓﻲ اﻟﺤﺎدي‬
‫ﻋﺸﺮ ﻣﻦ ﺷﻬﺮ ذي اﻟﻘﻌﺪه ﻋﺎم ۸۴۱ واﺳﺘﺸﻬﺪ ﺑﻄﻮس ﻓﻲ آﺧﺮ ﺻﻔﺮ ۳۰۲ ﻣﻦ ﺳﻨﺘﮫ اﻟﻬﺠﺮه اﻟﻨﺒﻮﻳﺘﮫ وﻗﺒﺮ ﺑﻄﻮس ﻳﺎ‬
       ‫ﻟﻬﺎ ﻣﻦ ﻣﺼﻴﺒﺘﮫ اﻟﺤﺖ ﻋﻠﻲ اﻻﺣﺸﺎء ﺑﺎﻟﺰ ﻓﺮات اﻟﻲ اﻟﺤﺸﺮ ﺣﺘﻲ ﻳﺒﻌﺚ ا﷢ ﻗﺎﺋﻤﺎ ﻳﻔﺮج ﻋﻨﺎ اﻟﻬﻢ واﻟﻜﺮﺑﺎت.‬
‫ﻣﺰار ﻗﺪس ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻮن ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ آﻫﻲ اﻫﻮ ﮀﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ﮐﺎن آﻫﻲ. ﺻﻔﻮي دور ﮐﺎن اڳ ان ﺗﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ‬
‫ﻛﻢ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ. ﻋﻬﺪ ﺻﻔﻮي ۾ )۲۳۹ ﻫﺠﺮي ڌاري( ان ﺗﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﺳﻮن ﭼﮍﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﻫﻚ‬
‫ﻣﻨﺎرو ﺑﻪ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭘﮡ ﺳﻮن ﭼﮍﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ازﺑﻜﻦ ﺟﻲ ﻟﭧ ﭰﺮ ۾ ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻮ ﺳﻮن ﺑﻪ ﻏﺎرت ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ۶۱۰۱ ﻫﺠﺮي ۾ وري ﺗﻌﻤﻴﺮ ﻛﺮاﻳﻮ وﻳﻮ. ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﮔﻮﻻﺋﻲ ۾ ﺻﻔﻮي زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﻄﺎط رﺿﺎ‬
‫ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺒﻮ آﻫﻲ. ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭼﻮرس ﺷﻜﻞ ﺟﻮ ﻛﺘﺒﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻧﻘﺶ وﻧﮕﺎر ﺳﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺳﻠﻴﻤﺎن ﺻﻔﻮي‬
                 ‫ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻮ آﻫﻲ. ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ اوﭼﺎي ﺣﺮم ﺟﻲ ﺳﻄﺢ ﮐﺎن ﮔﻨﺒﺬ ﺟﻲ ﭼﻮﭨﻲ‪ ‬ﺗﺎﺋﻴﻦ ۱۳ ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ.‬
                                   ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ‬

‫اﺳﺎن ﻗﺮآﻧﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۾ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺟﻮ وﻗﺖ ﭤﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ ۽‬
‫ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎرﻳﻦ ۾ آﻫﻴﻞ. ﻗﺮآﻧﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺮﻛﺰي ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ )آﺳﺘﺎن ﻗﺪوس ﻣﻴﻮزم( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾‬
‫آﻫﻲ. ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺑﻲ ﺑﻬﺎ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻧﻮﻋﻴﺖ ﺟﺎ ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﺎ آﻫﻦ. ﺟﻦ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﭣ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ۽ اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﻣﻨﺴﻮب ﭤﻴﻞ‬
‫آﻫﻦ. ﻛﻲ ﺳﻮﻧﻦ اﮐﺮن ۾ آﻫﻦ. ﻫﻲ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ ۴۶۳۱ ۾ ﮐﻮﻟﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻟﮑﮣﻲ ﻫﺮڻ ﺟﻲ ﮐﻞ ﺗﻲ ﻛﻮﻓﻲ‬
‫رﺳﻢ اﻟﺨﻂ ۾ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻫﺠﺮي ﺻﺪي ﺳﺎن آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ رﮐﻴﻞ ﻗﺮآﻧﻲ ﻧﺴﺨﻦ ۾ ﻫﻚ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﻣﻐﻞ‬
                                                             ‫ُ‬     ‫ُ‬
‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺮ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻣﻨﺴﻮب آﻫﻲ. ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭘﺮاﮢﻮ ﻧﺴﺨﻮ ۳۹۳ ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ‬
‫ﺻﺎﺣﺐ دﻳﻮان وزﻳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻛﺜﻴﺮ ﺣﺮم ﻻ‪ ‬وﻗﻒ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ. ﻫﻚ ﻧﺴﺨﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺘﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ادﻳﺐ، ﺷﺎﻋﺮ ۽‬
‫ﺧﻮﺷﻨﻮﻳﺲ ﺟﻤﺎل اﻟﺪﻳﻦ ﻳﺎﻗﻮت ﺟﻮ ﺑﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻗﺒﻠﺖ اﻟﻜﺘﺎب ﻟﻘﺐ ﻫﻮ. اﺳﺎن ﺻﺤﻦ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﺘﺎڙي ﭔﺌﻲ ﭘﺎﺳﻲ‬
‫آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﭵﻮ اﮜﮡ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺳﺎن وﮀﺎﻳﻞ ﻧﻈﺮ آﻳﻮ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻤﺎز ﻻ‪ ‬ﺻﻔﻮن ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن وڏا ﻫﺎل ﻫﺌﺎ ﺟﻦ‬
                                                                         ‫۾ ﻋﻮرﺗﻮن ﺻﻔﻮن ﭠﺎﻫﻲ رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن.‬
‫”ﺑﺎﻻ ﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ؟“ ﻣﻮن ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ. ﺑﺎﻻﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﺳﻴﺮاﻧﺪي‪ ‬ﮐﺎن‬
         ‫آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ ۽ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭠﻬﻲ ﻫﺌﻲ.‬
                                          ‫”ﻧﻪ. ﻫﻲ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ.“ ﺳﻠﻤﺎن ﭔﮅاﻳﻮ.‬
‫”زﺑﺮدﺳﺖ.“ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ وات ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻮ، ”ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ڏﺳﮡ ﺟﻮ ڏاڍو ﺷﻮق ﻫﻮ. ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﺠﻬﻪ دﻳﺮ ﻫﺘﻲ‬
                                                                                  ‫ﺗﺮﺳﻨﺪاﺋﻮ؟“‬
‫”ﺿﺮور ، ﺿﺮور“ ﺳﻠﻤﺎن ﭼﻴﻮ ۽ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ اﺳﺎن ﺳﭛ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﻛﻨﮉ وٽ ﮔﮇ ﭤﻴﻮن. اﻫﻮ ﺿﺮوري ﻫﻮ‬
‫ﺟﻮ ﻋﻮرﺗﻦ ﮐﻲ ﻧﻤﺎز ﻻ‪ ‬اﻧﺪرﻳﻦ ﻛﻤﺮن ۾ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ ﻫﻬﮍن ﻣﺠﻤﻌﻦ، ﻣﻴﻠﻦ ﻣﻼﮐﮍن، درﮔﺎﻫﻦ،‬
‫راﻧﺪﻳﻦ ﺟﻲ اﺳﭩﺌﮉﻳﻤﻦ، وﻳﻨﺪي آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﮔﺮوپ ۾ ﭤﻲ ﻫﻠﻨﺪڙن ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ ﻛﺎ اﻫﮍي آﺳﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﮢﭗ واري‬
‫ﺟﺎ‪ ‬ﺿﺮور ﻣﻘﺮر ﻛﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺳﺎن ﮀﮍوﮀﮍ ﭤﻴﮡ ﺗﻲ ﺳﭛ اﭼﻲ ﮔﮇ ﭤﻴﻦ. ﻧﻪ ﺗﻪ ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﮘﻮﻟﮡ‬
                                                                   ‫۽ ﮔﮇ ﻛﺮڻ ۾ وﻗﺖ ﺿﺎﻳﻊ ﭤﻴﻮ وﭸﻲ.‬
‫”ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ اﮜﮡ ”ﺻﺤﻦ ﻗﺪس“ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﺞ ﻫﺰار ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﺗﺮ ﮀﭩﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﻧﻪ‬
‫ﻫﺌﻲ. وﺿﻮ‪ ‬ﻻ‪ ‬وچ ﺗﻲ ﺗﺎﻻب ﻫﻮ، ﺟﺘﺎن وﺿﻮ ﻛﺮي ﻧﻤﺎز ﻻ‪ ‬ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﮘﻮﻟﻴﻢ. ﭜﺮ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﭔﻦ ﻧﻮﺟﻮان اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ‬
‫ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﺎن ﻫﻴﭟ ﭤﻲ ﺑﻴﭡﻮ ۽ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺗﻲ ﺟﺎ‪ ‬ڏﻧﺎﺋﻴﻦ. ﻣﻮن ﺑﻪ اﻫﻮ ﭤﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺟﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﺨﺖ ﺳﻲ‪ ‬ﻛﺮي ﻓﺮش‬
‫ﺗﻲ اﮔﻬﺎڙن ﭘﻴﺮن ﺳﺎن ﺑﻴﻬﮡ ﺟﻲ ﻣﻮن ۾ ﻫﻤﺖ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ. ڏﭠﻢ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻫﻚ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﺳﺠﺪي واري ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻣﭩﻲ ﺟﻲ ﮔﻮل ﭨﻜﻲ‬
‫رﮐﻴﻞ ﻫﺌﻲ. اﻫﻮ ﻋﺠﻴﺐ ﻟﮙﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ آ‪ ‬ان ﺑﻨﺎ ﻫﻮس ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﭘﭡﻴﻦ ﺻﻒ ۾ ﻧﻬﺎرﻳﻢ ﺗﻪ اﺗﻲ ﭔﻴﺎ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﺟﻬﮍا ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ.‬
‫ﻳﻮرپ ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺳﺎن رﻫﮡ دوران اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﻮ ﺳﺠﺪي واري ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻣﭩﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﮔﻮل ﭨﻜﻲ ﻳﺎ ﭘﻦ‬
‫رﮐﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺴﺠﺪ ۾ ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ۾ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻲ‪ ‬ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﻤﺎز ﻫﺌﻲ. ﭨﻲ رﻛﻌﺖ ۾‬
‫ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻴﻢ ﺗﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﭛ ﻫﭣ ﮐﻮﻟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ آﺋﻮن ﻫﭣ ﭔﮅي ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس. دل ۾ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ‬
                               ‫ُ‬
‫ﺧﻴﺮ ﻧﺎﻫﻲ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ ۾ ﺑﻨﺎ ﭨﻮﭘﻲ ﺟﻲ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻨﺪو آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﻮ ﻧﻪ ﻛﻮ ﻣﻠﻮن ﺳﻤﺠﻬﺎﮢﻲ ڏﺋﻲ وﻳﻨﺪو آﻫﻲ،‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺠﻬﺎﮢﻲ ﮔﻬﭧ دڙﻛﺎ ﮔﻬﮣﺎ ﻫﻮﻧﺪا آﻫﻦ. ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻪ ﭼﻴﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﺴﺠﺪ ۾‬
‫ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻫﮍا ﻏﻴﺮ اﻳﺮاﻧﻲ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺿﺮور ﺳﻨﻲ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﻫﻮﻧﺪو ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ ﭤﻲ.‬
‫اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﺣﻀﺮات ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻧﻪ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﻧﻪ ﻫﻲ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﭨﻮﻛﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ‬
‫ﭘﺘﻠﻮن ﭘﺎﺋﻲ ﮀﻮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ. ﻫﺘﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺑﻪ ﻣﻮن ڏﭠﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﺎن اﻳﮇي ﺗﻪ‬
‫ﻋﻘﻴﺪت، ﻋﺰت ۽ ﭘﻴﺎر آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺳﻨﺪن روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ۾ ﻟﮙﻞ ﭴﺎري‪ ‬ﮐﻲ ﺑﻪ ﭼﻤﻴﻮن ڏﻳﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ روﻛﻴﻮ‬
‫ﻧﭥﻲ. اﺳﺎن وٽ ﺑﻪ ﮘﻮٺ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻗﻠﻨﺪر ﺷﻬﺒﺎز، ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﻳﺎ داﺗﺎ ﮔﻨﺞ ﺑﺨﺶ ﺟﻲ ﻣﺰارن ﺗﻲ اﺋﻴﻦ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﭘﺮ ﺣﺞ‬
‫دوران ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻞ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر اﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﻴﺎر ﻣﺤﺒﺖ ۽ ﺳﺨﺘﻲ‬
                                                                ‫ُ‬
‫ﺳﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴﻜﻲ ﭴﺎري‪ ‬ﮐﻲ ﭼﻤﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﭔﻚ ﮐﮣﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن دﻋﺎ ﮔﻬﺮن ﭤﺎ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺷﺮڪ ﺟﻮ‬
                             ‫ﻛﻢ آﻫﻲ. ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻨﺪي ﮐﺎن ﻧﻪ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ رب ﭘﺎڪ ﮐﺎن ﮔﻬﺮڻ ﮐﭙﻲ.‬
‫ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرﺗﻮن اﺗﻲ ﺋﻲ وﻳﻬﻲ ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﮡ ﻟﮙﻴﻮن. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۾‬
‫ﻧﻤﺎزﻳﻦ ﮐﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﻨﺪي ڏﭠﻮ اﭤﻢ اﻳﺘﺮو ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﻠﻚ ۾ ﻫﺠﻲ. ﻫﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮي ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﺋﻲ ﻗﺮآن‬
‫ﭘﮍﻫﻦ ﭤﺎ. ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺴﺠﺪ ۾ آﺋﻮن ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
‫اڙدو ۾ اﭼﻲ ﺳﻤﺠﻬﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮي ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﻗﺮآن ﭘﮍﻫﺎن. ﺑﻨﺎ ﻣﻌﻨﻲ ﺟﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﻓﻘﻂ ڏﻳﮑﺎ‪ ‬آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ‬
                                      ‫ٰ‬                      ‫ٰ‬
‫آﻫﻲ ﺗﻪ ان ﭠﻠﻬﻲ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ رب ﭘﺎڪ ﺛﻮاب ڏﺋﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻗﺮآن ﻣﻌﻨﻲ ﺳﺎن ﭘﮍﻫﻲ ان ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ‬
                                  ‫ٰ‬
              ‫ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺮڻ ﮐﭙﻲ ..... ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺳﻨﺪس ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺑﻴﺤﺪ ﭘﺴﻨﺪ آﻳﻮن، ان ﻛﺮي ﻫﺘﻲ دﻫﺮاﺋﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن.‬
‫ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﻣﻮن اﭤﻲ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ دروازو، ﭜﺘﻴﻮن، ﮀﺖ، وﻧﮓ، ﻣﺤﺮاب، ﻓﺮش ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﭤﻴﻞ ﻛﻢ ﻏﻮر ﺳﺎن‬
‫ڏﭠﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ﻟﻴﮉر ۽ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﻣﺴﺠﺪ )ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد( ﻋﻬﺪ ﺗﻴﻤﻮري ﺟﻲ‬
‫ﻳﺎدﮔﺎر ۽ ﺷﺎﻧﺪار ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ. ﺗﻴﻤﻮري ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﻴﺮزا ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ راﮢﻲ ﻣﻠﻜﺎ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺂد ۱۲۸ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۾‬
‫ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد رﮐﻴﻮ. ﺗﻌﻤﻴﺮ ۾ ﻧﻔﺎﺳﺖ ۽ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻮﺑﺼﻮرﺗﻲ ۽ ﻛﺎرﻳﮕﺮي ۾ ﺗﻴﻤﻮري دور ﺟﻮ ﻣﺜﺎل‬
‫ﭘﻴﺶ ﻛﺮي ﭤﻲ. ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﭼﻮڌاري ا﷢ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ، ﻗﺮآﻧﻲ آﻳﺘﻮن ۽‬
             ‫َ‬
‫ﺣﺪﻳﺜﻮن ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ. ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺟﻤﻠﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ﻧﻮ ﻫﺰار ﭼﻮرس‬
‫ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻪ اﮜﮡ وارو ﺣﺼﻮ ﭨﻲ ﻫﺰار ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ. ﻋﻤﺎرت ۾ ﮀﻬﻪ دروازا آﻫﻦ . ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ‬
‫اﻳﻮان ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ۰۰۵ ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻫﻲ اﻳﻮان ﻣﻘﺼﻮره ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﺳﭝﻨﻲ اﻳﻮاﻧﻦ ۾ ﺷﺎﻧﺪار‬
‫آﻫﻲ. ﻫﻦ اﻳﻮان ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﺘﺒﻮ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ اﻫﻮ راﮢﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﭘﭧ ﺑﺎﻳﺴﻨﻘﺮ ﺟﻮ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﺧﻂ ﺛﻠﺚ‬
‫ﺟﻮ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻛﺎﺗﺐ ﻫﻮ. ﺳﻨﮕﻤﺮﻣﺮ ﺟﻲ ﻫﻜﮍي وڏي ﭨﻜﺮي ﮐﻲ ﺗﺮاﺷﻲ ﻣﺤﺮاب ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ اﺗﺮ وارو‬
                                                                         ‫اﻳﻮان داراﺳﻴﺎده ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ دﻟﭽﺴﭗ ﭘﺌﺎﻧﭩﺲ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮔﻮرﻫﺮ ﺷﺂد ﺑﺎﺑﺖ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﭘﺌﺎﻧﭩﺲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﺳﻬﺮي‬
              ‫ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڊاﺋﺮي ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ وﻗﺘﻦ ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ.‬
                                                ‫ُ‬
‫ﻫﻲ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ راﮢﻲ، ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ زال، ﻫﻨﺮ ۽ آرٽ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬        ‫•‬
    ‫ﺣﺴﺎب ﺳﺎن ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﺷﺨﺼﻴﺖ ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ، ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد اﺳﻼﻣﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ اﻫﻢ ﻧﻤﺎﻳﺎن ﻋﻮرت ﭤﻲ ﮔﺬري آﻫﻲ.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﺮات ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﻨﺌﺮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن‬                  ‫•‬
‫۾ آﻫﻲ ۽ ﺟﺘﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻞ آﻫﻦ( ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻫﻲ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري‬
‫ﻣﺴﺠﺪ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺑﻠﻚ ﺑﻬﺘﺮ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻠﻨﺪي اﭼﻲ. ﻫﻦ ﻫﻲ‪ ‬ﻣﺴﺠﺪ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۰۱۴۱ ﻳﻌﻨﻲ ۰۳۸ ﻫﺠﺮي‬
‫ڌاري ﭠﻬﺮاﺋﻲ. ﺳﭵﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۰۰۵۷ ﮐﻦ ﭼﻮرس ﻣﻴﭩﺮن ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﻣﻴﭩﺮ ڊﮔﻬﺎ ﻣﻨﺎرا آﻫﻦ، ﺟﻦ ﺟﻲ ﭤﻮﻟﻬﻪ ۶‬
                                                                    ‫ﻣﻴﭩﺮ ﭤﻴﻨﺪي. ۽ ﮔﻨﺒﺬ ۰۵ ﻣﻴﭩﺮ اﺗﺎﻫﻮن ﭤﻴﻨﺪو.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ۾ رﮐﻴﻞ ﻣﻨﺒﺮ اﺧﺮوٽ ﺟﻲ ﻛﺎٺ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻲ. ﻫﻦ ۾ ﻛﻮﺑﻪ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻮﻛﻮ ﻳﺎ ﭘﭩﻲ‬                ‫•‬
‫اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻧﻪ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻲ ﺳﺮ ﭘﺮﺳﻲ ﺳﺎﺋﻴﻜﺲ. ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻚ ﺳﻮﻟﺠﺮ، ڊﭘﻠﻮﻣﺌﭧ ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺎرﻳﺦ‬
‫ﻧﻮﻳﺲ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ، ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﻬﺘﺮﻳﻦ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ. ‪“The Noblest mosque of‬‬
                                             ‫”‪ Central Asia‬۽ ﻣﻮﺟﻮده ﭘﻮپ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﻻ‪ ‬ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫.‪Goharshad mosque is the first and the greatest surviving Persian monument of the ۱۵th Century‬‬
‫ﻫﺠﺮي ﺳﻦ۰۳۳۱ ۾ ﺟﻴﻜﺎروﺳﻴﻦ ﺑﻤﺒﺎري ﻛﺌﻲ ان ۾ ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ ﭜﭵﻲ ﭘﻴﻮ ﻫﻮ . ۹۳۳۱ ۾ ﻫﻲ ﺳﭵﻮ‬               ‫•‬
‫ﮔﻨﺒﺬ ڊﻫﺮاﺋﻲ ان ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﻧﺌﻮن ۽ ﻣﻮﺟﻮده ﮔﻨﺒﺬ ﺳﺎﮘﻲ ۵۱ ﻣﻴﭩﺮ ﻗﻄﺮ ﺟﻮ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ. ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ ﭔﻪ دﻓﻌﺎ وڏي‬
                                   ‫ﻣﺮﻣﺖ ﭤﻲ آﻫﻲ. ﻫﻚ دﻓﻌﻮ ﺻﻔﻮي دور ۾ ۽ ﭔﻴﻮ دﻓﻌﻮ ﻛﺎﭼﺎري )‪ (Qajar‬دور ۾.‬
‫ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻮ آرﻛﻴﭩﻜﭧ ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺎرﻳﮕﺮ ﻗﻮم اﻟﺪﻳﻦ ﺷﻴﺮازي ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ‬            ‫•‬
‫ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻻ‪ ‬ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ﺟﻦ ﺗﻲ ﺷﻴﺮاز ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻛﺎرﻳﮕﺮن ۽ ﻣﺰورن ﻛﻢ ﻛﻴﻮ ﭤﻲ. ﻫﺮات‬
               ‫)اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن( ۾ ﺟﻴﻜﻮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد اﺳﻜﻮل آﻫﻲ، اﻫﻮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻗﻮام اﻟﺪﻳﻦ ﭠﺎﻫﻴﻮ.‬
‫ﻫﻦ ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﭼﺎر ﺑﺎﻟﻜﻨﻴﻮن )‪ (terraces‬آﻫﻦ، ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﻳﻮان ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ڏﮐﮡ ۾‬           ‫•‬
‫ﻣﻘﺼﻮره ﻧﺎﻟﻲ اﻳﻮان آﻫﻲ، اوﭜﺮ ﭘﺎﺳﻲ واري اﻳﻮان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺎﺟﻲ ﺣﺴﻦ، اﺗﺮ اوﭜﺮ واري ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ دارو ﺳﻴﺎده ۽ اوﻟﻬﻪ‬
                                                                            ‫واري ﺟﻮ آب )ﭘﺎﮢﻲ( ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﭥﻲ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻞ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺗﺎﻻب، ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﻣﻮن وﺿﻮ ﻛﺮي ﺟﻤﺎﻋﺖ ﺳﺎن ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ، اﺗﻲ ﭘﺮاﮢﻲ‬                   ‫•‬
‫زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻫﻚ ﻋﻤﺎرت ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺴﺠﺪ ﭘﻴﺮ زان )ﭘﻮڙﻫﻲ ﻣﺎﺋﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ( ﺳﮇﺑﻲ ﻫﺌﻲ. ﺑﻌﺪ ۾ ان ﺟﺎ‪ ‬ﭜﺮﺳﺎن‬
‫وﻗﺖ ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ﻻ‪ Sundial ‬ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اڄ ﺑﻪ وﻗﺖ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ۽ ﺳﺞ ﺟﻲ ﭘﺎﮀﻲ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻧﻤﺎز ﺟﻲ‬
‫اداﺋﮕﻲ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ان وﻗﺖ ﻣﻮﺟﻮد اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪي ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ان ‪ Sundial‬ﻻ‪ ‬ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ‬
                                                ‫اﻫﻮ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﺷﻴﺦ ﺑﻬﺎﺋﻲ‪ ‬ڊﻳﺰاﺋﻦ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ.‬
                             ‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ‬

‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد آﻏﺎ )ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﮔﻮﻫﺮ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻴﺮو آﻫﻲ ۽ ﺷﺎد ﻣﻌﻨﻲ ﺧﻮش، ﺑﻬﺘﺮ – ﻳﻌﻨﻲ ﭼﻤﻜﻨﺪڙ ﻫﻴﺮو( ﺟﻮ ﻫﻚ‬
                                         ‫ٰ‬                  ‫ٰ‬                                       ‫•‬
‫اﻋﻠﻲ ﺧﺎﻧﺪان ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ ﻫﻮ ۽ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ زال ﻫﺌﻲ. ﻫﻮ‪ ‬ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻫﻚ‬  ‫ٰ‬
‫اﻫﻢ ۽ ﺑﺎاﺛﺮ ﻓﻮﺟﻲ ﻟﻴﮉر ﻏﻴﺎث اﻟﺪﻳﻦ ﺗﺮﺧﺎن ﺟﻲ ڌي‪ ‬ﻫﺌﻲ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﮐﻲ ”ﺗﺮﺧﺎن “ ﺟﻮ ﻟﻘﺐ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﭘﺎڻ‬
‫اﭼﻲ ڏﻧﻮ ﻫﻮ. ﻣﻠﻚ ﺟﻲ رﺳﻢ رواج ﻣﻄﺎﺑﻖ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﻣﺎن ۽ ﻣﺮﺗﺒﻮ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭼﻨﮕﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ زال‬
‫ﻣﻠﻜﺎت آﻏﺎ ﮐﺎن ﮔﻬﭧ ﻫﻮ ﭘﺮ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺳﺎن ﻫﻚ ﺗﻪ اﭤﮡ وﻫﮡ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ﺳﻴﺎﺳﻲ‬
‫ﻃﺮح ﺗﻴﺰ ﻫﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﺳﺎن ﻣﻠﻲ )ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﻴﻤﻮري ﻛﻮرٽ ۾ اﻫﻢ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ رﺗﺒﻦ ﺗﻲ ﻫﺌﺎ(، ﻫﻦ‬
  ‫ﺗﻴﻤﻮري ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺮوع وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ﻫﻮ ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۵۰۴۱ ۾ ﻫﺮات ﺷﻬﺮ ﺑﻨﺎﻳﻮ.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺘﻲ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺗﻤﺎم وڌﻳﻮ وﻳﺠﻬﻴﻮ. ﻫﻮ‪ ‬۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس ﺷﺎﻫﺮخ‬               ‫•‬
‫ﻋﻠﻢ و ادب، ﻓﻦ، ﻫﻨﺮ، آرٽ ﺟﺎ وڏا رﮐﻮاﻻ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ درﭔﺎر ۾ آرﭨﺴﭩﻦ، اﻧﺠﻨﻴﺌﺮن، ﻓﻨﻲ ﻣﺎﻫﺮن، ﻓﻼﺳﺎﻓﺮن ۽‬
        ‫ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ وڏو ﻣﺎن رﻫﻴﻮ ۽ دﻧﻴﺎ ۾ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﻮ. ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﺎﻣﻲ ﺑﻪ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ.‬
‫۷۴۴۱ع ۾ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﻧﻤﻮﻧﺎ ﺳﻤﻮﻧﺎ ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻟﭙﺴﻨﺪ ﭘﻮﭨﻲ ﮐﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﺎرﻳﻮ ۽‬          ‫•‬
‫ﭘﺎڻ ان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ ‪ De-Facto‬ﻳﻌﻨﻲ اﺻﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﮣﺠﻲ وﻳﭡﻲ، ﺟﻴﻜﺎ ﺣﻜﻮﻣﺖ دﺟﻠﻪ ﻧﺪي )ﻋﺮاق( ﮐﺎن ﭼﻴﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺑﺎرڊر ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﮑﮍﻳﻞ ﻫﺌﻲ. ﭘﺮ اﻫﺎ ﺣﺎﻛﻤﻴﺖ ﻛﺎ ڏﻫﻪ ﺳﺎل ﻣﺲ ﻫﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﺳﻨﺪس ڏﻳﺮ، ﻣﻴﺮان ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ ﺳﻠﻄﺎن‬
                                     ‫اﺑﻮ ﺳﻌﻴﺪ ۷۵۴۱ ۾ ﮐﻴﺲ ﻣﺎراﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻫﺮات ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻻ‪ ‬ﻫﻚ ﻗﺼﻮ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ ﻫﺮات ۾ ﺳﻨﺪس ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ‬                 ‫•‬
‫اﻧﺴﭙﻴﻜﺸﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻮ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر ﻋﻮرﺗﻦ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﻬﺘﻲ. ان ﮐﺎن اڳ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ رﻫﻨﺪڙ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﮐﻲ‬
‫ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ، ﭘﺮ ﻫﻚ ﺧﭥﺎﺑﻲ ﻧﻨﮉ ۾ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﺗﻲ ﺋﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻮﭠﮍي‪ ‬۾ ﺳﺘﻮ رﻫﻴﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد‬
‫ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﺎﻧﻬﻲ ﻧﻪ رﮘﻮ ڏﺳﻲ ورﺗﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺳﺎن ﻫﻢ ﺑﺴﺘﺮي ﺑﻪ ﻛﺌﻲ. ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ‬
‫ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻴﻦ ﭔﻦ ﺳﺌﻮ ﺧﺬﻣﺘﮕﺎر ﭔﺎﻧﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﺧﭥﺎﺑﻴﻦ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ‬
                                                                                        ‫ﮀﮇي.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺮات ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺋﻲ آﻫﻲ. اﻫﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﻴﻨﺌﺮ ڊﭠﻞ ﺣﺎﻟﺖ ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ‬        ‫•‬
‫ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﻨﺎرو اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻗﺎﺋﻢ آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻲ‪ ‬دﻟﻴﺮ، ﭴﺎﮢﻮ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان، ﻋﻠﻢ و ﻫﻨﺮ ﺟﻲ ﺳﺮﭘﺮﺳﺖ ۽ ﺳﭡﻲ ﻣﻨﺘﻈﻢ‬
‫ﻋﻮرت ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ۾ ﭘﺮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻪ اﻫﻢ ﺣﻴﺜﻴﺖ رﮐﻲ ﭤﻲ. ﺗﺎزو ۳۰۰۲ ۾ ﻛﺎﺑﻞ ۾ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ اﻟﮗ‬
‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ وﺋﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ“ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﮍس‬
‫ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻞ ﭔﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﮐﮣﻲ ﺳﻨﺪن ﺻﺤﻴﺢ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻧﻪ ﻛﻨﺪﻳﻮن ﻫﺠﻦ ﺟﻮ ﻫﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ اﻫﻲ ﭜﭵﻲ ﭜﺮي وﻳﻮ آﻫﻦ‬
‫۽ اﺻﻠﻲ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻧﻪ رﻫﻴﻮن آﻫﻦ، ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺟﮗ ﻣﺸﻬﻮر ” ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ“ اڄ ﺑﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺷﺎن ۽ ‪Show‬ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮ وﻳﭡﻲ‬
‫آﻫﻲ. ان ۾ ﮔﻬﮣﻮ ﻛﺮﻳﮉٽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮام ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﺮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻲ‪ ‬ﮐﻲ‬
‫ﺳﻼﻣﺖ رﮐﻨﺪا اﭼﻦ. ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﭘﮡ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﭜﻴﮡ ﮔﻮﻫﺮ ﺗﺎج ﺟﻲ وﻓﺎت ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو‬
                                                                    ‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ آﻫﻲ.‬
‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻲ ﻣﮍس ﺷﺎه رخ ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ ” ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻣﻴﺮزا“ ﻫﻮ. ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﻣﻌﻨﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﭼﻬﺮو.‬
                  ‫ٰ‬                                                                                 ‫•‬
‫ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺗﻴﻤﻮر ﻣﺮزا )ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن ﺟﻲ ﭘﺎڪ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﺎرﻳﺦ ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ(،‬
‫ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﮐﻴﮇي رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﭧ ﭴﻤﮡ ﺟﻮ اﻃﻼع ﻣﻠﻴﻮ. ﻫﻦ ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﮐﻴﻮ . ﺷﺎﻫﻪ‬
‫رخ ﺳﻦ ۷۷۳۱ ع ۾ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ زال ﻣﺎن ﭴﺎﺋﻮ. ۵۰۴۱ ۾ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ وﻓﺎت ﺗﻲ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮن واﮘﻮن‬
‫ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮن ۽ ۷۴۴۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ . ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻮ ﭘﻲ‪ ‬ﻳﻌﻨﻲ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﺟﻮ ﺳﻬﺮو ﺗﻴﻤﻮر اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﺳﺎن‬
‫وٽ ﺗﻴﻤﻮﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻟﻨﮓ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﻟﻔﻆ آﻫﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻣﻨﮉو. ﺗﻴﻤﻮر ﮐﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻟﮍاﺋﻲ دوران ﭨﻨﮓ‬
                                        ‫ٰ‬
‫۾ ڌڪ ﻟﮙﮡ ﻛﺮي ﻫﻮ ﻣﻨﮉﻛﺎﺋﻲ ﻫﻠﻨﺪو ﻫﻮ ۽ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻓﻮﻻد )ﻟﻮﻫﻪ( آﻫﻲ. ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ آﺧﺮي‬
                                               ‫ٰ‬
‫ﺗﻐﻠﻖ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻧﺼﻴﺮ دﻳﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ۸۹۳۱ع ۾، دﻫﻠﻲ‪ ‬ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي وڏي ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻴﺮن ﺟﻮ‬
‫اﻫﺮن ۽ ﮘﻬﻪ ﮘﭡﻦ ﺳﺎن ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ ﮐﻦ ﻫﺎﭤﻲ ﻟﮇراﺋﻲ اﻳﺮان ﭘﻬﺘﻮ ﻫﻮ . ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻴﻦ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. اڄ ﺟﻲ‬
‫ﺗﺮﻛﻲ، ﺷﺎم، ﻋﺮاق، ﻛﻮﻳﺖ، اﻳﺮان ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ رﻳﺎﺳﺘﻮن ﻛﺰاﺧﺴﺘﺎن، ﺟﺎرﺟﻴﺎ، ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن وﻏﻴﺮه،‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن، اﺗﺮ اﻧﮉﻳﺎ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ اﭼﻲ وﻳﺎ ﭤﻲ. ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﺘﻲ ﻛﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻻ‪ ‬ﺳﭡﻮ ۽ ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻦ ﻻ‪‬‬
‫وڏو ﻇﺎﻟﻢ ۽ ڌاڙﻳﻞ ﻟﻴﮑﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ. ﭘﺮﺷﻴﺎ )ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻳﺮان( ، ﺷﺎم ۽ ﻋﺮاق ﺗﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﭴﮡ ﺗﻪ اﻧﺴﺎن‬
‫ذات ﺟﻮ وﺟﻮد ﻧﻪ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺗﻴﻤﻮر اﻧﺴﺎﻧﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﻮ اﻫﺮام )‪ (Pyramid‬ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ڏﻧﻮ ۽‬
‫ﺳﺘﺮ ﻫﺰار ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﺮڌڙ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي اﻫﺮام واﻧﮕﺮ ڍﻳﺮ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. اﻫﮍوﺋﻲ اﻫﺮام ﻫﻦ ﭨﺮﻛﭧ ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﭠﻬﺮاﻳﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﮡ ﺳﺘﺮ ﻫﺰار ﮐﻦ ﮐﻮﭘﮍﻳﻮن ﮔﮇ ﻛﻴﻮن وﻳﻮن ۽ ﺑﻐﺪاد ۾ ﭘﮡ ﻧﻮي ﻫﺰار ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﺳﺮ ﻗﻠﻢ ﻛﺮي اﻫﺮام‬
‫ﭠﺎﻫﻴﻮ وﻳﻮ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ڏﻳﮉ ﻛﺮوڙ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرﻳﺎ وﻳﺎ. ان ﻣﺎن اﻧﺪازو ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ‬
‫ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺷﻬﺮ ۽ ﮘﻮٺ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ ﻫﻮﻧﺪا. ﭘﺮ ﻛﻲ اﻫﮍا ﻣﻠﻚ ﻫﺌﺎ، ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ، ﺑﺨﺎرا،‬
‫ازﺑﻜﺴﺘﺎن، ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ، ﻫﺮات ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻦ ﺟﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﭡﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻪ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺑﺎﻗﻲ ﺟﻬﺎن ۾ ﻣﺎر ﻣﺎرا ۽ ﭰﺮﻟﭧ‬
‫ﻛﺮي ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻋﻴﺶ ﭤﻲ ﻛﺮاﻳﻮ. اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﭰﺮي ﻫﺮات، ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﻣﺴﺠﺪون ﭠﻬﺮاﺋﻲ‬
‫ﭘﺎڻ ﮐﻲ وڏو ﻧﻴﻚ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭤﻲ ﺳﮇراﻳﻮ ۽ اﺗﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻬﮍو ﻛﻮ ﺳﺨﻲ ﻣﺮد ﻧﻪ‬
‫ﭤﻴﻨﺪو ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﮐﻲ روس ﮐﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺧﻮد ﻣﺨﺘﻴﺎري ﻣﻠﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﺗﺎﺷﻘﻨﺪ ۾ ﻟﮙﻞ‬
‫ﻣﺎرﻛﺲ ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ ‪ Statue‬ﻻﻫﻲ ان ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ رﮐﻲ وﺋﻲ. ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﻧﺪﮔﻲ ۾ ﺟﻮﭨﻴﻞ ﺟﻨﮕﻴﻦ‬
‫ﺟﻮن ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻮن ”ﺗﺰڪِ ﺗﻴﻤﻮري“ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺘﺎب ۾ ﻟﮑﻴﻮن آﻫﻦ. ۴۰۴۱ ۾ ﺗﻴﻤﻮر ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﻨﮓ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮڻ ﻻ‪‬‬
                                                         ‫اﺳﻬﻴﻮ ﭘﺮ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻮ ﺑﺨﺎر ۽ ﭘﻠﻴﮓ وﮔﻬﻲ ﻣﺮي وﻳﻮ.‬
‫ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن ﭘﻬﺮﻳﺎن ﭔﻪ ﺟﻬﺎﻧﮕﻴﺮ ۽ ﻋﻤﺮ ﻛﺠﻬﻪ وﻗﺖ ﻻ‪ ‬ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻲ وﺳﻴﻊ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﺣﺼﻲ ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﮐﻴﻦ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﻧﺼﻴﺐ ﻧﻪ ﭤﻲ. ﺳﻨﺪس ﭨﻴﻮن ﭘﭧ ﻣﻴﺮان ﺷﺎﻫﻪ ﺗﻴﻤﻮر ﺑﻌﺪ ﻳﻜﺪم ﮔﺬاري وﻳﻮ‬
‫)ﻫﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ اﺑﻮ ﺳﻌﻴﺪ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺟﻲ ﭜﺎﭴﺎﺋﻲ ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ﮐﻲ ۷۵۴۱ ۾ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﻮ ۽‬
‫ﭘﺎڻ ﺗﺨﺖ ڌﮢﻲ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ(. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ ﭼﺌﻦ ﭘﭩﻦ ﻣﺎن ﻧﻨﮃي ﺷﺎﻫﻪ رخ ﭼﮝﻮ ﻋﺮﺻﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ۽‬
                                                         ‫ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺟﻮ ذﻛﺮ ﻣﭥﻲ ﻛﺮي ﭼﻜﺎﺳﻴﻦ.‬
‫ﺗﻴﻤﻮر ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ ﺑﺎم، ﻣﺸﻚ ۽ ﮔﻼب ﺟﻲ ﭘﺎﮢﻲ ۾ ﻏﺴﻞ ڏﻳﺎري، اوﭼﻲ ﻛﭙﮍي ۾ وﻳﮍﻫﻲ،‬
                          ‫اﻳﺒﻮﻧﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻛﺲ ۾ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ اﻣﺎﮢﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺳﻨﺪس ﮔﻮر اﻣﻴﺮ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ.‬
                                               ‫ِ‬
                           ‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ‬

‫ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزار رﺿﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﺟﺎ ﻓﻮﭨﻮ ﭘﺮﻧﭧ ﻛﺮاﺋﮡ ﻻ‪ ‬دﻛﺎن ﭘﮁﺎﺋﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮس‬
                                         ‫ﺗﻪ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭔﮅل اﮀﻲ ﻋﻤﺎﻣﻲ ۽ ﻧﺎﺳﻲ ﮔﺎﺋﻮن ۾ ﻫﻚ ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻠﻴﻮ.‬
‫”آﺋﻮن ﺗﻮﮐﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺟﻮ دﻛﺎن ﭤﻮ ﻫﻠﻲ ڏﻳﮑﺎرﻳﺎن“، ﻫﻦ اڙدو ۾ ﭼﻴﻮ ، ” ﻣﻮن ﮐﻲ ﭘﮡ اﺗﺎن ﺣﺞ ﻻ‪ ‬ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃاﺋﮣﺎ‬
                                                                                             ‫آﻫﻦ.“‬
‫ﻓﻮﭨﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ﺟﻮ دﻛﺎن ﭜﺮ واري ﮔﻬﭩﻲ‪ ‬۾ ﺋﻲ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﭘﺎﺳﭙﻮرٽ ﺳﺎﺋﻴﺰ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃراﻳﺎ ۽ ﻣﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﺮا ﺗﺎن ‪CD‬‬
‫ﺗﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﭨﺮاﻧﺴﻔﺮ ﻛﺮاﻳﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺌﻤﻴﺮا ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺧﺎﻟﻲ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻲ ۽ آﺋﻮن دل ﮐﻮﻟﻲ ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن‬
                                                                           ‫ﮔﻬﮣﺎ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃي ﺳﮕﻬﺎن.‬
                                          ‫ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻓﻮﭨﺎ ﺗﻴﺎر ﭤﻴﻦ ﺗﻴﺴﻴﻦ ﻣﻮن ﺳﺎﮢﺲ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ.‬
                                                                              ‫”ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﺎ آﻫﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.‬
                                                                                                     ‫”ﺟﻲ ﻫﺎ.“‬
                                                                                                  ‫”ﻛﭥﻲ ﺟﺎ؟“‬
                                                                                   ‫”ﺣﻴﺪرآﺑﺎد واﮢﻜﻲ وﺳﻲ ﺟﺎ.“‬
                                                                                  ‫”ﻛﻴﺮ آﻫﻴﻮ ﭘﺎڻ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ.‬
                                                          ‫”ﻟﻐﺎري آﻫﻴﺎن. ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﻧﺎﻟﻮ اﭤﻢ.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.‬
                   ‫ُ‬
‫ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺋﻮن ﺑﻪ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﭜﺮﺳﺎن ﻫﺎﻻ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭔﮅاﺋﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ‬
‫ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﺎ ﭘﮍﻫﻴﺎ آﻫﻦ ۽ ﻫﻮ ﻫﻚ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ اي ﻣﻴﻞ ﺑﻪ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ. ﭘﺎڻ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ‬
‫ﺳﻨﺪس ‪ e_mail‬اﺋﮉرﻳﺲ ‪ rahmashhadi@hotmail.com‬آﻫﻲ. ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ﺗﻪ ﺗﻮن ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻣﺎڊرن ﻣﻮﻟﻮي ﻣﻠﻴﻮ‬
                                                                                                         ‫آﻫﻴﻦ.‬
               ‫”ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﺮ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﮐﻲ ﻛﻤﭙﻴﻮﭨﺮ ﺟﻲ ﭴﺎڻ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري آﻫﻲ.“ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ.‬
     ‫”ﺗﻮﻫﺎن ﻫﺘﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬آﻳﺎ آﻫﻴﻮ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪‬؟“ ﻣﻮن ﺣﻴﺪري ﺻﺎﺣﺐ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ.‬
‫”آﺋﻮن ﻧﻨﮃو ﻫﻮس ﺗﻪ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ آﻳﻮ ﻫﻮس، “ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ، ”ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺳﺘﺮﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻮ ”ﻣﺪرﺳﮫ ﻋﻠﻤﻴﮫ، ﺣﻀﺮت اﻣﺎم اﻟﻌﺼﺮ، ﻣﺸﻬﺪ“ ﻫﻼﻳﺎن ﭤﻮ.“ ﻫﻦ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺟﻮ ﻛﺎرڊ ڏﻧﻮ‬
                                             ‫ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻦ ﻣﺪرﺳﻲ ﺟﻲ اﺋﮉرﻳﺲ ﭘﮡ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﻲ ؛‬
‫ﭼﻬﺎر راﻫﻪ ﺷﻬﺪاء، آزادي روڊ، ﺳﺎﺳﺎن ﮔﻬﭩﻲ، ﺑﻼڪ ۱۲ ۽ ﻓﻮن ﻧﻤﺒﺮ ۷۲۴۷۵۲۲۱۱۵۸۹۰۰ ۽ ۴۴۶۹۲۲۲ ﻟﮑﻴﻞ ﻫﺌﺎ. ﻛﺮم‬
‫ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ درس ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﭔﻦ ﭨﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ‬
‫ﺣﻴﺪري ﺻﺎﺣﺐ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﻮﻟﻮي ﭔﮅاﻳﺎ ﺟﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﺣﺒﻴﺐ ا﷢ ﺷﻴﺦ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ وٽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻜﻤﻞ ﻛﺮي ﻫﺎڻ ﻣﻴﺮﭘﻮر‬
                                                                              ‫ﻣﺎﭤﻴﻠﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻣﺸﺘﺎق ﺣﺴﻴﻦ ﭔﺮڙو ﺟﻴﻜﻮ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ. ﻏﻼم ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭔﺮڙو ﺟﻴﻜﻮ ﺳﮑﺮ ۾ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﺮي ﭤﻮ. ﺳﻴﺪ‬
                                          ‫ٰ‬
      ‫ﻓﺮخ رﺿﺎ رﺿﻮي ﺟﻴﻜﻮ ﺳﮑﺮ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭘﮍﻫﮡ ﻻ‪ ‬آﻳﻮ ﻫﻮ ﻫﺎڻ ﺷﺎم ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ڏﻫﻪ ﺣﺞ ﻛﺮي ﭼﻜﻮ آﻫﻲ، ﻫﻦ ﺳﺎل ﻫﻨﮑﻲ وري ﺣﺞ ﺗﻲ وﭸﮡ ﺟﻮ ارادو آﻫﻲ. ﻫﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل‬
                ‫رﻣﻀﺎن ﺟﻲ ﻣﻬﻴﻨﻲ ۾ ﺗﻨﺰاﻧﻴﺎ، ﻳﻮﮔﻨﮉا، ﻛﻴﻨﻴﺎ ﻳﺎ آﻓﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﺗﺒﻠﻴﻎ ﻻ‪ ‬وﻳﻨﺪو آﻫﻲ.‬
                           ‫” ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮﻳﻮ،“ ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﺣﻴﺪري ﭼﻴﻮ، ” اڄ ﻣﺎﻧﻲ اﺳﺎن وٽ ﻫﻠﻲ ﮐﺎﺋﻮ.“‬
‫ﻣﻮن ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ ”اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﺮﻛﺎري ﺑﻴﻜﺮﻳﻦ ﺟﺎ ﻧﺎن ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻫﮍا وﮢﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ آﺋﻮن ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
                                                                       ‫ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﺑﻪ ﮀﮇي ڏﻳﻨﺪو آﻫﻴﺎن.“‬
                                                 ‫”ﭘﻮ‪ ‬ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭜﻼ ﻛﻬﮍي ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺮﻳﺎن؟“ ﺣﻴﺪري‪ ‬ﭘﮁﻴﻮ.‬
‫”ﻫﺎ ﺑﻠﻜﻞ ﻫﻚ ﻛﻢ ﻛﺮ،“ ﻣﻮن ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ، ” ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﺎﺑﺖ‬
                                                                               ‫ﭔﮅا‪“.‬‬
‫”آﺋﻮن ﺑﻪ ﮐﮣﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﭔﮅاﻳﺎن ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﺎن ﺗﻮﮐﻲ ﻣﻼﻳﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ ﺋﻲ ﭴﺎﮢﻮ‬
‫آﻫﻲ.“ ﻛﺮم ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ ۽ ﺣﺮم ۾ وﭠﻲ آﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺻﺤﻦ اﻧﻘﻼب ﻣﺎن ﭤﻲ اﺳﺎن رﺿﻮﻳﻪ اﺳﻼﻣﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ آﻳﺎﺳﻴﻦ.‬
‫ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺳﺎن، اﺳﻼﻣﻲ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﺟﻲ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺟﻲ، ﻫﻲ‪ ‬ﺑﻠﮉﻧﮓ ۴۸۹۱ع ۾ ﭠﻬﻲ راس‬
‫ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﻋﻠﻤﻲ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺘﻲ ﺳﺮﮔﺮﻣﻴﻮن ﻗﺎﺋﻢ رﮐﻴﻮن وﭸﻦ. ﻫﻲ‪ ‬ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ دراﺻﻞ ﭔﻦ ﺳﺎﺑﻖ دﻳﻨﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ”‬
‫ﻣﺪرﺳﻪ ﻣﻴﺮزا ﺟﻌﻔﺮ و ﺧﻴﺮاﺗﺨﺎن“ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﮔﺬرﻳﻞ ﭨﻴﻬﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﺑﺎﻗﺎﻋﺪي ﻣﺬﻫﺐ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻣﺎڊرن ۽‬
‫ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻫﻨﺮ ۽ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﮡ ڏﭠﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ڏﻧﻞ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﺑﻲ اي، اﻳﻢ اي ۽ ﭘﻲ اﻳﭿ ڊي ﺟﻮن‬
‫ڊﮔﺮﻳﻮن ڏﻧﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻦ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﭨﻲ روم ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻼﻗﺎت ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻣﺠﺘﺒﻲ رﺿﻮي ﺳﺎن ﭤﻲ‬
               ‫ٰ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ وٽ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺑﺎﺑﺖ ﺧﺒﺮ ﭼﺎر ﻛﺮڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﭘﮡ ﭘﻴﺘﻴﺴﻴﻦ. ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺻﺎﺣﺐ‬
                       ‫ﻃﺮﻓﺎن ﭔﮅاﻳﻞ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ ﻧﻮٽ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻴﺲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙن ﺟﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﻻ‪ ‬ڏﻳﺎن ﭤﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺷﺮﻳﻒ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ )ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ( آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اڄ ﻛﻠﻬﻪ آدم ﺷﻤﺎري ۵۲ ﻟﮏ‬              ‫•‬
‫ﮐﻦ ﭤﻴﻨﺪي ۽ اﭨﻜﻞ ۰۰۲ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﮑﻴﮍ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ اﺗﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ ﺑﻨﺎﻟﻮد ۽ ﻫﺰار ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎرن وچ ۾،‬
‫ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۰۰۹ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﺳﻄﺢ ﮐﺎن ۰۸۹ ﻣﻴﭩﺮن )اﭨﻜﻞ ۰۰۰۳ ﻓﭩﻦ( ﺟﻲ ﺑﻠﻨﺪي‪ ‬ﺗﻲ آﻫﻲ.‬
                                                ‫اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﭨﻲ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ۾ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮٺ، ﺳﻨﺎﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ، ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ﻃﻮس ﮐﺎن ۴۲‬                      ‫•‬
‫ﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ ﺟﻮ اوﻧﻬﺎري‬‫ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ ﻫﻮ. ﭔﻲ ﺻﺪي ۾ آﺧﺮ ۾ ﻫﻦ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﮘﻮٺ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺣُ‬
‫ﺟﻮ رﻫﺎﺋﺸﻲ ﻣﺤﻼت، ﻫﻦ ﮘﻮٺ ۾ ﻫﻮ. ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۳۹۱ )ﻋﻴﺴﻮي ۸۰۸( ۾‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ اوﭜﺮ ﻋﻼﺋﻘﻲ ڏي وﻳﻨﺪي ﺟﮇﻫﻦ ﻃﻮس ۾ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﺳﺨﺖ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﺳﺎﻫﻪ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ﮐﻲ‬
                                           ‫ﺳﻨﺎﺑﺎد ۾ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ ﺟﻲ ﻣﺤﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﺎل ﻫﻴﭟ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ وﺟﻮد ۾ آﻳﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ )ﭴﻢ‬
          ‫ٰ‬                                                                                        ‫•‬
‫ﺟﻮ ﺳﺎل ۵۶۷ع( ﮐﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ )ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﭘﭧ( ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﺎل ۸۱۸ع ۾ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ ۽ ﮐﻴﻦ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺘﺒﺎ واري ﺳﻤﺮ ﭘﺌﻠﺲ )اوﻧﻬﺎري واري ﻣﺤﻞ( ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ‬
‫ﭜﺮﺳﺎن دﻓﻦ ﻛﻴﻮ. ان ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﺷﻴﻌﻦ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﺣﺒﺪارن ﻻ‪ ‬زﻳﺎرت ﮔﺎﻫﻪ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﻮ . ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﻧﻨﮃن وڏن ﮘﻮﭠﻦ ۽ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن ﭘﺮ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﻛﮍڇ ﮐﺎن زاﺋﺮﻳﻦ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﻟﮙﺎ ۽ ﺳﻨﺎ آﺑﺎد ﺟﻮ ﻧﻨﮃڙو ﮘﻮٺ ﻫﻚ‬
            ‫ﺑﺎروﻧﻖ ۽ ﭼﻬﻞ ﭘﻬﻞ وارو ﻣﺸﻬﺪ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﻟﻔﻆ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﺟﻲ دﻓﻦ ﺟﻲ ﺟﺎ‪.‬‬
                                     ‫ٰ‬
‫ﭨﻲ ﺻﺪي ﻫﺠﺮي ﺟﻲ آﺧﺮ ڌاري اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﻣﭥﺎن ﮔﻨﺒﺬ ﭠﻬﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري‬             ‫•‬
‫ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ ﺑﺎزارون ﭠﻬﻲ وﻳﻮن. ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﺪاد ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وڌﻧﺪو‬
‫وﻳﻮ. ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۳۸۳ )ﻋﻴﺴﻮي ۳۹۹( ۾ ﻏﺰﻧﻮي ﺳﻠﻄﺎن ﺳﺒﻜﺘﮕﻴﻦ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وڏي ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي ۽ زاﺋﺮﻳﻦ‬
‫ﮐﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ. ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ۴۰۰ ‬ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۹۰۰۱ ( ۾ ﺳﻠﻄﺎن‬
‫ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۱۷۹ ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۸۹۹ ﮐﺎن ۰۳۰۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ‬
‫وڌاﻳﺎﺋﻴﻦ ۽ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﻳﺎﺋﻴﻦ ﭘﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺧﻴﺎل ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﭜﺘﻴﻮن ۽ ﺑﭽﺎ‪ ‬ﻻ‪‬‬
‫ﻗﻠﻌﺎ ﭠﻬﺮاﺋﻴﻦ. ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻗﺴﻤﻦ ﺟﻲ اﻋﻠﻲ ﭘﭥﺮن ۽ ﻫﻴﺮن ﺳﺎن ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻮ وﻳﻮ ۽ ﻗﺒﺮ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﭴﺎري ﭘﮡ‬
                                                   ‫ٰ‬
‫ﭠﻬﺮاﺋﻴﻦ. ان ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﺴﻌﻮد ﻏﺰﻧﻮي‪) ‬ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۸۹۹ع ۽ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۰۳۰۱ ﮐﺎن ۰۴۰۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڏﻫﻪ ﺳﺎل‬
                                     ‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﭜﺘﻴﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ۽ وڌﻳﻚ ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ.‬
‫ﺳﻠﻄﺎن ﺳﻨﺠﺮ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۶۸۰۱ ۽ ۷۹۰۱ ﮐﺎن ۷۵۱۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ( ﭘﭧ ﺟﻲ اوﭼﺘﻲ‬        ‫•‬
‫ﺻﺤﺘﻴﺎب ﭤﻴﮡ ﺗﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن ۽ ﺳﻬﮣﻮ ﺑﻨﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ﺳﻠﻄﺎن ﺟﻮ واﺳﻄﻮ‬
‫ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺳﺎن ﻫﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﮔﻨﺒﺬ ﺑﻪ ﭠﻬﮡ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ. ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﺤﻤﻮد ﺳﻠﺠﻮﻗﻲ ﺟﻲ ڌي‪ ‬ﭼﺘﺮﮔﺎن‬
‫زﻣﺮد ﻣﻠﻚ ﭘﮡ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﻛﺎﻓﻲ ﻛﻢ ﻛﺮاﻳﻮ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ. ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ اﻧﻬﻦ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ‬
                                                                         ‫ﺳﺮن ﺗﻲ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﻦ ۲۱۶ ﻫﺠﺮي )۵۱۲۱ ﻋﻴﺴﻮي( ۾ ، ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺗﻲ ﻧﻘﺶ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ، ﻋﻼﺋﻮدﻳﻦ‬                  ‫•‬
‫ﺧﻮارزم ﺷﺎه ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ۽ وڌﻳﻚ ﻛﻢ ﻛﺮاﻳﻮ. ﺳﻦ ۷۱۶ ﻫﺠﺮي )۰۲۲۱ ﻋﻴﺴﻮي( ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻤﻼ‬
‫ﻛﻴﺎ ۽ ﺟﻴﻜﺎ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي ان ۾ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻴﻮ، اﻫﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﻋﻠﺠﺎﺋﺖ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۲۸۲۱ع ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ۴۰۳۱ ﮐﺎن ۶۱۳۱ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ‬
‫۳۰۷ ﻫﺠﺮي ﮐﺎن ۶۱۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮاﻳﻮ ۽ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﭔﻴﻦ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﺳﻨﻮارﻳﻮ ۽ ﺳﻴﻨﮕﺎرﻳﻮ.‬
                       ‫ﭘﺎڻ ﻣﻨﮕﻮل ﺷﻬﺰادو ﻫﻮ ﭘﺮ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭤﻴﻮ ۽ ﺷﻴﻌﺎ ﻓﺮﻗﻲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻴﻮ.‬
‫ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﺳﻦ ۴۳۷ ﻫﺠﺮي )۳۳۳۱ع( ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺳﻴﺎح اﺑﻦ ﺑﻄﻮﻃﺎ ﻫﺘﻲ‬                ‫•‬
‫ﻣﺸﻬﺪ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻔﺮ ﻧﺎﻣﻲ ۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻲ ﺳﺮن ﺳﺎن ﺑﻴﺤﺪ ﺧﻮﺑﺼﻮرت‬
‫آﻫﻲ ۽ ﭼﺎﻧﺪي ﺟﻲ ﺿﺮﻳﺢ )ﭴﺎري( ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮡ ﻟﮑﻴﻮ اﭤﺲ ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮن ﺗﺎرﻳﺨﺪاﻧﻦ ﺟﻮ ﺧﻴﺎل آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﻠﻄﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪه ﺟﻲ‬
                                                                                     ‫ﺋﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ.‬
‫۱۹۷ ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﻣﻴﺮان ﺷﺎه ﻃﻮس ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ﺻﻔﺎ ﺑﺮﭘﭧ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ‬           ‫•‬
‫۽ ﺷﻬﺮ واﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم ﻛﻴﻮ. ﻃﻮس ﺟﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻬﺮت ﻫﺌﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ وﺋﻲ. ان ﺟﻮ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻧﺘﻴﺠﻮ‬
                                                         ‫ﻧﻜﺘﻮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻚ وڏو ﺷﻬﺮ ﭤﻲ اﭜﺮڻ ﻟﮙﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ اوج وارو دور اﻫﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ ﭘﭧ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. ﺷﺎه رخ ﻣﻴﺮزا‬           ‫•‬
‫۷۷۳۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۵۰۴۱ ﮐﺎن وﭠﻲ ۷۴۴۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﻴﻦ ﺧﺼﻠﺘﻦ واري زال ﮔﻮﻫﺮ‬
‫ﺷﺎد آﻏﺎ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻣﺴﺠﺪ ﭘﮡ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﻴﻜﺎ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ڏﺳﮡ ﻻ‪‬‬
‫اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ُاﻫﺎ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ. ﺷﺎﻫﻪ رخ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زال ﺟﻲ ﭼﻮڻ ﺗﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﻣﺎن‬
  ‫ﻫﺮات ﻛﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻫﺮات ۾ ﺋﻲ رﻫﮡ ﻟﮙﻮ ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻫﺮ ﺳﺎل اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ.‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﻛﻢ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ‬                 ‫•‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﭤﻴﻮ. اﻫﻮ دور ۲۰۵۱ ﮐﺎن ۶۳۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ، ﻃﻬﻤﺎﺷﭗ، ﻣﺤﻤﺪ، ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ، ﺻﺎﻓﻲ،‬
‫ﺣﺴﻴﻦ ﺟﻬﮍا ﺑﺎدﺷﺎه ﭤﻴﺎ ۽ ﻫﻨﻦ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻜﻮل ﮐﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻣﺬﻫﺐ ﻛﻴﻮ. ﭼﻮڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺗﺎﺋﻴﻦ آﺳﺘﺎن ﻗﺪس‬
‫رﺿﻮي ۾ ﻣﻘﺒﺮو، ﺑﺎﻻﺳﺮ ﻣﺴﺠﺪ ۽ ﻣﺪرﺳﻮ اﭼﻲ وﻳﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻏﺰﻧﻮي دور ﺟﻲ اﺑﻮل ﺣﺴﻦ ﻋﺮاﻗﻲ‪ ‬ﭠﺎﻫﻴﻮ. ان ﮐﺎن‬
‫ﭘﻮ‪ ‬داراﻟﺤﻔﺎظ )ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻘﺒﺮي ۽ ﻣﺴﺠﺪ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ(، دارﻟﺴﻴﺎده ۽ ﺗﻮﺣﺪ ﺧﺎﻧﺎ )ﺧﺰاﻧﺎ( ۽ ﭨﻲ ﻣﺪرﺳﺎ ﻣﺪرﺳﮫ‬
                              ‫ﭘﺮﻳﺰاد، ﻣﺪرﺳﮫ ﺑﺎﻻﺳﺎر ۽ ﻣﺪرﺳﮫ دودا، ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﭠﻬﻴﺎ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺳﻮرﻫﻴﻦ ۽ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ازﺑﻚ ﺟﻨﮕﻲ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دﻓﻌﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻨﻦ اﻣﺎم‬              ‫•‬
‫رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ وڏي ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ. ۲۲۷۱ ۾ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﻴﺎ. ارڙﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾‬
‫ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎه ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ )ﺳﻨﺪس ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۸۸۶۱ ﻫﻮ ۽ ۶۳۷۱ ﮐﺎن ۷۴۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻦ راڄ ﻛﻴﻮ( ﺗﻪ ﻫﻦ اﻣﺎم رﺿﺎ‬
‫ﺟﻲ روﺿﻲ ﻻ‪ ‬اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﭜﻼرو ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻫﺮ ﻃﺮح ﺳﺎن ﺧﻴﺎل رﮐﻴﻮ وﭸﻲ.‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎه ﭘﺎڻ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺳﻨﻲ ﻫﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﻣﮍﻧﻲ ﺑﺰرﮔﻦ، ﻣﻘﺒﺮن ۽ آرام ﮔﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﻲ اﻫﻞ ﺗﺸﻴﻊ‬
      ‫ِ‬
‫وارن ﻻ‪ ‬ﺑﺎﻋﺚ ﻋﺰت ۽ رﺗﺒﻲ وارا ﻫﺌﺎ. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺟﺎ ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﺎ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ‬
‫ﺷﻬﺮ ﮐﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ. آﺧﺮ ۾ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻫﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ۾ ۷۴۷۱ ۾ ڏﻧﺎﺋﻴﻦ ۽ دﻓﻦ ﺑﻪ ﻫﺘﻲ ﺋﻲ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﻫﻲ‬
‫اﻫﻮﺋﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۹۳۷۱ ۾ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻐﻞ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﻴﻮ ۽ ﻣﻮرﺗﺨﺖ ۽ ﭔﻴﺎ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ‬
‫ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﺎﺋﻲ اﻳﺮان ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ. ﻫﻦ اﻳﮇي ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻣﺎر ﻣﺎرا ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭰﺮﻳﻮ ﻟﭩﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اﻳﺮان ﭘﻬﭽﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻣﻮت ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻫﺎ‬
‫ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﻧﺎدر ﻧﺎدر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻗﺎدر ﺑﻪ ﻗﺎدر آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻦ ﻻ‪ ‬ﺳﭡﺎ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﻦ ﻻ‪ . ‬ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ‬
‫اﻳﺮان، ﻋﺮاق ﻻ‪ ‬ﭰﻮرو ۽ ﻇﺎﻟﻢ ﻫﻮ ﭘﺮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن وارن ﻻ‪ ‬ﻗﻮﻣﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻮ. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻓﺸﺮﻳﺪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ‬
                   ‫ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﻻ‪ ‬ﺗﻪ ڌاڙﻳﻞ ۽ ﻗﺎﺗﻞ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان وارن ﻻ‪ ‬ﺳﭡﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ. ﻫﻦ اﻳﺮان ۾ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﺳﭡﺎ ﻛﻢ ﻛﻴﺎ.‬
‫اوﮢﻬﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﭘﮡ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ﺗﻲ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎ ﺣﻤﻼ ﭤﻴﺎ ﭘﺮ ان دور ﺟﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻲ )‪ (Qajar‬ﺟﻲ‬           ‫•‬
‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﭘﺴﭙﺎ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ . ﻗﺎﭼﺎري ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺼﻴﺮ اﻟﺪﻳﻦ ﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫۸۴۴۱ ﮐﺎن ۶۹۸۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻲ(، اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ‪) Ring Road‬ﮔﻬﻴﺮي وارو رﺳﺘﻮ( ﭘﮡ ﭠﻬﺮاﻳﻮ ۽ ﻫﻦ‬
                                                              ‫ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﺗﻲ ﭘﮡ وڏو ڌﻳﺎن ڏﻧﻮ.‬
‫ﻣﺎرچ ۲۱۹۱ ۾ روس ﺟﻲ زار ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺑﻤﺒﺎري ﻛﺮاﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﺎن ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﻴﻮ‬          ‫•‬
‫ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺷﻬﻴﺪ ﭘﮡ ﭤﻲ وﻳﺎ. ﻣﻘﺒﺮي ﮐﻲ رﺳﻴﻞ ﻧﻘﺼﺎن، ﺑﻌﺪ ۾ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﻣﺮزا ﻧﻴﺮ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮاﻳﻮ.‬
                        ‫ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ روﺳﻴﻦ ﺟﻲ ان ﺣﻤﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ زار ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ روس ﻣﺎن ﺟﻨﺎزو ﻧﻜﺘﻮ.‬
‫اڄ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺳﺎن ﮔﮇ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻫﺎل آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﺻﺤﻦ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ، ﺳﻘﻪ ﺧﺎﻧﻪ، ﻗﺮآن ﺟﻲ ﺗﻼوت ﺟﻲ‬         ‫•‬
‫ﻻ‪ ‬ﺟﺎ‪) ‬دارﻟﺤﺎﻓﻆ(، اﻟﻠﻬﻮردي، اﺳﻼﻣﻲ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﻻﺋﺒﺮﻳﺮي، ﻛﻠﻨﻚ، ﺷﻔﺎﺧﺎﻧﻮ، ﻣﻬﻤﺎن ﺧﺎﻧﻮ،‬
‫وﺿﻮ‪ ‬ﺟﻮن ﺟﺎﻳﻮن، ﺟﻮﺗﻦ رﮐﮡ ﺟﻮن ﺟﺎﻳﻮن، اﻳﻮان، ﮔﻨﺒﺬ، ﻣﻨﺎرا ﺳﭛ ﻣﻼﺋﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻫﻲ ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت‬
                                                                            ‫ﻛﺎﻣﭙﻠﻴﻜﺲ ﭠﻬﻲ ﭤﻮل.‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ آﻫﻲ. ﺳﭵﻲ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ﻫﻦ درﮔﺎﻫﻪ ڏي وﭸﻦ ﭤﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ‬            ‫•‬
‫ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺣﺮم ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮐﺎن ﻫﻦ ﺣﺮم ﺗﺎﺋﻴﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾‬
‫ﺗﻮﻫﺎن ﮔﻢ ﭤﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ. ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻨﮉ ﮐﺎن ﺣﺮم ڏي اﻳﻨﺪڙ ﺑﺲ ۾ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﮘﻮﻟﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ،‬
‫ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻜﻲ ۽ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ اﺳﻴﻦ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﮘﻮﻟﻴﻮن ﭤﺎ. ﺗﻘﺮﻳﺒﺎ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻮ دﻛﺎن ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺣﺮم ﺟﻲ‬
‫آﺳﭙﺎس ﻣﻠﻨﺪو ۽ رﻫﺎﺋﺶ ﻻ‪ ‬ﭼﻮڌاري ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ. ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺑﺲ ﺣﺮم ﺗﺎﺋﻴﻦ اﭼﻲ ﭤﻲ ۽ اﻣﺎم رﺿﺎ‬
‫ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﻛﻮﺑﻪ وﺳﺎري ﻧﻪ ﭤﻮ ﺳﮕﻬﻲ. ﭘﺮي ﮐﺎن ﺋﻲ ﺳﻮﻧﻮ ﮔﻨﺒﺬ ۽ ﻣﻨﺎرا ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﺑﻘﻮل ﻋﻴﺴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻲ‬
                                                                                        ‫ﭘﻮپ ﺟﻲ ؛‬
‫,‪“Perhaps there is no other group of buildings in the world which give such opulence. A gold dome, two gold minarets‬‬
‫”.‪two huge gold ivans, massive silver and gilt doors‬‬
                               ‫ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻳﺎد ڏﻳﺎري‬

‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﺳﻨﺪس زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺣﺮم ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ( ﺟﻮ‬
‫اﺣﻮال ﻟﮑﻨﺪي ﻫﻨﻦ ﺟﻲ وڏي ﭘﭧ ﻣﺮزا ﻣﺤﻤﺪ ﻃﺎرق )اﻟﻎ ﺑﻴﮓ( ﺗﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻮن ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ. اﻟﻎ ﺑﻴﮓ‬
‫۴۹۳۱ ۾ اﻳﺮان ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۹۴۴۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺟﺘﻲ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ڏاڏو ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﻫﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ‬
‫وﭸﻲ ﭤﻮ، اﺗﻲ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ‪ ‬ﺷﺎﻫﻪ رخ ۽ ﻣﺎ‪ ‬ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد آرٽ، ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ۽ ﻓﻦ ﺟﺎ ﻣﺘﻮاﻻ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ‬
 ‫ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻮن ﭠﻬﺮاﻳﻮن. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻲ وڏو ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ )اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﻫﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ‪ Ulug Bey, Ulugh Beg‬۽‬
‫‪Ulugh Bek‬ﻟﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ( زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ ﻓﻘﻂ آﺧﺮي ﭔﻪ ﺳﺎل ﻓﺮارود ‪ (Transoxiana‬۽ ﻓﺎرس ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ﻫﻮ ﻋﻠﻢ‬
‫ﻓﻠﻜﻴﺎت )‪ (Astronomy‬ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ ﻣﺌﭥﺲ- ﺟﺌﻴﻦ ﺗﻪ ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ۽ ‪ Spherical‬ﺟﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻮ وڏو ﭴﺎﮢﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ‬
‫اﭸﺎن ﻧﻨﮃو ﭔﺎر ﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺗﻴﻤﻮر ﻟﻨﮓ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﺮاق، اﻳﺮان، ﺷﺎم وﻳﻨﺪي اﻧﮉﻳﺎ ﮔﻬﻤﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﺗﻴﻤﻮر ۶۳۳۱‬
‫۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ۽ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﮇﻫﻦ ﻳﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ۵۰۴۱ ۾ ﺗﻴﻤﻮر ﮔﺬاري وﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﻣﺎ‪ ‬ﺳﺎن‬
‫ﮔﮇ رﻫﮡ ﻟﮙﻮ. ۹۰۴۱ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺷﺎﻫﻪ رخ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻫﺮات ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﮐﻲ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ.‬
‫ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ آﻫﻲ ﭘﺮ ان وﻗﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻲ راڄ ۾ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﻧﻮﺟﻮان ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ﮐﻲ‬
‫ذﻫﻴﻦ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺮﻛﺰ ﺑﻨﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ .ﺳﻤﺮ ﻗﻨﺪ ﺟﻲ رﻳﮕﺴﺘﺎن ﭼﻮڪ وٽ ﻫﻦ ۰۲۴۱ ۾ ”‬
‫ﻣﺪرﺳﮫ“ )ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ( ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ﺣﺴﺎﺑﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮن)‪ (Mathematicians‬ﮐﻲ‬
‫ﻣﺪﻋﻮ ﻛﻴﻮ. ﮀﻬﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻲ اﻫﺎ ﻋﻤﺎرت اڄ ﺑﻪ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۾ ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ. اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ اﻧﮕﻲ ﺣﺴﺎﺑﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن‬
                                                 ‫ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﮔﺮد ﻏﻴﺎث اﻟﻜﺎﺷﻲ )۹۲۴۱-۰۷۳۱( ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.‬
                                               ‫۽ ﻫﻲ ﭔﻪ ﭼﺎر ﺳﭩﻮن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﻬﺎزي دوﺳﺘﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﺟﻲ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻻ‪ ‬آﻫﻦ.‬
‫اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﺷﻮق ‪ Astronomy‬ﺳﺎن ﻫﻮ ۽ ﻫﻦ ۸۲۴۱ ۾ ﻫﻚ ﺗﻤﺎم وڏي‪ Observatory‬ﮔﻮرﺧﺎﻧﻲ زﻧﺞ ﻧﺎﻟﻲ ﭠﻬﺮاﺋﻲ.‬
‫ﭨﻴﻠﻲ اﺳﻜﻮﭘﻦ ﺟﻲ اڻ ﻫﻮﻧﺪ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺣﺴﺎب ﻛﺘﺎب رﮐﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻳﺠﺎد ﻛﻴﻞ ﻓﺨﺮي‪ Sextant‬ﺟﻲ ڊﻳﮕﻬﻪ‬
‫وڌاﺋﻲ ۽ ﻫﻦ اﭨﻜﻞ ۴۹۹ ﺗﺎرن ﺟﻮ ﺣﺴﺎب ﻛﺘﺎب رﮐﻴﻮ. ﻫﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﻋﺮب ﻓﻠﻜﻴﺎت ﺟﻲ ﻣﺎﻫﺮن ﺟﻮن ﭼﻜﻮن ﺻﺤﻴﺢ‬
                  ‫ﻛﻴﻮن. ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭠﺎﻫﻴﻞ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﺌﭩﻼگ ۵۶۶۱ ۾ ﭤﺎﻣﺲ ﻫﺎﺋﻴﮉ آﻛﺴﻔﻮرڊ ۾ ‪ Edit‬ﻛﺮي ﭨﺎﺋﻴﭩﻞ ڏﻧﻮ.‬
‫”‪“Tabulae longitudinis et latitudinis stellarum fixarum exabervation Ulug Beighi‬‬
‫اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺳﺎل ‪ Sidereal Year‬ﺟﻲ ڊﻳﮕﻬﻪ ﭘﮡ ﻛﮃي ﺟﻴﻜﺎ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﺟﻮ ﻫﺮ‬
‫ﺷﺎﮔﺮد ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ﺟﻲ ‪ Tables‬ﮐﺎن واﻗﻒ آﻫﻲ. اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ‪ Sine‬۽ ﭨﺌﻨﺠﻨﭧ ﺟﻲ ڊﻳﺴﻴﻤﻞ )ڏﻫﺎﺋﻲ( ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﭠﻦ اﻧﮕﻦ‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺤﻴﺢ وﺋﻠﻴﻮ ﻛﮃي ﻳﻌﻨﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﭠﻬﻴﻞ ﭠﻜﻴﻞ ﮘﺎﻟﻬﻪ ‪ Trignometric Tables‬اﺳﺎن ﮐﻲ ڏﮐﻴﺎﺋﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ ﭤﺎ‬
‫اﭼﻦ ﺳﻲ ﻫﻦ ۰۰۶ ﺳﺎل اڳ اﻳﺠﺎد ﻛﻴﺎ. اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﺧﺬﻣﺘﻦ ﻛﺮي ۸۸۹۱ ۾ ﺳﻮوﻳﺖ روس )‪ (USSR‬اﻟﻎ ﺑﻴﮓ‬
‫ﺟﻲ ﻳﺎد ۾ ﭘﻮﺳﭧ ﺟﻲ ﭨﻜﻠﻲ ﻛﮃي ۽ ﻟﺌﭩﻴﻮﻳﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ رﻳﮕﺎ ۾ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ‪ ‬ﺟﻲ ﻗﺪ ﮐﺎن وڏي ﻣﻮرﺗﻲ آﻫﻲ،‬
                                             ‫ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻣﻜﺎﻧﻲ زﺑﺎن ۾ ”‪ “Mirzo Ulugbek‬ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻲ .‬
‫ﭼﻨﮉ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ داغ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ اﻫﻲ ﺗﻤﺎم وڏا ﮐﮇا آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﻲ ﻛﻲ ﺗﻪ ﭔﻪ ﭔﻪ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻲ ﮔﻮﻻﺋﻲ ۾ آﻫﻦ. اﻟﻎ‬
‫ﺑﻴﮓ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﻛﻤﻦ ﮐﻲ ‪ Tribute‬ﺑﺨﺸﮡ ﻻ‪ ‬ﺟﺎن ﻫﺎﺋﻴﻨﺮچ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺟﺮﻣﻦ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ۰۳۸۱ ۾ ﭼﻨﮉ ﺟﻲ ﻫﻚ ﮐﮇي‬
                                                             ‫)‪ (Crater‬ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ‪ Ulugh Beigh Crater‬رﮐﻴﻮ.‬
‫ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ۽ ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ۽ ﺷﺎه رخ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ، ﺟﻴﮇو ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ‪ Astronomy‬۽ ﺣﺴﺎﺑﻦ ۾‬
‫ذﻫﻴﻦ ﻫﻮ اﻫﮍو ﻫﻮ ﺣﻜﻮﻣﺘﻲ اﻧﺘﻈﺎم ﺳﻨﭝﺎﻟﮡ ۾ ﺟﮇو ﻫﻮ ۽ ﺟﻨﮕﻴﻮن ﻫﺎراﺋﮡ ﻛﺮي ﻣﻠﻚ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﺣﺼﺎ دﺷﻤﻨﻦ‬
‫ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﺎ. ﻛﺎ ﭔﻪ ﺳﺎل ﺑﻪ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻣﺲ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس وڏي ﭘﭧ ﻋﺒﺪاﻟﻄﻴﻒ ﺳﻨﺪس ﺳﺴﻲ ڌڙ ﮐﺎن ڌار ﻛﺮي‬
‫ﮀﮇي. ان وﻗﺖ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﺣﺞ ﻻ‪ ‬ﺳﻔﺮ ۾ ﻫﻮ ۽ ﺳﻨﺪس ﻻش اﺗﻲ ﺋﻲ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ دﻓﻦ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﻨﺪس‬
‫ﻣﺎﺋﭧ ﺑﺎﺑﺮ )ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﻣﻐﻞ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو( ﻫﻦ ﺟﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﺳﭽﻴﻞ ﻫﮇﻳﻦ ﮐﻲ اﺗﺎن‬
‫ﻛﮃاﺋﻲ ﺳﻤﺮﻗﻨﺪ ۾ ﺳﻨﺪس ڏاڏي ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن دﻓﻦ ﻛﺮاﻳﻮ. اڄ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ۾ ﮔﻬﮍﻧﺪي ﭜﺮﺳﺎن‬
‫ﮔﻮﻫﺮﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﻨﺪس ﻻﺋﻖ ﻓﺎﺋﻖ وڏو ﭘﭧ اﻟﻎ ﺑﻴﮓ ﻳﺎد اﭼﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻋﻠﻢ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ﭨﺮﮔﻨﺎ ﻣﻴﭩﺮي‬
‫ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ اﻳﺠﺎد ﻛﺮي اڄ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ‪ Sextant‬ذرﻳﻌﻲ ﺳﻤﻨﮉ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻮزﻳﺸﻦ‬
‫ﻣﻌﻠﻮم ﻛﺮڻ ۾ ﺳﻬﻮﻟﻴﺖ ﭤﺌﻲ ﭤﻲ. اڄ اﺳﺎن ﭨﺮﮔﻨﺎﻣﻴﭩﺮي ذرﻳﻌﻲ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ ﻃﺌﻲ ﻛﻴﻞ ﻓﺎﺻﻠﻮ ﺳﺞ ۽ ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ‬
                                                                                 ‫ذرﻳﻌﻲ ﻣﺎﭘﻴﻮ وﭠﻮن.‬
                      ‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻫﺌﻲ‬

‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ڏي ﻣﻮﭨﮡ وﻗﺖ ”ﺻﺤﻦ ﺟﺎﻣﻊ رﺿﻮي“ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ‬
‫ﺗﻪ ”اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮﻟﺮز“ ﻃﺮﻓﺎن ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻞ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﻟﻴﮉر ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻨﻬﻦ ۸۳۷۱ ۾ اﻧﮉﻳﺎ وﭸﻲ ﭰﺮ ﻛﺌﻲ، ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻬﻮن اﺷﺎرو‬
‫ﻛﺮي ڏﻳﮑﺎرﻳﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮي ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮار ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻮ ﻫﺘﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ‬
                                                                                           ‫آﻫﻲ.‬
‫”ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻫﻮ ﻛﻬﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ. دراﺻﻞ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل ﻃﺮﻓﺎن اﺳﺎﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻮن ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ‬
‫ﺟﺎﻳﻮن ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ آﻫﻲ. ﭘﺮ آﺋﻮن وچ وچ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ ﻧﻜﺮﻳﻮ وﭸﺎن. ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ‬
‫اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ زﻳﺎرﺗﻦ ڏﻳﮑﺎرڻ ﺟﻮ ﻣﺪو ﻫﻚ ﻫﻔﺘﻮ ﭘﻮرو ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ اﻳﺮان ۾ ﭔﻪ ﭨﻲ ﻫﻔﺘﺎ رﻫﻲ ﻫﻚ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز‬
‫ﺗﻲ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺘﻦ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ، ۽ ﭔﻴﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ‬
‫ﺷﻴﺮاز، ﺗﺒﺮﻳﺰ، اﺻﻔﻬﺎن، زاﻫﺪان وﻏﻴﺮه ڏﺳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ ۽ ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻛﻴﮉﻣﻲ، ﺟﻴﻜﺎ اﻳﺮان‬
‫ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺳﺎن ﮘﻨﮃﻳﻞ آﻫﻲ ۽ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﻛﻨﺎري واري ﺷﻬﺮ ”ﮀﺎﺑﻬﺎر“ ۾ آﻫﻲ، اﺗﻲ ﺟﻲ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ‬
‫ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﻫﻔﺘﻮ ﮐﻦ ﺷﭗ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ ۽ ﻧﻴﻮل آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ ﺟﺎ ﻟﻴﻜﭽﺮ ڏﻳﮡ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ. اﻳﺮان ۾ اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ‬
‫آﺋﻴﮉﻳﺎ ﻧﻪ ﻫﺌﻢ ﭘﺮ ﻫﺎڻ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮﻳﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﻫﻲ ﺟﺘﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن ﺟﻲ ﺻﻮرت‬
‫ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ۽ ﻫﻚ ﻋﻮرت ﺑﻪ اﻛﻴﻠﻲ ﺳﺮ ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ. ۽ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ آﻳﻞ ڌارﺋﻴﻦ ﻻ‪ ‬اﻧﮉﻳﺎ، ﺟﭙﺎن ﻳﺎ‬
‫ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب واﻧﮕﺮ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻟﮙﻞ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﺷﻬﺮﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺤﺪود رﻫﻲ. ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ‬
‫ڌارﻳﻮن ﻣﺴﺎﻓﺮ آزاد آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻟﮙﺎﺗﺎر ﭨﻲ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﮔﻬﻤﻨﺪو وﺗﻲ . ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻫﻔﺘﻮ‬
‫ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻓﻘﻂ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻮن ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬وﻗﻒ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ ﭘﺮ وچ وچ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﺎﻋﺮن،‬
‫ادﻳﺒﻦ، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن ۽ ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ ﻫﻠﻴﻮ وﭸﺎن ﭤﻮ. اﻧﻬﻦ ۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم، ﻓﺮﻳﺪاﻟﺪﻳﻦ ﻋﻄﺎر،‬
‫ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻮڪ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍن ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا ۽ ﭔﻴﻮن ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻮن آﻫﻦ، ﺟﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺮوپ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ آﻫﻲ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ وﻗﺖ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺗﻲ ﻋﺒﺎدت ۾ ﮔﺬري ﭤﻮ، ﻳﺎ وري ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ وڏي ﺑﺎزار-‬
                                                                          ‫”ﺑﺎزار رﺿﺎ“ ۾ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﻛﻨﺪي.‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺘﺎن ﻛﻮ ﻣﻴﻞ ڏﻳﮉ ﺟﻲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ. اﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ‬
                                        ‫ﺷﻬﺪا اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺗﻲ ان ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن آزادي اﺳﭩﺮﻳﭧ ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ ﻣﺮﻣﺖ ۽ ان ﻣﭥﺎن ﻫﻲ‪ ‬ﻣﻮﺟﻮده ﻣﻮرﺗﻲ )‪ (Statue‬ﭼﺎر ﭘﻨﺞ ڏﻫﺎﺋﻴﻮن اڳ ۹۵۹۱ ۾ ﻣﻜﻤﻞ ﭤﻲ.‬
‫ﻛﻨﻜﺮﻳﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ وڏي ‪ Slab‬ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن زﻣﻴﻦ دوز ﺣﺠﺮو آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ ۽ ان ﺳﻠﺌﺐ ﻣﭥﺎن‬
‫ﭨﺎﻣﻲ ۽ ﻗﻠﻌﻲ )‪ (Bronze‬ﺟﻲ ﻣﻮرﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻚ ﮔﻬﻮڙي ﺳﻮار ﺟﻲ آﻫﻲ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ ﭘﭩﻜﻮ ۽ ﻫﭣ ۾‬
‫ﻛﻬﺎڙي آﻫﻲ. ان ﺟﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﭔﻴﺎ ﭘﻴﺎدا ﺳﭙﺎﻫﻲ آﻫﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﺎﻧﮉر )ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ آﻫﻲ( ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮﺟﻴﻦ ﺳﺎن‬
‫ﮔﮇ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻨﮕﻲ ﻣﻬﻢ ﻻ‪ ‬وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. اﻫﻮ ﭘﻨﺞ ﻣﻴﭩﺮ )ﻳﻌﻨﻲ ۵۱ ﮐﻦ ﻓﭧ( اﺗﺎﻫﻮن ﻣﺠﺴﻤﻮ آﻫﻲ ۽ ان ﺟﻮ وزن ۴۱‬
‫ﭨﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﭼﺎرﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻣﮡ ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻫﻲ‪ ‬ﻣﻮرﺗﻲ )ﻣﺠﺴﻤﻮ( ﻣﺸﻬﻮر اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﺖ ﺗﺮاش )ﻣﺠﺴﻤﻲ ﺳﺎز( اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ‬
‫ﺻﺎدﻗﻲ )۵۹۹۱-۷۹۸۱( ڊﻳﺰاﺋﻴﻦ ﻛﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻮ‪ ‬اﭨﻠﻲ‪ ‬۾ اﺗﻲ ﺟﻲ ‪ Sculptor‬ﺑﺮوﻧﻲ ﺗﻴﺎر ﻛﻴﻮ. ﻣﺮﺣﻮم اﺑﻮاﻟﺤﺴﻦ‬
‫ﺻﺎدﻗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻋﻈﻴﻢ ﭼﺘﺮﻛﺎر )‪ (Painter‬ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮ. ﻛﻤﺎل ﻣﻠﻚ ﺟﻮ واﺳﻄﻮ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ﺳﺎن رﻫﻴﻮ‬
‫۽ ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم ۽ ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر ﺟﻮ ﭘﮡ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ. اﻧﻬﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ‬
‫ﺟﻮ اﺣﻮال اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﺪاﺳﻴﻦ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﻧﮉﻳﺎ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﻣﺸﻬﺪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ‬
‫ﺑﮣﺎﻳﻮ ۽ اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ﻫﻨﮅان ﻣﺎل ﺟﻲ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮي ﻫﺘﺎن اﭼﻲ ﭤﻲ ﻧﻜﺘﻮ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻣﻘﺒﺮي وٽ ﻫﻚ ﻧﻨﮃڙو‬
‫ﻣﻴﻮزم ۽ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي ﭘﮡ آﻫﻲ. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮن ﻳﺎدﮔﺎر ﺷﻴﻮن ﺧﺎص ﻛﺮي ﺟﻨﮕﻲ ﻧﻮﻋﻴﺖ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ۰۳۱ ﻧﻨﮓ‬
‫ﭤﻴﻨﺪا، ﻫﻦ ﻣﻴﻮزم ۾ رﮐﻴﻞ آﻫﻦ. اﻫﻮ روزاﻧﻮ ﺳﺎڍي ﺳﺘﻴﻦ ﮐﺎن ﺳﺎڍي ﭔﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﭔﻲ ﮐﺎن ﺳﺎڍي ﭼﺌﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ‬
                                        ‫ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻻ‪ ‬ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻲ ﭤﻮ. ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻤﻌﻮ ﺑﻨﺪ رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
                                    ‫ُ‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻋﺠﻴﺐ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﭼﺮﻳﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻫِﺘﺎن ﻫﺘﺎن ﭰﺮ ﻛﺮي اﻳﺮان ۾ ﻣﺎل آﻧﺪو ﭤﻲ ﭘﺮ‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻣﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﺧﻮش ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺷﻚ ﺟﻲ ﺑﻨﻴﺎد ﺗﻲ ﻣﺎرﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﭤﻲ. ﻟﮙﺎﺗﺎر ﺟﻨﮕﻴﻦ ﭘﻮﻳﺎن ﭰﺮ‬
‫ﺟﻮ آﻧﺪل ﭘﺌﺴﻮ ﺧﺮچ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ وڌﻳﻚ ﺧﺮﭼﻦ ﺟﻲ ﭘﻮراﺋﻲ ﻻ‪ ‬ﻋﻮام ﻣﺎن اوﮘﮍ ﻛﻨﺪو وﺗﻴﻮ. آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫رﻫﺎﻛﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﮐﻲ زوري‪ ‬ﺳﻨﻲ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﮐﻲ ﺛﻮاب ﺟﻮ ﻛﻢ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻟﮙﻮ ﺑﺎﻗﻲ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﭘﮍﻫﻲ ﻧﻤﺎز ﺑﻪ ﻧﭥﻲ ﭤﻲ. ﺣﻤﻠﻦ‬
‫دوران ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر واﻧﮕﺮ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻫﺰارﻳﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺎرﻳﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻮ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺗﻴﻤﻮر ۽ ﭼﻨﮕﻴﺰ ﺧﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﺎڊل آﻫﻦ.‬
‫ﺳﺨﺖ ﺳﺌﻜﻮ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻫﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﺌﺎ رﮘﻮ ﺣﻜﻴﻢ ۽ ﭰﻴﮣﻮ ﭰﻜﻲ ﻛﺮڻ وارا. ﻫﺠﻲ ﻫﺎ ﻛﻮ‬
‫ﻧﻔﺴﻴﺎﺗﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﻳﺎ ﺳﺌﻜﺎﭨﺮﺳﭧ ﺗﻪ ﻫﻦ ‪ Paranoid‬ﺟﻮ ﻋﻼج ﻛﺮي ﻫﺎ ۽ ﭘﺎڻ ۽ ﻋﻮام ﺑﻲ وﻗﺘﺎﺋﺘﻲ ﻣﻮت ﮐﺎن ﺑﭽﻲ وﭸﻦ‬
‫ﭤﺎ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ۷۴۷۱ ۾ ﻫﻮ ﻛﺮدن ﮐﻲ ﻣﻮﭼﮍا ﻫﮣﮡ ﻻ‪ ‬ﺧﺮاﺳﺎن وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻓﺘﺢ آﺑﺎد ﺷﻬﺮ ۾ ﺳﻨﺪس‬
            ‫ﮔﺎرڊن ﺟﻲ ﻛﻤﺎﻧﮉر ﺻﺎﻟﺢ ﺑﻴﮓ ﮐﻴﺲ ﻧﻨﮉ ﻣﺎن اﭤﺎري، ﺧﻨﺠﺮ ﺟﺎ ﻣﭥﺲ وار ﻛﺮي ﭔﻲ ﺟﻬﺎن اﻣﺎﮢﻲ ﮀﮇﻳﺲ.‬
‫ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ۸۹۶۱ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ”دﺳﺖ ﮔﺮد “ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺎري‪ ‬ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﺳﻨﺪس ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻓﺸﺎر‬
‫ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﭘﺎڻ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﻓﺸﺎر ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻧﺎدر ﻗﻠﻲ ﺑﻴﮓ ۽ ﺗﻬﻤﺎ ﺷﭗ ﻗﻠﻲ ﺧﺎن ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﻧﺎدر‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﻧﻨﮃو ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﭘﻲ‪ ‬ﮔﺬاري وﻳﻮ ۽ ﭘﺎڻ ۽ ﺳﻨﺪس ﻣﺎ‪ ‬ازﺑﻚ ﻳﺎ ﺗﺮﻛﻮﻣﻦ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ڌاڙﻳﻠﻦ ور ﭼﮍﻫﻲ وﻳﺎ ﺟﻦ‬
‫ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻏﻼم ﻛﺮي وﻛﮣﮡ ﺟﻲ ﭤﻲ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻧﺎدر ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ور ﻣﺎن ﭜﭵﻲ وﭸﮡ ۾ ﻛﺎﻣﻴﺎب ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮ‬
‫ﺟﻲ ﻧﻮﺟﻮان داداﮔﻴﺮن ﺟﻲ ﻫﻚ ﮔﺌﻨﮓ ﺟﻮ ﻣﻴﻤﺒﺮ وﭸﻲ ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎﻻر ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻧﻨﮃي ﻟﻴﻮل‬
‫ﺗﻲ، ان ﺑﻌﺪ وڏي ﭘﺌﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﺟﻬﻴﮍا ۽ ﻟﮍاﺋﻴﻮن ﻛﻨﺪو ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻟﻴﮉر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﻴﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﺮدارن ﺟﻲ‬
‫زور ﺗﻲ ۶۳۷۱ ۾ )۸۳ ورﻫﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾( اﻳﺮان ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ. ﺗﺎﺟﭙﻮﺷﻲ ﺑﻌﺪ ۸۳۷۱ ۾ ﻫﻦ ﻗﻨﮅار ﺗﻲ ﻛﺎﻫﻪ‬
‫ﻛﺌﻲ ۽ ﺳﺎل ﺑﻌﺪ ۹۳۹۱ ۾ ﻛﺮﻧﺎل ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ۾ ﻫﻦ ﻣﻐﻞ ﻓﻮج ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎر ﻛﻴﻮ ۽ ﻫﻚ ﻓﺎﺗﺢ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن دﻫﻠﻲ‪ ‬۾ داﺧﻞ ﭤﻴﻮ. دﻫﻠﻲ‪ ‬۾ ﻛﺎﻓﻲ وﮘﻮڙ ﻣﭽﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﻮﺟﻦ ﭨﻴﻬﻪ ﻫﺰار ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﺷﻬﺮي ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﺎ. ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻐﻞ ﮐﻲ ﻣﻌﺎﻓﻲ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﭔﺎڏاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻫﻦ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺣﻮاﻟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺟﻮن ﭼﺎﭔﻴﻮن ۽ ﻣﻮرﺗﺨﺖ )‪ (Peacock Throne‬ﻛﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ‬
‫)اﻳﺮان( ﺟﻲ ﺷﺎن ﺷﻮﻛﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻲ ﻧﺸﺎﻧﻲ رﻫﻴﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻴﺮا ﺟﻮاﻫﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن ﮐﻨﻴﺎ‬
‫اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ۽ درﻳﺎﻫﻪ ﻧﻮر )ﺟﺒﻞ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ ۽ ﺳﻤﻨﮉ ﺟﻲ روﺷﻨﻲ( ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻴﺮا ﭘﮡ ﻫﺌﺎ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﻫﺰارﻳﻦ ﻫﺎﭤﻲ، ﮔﻬﻮڙا ۽ اٺ ﮐﻨﻴﺎ ﺟﻦ ﺗﻲ ﻫﻮ ﭰﺮ ﺟﻮ ﺳﺎﻣﺎن رﮐﻲ ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ اﻳﺮان ﮐﺎن اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ.‬
                 ‫ﻫﻲ ﻣﺎل اﻳﮇو ﺗﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ان ﺑﻌﺪ ﭨﻦ ﺳﺎل ﻻ‪ ‬اﻳﺮن وارن ﻻ‪ ‬ﭨﺌﻜﺲ ﻣﻌﺎف ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ.‬
‫اﻧﮉﻳﺎ ﮐﺎن واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺻﺤﺖ ﺻﺤﻴﺢ رﻫﮡ ﻧﻪ ﻟﮙﻲ ان ﻛﺮي ﺳﺨﺖ ﭼﮍﭼﮍو ﭤﻲ ﭘﻴﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن‬
‫اڳ ﻛﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﻫﻼﺋﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻣﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ. ان ﺗﻲ ﭘﭡﻴﺎن وﻳﭡﻞ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ رﺿﺎ ﻗﻠﻲ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺧﺒﺮ‬
‫ﻟﻬﮡ ﺑﺪران ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻫﮡ ﺟﻲ ﺗﻴﺎري ﻛﺌﻲ ۽ ﻣﺎﮘﻬﻴﻦ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﺋﭩﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. وﻳﻨﺪي ﭘﺮاﮢﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺷﺎﻫﻪ‬
‫ﺗﺎﻫﻤﺎ ﺷﭗ ۽ ان ﺟﻲ ﻧﻮن ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭘﭧ ﻋﺒﺎس ﺳﻮم ﮐﻲ ﺑﻪ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﻧﺎدر اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺑﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ ۽‬
‫ﭘﭩﻴﻨﺲ ﮐﻲ ﮀﻨﮉ ﻛﮃﻳﺎﺋﻴﻦ. اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻧﺎدر ﮐﻲ ﻣﺎرڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﺑﭽﻲ وﻳﻮ. ﭘﺮﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ‬
‫ﺗﻪ ان ﻛﻢ ﭘﭡﻴﺎن ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﺟﻮ ﻫﭣ آﻫﻲ. ﺳﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ رﺿﺎ ﻗﻠﻲ‪ ‬ﺟﻮن اﮐﻴﻮن ﻛﮃراﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭘﻮ‪‬‬
‫ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻣﻌﻠﻮم ﭤﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ان ﻣﻌﺎﻣﻠﻲ ۾ ﺳﻨﺪس ﭘﭧ ﻣﻌﺼﻮم ﻫﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻧﺎدر ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ دﻣﺎغ ﺗﻮاﺋﻲ‬
                                                                        ‫ُ‬
‫ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ.ﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ڌر ﺗﻲ ﺷﻚ ﻛﺮي ان ﮐﻲ ﻣﺎراﻳﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ ﻗﺘﻞ ﻋﺎم‬
‫ﺟﻲ ﻛﻬﺎﮢﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻫﻮ ﺳﭡﻮ ﺳﭙﺎﻫﻲ ۽ وﻳﮍﻫﺎڪ ﺑﻪ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻧﻴﻮي ﭠﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻋﺮﺑﻦ ﮐﺎن‬
‫ﺑﺤﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﭧ ﮐﺴﻲ ورﺗﻮ. ۳۴۷۱ ۾ ﻫﻦ اوﻣﺎن ۽ ﻫﻦ ﺟﻮ اﻫﻢ ﺷﻬﺮ ﻣﺴﻘﻂ ﻓﺘﺢ ﻛﻴﻮ. ﭘﺮ ﺳﺎﮘﻲ وﻗﺖ ﺑﻴﻤﺎري‬
‫ﻛﺮي ﻫﻮ وﻳﻮ وڌﻳﻚ ﻇﺎﻟﻢ ﭤﻴﻨﺪو ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻲ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﻮ ﭨﺌﻜﺲ وﭠﮡ ﻟﮙﻮ. ﻧﺘﻴﺠﻲ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ‬
‫ﺑﻐﺎوﺗﻮن ﺷﺮوع ﭤﻲ وﻳﻮن ﺟﻦ ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ ڏﻳﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﻦ ﻻش ﺟﺎ ڍﻳﺮ ﻟﮙﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻴﺮو ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ واﻧﮕﺮ‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﻮ اﻫﺮام ﭠﻬﺮاﺋﻴﻨﺪو ﻫﻮ، ﻫﻲ ﭘﮡ اﻧﺴﺎﻧﻲ ﮐﻮﭘﮍﻳﻦ ﺟﺎ ﭨﺎور ﭠﻬﺮاﺋﮡ ﻟﮙﻮ. ﭼﮝﻮ‬
‫ﺟﻮ ﺳﻨﺪس ﭼﻮﻛﻴﺪار ﺻﺎﻟﺢ ﺑﻴﮓ ﮐﻴﺲ ﺳﺘﻲ ﻣﺎن ﺟﺎﮘﺎﺋﻲ ﻣﺎري ﮀﮇﻳﻮ- ﺟﻴﺌﺮو رﻫﻲ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ اﭸﺎ ﻛﻴﺘﺮا ﻗﺘﻞ‬
‫ﻛﺮي ﻫﺎ. رات ﺟﻲ ﻣﺎﻧﻲ‪ ‬ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻗﺎﻓﻠﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮉر ۽ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﺋﻮن ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻴﺲ ﻳﺎ‬
                                                                                                ‫ﻧﻪ؟‬
‫”ﺟﻲ ﻫﺎ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﺲ“ ، ﻣﻮن وراﮢﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ، ” ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻓﻮﭨﻮ ﻛﮃﮢﻮ ﻫﻮ ان ﻻ‪ ‬ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻲ وﻳﺲ، ﻧﻪ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﻛﻮ اﻫﮍو‬
                                 ‫ﭼﮝﻮ ﻣﮍس ﻧﺎﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ وﭸﮡ ﺟﻲ ﺿﺮورت ﭘﻮي.“‬
                              ‫اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ..................‬

‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﭼﺮﺋﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ، ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻣﭥﺎن ﭠﻬﻴﻞ ﺳﻨﺪس ﻣﺠﺴﻤﻮ )ﮔﻬﻮڙﻳﺴﻮار( ﺟﻴﻜﻮ‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ دري‪ ‬ﻣﺎن ﺑﻪ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ، ﻧﻪ ﻓﻘﻂ دﻫﻠﻲ ۽ ﻛﺎﺑﻞ ﻗﻨﮅﻫﺎر ۾ ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺌﻲ ۽ ﺑﺎﻫﻪ ﭔﺎري ﭘﺮ ﻏﺮﻳﺐ‬
                                                                               ‫ﺳﻨﮅ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﺑﺨﺸﻴﻮ.‬
‫اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻨﺪ ﺗﻮڙي ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﻮڙي ﻣﻌﺎﺷﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻴﺤﺪ ﻛﻤﺰور ﻫﺌﻲ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﺣﻤﻠﻦ ۽‬
                                                             ‫ﭰﺮﻟﭧ دوران ﻛﺎﺑﻪ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﭘﻴﺶ ﻧﻪ آﺋﻲ.‬
‫ﺳﻮﻣﺮا، ان ﺑﻌﺪ ﺳﻤﺎ، ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺳﮇﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ، اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ۰۰۵ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ اﻗﺘﺪار‬
‫رﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﺳﻨﮅ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﭸﺎﻳﻞ اﮘﻮﮢﻮ اوج وري ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﻮ. ﺳﻦ ۰۲۵۱ ۾ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﻴﮓ ارﻏﻮن ﭠﭩﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ‬
‫ﻛﻴﻮ ۽ ان ﺣﻤﻠﻲ ﺳﺎن ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺳﻨﻬﺮي ﺑﺎب ﺟﻮ ﺧﺎﺗﻤﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ، ﺑﻘﻮل ﺷﻮﻛﺖ ﺷﻮرو ﺟﻲ،‬
‫ﺳﻨﮅ ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﭜﻴﺮو وري اﻫﮍي ﻏﻼﻣﻲ، ﻇﻠﻢ ۽ ﺑﺮﺑﺮﻳﺖ واري دور ۾ داﺧﻞ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭔﻪ ﺻﺪﻳﻮن ارﻏﻮن،‬
‫ﺗﺮﺧﺎن ۽ ﻣﻐﻠﻦ ﻣﭥﺲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ﺳﻨﮅي ﻣﻌﺎﺷﺮو ان ﺗﺒﺎﻫﻲ ۽ ﭜﭷ ڊاﻫﻪ واري دور ﻣﺎن ﮔﺬرﻳﻮ ﺗﻪ وري ﺳﻨﺌﻴﻦ‬
‫ﻟﮝﻲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﺟﻲ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻳﻮﺳﻒ ﻣﻴﺮڪ ”ﺗﺎرﻳﺦ ﻣﻈﻬﺮ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎﻧﻲ“ ۾ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ‬
‫ﺗﻪ ”ﻫﻦ ﻣﻠﻚ )ﺳﻨﮅ( ﺟﻮن ﺣﺎﻟﺘﻮن وﭸﻲ ان ﺣﺪ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﻴﻮن، ﺟﻮ ان ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻛﻮ ﭘﮁﮡ وارو ﻛﻮﻧﻪ رﻫﻴﻮ ۽ ُاﻫﻲ‬
                                                                          ‫ﻣﻈﻠﻮم ۽ ﺑﻲ واﻫﺎ ﺑﻨﺠﻲ وﻳﺎ.“‬
‫ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻮ ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ۷۰۷۱ ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ. ﺳﻨﮅ ان وﻗﺖ ﺳﺨﺖ اﻧﺘﺸﺎر واري دور ﻣﺎن ﮔﺬري رﻫﻲ‬
‫ﻫﺌﻲ. اﻫﺎ ﭨﻜﺮن ۾ ورﻫﺎﻳﻞ ﻫﺌﻲ. ﺑﮑﺮ، ﺳﻴﻮﺳﺘﺎن، ﺳﺒﻲ ۽ ﭠﭩﻲ ﺟﻮن اﻟﮗ اﻟﮗ ﻧﻈﺎﻣﺘﻮن ﻫﻴﻮن. ﻣﻴﺎن ﻧﺼﻴﺮ‬
‫ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻟﺸﻜﺮ ﭠﺎﻫﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ اﻗﺘﺪار ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ان ﮐﻲ ڌارﻳﻦ ﮐﺎن آﺟﻮ ﻛﺮڻ ﺟﻲ‬
‫ﻛﻮﺷﺶ ۾ ﻛﻨﻬﻦ ﺣﺪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ. ۲۹۶۱ ۾ ﻫﻦ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس وڏي ﭘﭧ ﻣﻴﺎن دﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫ﺑﻪ ۸ ﺳﺎل اﻗﺘﺪار ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ. ﮐﻴﺲ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﭘﭧ ۽ ان وﻗﺖ ﻣﻠﺘﺎن ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺷﻬﺰادي ﻣﻌﺰدﻳﻦ ۰۰۷۱ع ۾ ﮔﺮﻓﺘﺎر‬
‫ﻛﺮي ﻣﻠﺘﺎن ۾ ﭰﺎﻫﻲ ڏﻳﺌﻲ ﮀﮇي. ان ﺑﻌﺪ ﻣﻴﺎن ﻧﺼﻴﺮ ﺟﻲ وﭼﺌﻴﻦ ﭘﭧ ﻣﻴﺎن ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻣﻐﻠﻦ ﻃﺮﻓﺎن اڌ ﮔﺎﺑﺮي ﺳﻨﮅ‬
‫ﺟﻮ اﻗﺘﺪار ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. ۷۰۷۱ ع ۾ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﮔﺰاري وﭸﮡ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ان ﺟﻲ اوﻻد ۾ ﺣﺎل ﻧﻪ ﻫﻮ ان‬
‫ﻛﺮي ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﻫﻚ ﺳﮕﻬﺎرو ﺣﺎﻛﻤﺮان ﭤﻲ اﭜﺮﻳﻮ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻴﺎت اﻳﺘﺮي ﺗﻪ ﺳﺴﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻮ‬
                                                                                 ‫ﺑﻘﻮل ﻛﻼاﺋﻴﻮ ﺟﻲ:‬
‫”.‪“With the death of Aurangzeb, sovereignty had fallen to the ground, for any body to pick it up‬‬
‫ﺳﻮ ﺳﻨﮅ ۾ ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﺧﺎن ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﭘﺨﺘﻮ ﻛﺮي ورﺗﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﭥﻴﺎرﺑﻨﺪ ﻓﻘﻴﺮن ؛ ﺗﺎﺟﻲ ۽ ﺟﺎدي‬
‫ﻣﻐﻞ ﻛﻤﺎﻧﮉر اﻣﻴﺮﺷﻴﺦ ﺟﻬﺎن ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي، ﺑﮑﺮ ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ اﻟﻬﻪ ﻳﺎر ﺧﺎن ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﭜﭵﺎﺋﻲ ﻛﮃﻳﻮ. اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﺟﻮ‬
‫ﭘﭧ ﻣﻌﻴﺰ دﻳﻦ ﺟﻴﻜﻮ ﻻﻫﻮر ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ ﺗﻨﻬﻦ دﻳﻦ ﻣﺤﻤﺪ واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺮڻ ﺟﻮ‬
            ‫ﺳﻮﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻮ اﺑﺘﮍ رخ ڏﺳﻲ ﻫﻦ ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺋﻲ ﭤﻲ رﻫﮡ ﻻ‪ ‬رﺿﺎﻣﻨﺪي ڏﻳﮑﺎري.‬
‫ﻣﻴﺎن ﻳﺎر ﻣﺤﻤﺪ ﺳﺒﻲ، ڍاڍر، ﮔﻨﺠﺎﺑﺎ، ﺑﮑﺮ ۽ ﺳﻴﻮﻫﮡ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ وﺟﻮد ﮐﻲ ﻧﺌﻴﻦ‬
‫ﺳﺮﮘﻨﮃﻳﻮ، ﭘﺮ ﭠﭩﻲ ﺟﻮ ﺻﻮﺑﻮ اﭸﺎ ﻣﻐﻞ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺗﺴﻠﻂ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ. ﻣﻴﺎن ﻳﺎرﻣﺤﻤﺪ ﺟﻲ واﻓﺎت ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﺳﻨﺪس وڏو ﭘﭧ‬
‫ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ۹۱۷۱ع ۾ ﺳﻮا‪ ‬ﭠﭩﻲ ﺟﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﮅ آزاد ﺣﺼﻦ ﺗﻲ ﺣﻜﻤﺮان ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﭠﭩﻮ ﺑﻪ ﻣﻐﻠﻦ ﮐﺎن‬
‫آزاد ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺮ زﻧﺪه ﭤﻲ وﻳﻮ. ان ﻟﺤﺎظ ﮐﺎن ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻮ دور ﺧﺎص اﻫﻤﻴﺖ وارو‬
‫ﻟﻴﮑﺠﮡ ﻟﮙﻮ ﭘﺮ ﺑﺪﻗﺴﻤﺘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﭤﻮري وﻗﺖ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﻫﻚ ﻧﺌﻴﻦ دﻫﺸﺘﻨﺎڪ ﻣﺼﻴﺒﺖ دﻫﻠﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﺑﺎﻫﻪ ۽ رت ﺟﻲ‬
‫وﻫﻜﺮي ۾ وﻫﺎﺋﻴﻨﺪي، ﻃﻮﻓﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ اﻓﻖ ﺗﻲ ﮀﺎﻧﺌﺠﻲ وﺋﻲ. اﻳﺮان ﮐﺎن ﻟﺸﻜﺮ ﺳﻤﻴﺖ ﻧﻜﺘﻞ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ‬
‫ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ۹۳۷۱ ۾ دﻫﻠﻲ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي، ﭰﺮﻟﭧ ﺑﻌﺪ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﺳﺮزﻣﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺣﻜﻢ ﻫﻴﭟ آﮢﻲ ﻣﺸﻬﺪ ڏي‬
‫رواﻧﮕﻲ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ. واٽ ﺗﻲ ﻛﺎﺑﻞ ﭘﻬﭽﻲ ﻛﺠﻬﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬اﺗﻲ ﻣﻨﺰل ﻛﺌﻲ، ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ‬
‫ﻛﺎﺑﻞ ۾ ﭘﺎڻ وٽ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬ﮔﻬﺮاﻳﻮ. ﭘﺮ ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻧﻪ ﻛﺎﺑﻞ وﻳﻮ ۽ ﻧﻪ ﺋﻲ ﮐﻴﺲ ﻛﻮ ﺟﻮاب ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ. ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ‬
‫ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻬﮍي ﺧﻮﻓﻨﺎڪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺎن ﭘﺮي ﺋﻲ رﻫﺠﻲ. ﻫﻦ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ دﻫﻠﻲ‪‬‬
‫ﮐﻲ اﻳﮇو ﻟﭩﻲ ﻣﺎل دوﻟﺖ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﭘﻴﻮ وﭸﻲ ﺳﻮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﮅ ﺟﻬﮍي ﻏﺮﻳﺐ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺳﺎن ﻛﻬﮍي دﻟﭽﺴﭙﻲ ۽‬
‫ﻛﻬﮍي ﻳﺎد ﭘﺎد ! ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻮ وري ﺧﺎص ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮي ﺳﭵﻲ ﻟﺸﻜﺮ ﺳﺎن ﻫﻠﻲ ﻣﻠﻲ اﭼﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻮ ﻛﺮي. ﭔﻦ‬
‫ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﮐﺎن اﻫﻮ ﺑﻪ وﺳﺮي وﻳﻨﺪو ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﻮ ﻧﻮر ﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻴﺎﭘﻮ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ. ﭘﺮ ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮ ﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ. ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻫﮍي رﻳﺖ ﻫﻚ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻲ ﭘﺎڻ ﺑﭽﺎﺋﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﭔﻴﺎ ﺑﻪ اﺋﻴﻦ‬
‫ﺋﻲ ﻛﻨﺪا ۽ ﻛﻨﭩﺮول ﻣﺎن ﻧﻜﺮي وﻳﻨﺪا ﺳﻮ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﮘﺘﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ﻣﺸﻬﺪ وﭸﮡ ﺑﺪران، ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ ﮐﻲ ﺳﺎڻ‬
                                                                           ‫ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ڏي ﻛﻮچ ﻛﻴﻮ.‬
‫ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﻛﺎﭘﺎري ڌڪ ﻫﻨﻴﻮ. ﻧﺎدر ڌاڙو ﻫﮣﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﺎن ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﮍي ﭔﻬﺎري ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﮣﻲ‬
‫وﻳﻮ. ﻧﺎدر ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ۽ ﮘﻮٺ وﻳﺮان ﭤﻲ وﻳﺎ. ﺑﻴﭡﻞ ﻓﺼﻞ ﭜﻴﻠﺠﻲ وﻳﺎ. ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﺎ ﮔﻬﺮ ﭔﺎر اﺟﮍي وﻳﺎ.‬
‫اﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اﺟﻬﺎ ﮀﮇي درﺑﺪر ﺧﺎڪ ﺑﺴﺮ رﻟﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ﺳﻨﺪن ﻣﻴﮍي ﭼﻮﻧﮉي ﺳﭛ ﻟﭩﺠﻲ وﺋﻲ. ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻋﺎم وﺳﻴﻠﻦ ﮐﻲ‬
‫ﻛﺎﭘﺎري ڌڪ ﻟﮙﻮ ۽ اﻧﺘﻈﺎﻣﻲ ﺳﺮﺷﺘﻮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﻮ. اﻳﮇي ﺗﺒﺎﻫﻲ ۽ ﺑﺮﺑﺎدي ﺑﺎوﺟﻮد ﻣﻴﺎن ﻧﻮ ر ﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﻧﺎدر‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻧﻪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻣﺰاﺣﻤﺖ ﻛﺮڻ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺟﺎن ﺑﭽﺎﺋﻲ ﻋﻤﺮ ﻛﻮٽ ۾ وﭸﻲ ﭘﻨﺎﻫﻪ‬
‫ورﺗﻲ. ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﺟﻲ آس ﭘﺎس ﭘﺮي ﭘﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ واري‪ ‬ﺟﻮن ﭜﭩﻮن ﻫﻴﻮن. ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﭤﺮ ﺟﻬﮍي‬
‫رﻳﮕﺴﺘﺎن ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ وڏي ﻓﻮج ﺳﺎن اﭼﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻨﺪو. ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ُاﻫﺎ ﭜﻞ ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻲ. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﭘﻬﭽﻲ وﻳﻮ ۽‬
                                          ‫ُ‬
‫ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ﻫﻦ اﮘﻴﺎن ﭘﻴﺶ ﭤﻴﮣﻮ ﭘﻴﻮ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻜﺎرﭘﻮر ﺟﻮ ﺣﺼﻮ داﺋﻮد ﭘﻮﭨﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ. ﺳﺒﻲ، ڍاڍو‬
‫ﺟﻮ ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺑﺮوﻫﻴﻦ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ، ﺑﺎﻗﻲ ﺳﻨﮅ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ ان ﺷﺮط ﺳﺎن ﺑﺨﺸﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺮ ﺳﺎل وﻳﻬﻪ ﻟﮏ‬
‫رﭘﻴﺎ ڏن ﻃﻮر اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪو رﻫﻨﺪو. ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﻫﻚ رﭘﻴﻮ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم وڏي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ۶۱ آﻧﺎ ﻫﺌﺎ‬
‫۽ ﻫﺮ آﻧﻲ ۾ ۴ ﭘﺌﺴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺮﭘﺌﺴﻲ ۾ ﭔﺎرﻫﻦ ﭘﺎﻳﻮن ۽ ﻫﺮ ﭘﺎﺋﻲ ۾ ﭘﻨﺞ ﻛﻴﺴﺮا ﻫﺌﺎ ۽ ﻛﺴﻴﺮي ﺟﻲ ﺑﻪ ﺷﻲ‪ ‬ﻣﻠﻲ ﭤﻲ‬
‫ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﭘﻬﺎﻛﻮ ﻋﺎم ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺴﺮي ﺟﻲ ﻛﺘﻲ ﭨﻜﻲ ﺟﺎ ﮐﺎﺋﻲ ﻧﺎن. )ﭨﻜﻲ ۾ ﭔﻪ ﭘﺌﺴﺎ ﻫﺌﺎ(. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ان ﺣﻤﻠﻲ‬
‫ﮐﺎن ﭘﻮرا ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﻮ‪ ۱۹۳۹ ‬۾ ﺑﻪ ﻫﻚ رﭘﺌﻲ ﺟﻲ اﻳﮇي ‪ Value‬ﻫﺌﻲ ﺟﻮ ﺗﻮﻟﻮ ﭼﺎﻧﺪي‪ ‬ﺟﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ۵۵ رﭘﻴﻦ ۾‬
                                                                                 ‫ﺳﻮن ﺟﻮ ﺗﻮﻟﻮ ﻣﻠﻴﻮ ﭤﻲ.‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ ﺗﺮ ۾ ﺧﻮف ۽ ﺧﻄﺮي ﺟﻲ ﻋﻼﻣﺖ ﺑﮣﻴﻞ ﻫﻮ. ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭤﺎ ﻛﻦ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺗﻲ ﺣﻤﻠﻲ دوران ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﭧ ﺟﻲ ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ ﺗﻪ ﻣﻜﺎﻧﻲ رﺳﻢ رواج ﻣﻮﺟﺐ ﺳﭵﻲ ﭴﭷ اﮘﻴﺎن ﮔﻬﻮٽ ﻛﻨﻮار ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺘﻦ‬
‫ﭘﻴﮍﻫﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﺠﺮو ﭔﮅاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪن وڏن ﺟﻲ وڏ ﻣﺎﮢﻬﭙﻲ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ‬
‫ﺧﺒﺮ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺎري‪ ‬ﺟﻮ ﭘﭧ آﻫﻲ ۽ ﺳﭛ اﻫﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺧﻮش ﭘﺌﻲ ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ وڏن ﺟﺎ‬
‫ﻧﺎﻻ ﮐﮣﻨﺪي وڏو ذﻟﻴﻞ ﭤﻴﻨﺪو ﺟﻮ اﻫﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻦ. ﭘﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ وڏي واڪ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻧﺎﺻﺮ اﺑﻦ ﻧﺎدر اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ،‬
‫اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﻴﺸﻴﺮ، اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ ۽ اﺑﻦ ﺷﻤﺸﻴﺮ!“ )ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎﺻﺮ ﭘﭧ ﻧﺎدرﭘﭧ ﺗﻠﻮار‬
‫ﭘﭧ ﺗﻠﻮار ......( ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻬﮍا وﻳﭡﺎ ﺷﺠﺮا ﭘﮁﻮ. ڏاڍي ﺟﻲ ﻟﭟ ﮐﻲ ﭔﻪ ﻣﭥﺎ. ﻳﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﭟ ﺗﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻴﻨﻬﻦ ! ﮔﻬﮣﻮ‬
              ‫ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ‪ – ‬اﭨﻜﻞ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ ورﻫﻦ ﺑﻌﺪ ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺎﺋﻮ‪ ‬ﺑﻪ اﻫﺎﺋﻲ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ واري ﮘﺎﻟﻬﻪ ورﺟﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫”.‪“Power issues from the barrel of a gun‬‬
‫ﻣﭥﻲ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ ڊپ ۾ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﻋﻤﺮﻛﻮٽ ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ۾‬
                                      ‫وﭸﻲ ﻟﻜﺎﻳﻮ. ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ اﺗﻲ ﻛﮍﻛﻴﺲ ۽ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﻴﻮ ؛‬
                                                                                ‫” ﺗﻮن ﭜﭵﻲ ﮀﻮ وﺋﻴﻦ ؟ “‬
‫ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﻳﻜﺪم وراﮢﻴﺲ ” اﺳﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻫﻨﺪﺳﺘﺎن ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﺟﺎ وﻓﺎدار ﻧﻮﻛﺮ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮن. اﺳﺎن اﺋﻴﻦ‬
                                                                   ‫ﺟﻬﭧ ﭘﭧ وﻓﺎدارﻳﻮن ﺑﺪﻻﺋﻴﻨﺪا ﻧﻪ آﻫﻴﻮن“‬
‫ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺟﻮ اﻫﻮ ﺟﻮاب ڏاڍو وﮢﻴﻮ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ان ﺟﻮاب ﻛﺮي ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﺳﭵﻲ ﺳﻨﮅ‬
‫ﮐﺴﮡ ﺑﺪران ان ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺣﺼﻲ ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﺑﮣﺎﻳﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺣﺎﻛﻢ ﮐﺎن اﻫﻮ ﺑﻪ ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
‫وٽ ﭔﻪ اﻋﻠﻲ ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻫﻴﺮا آﻫﻦ. ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ان ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺎﺋﻮﻛﺎر ﻛﺌﻲ ۽ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﻫﻚ ﮘﻮڻ ﻛﮣﻚ ﺟﻲ‬
                                                                                    ‫ٰ‬
                                                       ‫اﭨﻲ ﺟﻲ ۽ ﭼﻮﻧﺌﺮي ﮔﻴﻬﻪ ﺟﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ؛‬
‫” ﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﺎ ﻫﻴﺮا آﻫﻦ. ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ وٽ ﻫﻲ آﻫﻦ، ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭔﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺿﺮورت ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﺟﻲ‬
                  ‫ﻛﮇﻫﻦ ﻛﻨﻬﻦ وٽ ﻫﻲ ﻧﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻛﺎﺑﻪ ﺷﻲ‪ ‬اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻮراﺋﻮ ﻧﭥﻲ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ.“‬
‫اﻫﻮ ﭔﮅي ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ڏاڍو ﺧﻮش ﭤﻴﻮ. اﺗﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻮ ﭠﭩﻲ رواﻧﻮ ﭤﻴﻮ. ﭠﭩﻲ ۾ ﺳﻮرﻫﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ۽ ﺳﻨﺪس ﺳﭙﺎﻫﻴﻦ‬
‫ﺟﻲ ﻫﺮ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ﭼﺎﻛﺮي ﭤﻴﻨﺪي رﻫﻲ. واﭘﺴﻲ ﺗﻲ وﭸﮡ وﻗﺖ ﻫﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ ﺟﻲ ﭨﺠﻮڙي‬
‫ﺧﺎﻟﻲ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﭔﻴﻮ ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺖ ﭘﮡ- وﻳﻨﺪي ﻛﻠﻬﻮڙن ﺟﻲ ﻟﺌﺒﺮﻳﺮي‪ ‬ﺟﺎ ﻧﺎﻳﺎب ﻛﺘﺎب ۽ ﻫﭣ ﺟﺎ ﻟﮑﻴﻞ ﻧﺴﺨﺎ، ﭘﺎڻ ﺳﺎن‬
‫اﻳﺮان ﮐﮣﺎﺋﻲ وﻳﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﻛﻠﻬﻮڙي ﺟﺎ ﭨﻲ ﭘﭧ ۽ ﭔﺎرﻫﻦ ﻫﺰار ﺳﻨﮅي ﺳﭙﺎﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻳﺮﻏﻤﺎل‬
‫ﻃﻮر ﮐﻨﻴﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﭘﭡﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﺳﻨﺪس ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ۽ وﻗﺖ ﺗﻲ ﺳﺎﻟﻴﺎﻧﻮ ڏن رواﻧﻮ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ.‬
‫اﻳﺘﺮي ﭰﺮﻟﭧ ﺑﻌﺪ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺳﻨﮅ ﮀﮇي ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺳﮏ ﺟﻮ ﺳﺎﻫﻪ ﮐﻨﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺘﺎن ﭨﺮي وﻳﻮ. ﻛﻴﺘﺮن اﻫﻮ ﺑﻪ‬
‫ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﮇي ﭰﺮ ﭤﻲ، ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﮇو ﻛﻮس ﭤﻴﻮ، ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻳﺮﻏﻤﺎل ﭤﻴﺎ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ان ﮐﺎن ﺑﻬﺘﺮ اﻫﻮ ﻧﻪ‬
                   ‫ﻫﻮ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺟﻮ ﺳﭛ ﮔﮇﺟﻲ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﻛﻦ ﻫﺎ. ﺷﺎﻳﺪ اﻧﻬﻲ ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺟﻲ ﻫﻲ ﺑﻴﺖ ﻋﻜﺎﺳﻲ ﻛﺮي ﭤﻮ:‬
‫ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ،‬                  ‫ﻧﻮان‬                   ‫۾،‬                    ‫ﺳﻨﮅ‬                   ‫آﻳﺎ‬                 ‫ﺳﻮﻳﻦ‬
‫واﻫﻪ،‬            ‫ﭔﻲ‬            ‫ﺳﻮ‪‬‬              ‫وﻳﮍﻫﻪ‬            ‫۾،‬                ‫ﺗﺎرﻳﺦ‬            ‫ﻛﺎ‬           ‫ﻛﺎﻧﻬﻲ‬
‫ﺗﺎن.‬             ‫ﻣﺎڳ‬                 ‫ﻣﻮﭨﻮ‬               ‫ﻣﺘﺎن‬               ‫ﺳﺎﻫﻪ،‬              ‫ﺳﻮﭼﻴﻮ‬                 ‫ﻣﺘﺎن‬
‫ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﺪان ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮ ﻛﻴﻮل رام ﻣﻠﻜﺎﮢﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻚ ﻛﺘﺎب ‪ The Story of Sindh‬اﻧﮉﻳﺎ ﻣﺎن وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ‪ ‬۾‬
‫ﮀﭙﻴﻮ آﻫﻲ. ان ۾ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ واﻗﻌﻮ ﭘﮍﻫﻴﻢ ﺗﻪ ﻫﻮ دﻫﻠﻲ‪ ‬آﮔﺮي ﻣﺎن ﭰﺮﻟﭧ ﻛﺮي ﺟﮇﻫﻦ ﻧﻜﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭘﺎڻ ﺳﺎن‬
‫ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﭥﺮا ﺟﺎ ﺑﺮﻫﻤﮡ ﻗﻴﺪي ﺑﻨﺎﺋﻲ، ان ﺧﻴﺎل ﮐﺎن اﻳﺮان وﭠﻲ ﭘﺌﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﺗﻲ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﻏﻼم ﻛﺮي وﻛﮣﻨﺪو.‬
‫ﺷﻜﺎرﭘﻮر ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﺗﺨﺖ ﭔﺎﺋﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻫﺎ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ‪ ‬ﭘﺮﻳﺸﺎن ﭤﻲ وﺋﻲ. ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫ﻣﮍس ﺳﻴﭟ ﻛﻴﻮﻟﺮام ﭜﻮﭴﻮاﮢﻲ ﮐﻲ ﻣﻨﭣ ﻣﻴﮍ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻃﺮح اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻ‪ ‬ﭜﻨﮓ ﺟﻲ رﻗﻢ ڏﺋﻲ ﺑﺮﻫﻤﮣﻦ ﮐﻲ‬
‫آزاد ﻛﻴﻮ وﭸﻲ. ﻛﻴﻮﻟﺮام ﺟﻮن ﻧﺎدر واري روٽ ﺟﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﻬﺮن ۾ واﭘﺎر ﺟﻮن ﻛﻮﭠﻴﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﻲ ﻫﻦ‬
‫ﺣﻜﻢ ﺟﺎري ﻛﻴﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ڊﻣﺎﻧﮉ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﭘﺌﺴﺎ ڏﻳﺌﻲ ﺑﺪﻧﺼﻴﺐ ﺑﺮﻫﻤﮡ آزاد ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ۽ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ آزاد‬
‫ﻛﺮاﻳﻮ وﻳﻮ ﭘﺮ ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺧﺮچ ﺑﻪ ڏﻧﻮ وﻳﻮ. )ﻫﻲ ﻛﺘﺎب ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻧﺎﻣﻮر ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ا﷢ ﺑﺨﺶ ﺳﻮﻣﺮو ۽‬
                                                                ‫ﭜﮙﺖ ﻛﻨﻮررام ﮐﻲ ﻣﻨﺴﻮب ﭤﻴﻞ آﻫﻲ.(‬
‫ﻫﻨﺪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻫﻦ ﺳﻔﺮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭤﻜﺎﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﮐﻴﺲ اﻫﮍي ذﻫﻨﻲ ﺑﻴﻤﺎري ﭤﻲ ﭘﺌﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ وﻳﻮ‬
‫ﭼﮍﭼﮍو ۽ ﺷﻜﻲ ﭤﻴﻨﺪو. ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭘﺮاون ﺟﺎ ﻗﺘﻞ ﻛﻨﺪو. ﺧﻮد ﺳﻨﺪس ﻣﺎﺋﭧ ﺋﻲ ﻫﻦ ﻣﺎن ﺑﻴﺰار‬
 ‫ﭤﻲ ﭘﻴﺎ. آﺧﺮ ﮐﻴﺲ ﮔﻬﺎﭨﻲ ﻧﻨﮉ ۾ ﻣﺎرڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ان ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﺑﻪ ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ ﭔﻪ ﭴﮣﺎ ﻣﺎري رﮐﻴﺎﺋﻴﻦ.‬
‫ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎه ﻏﺮﻳﺐ ﺟﻮ ﭔﺎر ﭤﻲ ﻛﺮي ﻧﻨﮃي ﻫﻮﻧﺪي ﮐﺎن وڏو ذﻫﻴﻦ ۽ ﭼﺎﻻڪ ﻫﻮ. ﻫﻮ اﻳﺮان‬
‫)ﭘﺮﺷﻴﺎ( ﺟﻮ ﻗﺎﺑﻞ ﻣﻠﭩﺮي ﻟﻴﮉر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﭔﻴﻮ ﺳﻜﻨﺪر اﻋﻈﻢ ۽ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﻮ ﻧﻴﭙﻮﻟﻴﻦ ﻣﭹﻲ ﭤﻲ. ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ وﻗﺖ‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﭘﺮﺷﻴﺎ ﮔﻤﻨﺎﻣﻴﻦ ۽ ﻣﺎﻳﻮﺳﻴﻦ ﺟﻲ اوﻧﻬﻲ ﮐﮇ ۾ ﭰﺎﭤﻞ ﻫﻮ. ان ﮐﻲ ﻧﺎدر ﺋﻲ اﭼﻲ ﺑﻠﻨﺪﻳﻦ ﺗﻲ‬
‫ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ ۽ ﭘﺮاﮢﻮ اوج ڏﻳﺎرﻳﻮ. ﭘﺮﺷﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻓﺨﺮ ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ. ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ اﺋﻴﻦ ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ﺟﻴﺌﻦ‬
‫اڄ اﻣﺮﻳﻜﺎ آﻫﻲ. ﭘﺮ ﻧﺎدر ﺟﻲ اﻫﺎ ﺑﺪﻗﺴﻤﺘﻲ ﭼﺌﺒﻲ ﺟﻮ ﻫﻮ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺳﺨﺖ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ذﻫﻨﻲ ﻣﺮﻳﺾ ﭤﻲ ﭘﻴﻮ. ﺑﻘﻮل‬
                                                                           ‫ﻫﻚ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﻧﻮﻳﺲ ﺟﻲ ؛‬
‫‪“Nadir Shah’s triumphs were at the expense of incalculable suffering and his egocentric behaviour suggests a narcissistic‬‬
‫.‪personality disorder and his last years he seems to have developed some paranoid tendencies‬‬
‫ﻧﺎدر ﭼﺎر ﺷﺎدﻳﻮن ﻛﻴﻮن ۽ ﭘﻨﺞ ﭘﭧ ۽ ﭘﻨﮅرﻫﻦ ﭘﻮﭨﺎ ﭤﻴﺲ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﺑﻌﺪ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻗﺘﻞ ﺟﻮ‬
                                                                                  ‫ﺣﻜﻢ ڏﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ.‬
‫ﻣﻮﻻﻧﺎ ﻏﻼم رﺳﻮل ﻣﻬﺮ ﺟﻲ ﻟﮑﮡ ﻣﻮﺟﺐ ” ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﻮت ﺑﻌﺪ ﻧﺎدر ﺟﻲ ﻣﺼﻴﺒﺘﻦ ﮐﺎن ﻧﺠﺎت ﻣﻠﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻻ‪ ‬ﻳﻘﻴﻨﺎ‬
‫ﻫﻦ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺧﻮﺷﮕﻮار واﻗﻌﻮ ﭔﻴﻮ ﻛﻮﺑﻪ ﭤﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ، ﭘﺮ اﻣﻦ ۽ راﺣﺖ ﺟﺎ ﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﻛﻲ ﭤﻮرا ﻫﺌﺎ. ﻧﺎدر‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬ﺳﻨﺪس ﺳﭙﻬﻪ ﺳﺎﻻر اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ دراﻧﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۽ ﻧﺎدري ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻲ اوﭜﺮ وارن ﭜﺎﮜﻦ ﺟﻮ دﻋﻮﻳﺪار ﺑﻨﺠﻲ‬
                                                       ‫وﻳﻮ ، ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﮘﭽﻲ‪ ‬۾ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻧﻮڙ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻮ.“‬
‫ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ﮐﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﻫﺎڻ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﮐﻲ ڏن ڏﺋﻲ. ﻫﻦ ﮔﻬﮣﻮ ﺋﻲ ﻟﻨﻮاﻳﻮ ۽‬
‫ﻧﭩﺎﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ آزادي ۽ ﺧﻮدﻣﺨﺘﻴﺎري ﻗﺎﺋﻢ رﻫﻲ ﻧﻴﭟ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻓﻐﺎن ﻃﺎﻗﺖ اﮘﻴﺎن ﺟﻬﻜﮣﻮ ﭘﻴﻮ. ۴۵۷۱ ڌاري )ﻫﻲ‪‬‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺎل ﭘﻮ‪ ‬ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ( ﻣﻴﺎن ﻧﻮرﻣﺤﻤﺪ ، ﺳﻨﮅ ﺗﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﻫﻪ ﺟﻮن‬
                 ‫ﺧﺒﺮون ﭔﮅي، وري ﭔﻴﻮ ﭜﻴﺮو ڊپ وﭼﺎن ﺟﻴﺴﻠﻤﻴﺮ ﭜﭵﻲ وﻳﻮ ۽ اﺗﻲ ﺋﻲ ﻫﻮ ان ﺋﻲ ﺳﺎل ﮔﺬاري وﻳﻮ.‬
                        ‫ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﺗﻲ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﭘﻴﻮ‬

‫ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺗﺮﻳﻦ، ﻗﻴﻤﺘﻲ ۽ وڏي ۾ وڏو ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ اڄ ﮐﺎن ۰۰۰۴ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ اﻧﮉﻳﺎ‬
‫ﺟﻲ ﮐﺎﮢﻴﻦ ﻣﺎن ﻧﻜﺘﻮ ۽ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ، راﺟﺎﺋﻦ ۽ ﺣﺎﻛﻤﻦ وﭨﺎن ﭰﺮﻧﺪو اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ اﻳﻠﺰﺑﻴﭣ ﺟﻲ ﺗﺎج‬
‫۾ ﻟﮙﻞ آﻫﻲ. اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ وارن ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﮐﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﺷﻜﻞ ۽ ﭼﻤﻜﻨﺪڙ ﺑﻨﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﺮاﺷﻲ ﻣﻮﺟﻮده ﺻﻮرت ۾ ۵۰۱ ﻛﺌﺮٽ ۽‬
‫۱۲ ﮔﺮام وزن ﺟﻮ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﺟﻮ اﺻﻞ وزن ۷۳ ﮔﺮام ﻫﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺑﻨﺎ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻛﻮﻫﻨﻮر ﻫﻴﺮو دﻧﻴﺎ ﺟﻮ‬
‫وڏي ۾ وڏو ﻫﻴﺮو ﻟﻴﮑﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﭔﻴﻦ ﻫﻴﺮن واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻛﻬﺎﮢﻴﻮن واﺑﺴﺘﻪ آﻫﻦ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
                     ‫ﻫﻴﺮي ﻣﺮدن ﻻ‪ ‬ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻧﭝﺎڳ ۽ ﻣﻮت آﻧﺪو آﻫﻲ ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﻻ‪ ‬ﺧﻮش ﻧﺼﻴﺒﻲ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﻲ ﻫﻴﺮو اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﺪو ۽ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻤﻦ وﭨﺎن ﭤﻴﻨﺪو ۶۲۵۱ ۾ ﻣﻐﻞ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺑﺎﺑﺮ وٽ ﭘﻬﺘﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ‬
‫اﺑﺮاﻫﻴﻢ ﻟﻮڌي‪ ‬ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ ڏﻳﺌﻲ دﻫﻠﻲ‪ ‬ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﻛﻴﻮ. ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﺖ ۾ اﺣﻮال ﺑﻪ ﺑﺎﺑﺮ ﺟﻲ ﻳﺎدﮔﻴﺮﻳﻦ‬
‫واري ﻛﺘﺎب ﺑﺎﺑﺮ ﻧﺎﻣﻲ ﻣﺎن ﻣﻠﻲ ﭤﻮ. ﺑﺎﺑﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻫﻦ ﻛﺘﺎب ۾ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ اﻳﮇو ﺗﻪ ﻗﻴﻤﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ‬
                     ‫ان ﺟﻲ ﺑﺪﻟﻲ ۾ ﻣﻠﻴﻞ رﻗﻢ ﻣﺎن ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎراﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﺑﺎﺑﺮ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﻫﻤﺎﻳﻮن وٽ ﭘﻬﺘﻮ. اﻛﺒﺮ ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ وٽ ﻧﻪ رﮐﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ اﻛﺒﺮ ﺟﻲ ﭘﻮﭨﻲ ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن،‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺗﺎج ﻣﺤﻞ ﭠﻬﺮاﻳﻮ، ﺧﺰاﻧﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﭨﺠﻮڙي‪ ‬ﻣﺎن ﻛﮃي ﭘﺎڻ وٽ رﮐﻴﻮ. ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ۾‬
‫ﻟﮙﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ﭨﻦ ﭜﺎﺋﺮن ﮐﻲ ﻣﺎري ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﮐﻲ آﮔﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﻗﻴﺪ‬
‫ﻛﺮي ﭘﺎڻ وٽ رﮐﻴﻮ ﻫﻮ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اورﻧﮕﺰﻳﺐ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﺟﻲ ﻗﻴﺪ واري ﻛﻤﺮي ۾ دري وٽ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ‬
‫ﺗﻲ رﮐﺮاﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﻫﻴﺮي ﻣﺎن ﺷﺎﻫﺠﻬﺎن ﮐﻲ ﺗﺎج ﻣﺤﻞ ﺟﻮ ﻋﻜﺲ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﭤﻲ. اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻤﻠﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺗﻲ ﺋﻲ رﻫﻴﻮ. ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ )ﻳﻌﻨﻲ ﻛﻮه ﻧﻮر( ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺋﻲ رﮐﻴﻮ ۽ ﻫﺎڻ‬
‫اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ”ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ۹۳۹۱ع ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ دﻫﻠﻲ ۽ آﮔﺮي ۾ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ۽ ﭰﺮ‬
‫ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻮر ﺗﺨﺖ ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﺑﻪ اﻳﺮن ﮐﮣﻲ وﻳﻮ. ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ‬
     ‫وات ﻣﺎن ”ﻛﻮه ﻧﻮر“ ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﻳﻌﻨﻲ روﺷﻨﻲ ﺟﻮ ﺟﺒﻞ! ۹۳۹۱ ﮐﺎن اڳ ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ آﻫﻲ.‬
‫ﻫﻦ ﭘﭥﺮ ﺟﻲ ﻗﻴﻤﺖ ﻻ‪ ‬ﻫﻚ ﭔﻲ رواﻳﺖ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﭼﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ”ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ‬
‫ﻛﻮ ﭘﻬﻠﻮان ﻣﮍس ﭘﻨﺞ ﭘﭥﺮ ﮐﮣﻲ ﻫﻚ اﺗﺮ ڏي، ﻫﻚ ڏﮐﮡ ڏي، ﻫﻚ اوﻟﻬﻪ ڏي ۽ ﻫﻚ اوﭜﺮ ڏي اﮀﻠﻲ ۽ ﭘﻨﺠﻮن ﭘﭥﺮ‬
‫ﻣﭥﻲ اڀ ڏي اﮀﻠﻲ ۽ ﭘﻮ‪ ‬اﻧﻬﻦ ﺟﻲ وچ واري ﺧﺎﻟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﺳﻮن ۽ ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﭥﺮن ﺳﺎن ﭜﺮي وﭸﻲ ﺗﻪ اﻫﺎ ﻛﻮﻫﻨﻮر ﺟﻲ‬
                                                                            ‫ﻗﻴﻤﺖ ﺑﺮاﺑﺮ ﭤﻴﻨﺪي.“‬
‫ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﻛﻮﻫﻨﻮر ﺟﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﻟﻜﻞ رﮐﻲ وﺋﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﻐﻞ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﭜﺎﺗﻲ‪ ‬ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ اﻃﻼع ﻛﻴﻮ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﮗ ۾ ﻟﻜﻞ آﻫﻲ. ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﻫﻚ وڏڌي دﻋﻮت ﺟﻮ‬
‫ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ دﻫﻠﻲ ﺟﻮ ﺗﺨﺖ واﭘﺲ ﻛﺮي ﭤﻮ. دﻋﻮت دوران ﻫﻦ اوﭼﺘﻮ اﻫﻮ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ‬
‫ﻫﻮ ﻫﻦ ﺧﻮﺷﻲ ﺟﻲ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﭘﮗ ﻣﭧ ﻳﺎر ﺑﻨﺎﺋﻲ ﭤﻮ ۽ ﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮗ ﻻﻫﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ‬
‫ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﮗ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﮐﻲ ڏﻳﮡ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﺮي ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ. دﻋﻮت ﺑﻌﺪ ﻧﺎدرﺷﺎﻫﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫ﻛﻤﺮي ۾ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﭘﮗ ﺟﺎ ور ﮐﻮﻟﻲ ﻟﻜﻞ ﻫﻴﺮو ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ. ﻫﻴﺮي ﺟﻲ ﭼﻤﻚ ، ﺗﺠﻠﻮ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ڏﺳﻲ ان وﻗﺖ‬
                                                    ‫ﻫﻦ وات ﻣﺎن ﺑﻲ اﺧﺘﻴﺎر ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ”ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر !“.‬
‫ﺳﻦ ۷۴۷۱ ۾ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻫﻴﺮو اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ﺟﻲ اﺣﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ اﺑﺪاﻟﻲ ﺟﻲ ﻫﭣ آﻳﻮ. ۰۳۸۱ ۾ ﺗﺨﺖ ﺗﺎن‬
‫ﻻﺗﻞ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺠﺎع ﻛﻨﻬﻦ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﻫﻲ ﻫﻴﺮو ﮐﮣﻲ ﻛﺎﺑﻞ ﮐﺎن ﻻﻫﻮر ﭘﻬﺘﻮ ۽ ﭘﻨﺠﺎب ﺟﻲ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﻣﻬﺎراﺟﺎ‬
‫رﻧﺠﻴﺖ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﮐﻲ اﻫﻮ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اﻳﺴﭧ اﻧﮉﻳﺎ ﻛﻤﭙﻨﻲ‪ ‬ﺟﻲ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﮐﻲ راﻏﺐ ﻛﺮي ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﺸﻜﺮ‬
                                             ‫ذرﻳﻌﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺠﺎع ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﭰﺮﻳﻞ ﺗﺨﺖ واﭘﺲ ﻛﺮاﺋﻲ ڏﺋﻲ.‬
‫راﺟﺎ وﺻﻴﻌﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ﻣﺮڻ ﮐﺎﻧﭙﻮ‪ ‬اﻫﻮ ﻫﻴﺮو اوڙﻳﺴﺎ ﺟﻲ ﺟﮕﻦ ﻧﺎٿ ﻣﻨﺪر ﮐﻲ ڏﻧﻮ وﭸﻲ. ﭘﺮ ﺳﻨﺪس وﺻﻴﻌﺖ‬
‫ﺗﻲ ﻋﻤﻞ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ. ۹۴۸۱ ۾ اﻧﮕﺮﻳﺰن ﺟﻮ ﭘﻨﺠﺎب ﺗﻲ ﻗﺒﻀﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻻﻫﻮر ﺟﻲ ﻗﻠﻌﻲ ﺗﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮉو ﭼﺎڙﻫﻴﻮ وﻳﻮ.‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰن ‪ Treaty of Lahore‬ﻫﻴﭟ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺮط ﺷﺮوط رﮐﻴﺎ ان ۾ اﻫﻮ ﺑﻪ واﺿﻊ ﻃﻮر ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ‬
                                                                      ‫ﺟﻲ راﮢﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ....‬
‫‪“The gem Called Koh-i-Noor which was taken from Shah Shuja-ul-Mulk by Maharaja Ranjit Singh shall be surrendered‬‬
‫”.‪by the Maharaja of Lahore to the Queen of England‬‬
‫ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮي ﮐﻲ وڏي ﺣﻔﺎﻇﺖ ﺳﺎن ﭘﺎﮢﻲ واري ﺟﻬﺎز ‪ H.M.S Medea‬ذرﻳﻌﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﭘﻬﭽﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﺳﻜﻴﻮرﭨﻲ‬
‫ﺟﻲ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﻫﻴﺮي ﺟﻲ وﭸﮡ ﺟﻲ ﺧﺒﺮ اﺧﺒﺎر وارن ﮐﺎن ﮘﺠﻬﻲ رﮐﻲ وﺋﻲ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺟﻬﺎز ﺟﻲ ﺧﺰاﻧﻲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ‬
‫اﻧﭽﺎرج ۽ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭔﮅاﻳﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻟﻮﻫﻪ ﺟﻲ ﭘﻴﺘﻲ‪ ‬۾ ﮀﺎ وﭸﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. اﻫﺎ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻴﺮو ﮐﮣﻲ‬
‫وﻳﻨﺪڙ ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﺟﻮ اﻫﻮ ﺳﻔﺮ ﺧﻄﺮي وارو ﺛﺎﺑﺖ ﭤﻴﻮ. ﺟﻬﺎز ﻣﺎرﻳﺸﺲ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﺟﻬﺎز ﺗﻲ ﻛﺎﻟﺮا ﺟﻲ وﺑﺎ ﭘﮑﮍي وﺋﻲ.‬
‫ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ وارن ﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﮐﻲ ﺳﺎﻫﻪ ﭘﭩﮡ ۽ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﻻ‪ ‬ﺳﺎﻣﺎن ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺮي ﮀﮇي ۽ ﺟﻠﻮس ﻛﮃﻳﻮ ﺗﻪ‬
‫ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺟﻬﺎز ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ ڏي وڌي ﺗﻪ ان ﻣﭥﺎن ﮔﻮﻟﻴﻮن ﻫﻼﻳﻮن وﭸﻦ. ﻣﺎرﻳﺸﺶ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ﺟﻬﺎز ﺳﺨﺖ ﻃﻮﻓﺎن ۾ ﭰﺎﺳﻲ‬
‫ﭘﻴﻮ . ﺑﻬﺮﺣﺎل ۶ اﭘﺮﻳﻞ ۰۵۸۱ع ﺗﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﮐﺎن ﻧﻜﺘﻞ ﻫﻲ ﺟﻬﺎز ۶۸ ﮐﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺑﻌﺪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﭘﻬﺘﻮ. ان وﻗﺖ‬
‫ﺟﻲ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻲ ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻨﺮل ﻻرڊ ڊاﻟﻬﻮﺳﻲ‪ ‬ﻫﻴﺮي ﺑﻌﺪ راﺟﺎ رﻧﺠﻴﺖ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﺟﻲ ﭘﭧ ۽ ﺗﺨﺖ ﻧﺸﻴﻦ دﻟﻴﭗ ﺳﻨﮕﻬﻪ ﮐﻲ ﺑﻪ‬
‫ﻟﻨﮉن ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ۱۵۸۱ع ۾ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ﻣﻬﺎراﮢﻲ وﻛﭩﻮرﻳﺎ ﮐﻲ ﭘﻴﺶ ﻛﻴﻮ. ان ﺋﻲ ﺳﺎل ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ‬
                                 ‫ﺟﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ ان ﻫﻴﺮي ﺟﻲ دﻳﺪار ﻻ‪ ‬ﻫﺎﺋﻴﮉ ﭘﺎرڪ ۾ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ.‬
‫ان وﻗﺖ، ۱۵۸۱ ﮐﺎن وﭠﻲ ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر ﻫﻴﺮو ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﻪ وارن ﺟﻲ ﻗﺒﻀﻲ ۾ آﻫﻲ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ان ﻫﻴﺮي ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﻠﻚ‬
‫‪ Claim‬ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻴﺖ آﻫﻲ ۽ ﮐﻴﻦ ڏﻧﻮ وﭸﻲ. ۶۷۹۱ع ۾ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺟﻲ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ذواﻟﻔﻘﺎر‬
‫ﻋﻠﻲ ﭜﭩﻮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺮﻃﺎﻧﻴﺎ ﺟﻲ وزﻳﺮ اﻋﻈﻢ ﺟﻢ ﻛﺎﻻﮔﻬﺎن ﮐﻲ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﻲ ﻣﻮﭨﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ. ﭘﺮ ﻫﻦ‬
                                                              ‫ِ‬
‫ﻬﺮ ﻛﻨﺪو‬  ‫اﻧﻜﺎر ﺋﻲ ﻛﻴﻮ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﻦ ﻫﻴﺮي ﻻ‪ ‬اﻧﮉﻳﺎ، اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن ۽ اﻳﺮان ﺑﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ وارن ﮐﺎن ﮔُ‬
‫رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭔﮅڻ ۾ اﭼﻲ ﭘﻴﻮ ﺗﻪ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﻲ راﮢﻲ ﺻﺎﺣﺒﻪ اﻫﻮ ﻫﻴﺮو )ﻛﻮﻫﻪ ﻧﻮر( ﭨﺎور آف ﻟﻨﮉن ۾ رﮐﺮاﺋﻲ‬
                                                                                              ‫ﮀﮇﻳﻮ آﻫﻲ.‬
                             ‫اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ ۽ اﻣﺎﻣﺖ‬

‫ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ”ﺧﺮاﺳﺎن“ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽ ﻃﻮس وڏا ﺷﻬﺮ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﭴﻜﻠﻬﻪ ”ﻣﺸﻬﺪ“ وڏي ۾ وڏو‬
              ‫ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾، ﺗﻬﺮان ﺑﻌﺪ، ﻣﺸﻬﺪ وڏي ۾ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ڏﻳﻨﻬﻮن ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارون ﺳﺎﻣﺎن ۽ ﺧﺮﻳﺪارن ﺳﺎن ﭨﭓ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن. ﻣﺸﻬﺪ‬
‫ﺟﺎ ”ﭘﺎرڪ“ ﺳﺮﺳﺒﺰ ﮀﭕﺮن ۽ ﮔﻠﻦ ﭔﻮﭨﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ رﻫﻦ ﭤﺎ. ﻣﺸﻬﺪ ﻛﺎﻟﻴﺠﻦ ۽ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ‬
‫ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﻧﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ‬
‫ﺷﺮوع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻨﺎﺑﺎد ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﮘﻮﭠﮍو ﻫﻮ ان ﮐﻲ اڄ وارو ﻫﻲ ﺷﺎن، ﻣﺎن، ﻣﺮﺗﺒﻮ، ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﻓﻘﻂ ۽ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم‬
‫ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﻣﺒﺎرڪ ﻛﺮي آﻫﻲ. ﺟﺘﻲ ﻫﺮﺳﺎل اﻳﺮان ۽ ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻟﮑﻴﻦ زاﺋﺮﻳﻦ ﺳﻼﻣﻲ‪ ‬ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻫﺘﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ اﭠﻮن اﻣﺎم، ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻦ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. ﭘﺎڻ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ‬
                                                     ‫ٰ‬
‫ﺟﻲ اوﻻد ﻣﺎن آﻫﻦ. ﺳﻨﺪن ﺷﻬﺎدت ﻛﺮي ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﭘﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﻋﺎم ﻃﺮح اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻳﺎ ﻓﻘﻂ اﻣﺎم‬
                                                                 ‫رﺿﺎ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺑﻪ ﻳﺎد ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﺳﻼم ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ۱۱ ذواﻟﻘﻌﺪ ۸۴۱ ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۵۶۷( ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ‬
          ‫ٰ‬
‫)ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ ﮔﻬﺮ ﺟﻨﻢ ورﺗﻮ. ﺳﻨﺪن واﻟﺪ ﺟﻲ ۹۹۷ ۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﭘﺎڻ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﺎ ﻓﺮض ﺳﺮاﻧﺠﺎم ڏﻧﺎﺋﻮن. ﭘﺎڻ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﺟﻲ وﻓﺎت ﮐﺎن ﭘﻮرو ﻫﻚ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﭴﺎوا ﻫﺌﺎ. ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬۽ ڏاڏي واﻧﮕﺮ اﻣﺎم‬
‫رﺿﺎ ﺑﻪ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬وٽ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ. ﺳﻨﺪن واﻟﺪه ام اﻟﺒﻨﻴﻦ ﻧﺠﻤﺎ ان زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻞ ۽ ﻋﻠﻢ ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ‬
‫ﺧﺎﺗﻮن ﻫﺌﻲ. ﻧﻨﮃﭘﮡ ﮐﺎن ﺋﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﮔﮇ رﻫﮡ ﻛﺮي ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ دﻳﻨﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن، ﻣﺬﻫﺒﻲ‬
‫ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺟﺎ ﺣﻞ، ﺷﺮﻳﻌﺘﻦ ﺟﺎ اﺻﻮل ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺳﮑﻲ ﭜﮍ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﺳﻨﺪن واﻟﺪ اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل ۵۴۷(‬
                         ‫ٰ‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ دوﺳﺘﻦ ﮐﻲ ﻫﻤﻴﺸﮫ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﻲ ﭘﭧ ﻋﻠﻲ رﺿﺎ‬
                                                                                            ‫ﭤﻴﻨﺪو.‬
‫ﻫﺘﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﻟﮑﮡ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺟﻴﺌﻦ اﻫﻲ ﭘﮍﻫﻨﺪڙ ﺟﻦ ﺟﻲ ان ڏس ۾ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت‬
‫ﮔﻬﭧ آﻫﻲ اﻫﻲ ﺑﻬﺘﺮ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺳﺎن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻦ. اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻪ اﻫﺎ ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻧﻘﻄﻲ‬
‫ﻧﮕﺎﻫﻪ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﻫﻢ ﮀﻮ آﻫﻲ؟ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻛﻬﮍي ﺷﻬﻴﺪ اﻣﺎم ﺟﻮ روﺿﻮ آﻫﻲ؟ ﻳﺎ وﻳﻨﺪي اﻣﺎم ﻣﺎن ﻣﻄﻠﺐ ﮀﺎ‬
‫آﻫﻲ. ﭘﻮ‪ ‬ﭼﮝﻮ ﺟﻮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﻣﻈﻬﺮ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ۽ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ اﺟﺘﺒﻲ ﺣﺴﻴﻦ زﻳﺪي ﺟﻬﮍن ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺮﭼﻨﭧ ﻧﻴﻮي‬
                                      ‫ٰ‬
‫ﺟﻲ دوﺳﺘﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ اﻳﺮان اﭼﮡ وﭸﮡ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺳﺎل اﻳﺮان وارن ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﮡ ﺟﻮ ﺑﻪ ﮐﻴﻦ‬
‫ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻴﻮ. اﻧﻬﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅاﻳﻮن. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ۽ ﺣﻜﻤﺮاﻧﻲ ﺑﺎﺑﺖ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺠﻬﻪ‬
                                            ‫آﺋﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻴﺎن ان ﺑﺎﺑﺖ ﻫﺘﻲ ﻣﺨﺘﺼﺮ ﻃﻮر ﻟﮑﺎن ﭤﻮ.‬
‫ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻲ ۲۳۶ ۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺳﺮﺑﺮاﻫﻪ )ﺧﻠﻴﻔﻮ( ﺣﻀﺮت اﺑﻮﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ ۲۳۶‬
‫ﮐﺎن ۴۳۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮ. ﭘﺎڻ ۳۷۵ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ. ﻳﻌﻨﻲ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﮐﺎن ﭨﻲ ﺳﺎل ﻧﻨﮃو ﻫﻮ. ۰۱۶ ۾ ﺟﮇﻫﻦ‬
‫ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺗﻲ وﺣﻲ ﻧﺎزل ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﺎڻ ﻛﺮﻳﻢ ﺟﻦ اﺳﻼم ﺟﻲ ﺗﺒﻴﻠﻎ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﺣﻀﺮت اﺑﻮ ﺑﻜﺮ‬
                                                                     ‫ﺷﺮوع ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ.‬
‫ﺣﻀﺮت اﺑﻮﺑﻜﺮ ﺻﺪﻳﻖ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﻓﺎروق اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮﺣﺎﻛﻢ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ. ﭘﺎڻ ۱۸۵ع ۾ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ‬
‫۽ ۴۳۶ ﮐﺎن ۴۴۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﻣﺴﺠﺪ اﻟﻨﺒﻮي ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻤﺮ ﺑﻌﺪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ‬
‫ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﭠﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن ۴۴۶ ﮐﺎن ۶۵۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ رﻫﻴﻮ. ﺳﻨﺪن ﭴﻢ ﺟﻮ ﺳﺎل‬
                                                                                     ‫۰۸۵ آﻫﻲ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﺜﻤﺎن ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﺑﻌﺪ اﺳﻼم ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺳﻦ ۶۵۶ع ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﺑﻲ ﻃﺎﻟﺐ ﭤﻴﻮ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ‬
‫ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺳﻮٽ، ﻧﺎﭠﻲ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۰۰۶ ۾ ﻣﻜﻲ ۾ ﭴﺎوا ۽ ﭔﺎرن‬
                                                             ‫۾ ﭘﻬﺮﻳﺎن ﻫﺌﺎ ﺟﻦ اﺳﻼم ﻗﺒﻮل ﻛﻴﻮ.‬
‫ﺳﻨﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ، ﺧﻠﻔﺎ‪ ‬راﺷﺪﻳﻦ ﺟﻲ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ۽ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ۽‬
‫ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻣﺎم ﻫﺠﮡ ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ﺳﺎن ﭘﮡ ﮐﻴﻦ ﻋﺰت ﺑﺨﺸﻴﻦ ﭤﺎ. ﻫﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﮐﻲ‬
‫ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ‪ Descendant‬۽ ﺻﺤﻴﺢ ﺣﻘﺪار ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ. ﻫﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﺋﻲ اﺳﻼﻣﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻗﺎﻧﻮﻧﻲ، ﻣﺬﻫﺒﻲ ۽ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻟﻴﮉر ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ. ﻫﻚ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﺷﻴﻌﺎ ۽ ﺳﻨﻲ اﺧﺘﻼف اﺗﺎن ﺷﺮوع‬
‫ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ۶۵۶ ﮐﺎن ۱۶۶ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾‬
‫ﻧﻤﺎز ﭘﮍﻫﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﻇﺎﻟﻢ ﻫﻦ ﺗﻲ زﻫﺮﻳﻠﻲ ﺧﻨﺠﺮ ﺳﺎن وار ﻛﺮي ﺷﻬﻴﺪ ﻛﺮي ﮀﮇﻳﻮ. ﭘﺎڻ ﻧﺠﻒ )ﻋﺮاق( ﺟﻲ‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﻣﺴﺠﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭴﺎڻ، اﻳﻤﺎﻧﺪاري، اﺳﻼم ﺟﻲ ﺧﺬﻣﺖ ﻛﺮڻ، ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢‬
‫ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻮ وﻓﺎدار ﺳﺎﭤﻲ ﭤﻲ رﻫﮡ، ﺳﺨﺎوت، ﻫﺮ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﮐﻲ ﺑﺮاﺑﺮ ﺳﻤﺠﻬﮡ، دﺷﻤﻨﻦ ﺳﺎن ﺑﻪ ﺳﭡﻮ ﭤﻲ ﭘﻴﺶ اﭼﮡ،‬
‫ﺗﻔﺴﻴﺮ، ﻓﻘﻬﻲ ۽ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺳﻮچ ﻛﺮي ﺗﻤﺎم وڏي ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ‪ ‬ﺟﻲ واﻋﻈﻦ، ﻟﻴﻜﭽﺮن ۽‬
‫ﻧﺼﻴﺤﺘﻦ )‪ (Quotations‬ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب آﻫﻦ. ﺟﻦ ﻣﺎن ﻧﻬﺞ اﻟﺒﻼﻏﮫ ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﻫﻲ ﻛﺘﺎب اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ‬
‫ﻣﺪرﺳﻲ ۾ ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ؛ اﺑﻮ اﻟﺤﺴﻦ، اﺑﻮ ﺗﺮاب، ﻣﺮﺗﻀﻲ،‬
 ‫ٰ‬
                                  ‫اﺳﺪا﷢، ﺣﻴﺪر ۽ ﺗﺮﻛﻲ زﺑﺎن ۾ ﮐﻴﻦ ‪) Birinci Ali‬ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻋﻠﻲ( ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﻴﺎري ﮔﻬﺮ واري ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ڌي‪ ‬ﻓﺎﻃﻤﮧ زﻫﺮا ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن‬
‫ﮐﻴﺲ ﭼﺎر ﭔﺎر ﭤﻴﺎ؛ ﺣﺴﻦ، ﺣﺴﻴﻦ، زﻳﻨﺐ ۽ ام ﻛﻠﺜﻮم. ﭔﻴﻦ زاﻟﻦ ﻣﺎن ﻣﺸﻬﻮر ﭘﭧ اﻟﻌﺒﺎس ۽ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﻟﺤﻨﻴﻔﺎ آﻫﻦ.‬
‫ﺑﻴﺒﻲ ﻓﺎﻃﻤﮧ زﻫﺮا ﺟﻮ اوﻻد ﺟﻴﻜﻮ ﭴﮡ ﺗﻪ ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻮ ‪ Descendent‬ﭤﻴﻮ ﺷﺮﻳﻒ ﻳﺎ ﺳﻴﺪ ﺳﮇﺟﻲ‬
‫ﭤﻮ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺳﻨﻲ ﺗﻮڙي ﺷﻴﻌﺎ ﺑﻴﺤﺪ ﻋﺰت ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ وڌﻳﻚ ﻗﺪر ۽ اﺣﺘﺮام ﺟﻮ‬
                                                                                      ‫درﺟﻮ ڏﻳﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺗﻲ ﻛﻮﻓﻲ ﺟﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ وڏي ﻓﺮزﻧﺪ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ﺟﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ‬
‫ﺑﻴﻌﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ. ﻫﻮڏاﻧﻬﻦ اﻣﻴﺮ ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺮب دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﻮج‬
‫ﮐﻲ ﻋﺮاق ﺗﻲ ﭼﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺎﻛﻢ )ﺧﻠﻴﻔﻮ( ﭼﻮﻧﮉﻳﻮ ﻫﻮ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ اﻣﻦ ﺧﺎﻃﺮ ﺧﻼﻓﺖ ﺗﺎن ﻫﭣ ﮐﮣﮣﻮ ﭘﻴﻮ ۽ ﻣﻌﺎوﻳﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﭵﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫ﺳﮇراﻳﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻫﺮ ﻃﺮﻳﻘﻲ ﺳﺎن ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻠﮙﻦ ﺳﺎن ﺳﺨﺘﻴﻮن ﻛﺮڻ ﺷﺮوع ﻛﻴﻮن.‬
‫ﻣﻌﺎوﻳﻮ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وﺟﻬﻲ ﻫﻚ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﭡﻮ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اڌ ﮐﺎن وڌﻳﻚ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺣﻀﺮت‬
‫ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد – ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﮐﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﭹﻴﻮ ﭤﻲ. ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻦ ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۳ )۵۲۶ع( ۾ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽‬
      ‫ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۰۵ )۹۶۶ع( ﺗﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ. ﺳﻨﺪن ﻗﺒﺮ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺟﻨﺖ اﻟﺒﻘﻴﻪ ۾ آﻫﻲ.‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ﻃﺮف اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ راڄ ﺷﺮوع ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﭔﻲ ﻃﺮف ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ دﻟﻴﻦ ﺗﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻮ راڄ‬
‫رﻫﻴﻮ. ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﺮح اﺳﻼﻣﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﺎ ﺣﺎﻛﻢ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۽ ان ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﺧﻠﻴﻔﻪ ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﻣﺬﻫﺒﻲ‬
‫ﻃﺮح ﻣﺎﮢﻬﻦ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ ﺟﻲ ﻋﺰت ﻛﺌﻲ ﭤﻲ. ﻛﺠﻬﻪ ﺧﻠﻴﻔﺎ ﻧﻴﻚ ۽ ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎر ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻇﺎﻟﻢ ۽ ﻋﻴﺎش ﭤﻲ‬
‫ﮔﺬرﻳﺎ. ﻫﻮ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺧﺎﻃﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺋﺮن ۽ ﭘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﺑﻪ وڙﻫﻨﺪا رﻫﻴﺎ. ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﻛﮇﻫﻦ ﻋﻮام ﺟﻲ ﻧﻈﺮن ۾ ﭘﺎڻ‬
‫ﮐﻲ ﺳﺮﺧﺮو ﺑﻨﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﻨﻦ ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد – اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﺳﭡﻲ روش اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ﭤﻲ ﺟﻮ ﻫﺮ دور‬
‫۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻃﺒﻘﻲ اﻣﻴﻪ ﻳﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﻻ‪ ‬اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻫﻠﺒﻴﺘﻦ ﺟﻮ ﺣﻖ ﮐﺴﻴﻮ‬
‫آﻫﻲ ۽ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﻌﺎوﻳﻪ، ﻳﺰﻳﺪ، ﻣﺮوان ﻳﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ اﺳﻔﻴﺎن، اﻟﻤﻨﺼﻮر، ﻫﺎرون‬
‫رﺷﻴﺪ ﻳﺎ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ وﻏﻴﺮه ﮐﻲ ﻧﻪ ﭘﺮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ﮐﻲ ﭤﻴﮡ ﮐﭙﻲ. ان ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻻ‪ ‬رﮐﻲ رﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ۾‬
‫اﺣﺘﺠﺎج ﺑﻪ ﭤﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﭤﻲ ۽ ﻛﮇﻫﻦ ﺣﺎﻛﻤﻦ )ﺧﻠﻴﻔﻦ( ﺳﻴﺎﺳﺖ ﮐﺎن ﻛﻢ وﭠﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ اﻣﺎﻣﻦ ﺳﺎن ﻇﺎﻫﺮي ﻃﺮح ﺳﭡﻮ‬
‫ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﺧﻮش ۽ ﺧﺎﻣﻮش ﭤﻲ وﭸﻲ ۽ ﮐﻴﻦ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﺣﻜﻮﻣﺖ ۽ ﻋﻴﺶ ﻛﺮڻ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻲ. ﻫﻚ‬
‫ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﮍي ﺋﻲ اﭨﻜﻞ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ – ﺧﻠﻴﻔﻪ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ان وﻗﺖ ﺟﻲ اﻫﻞ ﺑﻴﺖ- اﭠﻴﻦ‬
         ‫اﻣﺎم ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺳﺎن ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﻛﺌﻲ ۽ ﻫﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﺎن ﺧﺮاﺳﺎن ﮔﻬﺮاﻳﻮ.‬
‫”ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ“ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﻮ. اﺳﻼم ﺟﻮ ﭼﻮﭤﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ‬
‫ﻣﺮﺗﻀﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دور ﺧﻼﻓﺖ ۾ اﺳﻼﻣﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ )‪ (Capital‬ﻣﺪﻳﻨﻲ ﻣﺎن ﺑﺪﻻﺋﻲ ﻛﻮﻓﺎ ﻛﻴﻮ.‬     ‫ٰ‬
‫ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺨﺎﻟﻔﻦ ﮐﻲ ﻣﻨﻬﻦ ڏﻳﮣﻮ ﭘﻴﻮ ﺟﻦ ﻣﺎن ﺟﻨﮓ ﺟﻤﻞ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﻨﺪن دور ﺧﻼﻓﺖ‬
‫ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺳﺎل ۶۵۶ ۾ ﻟﮙﻲ. ﻫﻦ ۾ ﻣﺨﺎﻟﻒ ڌر ﺣﻀﺮت ﻋﺎﺋﺸﻪ )ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﺮواري( ۽‬
‫ﭔﻪ اﻫﻢ اﺻﺤﺎﺑﻲ ﺳﮙﻮرا ﻃﻠﺤﮫ ۽ اﻟﺰﺑﻴﺮ ﭘﮡ ﻫﺌﺎ. ﺟﻨﮓ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﻣﻴﺎﺑﻲ ﭤﻲ ۽ ﭔﺌﻲ ڌرﻳﻮن ﺑﻌﺪ ۾ ﭠﻬﻲ‬
‫وﻳﻮن ۽ ﺻﻠﺢ ۾ رﻫﻴﻮن ﭘﺮ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻴﻌﻦ ﻻ‪ ‬اﻫﺎ ڏﮐﻮﺋﻴﻨﺪڙ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ. ﺳﻨﻴﻦ ﺟﻮ اﻫﻮ ﻣﻮﻗﻒ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ‬
‫ﺗﻪ اﻫﻮ اﺧﺘﻼف ﺣﻀﻮر ﺻﻠﻲ ا﷢ ﻋﻠﻴﻪ وﺳﻠﻢ ﺟﻦ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ )اﺻﺤﺎب ﺳﮙﻮرن( ﺟﻲ وچ ۾ ﭤﻴﻮ ان ﻛﺮي اﺳﺎن ﻋﺎم‬
‫ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﮐﻲ ان ۾ ﭘﻮڻ ﻧﻪ ﮐﭙﻲ ﺟﻮ وﻳﻨﺪي اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﻣﻮﻟﻮﻳﻦ، ﭘﻴﺮن ﺑﺰرﮔﻦ ﮐﺎن اﺻﺤﺎﺑﻴﻦ ۽ ﺗﺎﺑﻌﻴﻦ ﺟﻮ‬
‫درﺟﻮ ﺑﻠﻨﺪ آﻫﻲ. ۽ اﻫﻮ اﺧﺘﻼف اڄ اﺳﺎن ﺟﻲ دور ۾ ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﭔﻪ ڌرﻳﻮن ﭠﺎﻫﻲ ان ﺟﻮ اﻟﺰام ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﺗﻲ‬
‫ﻣﮍﻫﻴﻮن. ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻮ ﻫﻚ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻋﻤﺮ ﺑﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻌﺰﻳﺰ )۰۲۷-۷۱۷( اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﮍﻧﻲ ﺧﻠﻴﻔﻦ ۾ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ ۽ ﺧﺪا‬
‫ﺟﻮ ﺧﻮف رﮐﻨﺪڙ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺎﺿﻲ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ۽ ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ اﺧﺘﻼف‬
‫ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮁﻴﻮ وﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وراﮢﻴﻮ ؛” ا﷢ اﺳﺎن ﺟﻲ ﻫﭥﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف رﮐﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﺮﻫﻚ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﺣﺴﺎب ڏﻳﮣﻮ آﻫﻲ ۽‬
‫ا﷢ ﺑﻬﺘﺮ ﺟﺞ آﻫﻲ ۽ ﺟﮇﻫﻦ ﺗﻨﻬﻨﺠﺎ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ان ﺧﻮن ﮐﺎن ﻫﭣ ﺻﺎف آﻫﻦ ﺗﻪ ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﺧﺮاب‬
‫ﻛﻴﻮن. ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ وڌ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﮔﻨﻬﮕﺎر ﻫﻚ ﻃﺮف ﻛﻴﻮن ﺗﻪ ﭔﺌﻲ ﻃﺮف اﺳﻼم ﺟﻲ‬
‫دﺷﻤﻨﻦ ﮐﻲ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺗﻲ ﮐﻠﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﺮﻳﻮن .....“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺟﮇﻫﻦ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺧﺪا ﻫﻚ آﻫﻲ، رﺳﻮل ﻫﻚ‬
‫آﻫﻲ، ﻗﺮآن ۽ ﻛﻠﻤﻮ ﻫﻚ آﻫﻲ ﺗﻪ ﮀﻮ وﻳﻬﻲ ﭘﺎڻ ۾ وﻳﮁﺎ وﺟﻬﻮن. ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﺳﺎن ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﺎ ﻓﻘﻂ ﻛﺠﻬﻪ ‪ Facts‬ڏﻳﮡ ﭤﺎ‬
‫ﭼﺎﻫﻴﻮن ﺗﻪ ﻋﻠﻲ ﺟﻲ اوﻻد ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻇﻠﻢ ﭤﻴﺎ ۽ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻨﻦ ﺗﻜﻠﻴﻔﻮن ﺳﭡﻴﻮن ان ﮐﺎن ﻛﻮﺑﻪ ﺷﻴﻌﻮ ﺗﻮڙي ﺳﻨﻲ‬
                                                                             ‫اﻧﻜﺎر ﻧﭥﻮ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ.‬
‫ﺟﻨﮓ ﺟﻤﻞ دوران ۽ ﺑﻌﺪ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﺷﺎم ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ. ﻫﻦ اﻧﻬﻦ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ﮐﺎن وﭠﻲ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻲ اﻧﺪروﻧﻲ ﻃﺮح ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ. ۱۶۶ ۾ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ‬
‫ﺑﻌﺪ ﻣﻌﺎوﻳﻮ ﻳﻜﺪم ﻛﻮﻓﺎ ﺗﻲ ﭼﮍﻫﺎﺋﻲ ﻛﺮي آﻳﻮ ۽ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺗﻲ زور ﭜﺮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻀﺮت اﻣﺎم‬
‫ﺣﺴﻦ ﺑﺪران ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﭹﻴﻦ. ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻦ ۽ ﺳﻨﺪن ﻧﻨﮃي ﭜﺎ‪ ‬ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﺣﺴﻴﻦ ﺳﺎن ﺟﻴﻜﻲ‬
‫ﻧﺎاﻧﺼﺎﻓﻴﻮن ۽ ﻇﻠﻢ ﭤﻴﺎ ان ﮐﺎن دﻧﻴﺎ واﻗﻒ آﻫﻲ. ﻫﻚ اﻧﺴﺎن ﻗﺪرت ﺟﻮن اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﺳﻤﺠﻬﻲ ﻧﭥﻮ ﺳﮕﻬﻲ ﺟﻦ ﻻ‪‬‬
                                                                      ‫ﺷﺎﻫﻪ ﻟﻄﻴﻒ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫ﻣﺎراﺋﻲ‬                 ‫ﻣﺤﺐ‬                      ‫دادﻻ،‬                ‫ﻛﻬﺎﺋﻲ‬                   ‫دوﺳﺖ‬
‫ﺳﻬﺎﺋﻲ‬                  ‫ﺳﺨﺘﻴﻮن‬                     ‫ﮐﻲ،‬                 ‫ﺧﻠﻴﻠﻦ‬                  ‫ﺧﺎﺻﻦ‬
‫ﭼﺎﻫﻲ‬          ‫ﺟﺎ‬          ‫ﻛﺮي،‬           ‫ﺳﺎ‬             ‫ﻧﻴﺎز،‬       ‫ﺑﻲ‬          ‫اﻟﺼﻤﺪ‬          ‫ا﷢‬
‫ﺟﻲ.‬         ‫اﺳﺮار‬         ‫ﮘﺎﻟﻬﻪ‬         ‫اوﻧﻬﻲ‬           ‫ﻛﺎ‬        ‫آﻫﻲ،‬         ‫ﻣﻨﺠﻬﻪ‬          ‫اﻧﻬﻴﻦ‬
‫ﻣﻌﺎوﻳﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﺟﻲ روپ ۾ ﺑﺎدﺷﺎﻫﻪ ﭤﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﻴﺎد وڌو. ﻫﻦ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ”‬
‫ﻛﻮﻓﺎ“ ﻣﺎن ﺑﺪﻻﺋﻲ ﺷﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ”دﻣﺸﻖ“ ۾ ﻛﻴﻮ. اﺳﻼﻣﻲ دﻧﻴﺎ ﺗﻲ ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻲ ۱۶۶ ﮐﺎن وﭠﻲ ۰۵۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻼﻓﺖ‬
‫)ﺣﻜﻮﻣﺖ( رﻫﻲ. زاب ﺟﻲ ﺟﻨﮓ ۾ ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﮐﻲ ﺷﻜﺴﺖ آﺋﻲ ۽ ﺳﻨﺪس آﺧﺮي ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﺮوان ”ﭔﻴﻮ“ اﺑﻦ ﻣﺤﻤﺪ‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ۴۴۷ ﮐﺎن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ﻫﻮ، ﻣﺼﺮ ۾ ﻣﺎرﺟﻲ وﻳﻮ ۽ دﻣﺸﻖ )ﺑﻨﻮ اﻣﻴﻪ ﺟﻲ ﺳﻠﻄﻨﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ( ﻋﺒﺎﺳﻲ‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﭤﻲ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺣﺎﻛﻢ اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس اﺻﻔﺎه ۰۵۷ ﮐﺎن ۴۵۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺴﻠﻢ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫ﭤﻴﻮ. اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺸﺎم اﺑﻦ ﻋﺒﺪاﻟﻤﻠﻚ )ﺟﻴﻜﻮ ۴۲۷ ﮐﺎن ۳۴۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﻮ( ان ﺟﻮ ﻫﻚ ﭘﻮﭨﻮ‬
‫ﻋﺒﺪاﻟﺮﺣﻤﺎن ﺑﭽﻲ وﻳﻮ ۽ ﻫﻦ اﻧﺪﻟﺲ )اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ( ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻗﺎﺋﻢ ﻛﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڻ ﭘﻬﺮﻳﻮن اﻣﻴﺮ ۶۵۷ ﮐﺎن ۸۸۷‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭤﻴﻮ ۽ ان ﺑﻌﺪ ان ﺟﻮ اوﻻد ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻮ ۱۳۰۱ع ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ رﻫﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻤﻦ ۽‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻦ ﺟﻲ اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﭘﻨﮅرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻲ آﺧﺮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻳﻌﻨﻲ ﺳﺖ ﺳﻮ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ‬
‫اﺳﭙﻴﻦ ﭘﺎﺳﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ ﻛﺎردوﺑﺎ )‪ (Cardoba‬ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ اﺳﻴﻦ ﻋﺮﺑﻲ ﻧﺎﻟﻲ ”ﻗﺮﻃﺒﻪ“ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. ان ﺑﻌﺪ ﭔﻴﻦ‬
‫ﺧﻠﻴﻔﻦ ۽ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ، ﺧﺎص ﻛﺮي آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ۾، ﮔﺮاﻧﺎڊا )‪ (Granada‬رﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ”ﻏﺮﻧﺎﻃﺎ“ ﺳﮇﻳﻮن ﭤﺎ. آﺧﺮي‬
‫ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺣﺎﻛﻢ اﺑﻮ ﻋﺒﺎدا﷢ ﻣﺤﻤﺪ )ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺳﻠﻄﺎن( ۱۹۴۱ ۾ ﻏﺮﻧﺎﻃﺎ ۾ ‪ Surrender‬ﻛﻴﻮ ۽ ‪ Treaty of Granada‬ﺗﻲ‬
                                                                                       ‫ﺻﺤﻴﺢ ﻛﺌﻲ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﻴﮇاﻧﻬﻦ وچ اوﭜﺮ ۽ اﻳﺸﻴﺎ ڏي اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ۰۵۷ ۾ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺷﺮوع ﭤﻲ.‬
‫ﻋﺒﺎﺳﻴﻦ ﻫﻜﺪم اﮘﻮﮢﻮ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ دﻣﺸﻖ )ﺷﺎم( ﮀﮇي ﺑﻐﺪاد )ﻋﺮاق( ﮐﻲ ﺑﻨﺎﻳﻮ. ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس ۴ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ ۴۵۷ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ۽ ۵۷۷ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫رﻫﻴﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ﺧﻼﻓﺖ وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﮀﻬﻮن اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺒﺎﻗﺮ ﭘﻨﺠﻴﻦ اﻣﺎم ﺟﻮ ﻓﺮزﻧﺪ‬
‫۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﺣﺴﻴﻦ )ﻋﻠﻲ زﻳﻦ اﻟﻌﺎﺑﺪﻳﻦ( ﺟﻮ ﭘﻮﭨﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ۲۰۷ ۾ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ. ۳۴۷ ۾ ﺳﻨﺪن واﻟﺪ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ‬
‫اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ ﺳﻨﺪن ﻣﭥﻲ آﺋﻲ. اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق وڏو ﻗﺎﺑﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ ﻣﺎﻫﺮ ‪ Alchemist‬ﻓﻠﻜﻴﺎت ﺟﻮ‬
‫ﻣﺎﻫﺮ )‪ ،(Astronomer‬ﻓﻼﺳﻔﺮ، ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان، ﻓﺰﻳﺸﻦ ۽ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﺎﻳﺎن )‪ (Geber‬ﺟﻬﮍن ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﻛﻴﻤﻴﺎﺋﻲ دان ، اﺑﻮ ﺣﻨﻴﻔﻪ ۽ ﻣﺎﻟﻚ اﺑﻦ اﻧﺲ ﺟﻬﮍن ﺟﻮ ﭨﻴﭽﺮ ﻫﻮ. ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺳﺎن ﺗﻌﻠﻖ رﮐﻨﺪڙن ﮐﻲ اﻫﻮ ﻣﻌﻠﻮم‬
‫ﻛﺮي ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﺗﻪ روﺷﻨﻴﻦ ذرﻳﻌﻲ ﺑﻴﻤﺎري ﺟﻮ وﺟﻮد ۾ اﭼﮡ واري ﭤﻴﻮري ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﮀﻬﻴﻦ ﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق‬
                                                                          ‫ﭘﻴﺶ ﻛﺌﻲ ﺟﺎﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫‪“There are some lights which, if thrown from a sick person to a healthy person, can possibly make that healthy person‬‬
‫”.‪sick‬‬
                        ‫ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ادب ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻴﭡﻴﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻮﭨﻴﺸﻦ ﭘﮡ اﻣﺎم اﻟﺼﺎدق ﺟﻲ آﻫﻲ ؛‬
‫”.‪“Literature is garment which one puts on what he says or writes so that it may appear more attractive‬‬
‫ﺟﻬﺎزي )ﺟﻬﺎز ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ‪ (Navigator‬ﺗﻮڙي‪ Astronomy‬ﺟﺎ ﺷﺎﮔﺮد ﭼﮝﻲ ﻃﺮح ﭴﺎﮢﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ ﻓﻠﻜﻴﺎت ۽ ان ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙ‬
‫ﻣﺌﭥﺲ ۽ ﺗﺎرن ۽ ﺳﻴﺎرن ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻦ ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻮ وڏو ‪ Contribution‬آﻫﻲ. ۽ ﻫﻦ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﮐﺎن ﺗﻪ ﻫﺮ ﻛﻮ واﻗﻒ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ‬
‫اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ‪ Astronomy‬۽ ‪ Mathematics‬۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ وٽ ﻛﻴﺘﺮا ﻧﺎﻣﻮر ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ﭘﮍﻫﻴﺎ. اﻧﻬﻦ‬
‫ﻣﺎن ﻫﻚ ﺷﺎﮔﺮ ﺟﺎﺑﺮ ﺑﻦ ﺣﺎﻳﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻲ اﻟﺼﺎدق ﮐﺎن ﺳﻮال ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﺞ ﭼﻨﮉ ﺗﺎرن ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ، ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻛﺮڻ ﮐﺎن‬
‫ﻛﻴﺌﻦ ﭤﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ؟ )ﻳﺎد رﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ ﺳﻮال اڄ ﮐﺎن ۰۰۳۱ ﮐﻦ ﺳﺎل اڳ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ ﻫﻮ. (اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ وراﮢﻴﻮ ؛ ”ﻛﻨﻬﻦ ﭘﭥﺮ‬
‫ﮐﻲ رﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻫﻚ ﭘﻮﮀﮍ ۾ اﭨﻜﺎﺋﻲ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﮀﮍ ﮐﺎن ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﻳﻮ. ﭘﭥﺮ رﺳﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﺋﻲ ﮔﮇ رﻫﻨﺪو ﺟﻴﺴﺘﺎﺋﻴﻦ ﺗﻮﻫﺎن‬
‫رﺳﻲ ﮐﻲ ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ رﻫﻴﺎ آﻫﻴﻮ. ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻮﻫﺎن رﺳﻲ ﮐﻲ ﮔﻮل ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﺑﻨﺪ ﻛﻨﺪاﺋﻮ ﺗﻪ ﭘﭥﺮ ﻫﻴﭟ زﻣﻴﻦ ﺗﻲ ﻛﺮي‬
                          ‫ﭘﻮﻧﺪو. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻟﮙﺎﺗﺎر ﮔﻬﻮم )‪ (Perpetual Motion‬ﺗﺎرن ﻳﺎ ﺳﻴﺎرن ﮐﻲ ﻛﺮڻ ﮐﺎ ﺑﭽﺎﺋﻲ ﭤﻮ.“‬
‫ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﻫﻤﻴﺸﻪ وﻗﺖ ﺟﻲ اﻣﺎم ﺗﻲ ﺷﻚ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﮀﻮ ﺟﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ‬
‫ﻳﺎ ﻋﻮام ﺟﻲ ﭘﺴﻨﺪﻳﺪﮔﻲ ﻛﺮي ﺧﻼﻓﺖ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﻠﻚ ﺟﻲ اﻛﺜﺮﻳﺖ ﻣﻮﺟﺐ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار‬
‫ﻫﻮ . ﻫﻮﺋﻲ ﻧﻴﻚ، ﭘﺮﻫﻴﺰﮔﺎر ۽ دﻳﻨﻲ ۽ دﻧﻴﺎﺋﻲ ﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﭴﺎڻ رﮐﻨﺪڙ ﻫﻮ. ان ﻛﺮي اﻟﻤﻨﺼﻮر ﺗﻮڙي ان ﮐﺎن اڳ وارو‬
‫ﺧﻠﻴﻔﻮ اﺑﻮاﻟﻌﺒﺎس اﻟﺼﻔﺎ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﭼﺮﭘﺮ ﺗﻲ ﻧﻄﺮ رﮐﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﺷﺎﮔﺮدن ۽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ‬
‫ﻛﻨﺪڙن ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﮐﺎن روﻛﮡ ﻻ‪ ‬ﻗﻴﺪ ۾ ﺑﻪ رﮐﻴﻮ. اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻫﻲ ﺳﭛ ﺳﺨﺘﻴﻮن ﺻﺒﺮ ﺳﺎن ﺑﺮداﺷﺖ ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽‬
‫ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وﻗﺖ ﻋﺒﺎدت ۽ ﻟﮑﮡ ﭘﮍﻫﮡ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ۾ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﺳﻨﺪس اﻧﺘﻘﺎل ۴ ڊﺳﻤﺒﺮ ۵۶۷ ﺗﻲ ﭤﻴﻮ. ﻛﺠﻬﻪ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ دﺷﻤﻨﻦ زﻫﺮ ڏﺋﻲ ﭔﻴﻦ اﻣﺎﻣﻦ واﻧﮕﺮ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﺟﻨﺖ اﻟﺒﻘﻴﻪ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن‬
                                                                                   ‫۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ.‬
‫اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق )ﮀﻬﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻣﺎﻣﺖ ۾ ﻛﺠﻬﻪ اﺧﺘﻼف ﭤﻲ ﭘﻴﻮ. اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ اﻫﻮ ﻣﺤﺴﻮ س ﻛﻴﻮ‬
‫ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻮ وڏو ﭘﭧ اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ﭤﻴﮡ ﻻ‪ ‬ﺣﻘﺪار ﺟﺎﻧﺸﻴﻦ آﻫﻲ ﭘﺮ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻳﻌﻨﻲ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﺷﻴﻌﻦ‬
‫)ﺟﻴﻜﻲ ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ( اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ان ۾ ﻳﻘﻴﻦ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ وارث ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ‬
        ‫ٰ‬
‫)اﺳﻤﺎﻋﻴﻞ ﺟﻌﻔﺮ ﺟﻲ ﻧﻨﮃي ﭜﺎ‪ (‬ﮐﻲ ﻛﺮي وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﺎ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﮔﺮوپ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﭨﻲ‬
‫ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﻧﻈﺎري، دروز )‪ (Druze‬۽ ﻣﺴﺘﺎ ﻋﻠﻲ. اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﮔﺮوپ ﻧﻈﺎري اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ آﻏﺎ ﺧﺎن ﺟﺎ ﭘﻮﺋﻠﮗ آﻫﻦ ۽ آﻏﺎ ﺧﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ. ﻫﻲ‪ ‬ﺋﻲ ﻫﻚ ﻛﻤﻴﻮﻧﭩﻲ آﻫﻲ ﺟﻦ ﺟﻮ اﻣﺎم ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻲ ۽‬
‫اڄ ﻛﻠﻬﻪ ۹۴ ﻫﻮن اﻣﺎم ﺷﺎﻫﻪ ﻛﺮﻳﻢ ﺣﺴﻴﻦ آﻏﺎ ﺧﺎن ﭼﻮﭤﻮن آﻫﻲ. ﺟﻴﻜﻮ ﭘﺮﻧﺲ ﻛﺮﻳﻢ آﻏﺎ ﺧﺎن ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. آﻏﺎ‬
‫ﺧﺎﻧﻴﻦ ﺟﻮ ﮀﺎﻫﻴﺘﺎﻟﻴﻬﻮن اﻣﺎم آﻏﺎ ﺣﺴﻦ ﻋﻠﻲ ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻗﺎﭼﺎري ﺣﺎﻛﻢ ﺟﻲ ﺧﻼف ۰۴۸۱ ۾ اﭤﺎرﻳﻞ ﺑﻐﺎوت ﺑﻪ‬
‫ﻧﺎﻛﺎﻣﻲ اﭼﮡ ﻛﺮي اﻳﺮان ﮀﮇي ڏﮐﮡ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻮ رخ ﻛﻴﻮ. آﺧﺮ ۸۴۸۱ ۾ ﻫﻦ اﭼﻲ ﻣﻤﺒﺌﻲ ۾ رﻫﺎﺋﺶ اﺧﺘﻴﺎر ﻛﺌﻲ ۽‬
‫اﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ آﻫﻲ. اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﻧﻨﮃڙو ﮔﺮوپ ”دروز“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﺎم ۽ ﻟﺒﻨﺎن‬
‫۾ رﻫﻦ ﭤﺎ. اﺳﻤﺎﻋﻴﻠﻴﻦ ﺟﻮن ﭨﻴﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﮔﺮوپ ﻣﺴﺘﺎ ﻋﻠﻲ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﻲ ﺑﻮﻫﺮي ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺟﻮ ن وڌﻳﻚ ﭨﻲ‬
‫ﺷﺎﺧﻮن آﻫﻦ ؛ ﺳﻠﻴﻤﺎﻧﻲ ﺑﻮﻫﺮا، داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮا ۽ ﻋﻠﻮي ﺑﻮﻫﺮا. ﻫﻨﻦ ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ۾ اﻛﺜﺮﻳﺖ داﺋﻮدي ﺑﻮﻫﺮﻳﻦ ﺟﻲ آﻫﻲ‬
                        ‫ﺟﻴﻜﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﺑﺮﻫﺎن اﻟﺪﻳﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ۲۵ ﻫﻮن ﭘﻴﺮ ﻳﺎ ﻣﺮﺷﺪ )داﺋﻲ اﻟﻤﺘﻠﻖ( ﻗﺒﻮل ﻛﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺷﻴﻌﻦ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ﮔﺮوپ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي وارن ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﺎرﻫﻦ اﻣﺎﻣﻦ ﮐﻲ ﻣﭹﻴﻦ ﭤﺎ ۽ ﻫﻮ اﻳﺮان،‬
‫ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن، اﻧﮉﻳﺎ، اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن، وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ، ﻋﺮاق،ﺑﺤﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ.‬
      ‫ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮀﻬﻴﻦ اﻣﺎم ﺑﻌﺪ ﺳﺘﻮن اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﻣﺸﻬﺪ ۾ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﺷﻬﻴﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ واﻟﺪ آﻫﻲ(.‬
                                                             ‫ٰ‬
‫اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ۸۲ آﻛﭩﻮﺑﺮ ۵۴۷ ﺗﻲ ﻣﻜﻲ ﺟﻲ ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ اﺑﻮا ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﻫﻲ اﻫﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺌﺎ ﺟﮇﻫﻦ اﻣﻴﻪ‬
                                                                                         ‫ٰ‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻲ ۽ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭘﺎڻ ۾ ڏي وٺ ﻫﻠﻲ رﻫﻲ ﻫﺌﻲ. ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ۱۲ ﺳﺎﻟﻦ‬
                 ‫ٰ‬
‫ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪن واﻟﺪ اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ اﻟﺼﺎدق ۵۶۷ ﮔﺬاري وﻳﻮ ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﮐﻴﺲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻗﺘﻞ ﻛﻴﻮ.‬
‫اﻣﺎﻣﺖ ﺟﺎ ﻓﺮض ﻣﻮﺳﻲ ﻛﺎﻇﻢ ﺳﭙﺮد ﻛﻴﺎ وﻳﺎ ۽ ﻫﻮ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ﺳﺘﻮن اﻣﺎم ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ‬
                                                                                ‫ٰ‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﻨﺼﻮر ﻣﻠﻚ ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۵۷۷ ۾ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ اﻟﻤﻬﺪي ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ﺟﻴﻜﻮ ۵۸۷‬
‫ﺗﺎﺋﻴﻦ رﻫﻴﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﻚ ﺳﺎل اﻟﻬﺎدي ﺧﻴﻠﻔﻮ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۶۸۷ ۾ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫ﭤﻴﻮ. ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۹۰۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺗﻲ وﻳﭡﻮ. ﻳﻌﻨﻲ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ( ﺟﻲ دور اﻣﺎﻣﺖ )۵۴۷‬
‫ﮐﺎن ۹۹۷( ۾ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﺎ ﭼﺎر ﺧﻠﻴﻔﺎ رﻫﻴﺎ؛ اﻟﻤﻨﺼﻮر، اﻟﻤﻬﺪي، اﻟﻬﺎدي ۽ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ. ﻫﻤﻴﺸﻪ واﻧﮕﺮ ﻋﺒﺎﺳﻲ‬
‫ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻮ اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺳﺎن ﺑﻪ وﻫﻨﻮار ﺳﭡﻮ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ۵۹۷‬
                                                                    ‫ٰ‬
‫۾ اﻣﺎم ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﮐﻲ ﺑﻐﺪاد ﺟﻲ ﺟﻴﻞ ۾ رﮐﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﭼﺌﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ۹۹۷ ۾ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﺟﻴﻠﺮ‬
                                                                                       ‫ٰ‬
                                            ‫ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﮐﻲ زﻫﺮ ڏﻧﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻨﺪن ﻣﻮت ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ﺑﮣﻴﻮ.‬‫ٰ‬
‫ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت )۹۹۷ع( وﻗﺖ ﺳﻨﺪن ﻓﺮزﻧﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻋﻤﺮ ۵۳ ﺳﺎل ﻫﺌﻲ ﺟﻦ ﮐﻲ اﻣﺎﻣﺖ ﺟﻲ‬   ‫ٰ‬
‫ﺟﻮاﺑﺪاري ﺳﻮﻧﭙﻲ وﺋﻲ. ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻧﭥﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﻣﺎﮢﻬﻦ ۾ ﻣﻘﺒﻮل ﭤﺌﻲ.‬
‫اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻦ ﻣﺪﻳﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻳﺎ ﻫﻨﻦ وٽ ﻋﻠﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﺑﻨﺪي‬
‫ﻫﮣﻲ ﮀﮇي ﻫﺌﻲ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﻫﻚ ﭔﻪ دﻓﻌﻮ اﻣﺎم رﺿﺎ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮڻ ﺟﻲ ﻛﻮﺷﺶ ﺑﻪ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ‬
‫ﻛﺎﻣﻴﺎب ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﮕﻬﻮ ﺋﻲ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﭘﺎڻ ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ﻣﺎن ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻮ ﺧﺮاﺳﺎن ﭘﺎﺳﻲ ﺑﻐﺎوت ﮐﻲ ﭔﻨﺠﻮ‬
‫ڏﻳﮡ ﻻ‪ ‬ﻧﻜﺘﻮ ﻫﻮ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﭜﺮﺳﺎن ﺳﺨﺖ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ڏﺳﻨﺪي ﺋﻲ ڏﺳﻨﺪي ﻫﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻻ‪ ‬ﭘﺎڻ ﺧﺎﻣﻮش‬
‫ﭤﻲ وﻳﻮ. ﻫﻴﮇي ﺳﻠﻄﻨﺖ ۽ ﻃﺎﻗﺖ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ﻣﮡ ﻣﭩﻲ‪ ‬ﻫﻴﭡﻴﺎن دﭔﺠﻲ وﻳﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﺷﺎﻋﺮ ﻻﻧﮓ ﻓﻴﻠﻮ )ﻫﻴﻨﺮي واڊس‬
                                                        ‫ورٿ( ﺟﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ؛‬
‫‪Oneday Haroun Al-Rashid read‬‬
‫‪A book Wherein the poet said‬‬
‫‪Where are the kings and where the rest‬‬
‫?‪Of those who once the world possessed‬‬
‫۹۰۸ ۾ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﻨﺪس وﺻﻴﻌﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﻋﺮب زال زﺑﻴﺪه ﺟﻮ ﭘﭧ‬
‫اﻻﻣﻴﻦ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ ۽ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ اﻳﺮاﻧﻲ )ﭘﺮﺷﻦ( زال ﺟﻮ اﻟﻤﺎﻣﻮن ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﮔﻮرﻧﺮ ﭤﻴﻮ. ﭘﺮ ﭜﺎﺋﺮﻧﻪ ﭠﻬﻴﺎ.‬
‫ﻫﻮ ﮀﺎ ﭼﻮﻧﺪا آﻫﻦ ﺗﻪ ”ﺑﮏ ﺑﮁﮍو ﭨﻮل، داﻧﺎ دﻳﻮاﻧﺎ ﻛﺮي“، ﭘﺮ ﺣﻜﻮﻣﺖ، ﭘﺎور، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻲ ان ﮐﺎن ﺑﻪ ﺧﺮاب ﺷﻲ‪‬‬
‫آﻫﻲ. ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﭜﺎ‪ ‬ﭜﺎ‪ ‬ﮐﻲ، ﭘﭧ ﭘﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﻛﻬﻴﻮ رﮐﻲ. ﭜﺎﺋﺮن ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻠﻨﺪڙ ﺟﻬﻴﮍي ۾ آﺧﺮ اﻻﻣﻴﻦ ۳۱۸ ۾ ﻗﺘﻞ‬
‫ﭤﻲ وﻳﻮ. ۽ اﻟﻤﺎﻣﻮن ﺧﻠﻴﻔﻮ ﭤﻴﻮ. اﻻﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﺮي ﻣﻠﻚ ۾ وﮘﻮڙ ﭤﻴﻮ. ﻋﺮب ﻣﺎ‪ ‬ﺟﻮ ﭘﭧ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻋﺮﺑﻦ‬
‫ﺟﻮن اﻻﻣﻴﻦ ﻻ‪ ‬ﻫﻤﺪردﻳﻮن ﻫﻴﻮن. ﭘﺮﺷﻴﺎ )اﻳﺮان( ﺟﻮ وڏو ﺣﺼﻮ ﺗﻪ ﻫﻮن‪ ‬ﺋﻲ ﻫﻨﻦ ﺧﻠﻴﻔﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﻠﻲ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ. ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﻫﻤﺪردﻳﻮن ﻫﺎﺷﻤﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻴﻮن ۽ ﻫﻨﻦ ﻻ‪ ‬ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺗﻮڙي ﺳﻴﺎﺳﻲ ﻃﺮح ﻋﻠﻲ ﺟﻮ اوﻻد‬
‫ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻮ ﺣﻘﺪار ﻫﻮ ﺟﻦ ﮐﻲ ﻫﻨﻦ اﻣﺎم ﭤﻲ ﺳﮇﻳﻮ. ﻣﺸﻬﺪ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﮔﺮد ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻣﻠﻚ‬
‫۾ ﭠﺎﭘﺮ آﮢﮡ ۽ ﻋﺮﺑﻦ ۽ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن اﻫﺎ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﭼﺎل ﮐﻴﮇي ﺗﻪ ﻫﻮ ﺧﻼﻓﺖ ﺷﻴﻌﻦ‬
‫ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻮ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺗﻮڙي ﭔﻴﻦ ان ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻧﭥﻲ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ‬
                                               ‫ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ ﮔﻬﺮاﻳﻮ.‬
‫اﻣﺎم رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻧﻨﮃڙو ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ۽ زال ﻣﺪﻳﻨﻲ ﮀﮇي ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺳﺎن ﻣﻠﮡ ﻻ‪ ‬ﺧﺮاﺳﺎن ڏي ﻧﻜﺘﻮ.‬
‫ﻫﻮ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺑﺼﺮي آﻳﻮ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺑﻐﺪاد ﻣﺎن ﭤﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻗﻢ ۾ ﭘﻬﺘﻮ. آﺋﻮن ﺟﮇﻫﻦ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ۾ ﻫﻮس ﺗﻪ اﺗﻲ‬
‫ﮔﻠﮕﭧ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺷﻴﻌﺎ ﻋﺎﻟﻢ ﺳﻴﺪ ﻋﺎﻟﻢ ﻧﻘﻮي‪ ‬اﺗﻲ ﺟﻲ ”ﻣﺪرﺳﮫ رﺿﻮﻳﮫ“ ﻻ‪ ‬ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ”ﺟﮇﻫﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن‬
‫رﺷﻴﺪ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﻗﻢ ﭘﮡ آﻳﻮ. ﻗﻢ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ اﻣﺎم ﺟﻲ آڌرﭜﺎ‪ ‬ﻻ‪ ‬ﮘﺎﻫﭧ ﭤﻲ آﻳﺎ‬
‫۽ ﻫﺮ ﻫﻚ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺳﻨﺪن ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻲ. ﺣﻀﺮت اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻴﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ” ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اٺ ﮐﻲ‬
‫ﮀﮇي ڏﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭘﺎڻ ﻛﭥﻲ ﭤﻮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻻﻫﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ اﻫﺎﺋﻲ ﻣﻨﺰل ﭤﻴﻨﺪي.“ اٺ ﻗﻢ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ور وﻛﮍن وارﻳﻦ‬
‫ﺳﻮڙﻫﻴﻦ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻫﻠﻲ ﻫﻠﻲ ﻧﻴﭟ ﻫﻚ ﮔﻬﺮ ﺟﻲ در وٽ اﭼﻲ ﺗﺮﺳﻴﻮ. اﻣﺎم رﺿﺎ ان ﮔﻬﺮ ۾ ﻣﻬﻤﺎن ﭤﻲ رﻫﻴﻮ ۽‬
                                           ‫اڄ اﻫﺎ ﺟﺎ‪ ‬ﻣﺪرﺳﮫ رﺿﻮي ﻧﺎﻟﻲ دﻳﻨﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺟﻮ درﺳﮕﺎﻫﻪ آﻫﻲ.“‬
‫ﻗﻢ ﺑﻌﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ آﻳﻮ. ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺟﺘﻲ ﺑﻌﺪ ۾ ﻋﻤﺮ ﺧﻴﺎم، ﻓﺮﻳﺪ دﻳﻦ ﻋﻄﺎر‬
‫۽ ﻛﻤﺎل وﻣﻠﻮڪ ﺟﻬﮍا ﺷﺎﻋﺮ، ﻣﺌﭥﻤﻴﭩﻴﺸﻦ، ﻋﺎﻟﻢ ۽ آرﭨﺴﭧ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﺟﻦ ﺟﺎ اﺗﻲ ﻣﻘﺒﺮا ﭘﮡ آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اڄ‬
‫ﻛﻠﻬﻪ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر اﻳﮇو وڏو ﺷﻬﺮ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻃﻮس ﺗﻪ ﺑﻨﻬﻪ ﻣﭩﺠﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۽‬
‫ﻃﻮس ”ﺧﺮاﺳﺎن“ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ وڏا ۽ ﮔﻬﻤﺎﮔﻬﻤﻲ وارا ﺷﻬﺮ ﻫﺌﺎ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﺳﻮﻳﻦ ﺣﺪﻳﺜﻮن ﭔﮅاﺋﮡ‬
‫وارا ۽ ﺷﺮﻳﻌﺖ ﺟﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﺎ ﭴﺎﮢﻮ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ. ﺑﻌﺪ ۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻲ ۾ ﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﭤﻲ وﻳﺎ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺗﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻣﺤﺪث ﻣﺤﻤﺪ ﺑﻦ اﺳﻠﻢ ﻃﻮﺳﻲ‪ ‬اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻛﺎ‬
                                                                     ‫ﺣﺪﻳﺚ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻋﺮض ﻛﻴﻮ.‬
‫ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺑﻌﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺳﻨﺎ آﺑﺎد ﮘﻮﭠﮍي ۾ آﻳﻮ. ان وﻗﺖ ﻇﻬﺮ ﻧﻤﺎز ﺟﻮ وﻗﺖ ﻫﻮ. ﻧﻤﺎز ﺑﻌﺪ ﭘﺎڻ ﺣﻤﻴﺪ ﺑﻦ ﻗﻬﺎﺗﺒﺎ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻬﺮ ﭘﻬﺘﻮ ﺟﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻫﺎل ۾ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ ﻫﻮ. ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﻫﺎرون رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻗﺒﺮ وٽ‬
             ‫اﭼﻲ ان ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﻟﻴﻚ ﻛﮃي ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻫﺘﻲ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﻗﺒﺮ ﭤﻴﻨﺪي ﺟﺘﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻨﺪو.“‬
‫اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﮇﻫﻦ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ وٽ ﭘﻬﺘﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﻛﻮرٽ ﺟﻲ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻦ، اﻫﻠﻜﺎرن ۽ ﺳﺮدارن اﮘﻴﺎن اﻫﻮ‬
‫اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ”ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺧﻼﻓﺖ ﺟﻲ ﭘﮗ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺣﻮاﻟﻲ ﻛﺌﻲ وﭸﻲ.“ ﻫﻦ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻮ ﻛﺎري‬
‫رﻧﮓ ﺟﻮ ﺟﻬﻨﮉو ﺑﺪﻻﺋﻲ ﺑﻨﻮ ﻫﺎﺷﻢ ﺟﻮ ﺳﺎﺋﻮ رﻧﮓ ﻛﻴﻮ. ﺧﻠﻴﻔﻮ ﻣﺎﻣﻮن اﻫﻮ ﺳﭛ ﻛﺠﻬﻪ ﻓﻘﻂ ان ﻛﺮي ﻛﺮي رﻫﻴﻮ‬
‫ﻫﻮ ﺟﻴﺌﻦ ﻋﻮام ﻫﻦ ﮐﻲ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﺮي. ﭘﺮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ اﻳﺘﺮو زﻧﺪه رﻫﮡ ﻧﻪ ڏﻧﻮ وﻳﻮ ﺟﻮ ﻫﻮ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻮ‬
‫ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ. ۶۲ ﻣﺌﻲ ۸۱۸ع ﺗﻲ ﺟﮇﻫﻦ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻮﺟﻮد ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ اوﭼﺘﻮ وﻓﺎت‬
‫ﻛﺮي وﻳﻮ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻮ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﻮڻ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﮐﻲ اﻧﮕﻮرن ۾ زﻫﺮ‬
  ‫ﻣﻼﺋﻲ ڏﻧﻮ ﻫﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﺣﻮال ﻣﺮڻ ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم رﺿﺎ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮاﮢﻲ دوﺳﺖ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺳﺎن اڻ ﭼﭩﻲ ﻃﺮح ﻛﻴﻮ.‬
‫اﻣﺎم ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ ﺳﭵﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ وڏو ﮔﻮڙ ﻣﭽﻲ وﻳﻮ. ﻋﻮام اﮘﻴﺎن ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻨﻬﻦ ﻣﭥﻮ ﭘﭩﻴﻮ ۽‬
‫اوﮀﻨﮕﺎرون ڏﻳﺌﻲ رﻧﻮ، ﭘﺮ وڏي ﭜﺎﮜﻲ ﻋﻮام اﻫﻮﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﺗﻲ ﻣﺠﺒﻮر رﻫﻲ ﺗﻪ ان ﻗﺘﻞ ﭘﻮﻳﺎن ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻮ ﻫﭣ‬
‫آﻫﻲ. ان وﻗﺖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ اﻛﻴﻠﻮ ﭘﭧ ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ﻧﻮن ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم ﭤﻴﮡ ﺟﻲ‬
‫ﺟﻮاﺑﺪاري ﺳﻮﻧﭙﻲ وﺋﻲ. ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﭘﻨﻬﺠﻲ ﻃﺎﻗﺖ ۽ دوﻟﺖ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ‬
‫رﺿﺎ ﺟﻲ ﻓﺮزﻧﺪ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ )ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم( ﺗﻲ آزﻣﺎﺋﻲ. ﻫﻦ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﺮاﺋﻲ ﺳﻮﭼﻴﻞ رﭤﺎ ﻣﻮﺟﺐ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڌي‪ ‬ام‬
‫اﻟﻔﻀﻞ ﺳﺎن ﺷﺎدي ﻛﺮاﺋﻲ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﺎﻧﺪان ان ﺷﺎدي‪ ‬ﺗﻲ ﺳﺨﺖ ﻣﺨﺎﻟﻔﺖ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ اﻫﺎ‬
‫ﺷﺎدي ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ رﭼﺎﺋﻲ وﺋﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﻄﺎﺑﻖ ﻫﻦ اﻫﻮﺋﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﭤﻲ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس ڌي‪ ‬ﺟﻮ ﭔﺎر‬
‫اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ڏﻫﻮن اﻣﺎم ﭤﺌﻲ. ﭘﺮ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ام اﻟﻔﻀﻞ ﻣﺎن اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ ﮐﻴﻦ ﭔﻲ زال ﺳﻮﻣﺎﻧﮫ ﻣﺎن ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي‬
‫ﭴﺎﺋﻮ ﺟﻴﻜﻮ اﮘﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻮ ڏﻫﻮن اﻣﺎم ﭤﻴﻮ. ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ ڌي‪ ‬ام اﻟﻔﻀﻞ وٽ ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ‬
‫ﺑﻐﺪاد ۾ اٺ ﺳﺎل ۽ ان ﺑﻌﺪ ﻣﺪﻳﻨﻲ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل رﻫﻴﻮ ﭘﺮ ام اﻟﻔﻀﻞ ﺟﻮ اﻣﺎم ﺳﺎن ﭠﺎﻫﻪ ﻧﻪ رﻫﻴﻮ. ۳۳۸ ۾ ﺧﻠﻴﻔﻲ‬
‫ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻮ وﻳﮙﻮ ﭜﺎ‪ ‬اﻟﻤﺘﺴﻢ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺑﮣﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﻻ‪ ‬ﺣﺎﻟﺘﻮن وﻳﺘﺮ ڏﮐﻴﻮن ﭤﻲ ﭘﻴﻮن.‬
‫ﺧﻠﻴﻔﻮ اﻟﻤﺘﺴﻢ ﺷﺮوع ﮐﺎن ﻋﻠﻤﺎﺋﻦ ﺟﻲ ﺧﻼف ﻫﻮ ۽ ﻫﺎڻ ﺧﻠﻴﻔﻮ ﺑﻨﺠﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﻔﺮت ﺟﺎ اﻇﻬﺎر ﮐﻠﺌﻲ ﻃﺮح ﻛﺮڻ‬
‫ﻟﮙﻮ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻫﻦ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﭛ ﺷﻴﻌﺎ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ آﻫﻦ ۽ ﭔﻴﻦ ﺗﻲ واﺟﺐ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ ﻛﻦ ۽‬
‫ﺳﻨﺪن ﻣﺎل ﻣﻠﻜﻴﺘﻦ ﮐﻲ ﻧﻘﺼﺎن رﺳﺎﺋﻴﻦ. ۵۳۸ ۾ ﻫﻦ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﺑﻐﺪاد ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﻣﻮت اوﭼﺘﻮ‬
                                                                                        ‫درﭘﻴﺶ آﻳﻮ.‬
‫اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ ﺗﻘﻲ )ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﺋﻴﻦ اﻣﺎم( ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺣﺎﻻت ﺑﻴﺎن ﻛﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. اﺑﻦ ﺷﻬﺮاﺷﻮب‬
‫ﺗﻮارﻳﺨﺪان ان ﺑﺎﺑﺖ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻤﺘﺴﻢ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭜﺎﺋﻴﭩﻲ ام اﻟﻔﻀﻞ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﮍس اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ ﻗﺘﻞ‬
‫ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭜﮍﻛﺎﻳﻮ. ﺟﻨﻬﻦ ۹۲ ذواﻟﻘﻌﺪ ۰۲۲ ﻫﺠﺮي )۵۳۸ع( ﺗﻲ اﻣﺎم ﺗﻘﻲ ﮐﻲ زﻫﺮ ڏﺋﻲ ﺷﻬﻴﺪ ﻛﻴﻮ. ﮐﻴﻦ ﺑﻐﺪاد ۾‬
‫ﻗﺮﻳﺶ ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﻣﻮﺳﻲ اﻟﻜﺎﻇﻢ )ﺳﺘﻴﻦ اﻣﺎم ( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ. ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﺟﻨﻬﻦ‬
                                                           ‫ٰ‬
        ‫ﻫﻴﭡﻴﺎن اﻫﻲ ﭔﻪ ﻗﺒﺮون آﻫﻦ ﻛﺎﻇﻤﻴﻦ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﺟﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻋﺮاق اﭼﻦ ﭤﺎ.‬
                                         ‫اي ﺧﺎڪِ ﺧﺮاﺳﺎن .....‬

‫ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ اﭼﻲ ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ اﭤﻢ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﻴﻌﻦ ﺟﻲ اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ )۸۱۸-۵۶۷(‬
                  ‫ٰ‬
‫ﺳﺎن واﺑﺴﺘﻪ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﺟﮇﻫﻦ رﺿﻮي ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ رﺿﻮي‪ ‬ﺟﻲ ”ر“ اﮐﺮ ﻣﭥﺎن زﺑﺮ ڏﻳﺌﻲ اﭼﺎرﻳﻦ ﭤﺎ ﻳﻌﻨﻲ ‪ .Razvi‬ﭘﺮ‬
‫اﺳﺎن وٽ ”ر“ ﻫﻴﭡﻴﺎن زﻳﺮ ڏﻳﺌﻲ رﺿﻮي ‪ Rizvi‬ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴﺌﻦ ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬ﺟﻲ رﺿﻮﻳﻪ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﻳﺎ اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻛﻠﻴﮓ‬
                                ‫ِ‬                                      ‫ِ‬
                                                                   ‫ﺟﻬﺎزن ﺟﻮ ﭼﻴﻒ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ ﺟﻤﻴﻞ رﺿﻮي.‬
                                                                         ‫ِ‬
‫ﻗﻢ ﻳﺎ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮﺟﻲ ﻣﺴﺠﺪن ۽ ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﻋﺎﻟﻤﻦ ۽ ﺷﺎﮔﺮدن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ رﻧﮕﻦ ﺟﺎ ﻋﺒﺎﻳﺎ )ﮔﺎﺋﻮن( ﭘﻬﺮﻳﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ‬
‫ﭘﺮ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ )ﭘﮗ( اﭤﻦ ﻳﺎ وري ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ. ﻗﻢ ۾ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﺟﻲ ﺳﻴﺪ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻮ‬
‫ﻓﺮزﻧﺪ ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ ﻣﻠﻴﻮ ﺗﻨﻬﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻋﺒﺎﻳﺎ ﺗﻪ ﻛﻮﺑﻪ ﻛﻬﮍي ﺑﻪ رﻧﮓ ﺟﻮ اوڍي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ ﭘﺮ ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ‬
‫ﻋﻤﺎﻣﻮ )ﭘﭩﻜﻮ( اﻫﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻴﺪ آﻫﻦ. ﺑﺎﻗﻲ ﻋﺎم ﻣﺎﮢﻬﻮ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ رﮐﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎن ﺟﻲ‬
‫ﺳﻨﮅ ﺟﺎ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻋﺎﻟﻢ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻬﺮن ۾ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ. اﻧﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻴﺪ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ‬
‫ﻛﺎري رﻧﮓ ﺟﻮ ﻋﻤﺎﻣﻮ ﻫﻮ. ﺑﺎﻗﻲ ﻟﻐﺎري، ﭜﭩﺂ، وڌﻫﻮ، ﭼﺎﻧﮉﻳﺎ ۽ ﭔﻴﻦ ذاﺗﻴﻦ وارن ﻋﺎﻟﻤﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﻲ ﺗﻲ اﮀﻲ رﻧﮓ ﺟﻮ‬
                                                                                             ‫ﻫﻮ.‬
‫ﻣﭥﻴﻮن ﻫﻤﺮاﻫﻪ، ﻏﻼم ﻣﻬﺪي ﺷﺎﻫﻪ، ﺳﻮل ﺳﺮوﺳﺰ اﻛﻴﮉﻣﻲ ﭨﻨﺪو ﭴﺎم ۾ رﻳﺴﺮچ آﻓﻴﺴﺮ آﻫﻲ. اﺳﺎﻧﺠﻮ ﻣﺮﺣﻮم ادﻳﺐ ۽‬
‫ﺳﻨﮅ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﻇﻔﺮ ﺳﻨﺪس ﻣﺎﻣﻮ ﭤﺌﻲ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﮐﺎن ﮔﺮوپ ﭠﺎﻫﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺎ‪ ‬روڊ ﺗﻪ‬
                                                                 ‫ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺎ‪ ‬اﻳﺌﺮ، اﻳﺮان اﻛﺜﺮ اﻳﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﺳﻴﺪ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ رﺿﻮي ﺳﻴﺪ دراﺻﻞ ﺗﻘﻮي ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﮐﻲ ﻫﻚ ﺋﻲ ﭘﭧ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ‬
‫اﻟﺘﻘﻲ )۵۳۸-۰۱۸( ﻫﻮ. ﺳﻮ ﺟﻴﻜﻲ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮ اوﻻد )ﻳﻌﻨﻲ رﺿﻮي ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺳﻲ ﺳﭛ اﻣﺎم ﻣﺤﻤﺪ اﻟﺘﻘﻲ ﺟﻮ ﺋﻲ‬
‫اوﻻد آﻫﻦ. ﻳﻌﻨﻲ اﻫﻲ ﺗﻘﻮي ﺑﻪ ﭤﻴﺎ. اﻣﺎم ﺗﻘﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺷﺎدي ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن رﺷﻴﺪ )ﺟﻨﻬﻦ ۳۱۸ ﮐﺎن‬
‫۳۳۸ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﻳﻬﻪ ﺳﺎﻟﻦ ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ( ﺟﻲ ڌي‪ ‬ام اﻟﻔﻀﻞ ﺳﺎن ﭤﻲ ﭘﺮ ان ﻣﺎن ﮐﻴﻦ ﻛﻮ اوﻻد ﻧﻪ ﭤﻴﻮ. ڏﻫﻮن اﻣﺎم‬
‫ﻋﻠﻲ ﻧﻘﻲ )ﻋﻠﻲ اﻟﻬﺎدي ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.( ۽ ﭔﻴﺎ ﭔﺎر اﻣﺎم ﺗﻘﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﭔﻲ زال ﻣﺎن ﭤﻴﺎ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ ﺗﻘﻲ ۷۲۸ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽‬
                       ‫۸۶۸ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﻋﺮاق ﺟﻲ ﺳﻤﺎرا ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اﻟﻌﺴﻜﺮي ﻣﺴﺠﺪ ۾ آﻫﻲ.‬
‫اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ، ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﻫﻚ ﭘﻮڙﻫﻮ ﻣﺎﮢﻬﻮ، ﮘﻮﭠﺎﮢﻮ، ﺟﺴﻤﺎﻧﻲ ﻃﺮح ﻛﻤﺰور ۽ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر اﻧﺴﺎن ﻫﻮ. ﻫﻦ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫ﺗﻮب ۽ ﺗﻠﻮار ﺟﻲ ﻓﻘﻂ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽ ﺗﻘﺮﻳﺮ ذرﻳﻌﻲ ﻣﻠﻚ ۾ اﻧﻘﻼب آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ. وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﻟﻴﮉر‬
‫ﭘﻴﺪا ﻛﻴﺎ ﭘﺮ ﺟﺘﻲ ﻣﺎﺋﻮزي ﺗﻨﮓ، اﺳﭩﺎﻟﻦ، ﻫﭩﻠﺮ ﺟﻬﮍا دﻫﺮﻳﺖ، ﻣﺎدﻳﺖ ۽ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم ﺟﻲ ﭘﺮﭼﺎرڪ ﻛﻨﺪا رﻫﻴﺎ ۽ ﻣﺬﻫﺐ‬
‫ﮐﻲ ﻏﻴﺮ اﻫﻢ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ اﺗﻲ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬روﺣﺎﻧﻴﺖ ﮐﻲ ﺿﺮوري ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ. ﻫﻦ روس ﺟﻬﮍي رﻳﺎﺳﺖ ﮐﻲ ﺑﻪ‬
     ‫اﻫﻮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﻻ‪ ‬ﻣﺼﻴﺒﺖ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ ‪ ، Capitalism‬آزادي ﻳﺎ ﻣﻌﺎﺷﻴﺎت ﻧﺎﻫﻲ ﭘﺮ اﻳﻤﺎن ﺟﻲ ﮐﻮٽ آﻫﻲ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻓﺨﺮ ﺳﺎن ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬روس ﺟﻬﮍي‬
‫ﻣﻠﻚ، ﺟﻴﻜﻮ ان وﻗﺖ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺳﭙﺮ ﭘﺎور ﻫﻮ، ﺟﻲ ﺻﺪر ﮔﻮرﺑﺎ ﭼﻴﻒ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﻣﻠﻚ ﭨﭩﮡ ﺑﺎﺑﺖ اﮘﻮاٽ ﭔﮅاﻳﻮ ۽‬
‫ﮐﻴﺲ اﺳﻼم ﮐﻲ ﺳﻤﺠﻬﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ. ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ ۵ ﺟﻨﻮري ۹۸۹۱ ﺗﻲ اﻫﺎ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ اﺧﺒﺎرن ۾ ﺧﺒﺮ ﮀﭙﻲ‬
‫ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ آﻳﺖ ا﷢ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﻮوﻳﭧ )‪ (USSR‬ﻟﻴﮉر ﮐﻲ ﺧﻂ ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﺗﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم ﻣﺮدار ﭤﻲ ﭼﻜﻲ‬
‫آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﺎﮢﻲ ﺻﺤﻴﺢ ﺟﺎ‪ ‬ﻓﻘﻂ ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮ آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻣﻮﻛﻞ ڏي ﺗﻪ ﺗﻮﮐﻲ اﺳﻼﻣﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ‬
‫ﻻ‪ ‬ڌﻳﺎن ﮀﻜﺎﻳﺎن ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﻼم ﻋﺎﻟﻤﻲ ﻃﺎﻗﺖ رﮐﻲ ﭤﻮ ۽ اﺳﻼم ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن اﻧﺴﺎن ذات ﺟﺎ ﺑﻨﻴﺎدي ﻣﺴﺌﻼ ﺧﺘﻢ‬
  ‫ﻛﺮي ﻫﻦ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﻜﻮن و آرام آﮢﻲ ﺳﮕﻬﻮن ﭤﺎ.“ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ان ﺧﻂ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺟﻤﻼ ﻛﺠﻬﻪ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻫﺌﺎ :‬
‫‪“….. Your communism will be relegated to the museums of the world’s political history, since Marxism cannot meet‬‬
‫”.… ‪any of the real needs of human beings‬‬
‫ان وﻗﺖ ﻛﻨﻬﻦ ﭤﻲ ﺳﻮﭼﻴﻮ ﺗﻪ روس )ﺳﻮوﻳﺖ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﻮ ﺟﻬﮙﭩﻮ( ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﮇو ﻃﺎﻗﺘﻮر ﻣﻠﻚ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ اﻫﻮ ﭨﭩﻲ‬
‫ﭘﻮﻧﺪو. ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ ﻣﭥﻴﻦ ﺧﻂ ﺑﻌﺪ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ۹۸۹۱ ۾ ﻟﮑﻴﻮ ﻫﻮ ﭔﻦ ﺳﺎﻟﻦ اﻧﺪر روس ﭨﻜﺮا ﭨﻜﺮا ﭤﻲ وﻳﻮ. اڄ ﻛﻤﻴﻮﻧﺰم‬
‫ﺟﻮ ﻓﻠﺴﻔﻮ ﻓﻘﻂ ﻣﺎﺿﻲ‪ ‬ﺟﻮ ﭘﮍاڏو آﻫﻲ. ۱۹۹۱ ﮐﺎن وﭠﻲ روس ﺟﻲ ﻫﺮ ﻫﻚ رﻳﺎﺳﺖ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻟﻴﮑﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻨﻬﻦ آﻫﻲ.‬
                                                                   ‫ﻛﻨﻬﻦ ۾ ﺑﻪ ﻛﻤﻴﻨﻮزم ﻧﻪ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ.‬
‫اﭸﺎن ﻛﺮاﭼﻲ‪ ‬۾ ﺋﻲ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺳﻔﺮ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻛﺮڻ وارن – اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ ﺟﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ‬
‫ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﭼﻮﻧﺪو رﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭘﺮي ﻫﻚ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺟﺎ‪ ‬ﺗﻲ وﭠﻲ‬
                                                    ‫ﻫﻠﻨﺪو ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﺮچ ﺗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ دﻋﻮت ﻛﻨﺪو.‬
‫”اﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﭘﻜﻨﻚ اﺳﭙﺎٽ آﻫﻲ،“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ، ”ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﺑﻪ ﮔﻬﮣﻮ ﺑﻠﻨﺪي ﺗﻲ آﻫﻲ‬
‫ﺟﺘﻲ اوﻧﻬﺎري ۾ ﺑﻪ ﺳﻲ‪ ‬ﭘﻮي ﭤﻮ. ڊﮔﻬﻦ ﺻﻨﻮﺑﺮ ﺟﻬﮍن وﮢﻦ ﺟﻲ ﻫﻴﭡﻴﺎن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﭘﺮي ﭘﺮي‬
                                                      ‫ﮐﺎن اﻳﺮاﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﭩﻨﺒﻦ ﺳﺎن ﺷﺎم ﮔﺬارﻳﻦ ﭤﺎ.“‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭔﻪ ﭨﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬرڻ ﺑﻌﺪ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ‪ ‬اﺳﺎن ﮐﻲ رﻫﺎﺋﺶ واري ﻫﻮﭨﻞ ﺑﺪران ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻠﻲ رات ﺟﻲ‬
                                                                            ‫ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ.‬
   ‫”اڄ ﻫﻠﻮ ﺗﻪ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ان ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻫﻨﮅ ﺗﻲ وﭠﻲ ﻫﻼن ﺟﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﻣﻮن وﻋﺪو ﻛﻴﻮ ﻫﻮ.“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ اﻋﻼن ﻛﻴﻮ.‬
                                         ‫”ﮀﺎ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﺳﻬﮣﻲ ﺟﺎ‪ ‬ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻲ؟“ اﺳﺎن ﻣﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﭼﻴﻮ.‬
                                                     ‫”اﻫﻮ ﻫﻨﮅ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺋﻲ ﺣﺼﻮ آﻫﻲ.“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ وراﮢﻴﻮ.‬
‫ﺷﺎم ﺟﻮ ﭘﻨﺠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ڌاري ﭘﻜﻨﻚ ﺑﺲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﻮﭨﻞ اﮘﻴﺎن آﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ذرﻳﻌﻲ اﺳﺎن ﻛﻼڪ ﺑﻌﺪ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﻛﻠﻮ‬
‫ﻣﻴﭩﺮ ﭔﺎﻫﺮ ﻫﻦ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﭤﮅڙي ﮘﻮٺ ۾ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ آﻫﻲ. ﻣﭥﺎﻧﻬﻴﻦ ‪Altitude‬وارو ﻫﻲ ﮘﻮٺ‬
‫ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻮ ﮔﻴﻨﺘﮓ ﻫﺎ‪ ‬ﻟﺌﻨﮉس ﭤﻲ ﻟﮙﻮ ﺟﺘﻲ ﭘﻬﭽﮡ ﺳﺎن ﺳﻲ‪ ‬ﻛﺮي ڏﻛﮣﻲ وﭠﻲ وﺋﻲ. ﭼﻮڌاري رﻳﺴﭩﻮرﻳﻨﭩﻮن ۽ ﺑﺎغ‬
‫ﺑﺎﻏﻴﭽﺎ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ۽ اﻧﺪر ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻴﻠﻴﻮن ۽ ڌارﻳﺎن ﻧﻈﺮ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻫﺘﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﺎ روﺳﺮي‬
‫)ﺣﺠﺎب( ﺳﺎن ﻣﭥﺎ ڍﻛﻴﻞ ﺿﺮور ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﻫﻲ ڊﮔﻬﻴﻦ ﭼﺎدرن ۾ وﻳﮍﻫﻴﻞ ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ﺟﻴﺌﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ‬
                                                                                         ‫ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن.‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻴﺰﺑﺎن ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ‪ ‬ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي‪ ‬اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻟﻮﻛﻞ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ڊش ﮔﻬﺮاﻳﺎ ﺟﻦ‬
‫۾ ﻫﻚ ﻛﻮاﺑﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ڊش ﻫﻮ. ﻫﻦ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺗﺎﻻر رﻳﺴﺘﻮران ﺑﻬﺎرﺳﺘﺎن“ ﻫﻮ ان ﺟﻲ ﻣﺌﻴﻨﻴﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ‬
‫ﺗﻪ ”ﻫﻲ ﻛﻮاب ﻫﻦ ﮘﻮٺ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ )‪ (Shandiz‬ﺟﻲ اﺳﭙﻴﺸﻠﭩﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺷﺸﻠﻚ ‪(Shandiz‬‬
‫)‪ .Shishlik‬ﭘﺮي ﭘﺮي ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻲ ”ﺷﺸﻠﻚ“ ﮐﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﻫﺘﻲ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ۾ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﻛﻮاﺑﻦ ﮐﻲ‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.“ ﻫﻲ اﺋﻴﻦ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻴﻦ اﺳﺎن وٽ ﺑﻬﺎري ﻛﻮاب، دﮐﻨﻲ آﭼﺎر، اﻓﻐﺎﻧﻲ ﭘﻼ‪‬‬
‫وﻏﻴﺮه. رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ ﻣﺌﻴﻨﺠﺮ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ وٽ ﺳﭛ ﺧﻮارزﻣﻲ ﺑﻮرﭼﻲ آﻫﻦ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﻮﻧﮑﺎن ﭘﮁﻴﻮ ” ﺗﻮﻫﺎن‬
                                                                              ‫ﺧﻮارزﻣﻲ ﺳﻤﺠﻬﻮ ﭤﺎ؟“‬
‫”ﭘﻬﺮﻳﻦ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ اﻳﺘﺮي ﭴﺎڻ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﺠﻬﻪ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻣﻌﻠﻮﻣﺎت ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺌﻲ اﭤﻢ، ﻛﺠﻬﻪ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﮐﺎن‬
                                                             ‫اڳ اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ ﭘﮍﻫﻲ ﻧﻜﺘﻮ آﻫﻴﺎن.“‬
‫”ﺧﻮارزﻣﻲ“ ﺧﻮارزم )‪ (Khwarezm‬ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﻓﺎرﺳﻲ ادب ﺧﻮارزم ۽ ان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﺟﻲ‬
‫ﻗﺼﻦ ﻛﻬﺎﮢﻴﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻮ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. ’اﻣﻮ درﻳﺎه‘ ﺟﻲ ڊﻳﻠﭩﺎ )ﮀﻮڙ( وارو ﻋﻼﺋﻘﻮ ﺧﻮارزم ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻛﻨﻬﻦ‬
‫زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ۾ ﻫﻮ. ﻫﺎڻ ﻣﺎڊرن دور ۾ ﻧﻴﻮن ﺳﺮﺣﺪون ۽ ﻧﻮان ﻣﻠﻚ ﭠﻬﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻲ ﻋﻼﺋﻘﻮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ‬
‫آﻫﻲ، ﭘﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻦ ﺟﻲ اڄ ﺑﻪ روزﻣﺮه ﺟﻲ زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺳﻠﻄﻨﺖ ۾ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ‬
‫ادﻳﺐ، ﺷﺎﻋﺮ، ﻓﻴﻠﺴﻮف، ﻋﺎﻟﻢ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﻧﺠﻢ دﻳﻦ ﻛﺒﺮا ۽ ﻧﺠﻢ دﻳﻦ‬
‫رزي ، دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺴﺎب دان ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺨﻮارزﻣﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ اﻟﮕﻮرﭤﻢ ﭨﺮم آﻫﻲ، ڏﻫﻴﻦ ﺻﺪي‬
                                                 ‫ٰ‬
‫ﺟﻮ ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﺣﻤﺪ ﺧﻮارزﻣﻲ ﺟﻴﻜﻮ ‪ Encyclopedist‬ﺑﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب ”ﻣﻔﺎﺗﮫ‬
‫اﻟﻌﻠﻮم“ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ‪ Key of the Sciences‬ﻧﺎﻟﻲ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻴﻞ آﻫﻲ. ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ﺑﻴﺮوﻧﻲ، ﻓﻼﺳﻔﺮ‬
‫ﻗﻄﺐ اﻟﺰﻣﺎن ﻣﺤﻤﺪ اﺑﻦ اﺑﻮ ﻃﺎﻫﺮ ﻣﺮوازي، ﻣﺎﻫﺮ ﻓﻠﻜﻴﺎت اﻟﻤﺮوازي، ﺗﺎرﻳﺦ دان اﺑﻮاﻟﻐﺎزي ﺑﻬﺎدر وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه.‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﺣﺎﻛﻢ ﺗﻤﻴﻮرﻟﻨﮓ ﺟﻲ زال ﺗﻮرﻳﺢ ﺑﻴﮓ ﺧﺎﻧﻢ ﺑﻪ ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ ﭘﺮﺷﻦ )اﻳﺮاﻧﻲ( ﻋﻮرت ﻫﺌﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻦ‬
‫ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ دﻧﻴﺎ ‪ Urgench‬ﺳﮇي ﭤﻲ. ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺑﻌﺪ‬
‫ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺧﻴﻮا )‪ (Khiva‬ﭤﻴﻮ. ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺧﺎﻗﺎﻧﻲ ﺷﻴﺮواﻧﻲ ﺟﻮ ﺧﻮارزم ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ واﮐﺎڻ ۾ ﻫﻚ ﺷﻌﺮ‬
                                                                                           ‫آﻫﻲ ﺗﻪ :‬
‫ﭼﻨﺎﻧﻚ‬                ‫ﻣﻘﺮر‬                      ‫اوﻫﺴﺖ‬                    ‫ﺑﺮ‬                   ‫ﺟﺎﻧﻬﺎ‬         ‫ﻋﺎﻟﻢ‬
‫ﻗﺮار‬            ‫را‬              ‫ﺟﻬﺎن‬                   ‫داد‬              ‫ﻣﺸﺎﻫﻪ‬                ‫ﺧﻮارز‬         ‫دوﻟﺖ‬
                                   ‫ﺷﻴﺦ ﺳﻌﺪي ﺟﻮ ﺑﻪ ان وﻗﺖ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻌﺮ آﻫﻲ ﺗﻪ ؛‬
‫ﻣﺸﺎﻫﻪ‬                ‫ﺧﻮارزم‬                      ‫ﭘﻴﺶ‬                    ‫ﻃﻤﻊ‬                    ‫ﭘﺮ‬         ‫ﻳﻜﻲ‬
‫ﭘﮕﺎﻫﻪ‬                    ‫ﺑﺎﻣﺪادي‬                              ‫ﺷﺪ‬                        ‫ﻛﮫ‬                ‫ﺷﻨﻴﺪم‬
                                ‫)ﻫﻚ ﻻﻟﭽﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺧﻮارزم ۾ ﺷﺎﻫﻪ وٽ آﻳﻮ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﺳﻮﻳﺮ ﻣﻮن اﺋﻴﻦ ﭔﮅو آﻫﻲ (‬
‫ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻲ ﺑﻪ ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ! اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر، ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽‬
‫دﺑﺌﻲ واﻧﮕﺮ دﻳﺴﺎن دﻳﺲ ﻣﺸﻬﻮر ۽ اﻣﻴﺮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ. ﻳﺎﻗﻮت اﻟﺤﻤﻮدي ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ ﻫﻚ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎﻳﻮ ﮔﺮاﻓﺮ ۽‬
‫ﺟﺎﮔﺮاﻓﻲ ﺟﻮ ﭴﺎﮢﻮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ۹۷۱۱ ۾ ﺷﺎم ﺟﻲ ﺣﻤﺎ ﺷﻬﺮ ۾ ﭴﺎﺋﻮ، ان ﻛﺮي ﺣﻤﻮي ﭤﻮ ﺳﮇﺟﻲ . ﭘﺎڻ ﻫﻚ‬
‫ﻏﻼم ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ وﻛﺮو ﭤﻲ ﺑﻐﺪاد ﭘﻬﺘﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ﺳﻠﻄﻨﺖ ﻫﻴﭟ ﻫﻮ. ﻳﺎﻗﻮت ﺟﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﮐﻴﺲ‬
‫ﭘﮍﻫﺎﻳﻮ ﻟﮑﺎﻳﻮ ۽ ﻫﻮ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ﭤﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﻛﺠﻬﻪ ﻛﺘﺎب ﺑﻪ ﻟﮑﻴﺎﺋﻴﻦ ﺟﻦ ۾ ﻣﻌﺠﻢ اﻻدﺑﺎ‪) ‬ﻟﻴﮑﻦ ﺟﻲ ﻟﻐﺖ( ﺑﻴﺤﺪ ﻣﺸﻬﻮر‬
‫ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻫﻦ دﻳﺴﺎن دﻳﺲ ﺳﻔﺮ ﻛﻴﻮ. ۹۲۲۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻳﺎﻗﻮت اﻟﺤﻤﻮي‪ ‬ﺧﻮارزم ﺟﻲ ﮔﺎدي واري ﺷﻬﺮ‬
‫ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻲ وڏي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻟﮑﻲ آﻫﻲ. ﭼﻲ: ”ﻣﻮن ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﻬﮍو اﻣﻴﺮ ۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻪ ڏﭠﻮ.“ ﺑﻬﺮ ﺣﺎل ﻫﻲ‬
‫ﺷﻬﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺟﻲ ﺣﻤﻠﻦ ﺟﻲ ور ﭼﮍﻫﻴﻮ ۽ ﻫﺮﻫﻚ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﻛﺮڻ ۾ ﻛﺴﺮ ﻧﻪ ﮀﮇي. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻣﻨﮕﻮل ﻟﺸﻜﺮ‬
‫اﻣﻮ درﻳﺎ‪ ‬ﺟﻮن ڊﻳﻤﻮن ﭜﭹﻲ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﮐﻲ ﻟﻮڙﻫﺎﺋﻲ ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن. ﻳﺎﻗﻮت ﻟﮑﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﺮ ﻣﻨﮕﻮل ﻓﻮﺟﻲ‪ ‬ﺳﺮاﺳﺮي ﭼﺎر‬
‫ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺟﺎ ﺷﻬﺮي ﻗﺘﻞ ﻛﻴﺎ. اﻧﻬﻦ ﺷﻬﻴﺪن ۾ ﻣﺸﻬﻮر ﺻﻮﻓﻲ ﻧﺠﻢ اﻟﺪﻳﻦ ﻛﺒﺮا ﺑﻪ ﻫﻚ ﻫﻮ. ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ‬
                 ‫ﺟﻲ ﻟﺸﻜﺮ ۾ اﺳﻲ ﻫﺰار ﺳﭙﺎﻫﻲ ﻫﺌﺎ. ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ﺗﻲ آﻳﻞ ان ﺗﺒﺎﻫﻲ‪ ‬ﺟﻮ ذﻛﺮ دﻳﻮان اﻧﻮري ۾ ﺑﻪ آﻫﻲ:‬
‫ﻧﺠﺎت‬            ‫ﻳﺰداﻧﺖ‬                 ‫داد‬                   ‫ﺧﺮاﺳﺎن‬              ‫ﺧﺎڪِ‬                ‫اي‬     ‫آﺧﺮ‬
‫.‬         ‫ﻛﺎت‬               ‫و‬                ‫ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ‬                ‫ره‬           ‫ﺧﺎڪ‬             ‫ﻏﻴﺮت‬       ‫ﺑﻼي‬
        ‫)اي ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻲ ڌرﺗﻲ ! ﺧﺪا ﺗﻮﮐﻲ ﺑﭽﺎﺋﻲ ورﺗﻮ آﻫﻲ، ان ﺗﺒﺎﻫﻲ ﮐﺎن ﺟﻴﻜﺎ ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ ۽ ﻛﺎت ﺗﻲ ﻧﺎزل ﭤﻲ.(‬
                                      ‫ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ ﺗﻬﻪ دﻳﮗ‬

‫ان رات ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ اﺳﺎن ﭼﮝﻲ دﻳﺮ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ. ﭔﺎﻫﺮ ﺳﺨﺖ ﺳﺮدي ﻫﺌﻲ ﭘﺮ اﻧﺪر ﻫﻴﭩﺮ ﭔﺮي رﻫﻴﺎ‬
   ‫َ‬
‫ﻫﺌﺎ. رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻮ ﻫﺎل، ﺷﺎدي ﻫﺎل ﺟﻴﮇو ﭤﻴﻨﺪو. ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ وچ ۾ ﭨﻴﺒﻞ ﻛﺮﺳﻴﻮن رﮐﻴﻞ ﻫﻴﻮن ۽ ﭼﻮڌاري ﭤﻠﻬﺎ‬
‫ﭠﻬﻴﻞ ﻫﺌﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺎﺳﻦ ﮐﺎن ﭤﻠﻬﻦ ﭘﮍدن ذرﻳﻌﻲ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﮐﺎن ڌار ﭤﻴﻞ ﻫﺌﺎ. اﻧﻬﻦ ﻛﺎٺ ﺟﻲ ﭨﻴﺒﻠﻦ ذرﻳﻌﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﭤﻠﻬﻦ‬
‫ﻣﭥﺎن ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ وﮀﺎﻳﻞ ﻫﺌﺎ ۽ ﭨﻴﻚ ڏﻳﺌﻲ وﻫﮡ ﻻ‪ ‬ﻃﻮل وﻫﺎﮢﺎ ﻫﺌﺎ. اﺳﺎن ﻣﺎن ﻣﺮد ﻫﻚ ۾ ﭤﻲ وﻳﭡﺎ ۽ ﻋﻮرﺗﻮن‬
‫ﭔﺌﻲ ۾. ﻫﺎل ﺟﻲ وچ ۾ رﮐﻴﻞ ﭨﻴﺒﻞ ﻛﺮﺳﻴﻦ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﻣﺮد ﻋﻮرﺗﻮن وﻳﭡﻞ ﻫﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﻦ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻬﮣﻦ ﮔﺮاﻫﻜﻦ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﻫﻨﻦ ﻛﺌﺒﻨﻦ ۾ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺗﻲ وﻳﻬﻲ ﻣﺎﻧﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﭘﺴﻨﺪ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ. ﻫﺎل ۾ داﺧﻞ ﭤﻴﮡ واري‬
‫ﭜﺖ ﭘﺎﺳﻲ اﻫﮍﻳﻮن ﻛﺌﺒﻨﻮن ﻧﻪ ﻫﻴﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﭜﺘﻴﻦ ﺗﻲ ﺗﻤﺎم وڏﻳﻮن ۽ ﺳﻬﮣﻴﻮن ﻓﺮﻳﻢ ﭤﻴﻞ ﭘﻴﻨﭩﻨﮓ ﻟﮙﻞ ﻫﻴﻮن.‬
‫ﺟﻴﺴﻴﻦ ﻣﺎﻧﻲ اﭼﻲ، آﺋﻮن ﻛﺎ دﻳﺮ اﻧﻬﻦ ﻫﭣ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﮐﻲ ڏﺳﻨﺪو رﻫﻴﺲ. ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺌﺮي ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
‫ﮐﻲ ﭔﻪ ﭔﺎر آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻫﻮ ڏﺳﻨﺪو آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺳﻨﺪس زال اﺳﭙﺘﺎل ۾ ﻧﺮس ﺟﻲ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﺮي‬
‫ﺳﮕﻬﻲ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﭼﺌﻴﻦ ﺑﺠﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻮﭨﮡ ﺗﻲ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎب ﻻ‪ ‬اﭼﻲ ﭤﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ ﮔﺮاﻫﻚ‬
‫ﺳﺞ ﻟﭥﻲ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ، ﻫﻨﻦ ﺗﺼﻮﻳﺮن ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻫﻲ ﺷﺎﻫﻨﺎﻣﻲ ﺟﻲ ﻓﺮﺿﻲ ﻛﺮدارن: رﺳﺘﻢ، ﺳﻬﺮاب،‬
                           ‫ﺗﻬﻤﻴﻨﻪ، ذال، رداﺑﺎ، ﺷﻐﺎد، اﺳﻔﻨﺪﻳﺎر وﻏﻴﺮه ﺟﻲ ﻟﮍاﺋﻴﻦ، ﻣﻌﺎﺷﻘﻦ ۽ ﻣﻼﻗﺎﺗﻦ ﺟﻮن آﻫﻦ.‬
‫ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ڊش ﮔﻬﺮاﻳﺎ وﻳﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي‪ ‬وڏو ﺧﺮچ ﻛﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ‬
‫ﮐﺎراﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﺮ ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ‪ ‬ﭘﮡ آرڊر ﻛﻴﺎ ﺗﻪ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ اﻳﺮاﻧﻲ ڊﺷﻦ ﺟﻲ آﺋﻴﮉﻳﺎ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻲ. اﻧﻬﻦ ۾ ﻫﻚ‬
‫ﭼﺎﻧﻮرن ﺟﻮ ﺑﻪ ڊش ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﭥﺎن ﮐﺮڙ ﺟﺎ ﺑﺮﻓﻲ‪ ‬واﻧﮕﺮ ﭼﻮرس ﭨﻜﺮا رﮐﻴﻞ ﻫﺌﺎ. ﮐﺮڙ ﺑﺎﺑﺖ ورﺟﻴﻨﻴﺎ )‪(USA‬‬
‫ﺟﻲ ﻫﻚ اﻳﺮاﻧﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺷﻤﺸﻴﺮ ﺟﻮ اﺣﻮال ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ان ﺳﻔﺮﻧﺎﻣﻲ ”ﻧﻴﻮﻫﺎﻻ ﮐﺎن ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ“ ۾ ﻟﮑﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻮرﭼﻲ ﺟﻲ ﻗﺎﺑﻠﻴﺖ ﺟﻮ اﻧﺪازو ﮐﺮڙ ﻣﺎن ﻟﮙﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ. ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﮐﻲ ﺋﻲ ﮐﺮڙ وﮢﻨﺪي ﻫﺠﻲ.‬
‫ﺷﺎﻳﺪ ان ﻛﺮي ﺟﻮ اﻫﻲ ﭼﺎﻧﻮر وڌﻳﻚ رڌﺟﻲ وﭸﻦ ﭤﺎ ﺑﻠﻜﻪ ﻓﺮا‪ ‬ﭤﻴﻦ ﭤﺎ، ان ﻛﺮي ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺬﻳﺬ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﺳﺎن‬
‫ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﮐﺮڙ ﮐﺎﺋﮡ ﮐﻲ ﺑﻲ ﻋﺰﺗﻲ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎن وٽ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺗﻪ ”ﻣﺎل ﭘﺎڻ ﮐﺎﺋﻲ وﻳﺎ‬
‫اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﮐﺮڙ ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن.“ ﻛﻮ ﭔﺎر ڏﻧﮕﻮ ﻫﻮﻧﺪو ﺗﻪ ﭼﻮﻧﺪا ” ﻫﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮐﺮڙ آﻫﻲ؟“ ﻣﻌﻨﻲ ﻫﻲ ﻧﻜﻤﻮ ﻳﺎ ﻧﺎﻻﺋﻖ‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺟﻮ آﻫﻲ؟. ﭘﺮ اﻳﺮان ۾ ﮐﺮڙ اﻋﻠﻲ ﺷﻲ‪ ‬ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﻳﻮرپ ۾، ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﺌﻴﮉن ۾ ﭔﻪ ﺳﺎل ﭘﮍﻫﺎﺋﻲ‬
                                                                 ‫ٰ‬
‫دوران ﺟﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﭘﺎڙي ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس، اﻫﻲ ﺑﻪ ﮐﺮڙ ﮐﻲ وڏي اﻫﻤﻴﺖ ڏﻳﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﻋﻴﺪ ﺑﺮات ﭔﺌﻲ ڊش ﺳﺎن ﮔﮇ‬
‫ﻫﻚ اﻟﮗ ﭘﻠﻴﭧ ﺗﻲ ﮐﺮڙ ذرو ﭘﮡ رﮐﻲ ﻣﻮن ڏي ﻣﻮﻛﻠﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﺳﻮ ُان ‪ Speciality‬ﮐﺎن آﺋﻮن ﭼﮝﻲ ﻃﺮح واﻗﻒ ﻫﺌﺲ ۽‬
‫ﻣﻮن ﭘﺌﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ وﻳﭡﻞ ﻣﻮن ﻻ‪ ،‬ﺷﺎﻳﺪ ﺋﻲ ﻛﺎ ﺑﭽﻲ! ﭘﺮ ڏﭠﻢ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ اﻫﺎ ﻧﻪ ﮐﻨﺌﻲ. ﻧﻴﭟ ﻣﻮن ﮐﮣﻲ‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻦ ﭘﺎﺳﻲ ۾ وﻳﭡﻠﻦ ﮐﻲ آﻓﺮ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ وﮢﻲ ﺗﻪ آﺋﻮن ﻛﻮاب، ﮔﻮﺷﺖ ۽ ﮔﺎﻧﮕﭧ ﭘﻼ‬
‫ﮀﮇي ﮐﻴﻦ ﮐﺮڙ ﺟﻲ آﻓﺮ ﻛﺮي رﻫﻴﻮ آﻫﻴﺎن ۽ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺑﻌﺪ ۾ اﻳﺘﺮي ﺣﻴﺮت ﻟﮙﻲ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻮن ﮐﺮڙ ﺟﺎ وڏا وڏا ﭼﺎﭘﻮڙا‬
                                                                           ‫ﮐﮣﻲ، آرام ﺳﺎن وﻳﻬﻲ ﮐﺎڌا.‬
‫ﻫﻚ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻣﻮن ﻧﻮٽ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﮐﺮڙ، ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ رڌل ﭜﺖ ﺟﻲ ﮐﺎڌل ﮐﺮڙﻳﻦ ﮐﺎن، ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺑﻴﺤﺪ‬
‫ﻣﺨﺘﻠﻒ، ﻛﺠﻬﻪ ‪ Soft‬۽ ﭤﻠﻬﻲ ‪ Layer‬واري ﻟﮙﻲ. آﺧﺮ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﺑﺌﺮو ﭤﺎﻧﻮ ﮐﮣﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻣﻮن ﺳﻠﻤﺎن رﺿﻮي ﺟﻲ‬
‫ﻣﻌﺮﻓﺖ ﭘﮁﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﮐﺮڙ اﻳﮇي ﺳﻮادي ﮀﻮ آﻫﻲ. ﺳﻠﻤﺎن ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﭼﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺳﭡﻲ ﺳﮑﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ان ﺑﺌﺮي ﺟﻲ‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﻛﺮي ﭔﮅاﺋﻲ ﺗﻪ ﻫﻲ‪ ‬ﮐﺮڙ ﺧﺎص ﭠﺎﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ زﻋﻔﺮان، ﺑﻴﻀﺎ، ﻣﺎﺋﻮ ۽ ﭘﺴﺘﻦ ﺟﻲ ﻛﺎﺗﺮ ﻣﻠﻴﻞ‬
‫آﻫﻲ ۽ ﻣﮑﮡ ۾ ﻓﺮا‪ ‬ﻛﺌﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ. ﺳﻠﻤﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﭔﮅي ﺳﭛ، ﺑﺎﻗﻲ ﺑﭽﻴﻞ ﮐﺮڙ ﮐﮣﻲ ﮐﺎﺋﮡ ﻟﮙﺎ ۽ واﻫﻪ واﻫﻪ‬
‫ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ. ﻫﻮ ﭘﻚ دل ۾ ﺳﻮﭼﻴﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺗﻪ ﻣﮑﮡ ﻣﺎوا ۽ ﭘﺴﺘﺎ ﺑﺎدام ﺗﻪ آﺋﻮن ﮐﺎﺋﻲ وﻳﺲ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎﻧﺠﻮ ﻛﮇﻫﻦ‬
‫اﻳﺮان وﭸﮡ ﭤﻴﺌﻲ ﻳﺎ دﺑﺌﻲ، ﺑﺤﺮﻳﻦ، اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ رﻳﺴﭩﻮرﻧﭧ ۾ وﭸﮡ ﭤﺌﻲ، ﺗﻪ ﭼﻠﻮ ﻛﺒﺎب‬
          ‫ِ‬
                          ‫)ﻛﻮاب ﭜﺖ( ﺳﺎن ﮔﮇ ﮐﺮڙ ﮐﻲ ﺑﻪ ﺿﺮور ﭼﮑﺠﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﻧﺎﻟﻮ ”ﺗﻬﻪ دﻳﮕﻲ“ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﺎﻧﻲ ﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﻛﻮﻻ ﺑﺪران ﺳﺎدو ﭘﺎﮢﻲ ۽ ﻧﻤﻜﻴﻦ ڏڌ ﻫﻮ. ﻣﺎﻧﻲ ﺑﻌﺪ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﺳﺒﺰ ﭼﺎﻧﻬﻪ ڏﻧﻲ وﺋﻲ ان ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻚ‬
‫ﻋﺪد ﺣﻘﻮ ﺑﻪ رﮐﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻣﺎن ﭔﻴﻦ ﺗﻪ ﻓﻘﻂ ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﻫﻚ اڌ ﭰﻮڪ ﭜﺮي ﺑﺎﻗﻲ اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻲ ﺳﺠﺎد ﻣﮑﺌﻲ،‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺳﻨﺪس ﭔﺎر ﻫﺮ وﻗﺖ ﮔﻬﮣﻲ ﺳﻤﻮﻛﻨﮓ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ، ان ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻏﻨﻴﻤﺖ ﺳﻤﺠﻬﻲ ﺧﻮب وارا‬
‫ﻛﮃﻳﺎ. رات ﺟﺎ ﭔﺎرﻫﻦ اﭼﻲ ﭤﻴﺎ ﻫﺌﺎ. ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻓﺌﻤﻠﻴﻮن اﭸﺎن وﻳﭡﻴﻮن ﻫﻴﻮن. اﺳﺎن ﺟﻲ دل ﺑﻪ ﻫﻬﮍي ﻣﺎﺣﻮل‬
                             ‫ُ‬
           ‫ﮐﻲ ﮀﮇڻ ﻻ‪ ‬ﻧﭥﻲ ﭼﻴﻮ ﭘﺮ ﭔﺌﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻻ‪ ‬ﻓﻼﺋﻴﭧ ﻫﺌﻲ ﺟﺘﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﻗﻢ ﺑﺎ‪ ‬ﺑﺲ وﭸﮣﻮ ﻫﻮ.‬
‫ﺷﺎﻧﺪﻳﺰ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ڏي ﻣﻮﭨﻨﺪي ﺳﻠﻤﺎن ۽ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ‪ ‬ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺳﻨﺪن ﻫﺘﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻫﻚ ﺳﺎﭤﻲ ﻋﺎﺑﺪ ﺟﻌﻔﺮي ﮐﻲ‬
‫ﻛﺠﻬﻪ ﭔﮅاﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭼﻴﻮ. اﺳﺎن ﺳﻨﺪس ﻣﭡﻲ ﺳﺮ ۾ ﻣﻨﻘﺒﺖ ﭔﮅﻧﺪا ﺷﻬﻴﺪ ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ڏي وڌﻧﺪا رﻫﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ‬
               ‫ﮔﺬارﻳﻞ ﭼﻨﺪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻳﺎد رﻫﻨﺪا ۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺳﭝﺎﮢﻲ ﮀﮇڻ ﺟﻮ ﺳﻮﭼﻲ ﺑﻴﺤﺪ ڏک ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ...‬
                                                                    ‫اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ – اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ ...‬
                                                                ‫ﻧﺎﻧﺎ ﻧﺒﻲ، دادا ﻋﻠﻲ، دادي ﺗﻴﺮي ﺧﻴﺮاﻟﻨﺴﺎ‪‬‬
                                                        ‫ﻣﺴﻜﻦ ﺗﻴﺮا ﻣﻮﻻ رﺿﺎ، ﻋﺮض اوﻻ ﺳﻲ ﻛﻢ ﻧﻬﻴﻦ‬
                                                   ‫ﻛﻬﺘﺎ رﻫﻮ ﻧﮕﺎ ﻋﻤﺮ ﺑﻬﺮ ﻣﺠﻬﻪ ﻛﻮ ﺗﻮ ﻛﻮﺋﻲ ﻏﻢ ﻧﻬﻴﻦ‬
                                                           ‫ﻛﻢ ﻧﻬﻴﻦ ﺟﻨﺖ ﻛﻲ ﮐﺎﻧﻲ ﺳﻲ ﻣﻮﻻ ﻟﻨﮕﺮ ﺗﻴﺮا‬
                                                                 ‫اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ – اﻟﻤﺪد ﻣﻮﻻ رﺿﺎ ..........‬
                                                            ‫ُ‬
                                      ‫ﻛﺘﺎ آزاد، ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪ .....‬

‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﺘﻦ ﺟﻮ وڏو آزار آﻫﻲ. ﺷﻬﺮ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﮘﻮٺ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ رول، ﺑﻴﻤﺎر، ﭰﭩﻴﻞ،‬
‫ﺳﺴﺖ ۽ ﮀﺘﺎ ﻛﺘﺎ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ُاﻫﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﮔﻨﺪﮔﻲ‪ ‬۾ واڌارو آﮢﻴﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻣﻌﺼﻮم ﺟﺎﻧﻴﻮن ﻫﻨﻦ ﺟﻲ‬
                                                                                            ‫ُ‬
‫ﭼﻜﮡ ﻛﺮي ﻣﻮت ﺟﻮ ﺷﻜﺎر ﭤﻴﻮ وﭸﻦ. اﺳﺎن وٽ ﻧﻪ آﻫﻲ اﻫﮍن ﻧﻘﺼﺎﻧﻜﺎر ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻲ ﺧﺎﺗﻤﻲ ﺟﻮ ﺑﻨﺪوﺑﺴﺖ ﻧﻪ وري‬             ‫َ‬
‫ﺗﺮت ﻋﻼج. ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻏﺮﻳﺐ دواﺋﻦ ﺟﻲ ﻧﻪ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻳﺎ ﻧﺎﻛﺎرا ﻗﺴﻢ ﺟﻲ ﺑﻲ اﺛﺮ دواﺋﻦ ﻛﺮي، ﺗﮍﭘﻲ ﺗﮍﭘﻲ ﻣﺮﻳﻮ‬
‫وﭸﻦ. ﮔﺬرﻳﻞ ﺳﺎل ۷۰۰۲ع ﺟﻲ رﭘﻮرٽ ﻣﻄﺎﺑﻖ دﻧﻴﺎ ۾ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﮀﺘﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﺎ ﭼﻜﻴﻞ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻣﻮت ﺟﻮ‬
‫ﺷﻜﺎر ﭤﻴﺎ ۽ وري ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﺗﻪ ﺳﭛ ﮐﺎن ﮔﻬﮣﺎ ﮀﺘﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻮت ﺳﻨﮅ ۾ ﭤﻴﻦ ﭤﺎ. ﻛﺘﻮ ﭼﺎﻫﻲ ﺻﺎف‬
‫ﺳﭥﺮو رﮐﻴﻮ وﭸﻲ ۽ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﻫﺠﻲ، ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻛﻮ ﺑﻬﺘﺮ ﺟﺎﻧﻮر ﻧﭥﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ. ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﺘﻮ ﭘﺎﻟﮡ‬
‫ﺟﻲ اﺟﺎزت آﻫﻲ، اﺗﻲ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺻﺎف ﺳﭥﺮو رﮐﮡ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ وﻗﺖ ﺗﻲ ﺳﻴﻮن ﻫﮣﺎﺋﮡ ﺗﻲ ﺳﺨﺘﻲ ﻣﮍﻫﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎﻟﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ واري ﮐﺎن ﻫﺮ ﺳﺎل ﻫﺰارﻫﺎ رﭘﻴﺎ ﭨﺌﻜﺲ ورﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ، ﺟﻮ ﻫﻮ رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﺘﻦ ﺟﻲ‬
‫ﮔﻨﺪﮔﻲ اﮀﻼﺋﮡ ﻻ‪ ‬دﭔﺎ ﻣﻬﻴﺎ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﭘﺎڻ ﺳﺎن واڪ ﻛﺮاﺋﮡ واري ﻣﺮد ﺗﻮڙي ﻋﻮرت ﻻ‪ ‬ﺿﺮوري آﻫﻲ ﺗﻪ‬
‫ﮐﻴﺴﻲ ۾ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻮن ﭤﻴﻠﻬﻴﻮن ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻲ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻮ ﻛﻢ آﻫﻲ ﺗﻪ ُاﻫﺎ ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻲ‬
‫ﭤﻴﻠﻬﻲ ﻫﭣ ﺗﻲ ﭼﺎڙﻫﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻮ ﮔﻨﺪ ﮐﮣﻲ، ﻓﻲ اﻟﺤﺎل ﺑﺌﮓ ۾ رﮐﻲ ۽ ﺟﻲ ﻋﻮرت آﻫﻲ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﺮس ۾‬
‫۽ ﭘﻮ‪ ‬روڊ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﻴﻮﻧﺴﭙﺎﻟﭩﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﺷﻜﻞ ﭠﻬﻴﻞ دﭔﻲ ۾ اﮀﻼﺋﻲ. ﭔﻲ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺮﻛﺎر‬
‫ﻃﺮﻓﺎن اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ڏﻧﮉ ۽ ﺳﺰاﺋﻮن رﮐﻴﻞ آﻫﻦ ۽ ﺟﻲ ﻛﺘﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﭼﻚ ﭤﻮ ﻫﮣﻲ ﻛﮃي ﺗﻪ ﻣﺎﻟﻚ ﮐﻲ ﻟﮑﻬﺎ رﭘﻴﺎ ڏﻧﮉ‬
‫ڏﻳﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. اﻳﮇﻳﻦ ﺳﺨﺘﻴﻦ ﻫﻮﻧﺪي ﺑﻪ ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻛﺘﺎ ﺑﻪ ﺑﻴﻤﺎر ﭤﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ، اﻫﻲ ﺑﻪ ﭼﻜﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ‬
‫ﺟﺎ ﻣﺎﻟﻚ ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ اﻧﻬﻦ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﺟﺎﻧﻮرن ﺟﻮ رﺳﺘﻲ ﺗﺎن ﮔﻨﺪ ﮐﮣﮡ ﮐﺎن ﻟﻨﻮاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻦ ﭤﺎ. ﺳﺌﻴﮉن، ﻧﺎروي ۽ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن‬
‫ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن ﺣﻜﻮﻣﺘﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻋﻮام ﮐﻲ ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ ﮐﺎن ‪ discourage‬ﻛﻨﺪﻳﻮن رﻫﻦ ﭤﻴﻮن. ﺳﺌﻴﮉن ۾ ‪ M. Sc‬ﻛﺮڻ‬
‫وارن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺗﻲ ﺟﻲ ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان ڊاﻛﭩﺮن اﻫﻮ ﺛﺎﺑﺖ ﻛﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ زﺑﺎن ﻣﺎن ﮘﮍﻧﺪڙ ﻻڙ ﺑﻴﻤﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﺳﺒﺐ‬
‫آﻫﻲ ۽ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﻛﻴﺘﺮو ﺑﻪ ﺻﺎف رﮐﮡ ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﻫﻮ ﻧﻘﺼﺎﻧﻜﺎر رﻫﻲ ﭤﻮ. اﺳﻼم ﺑﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﺠﺒﻮرﻳﻦ ﺟﻲ ﺟﻬﮍوڪ‬
‫ﭔﻨﻲ ﭔﺎري ﺟﻲ ﭼﻮﻛﻴﺪاري ﮐﺎن ﻋﻼوه ﮔﻬﺮ ۾ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ رﮐﮡ ﮐﺎن ﻣﻨﻊ ﻛﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﻧﺠﺲ ﻳﻌﻨﻲ ﭘﻠﻴﺖ‬
‫ﺟﺎﻧﻮر ﻗﺮار ڏﻧﻮ آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ۾ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ ﺋﻲ ﻧﭥﻮ اﭼﻲ. ﻣﻮن ﺟﻬﮍي واڪ ﺟﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺷﻮﻗﻴﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻚ اﻫﮍا ﻣﻠﻚ وﮢﻨﺪا ﻫﻮﻧﺪا ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﭜﻮﻧﻜﺎر، ڏاڙﻫﮡ ۽ ﭘﭡﻴﺎن ﭘﻮڻ ﺟﻲ ﺧﻮف ﺑﻨﺎ ﺳﻜﻮن‬
‫ﺳﺎن واڪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻦ ﭤﺎ. ﺳﻌﻮدي ﻋﺮب ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻳﻨﺒﻮ )ﻳﻨﺒﻊ( ۾ رﻫﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ﻫﺮ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺗﻮڙي ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ‬
‫ﭔﻬﺮاڙي ڏي واڪ ﻛﺮي وﭸﻲ ﻧﻜﺮﻧﺪو ﻫﻮس، ﭘﺮ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻛﻮ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪو. ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ۾ ﻛﺘﺎ آﻫﻦ ﭘﺮ ﻓﻘﻂ‬
‫ﭼﻴﻨﻴﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﺳﻮ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﺟﺎ ﭘﺎﻟﺘﻮ ﭤﻴﻦ ۽ ﮔﻬﺮ ۾ ﭔﮅﻳﻞ رﻫﻦ ﭤﺎ، ﺑﺎﻗﻲ ﻣﻠﺌﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﻣﺠﺎل آﻫﻲ ﺟﻮ‬
‫ﻛﻮ ﻛﺘﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ. ﺟﭙﺎن واﻧﮕﺮ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۾ ﺑﻪ آزاد ۽ ﺑﻨﺎ ﭘﭩﻲ وارو ﺟﺎﻧﻮر ﻓﻘﻂ ﭔﻠﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﭘﺮ ﺗﻌﺠﺐ ﺟﻲ‬
‫اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻲ ﮔﻬﭩﻲ ۾ رول ﻛﺘﻮ ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻻوارث ﭔﻼ ﭔﻠﻴﻮن ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﻮن اﭼﻦ. اﻳﺮان ﺟﻮن‬
‫ﭔﻠﻴﻮن ﭤﺎﺋﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﻣﻲ ﭔﻠﻴﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﻬﮣﻴﻮن ﭤﻴﻦ ﭤﻴﻮن ۽ اﻫﻲ ﮔﻬﺮن ۾ ﺋﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﻏﺎﻟﻴﭽﻲ ﺟﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﻲ ﻳﺎ ﭔﺮﻧﺪڙ‬
           ‫ُ‬
‫ﺑﺨﺎري‪ ‬ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ادب ﺳﺎن وﻳﭡﻞ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. ﺑﺎﻗﻲ رول ﻛﺘﺎ ﻛﭥﻲ ﺑﻪ ﻧﻈﺮ ﻧﭥﺎ اﭼﻦ. ﭼﺎﻫﻲ ﻗﻢ، ﺗﻬﺮان،‬
‫ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر، ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻬﮍا وڏا ﺷﻬﺮ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻗﺎﺳﻢ آﺑﺎد، ﺳﻌﻴﺪ آﺑﺎد، ﺷﺮﻳﻒ آﺑﺎد، دﻳﻬﻪ ﻣﺮي ﻳﺎ دﻳﻬﻪ ﻏﻴﺒﻲ ﺟﻬﮍا ﮘﻮﭠﮍا ﻫﺠﻦ .‬
‫ﺟﻲ ﻫﺎ! اﻫﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﮘﻮٺ ﻟﮙﻦ ﭤﺎ – ﻳﻌﻨﻲ ﻧﺎﻟﻦ ۾ - اﻓﻌﺎﻟﻦ ۾ ﻧﻪ .‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ڏوراﻧﻬﻴﻦ ﮘﻮٺ ۾ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﭘﻜﻮ رﺳﺘﻮ، ﺑﺠﻠﻲ، ﭘﺎﮢﻲ، اﺳﻜﻮل ۽ اﺳﭙﺘﺎل ﺟﻬﮍي ﺷﻲ‪ ‬ﻧﻈﺮ‬
‫اﻳﻨﺪي. اﺳﺎن ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﻲ ﮘﻮﭠﻦ ۾ ﺑﻪ ﻧﺎﻟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺗﻪ اﺳﻜﻮل ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ اﺳﭙﺘﺎﻟﻮن ﺑﻪ ﭘﺮ ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻧﻪ ﻣﺎﺳﺘﺮ‬
‫ﻧﻪ ﺷﺎﮔﺮد، ﻧﻪ ﺑﻮرڊ ﻧﻪ ﺑﻴﻨﭽﻮن، ﻧﻪ ڊاﻛﭩﺮ ﻧﻪ دواﺋﻮن .... رﻫﻲ ﺑﺠﻠﻲ ﺳﺎن ﺗﻪ ﻫﺎڻ ﺷﻬﺮن ﻣﺎن ﺑﻪ ﻣﻮﻛﻼﺋﻲ وﺋﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺳﻴﺎري ۾ آﭼﺮ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﮇﻫﻦ ﻓﺌﻜﭩﺮﻳﻮن ﻛﺎرﺧﺎﻧﺎ ﺑﻨﺪ رﻫﻦ ﭤﺎ، ﻛﻮ اﻳﺌﺮﻛﻨﮉﻳﺸﻨﺮ ﺑﻪ ﻧﭥﻮ ﻫﻼﺋﻲ، ﺗﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۽‬
                                                             ‫ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻬﮍن ﺷﻬﺮن ۾ ﺑﻪ ﻟﻮڊ ﺷﻴﮉﻧﮓ ﭘﺌﻲ ﭤﺌﻲ.‬
‫ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۽ ﮘﻮﭠﻦ ۾ اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﻬﭩﻴﻦ ﺟﻬﮍن ﺑﻴﻤﺎر، ﮀﺘﻦ ۽ ﻣﺮزﻳﻞ ﻛﺘﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﺎﺋﻲ ﻫﺌﻲ ﺟﻦ، ﮔﻬﭩﻴﻦ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﻋﺬاب ﻛﺮي ﮀﮇي ﻫﺌﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻫﻚ‬
‫ﺷﺎﻋﺮ ﺷﻜﺎﻳﺖ ﻃﻮر اﻧﻬﻦ ﻛﺘﻦ ﺗﻲ ﺷﻌﺮ ﻟﮑﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﻔﻬﻮم آﻫﻲ ﺗﻪ: ”ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺠﻲ ﺟﺘﻲ‬
                                                                  ‫ﻛﺘﺎ آزاد آﻫﻦ ۽ ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪي ...“‬
‫ﭘﺮ اڄ ﺟﻲ اﻳﺮان ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﭘﭥﺮ ﻗﻴﺪي آﻫﻦ ﭘﺮ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻗﻴﺪي ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﭘﭥﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ ﻗﻴﺪي آﻫﻦ ﺟﻮ ﺗﻮﻫﺎن‬
‫ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ﻳﺎ ﻻڙﻛﺎﮢﻲ ۽ دادو ﺟﻬﮍا ﭜﮙﻞ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ اﻳﻨﺪا. ﭜﮙﻞ‬
‫رﺳﺘﻦ ﺗﻲ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻫﮣﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﭥﺮ ﺑﻪ ﺟﺎم. ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻗﻴﺪي ﻫﻦ رﻳﺖ ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻮ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﻦ ﻻ‪ ‬ﺟﻴﻞ ﺧﺎﻧﺎ‬
‫)‪ (Dog Prison‬ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ ﺟﺘﻲ ﻗﺎﻧﻮن ﺟﻲ ﭜﭹﻜﮍي ﻛﻨﺪڙ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﻟﻮﻫﻲ ﭘﭹﺮن ۾ ﻗﻴﺪ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ،‬
‫ﺟﻴﺴﻴﻦ اﻧﻬﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﻟﻚ ڏﻧﮉ ﺟﻲ اداﺋﻴﮕﻲ ﻧﻪ ﻛﺮي. اﻫﺎ ﭜﭹﻜﮍي ﺑﻪ ﻣﺎﻟﻚ ﺋﻲ ﺗﻪ ﻛﺮي ﭤﻮ، ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ دﻛﺎﻧﻦ‬
‫۽ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ وﭠﻲ ﻫﻠﮡ، رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ – ﻳﻌﻨﻲ ﻛﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻨﮕﮡ ﺗﻲ، ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻮ رﺳﺘﻮ ﺻﺎف ﻛﺮڻ‬
                                                                               ‫ﮐﺎن ﮔﻮﻫﻲ ﻛﺮڻ وﻏﻴﺮه.‬
‫ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ ﺳﺮﻛﺎري اﻫﻠﻜﺎر ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ” ﻛﺘﻮ ﭘﺎﻟﮡ ﻛﺎ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﺎﻫﻲ ۽ ﻧﻪ ان ﺟﻲ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍي ﻣﻠﻚ ۾ ﺿﺮورت آﻫﻲ‬
                                                                            ‫ﺟﺘﻲ ﭼﻮڌاري اﻣﻦ اﻣﺎن آﻫﻲ.“‬
‫ﻫﻚ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﻫﻨﻤﺎ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﺳﻼم ۾ ﻛﺘﻲ ﮐﻲ ﮔﻬﺮ ۾ رﮐﮡ ﮐﻲ ﺧﺮاب ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ”ﭘﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾‬
‫ﻣﮍﻳﺌﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﭥﻲ ﭰﺮﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮان آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ وﻫﻨﻮار ﺗﻲ ﻫﻠﮡ ﮐﻲ ﻣﺎڊرن ﭤﺎ ﺳﻤﺠﻬﻦ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﻋﺎم‬
‫ﺧﻠﻖ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ ﮐﻲ ﻧﻔﺮت ﺟﻲ ﻧﮕﺎﻫﻪ ﺳﺎن ڏﺳﻲ ﭤﻲ. ﻳﻮرپ ﺟﺎ ﻣﺮد ﻳﺎ ﻋﻮرﺗﻮن ﭜﻠﻲ ﻛﺘﻦ ﮐﻲ ﻛﮁﻦ ۾‬
            ‫ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻦ ﻳﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﭜﺎﻛﺮ ﭘﺎﺋﻴﻦ ۽ ﭼﻤﻴﻮن ڏﻳﻦ، ﭘﺮ اﺳﺎن ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﻻ‪ ‬ﻛﺘﻮ ﻫﻚ ﭘﻠﻴﺪ ﺟﺎﻧﻮر آﻫﻲ.“‬
‫ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ان ﻛﺘﻲ ﭘﺎﻟﮡ واري ﺷﻮق ﮐﻲ ﮔﻬﭩﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺗﻬﺮان ﺟﻲ ﺳﻴﻜﻴﻮرﭨﻲ ﭼﻴﻒ ﻣﺴﭩﺮ اﺣﻤﺪ رﺿﺎ رادان ﻧﺌﻮن‬
                         ‫آرڊر ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ ﻛﺘﻲ ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﺒﻠﻚ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ اﭼﮡ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ.‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻲ ﻫﻚ داﺧﻠﻲ ﻣﺴﺌﻠﻮ آﻫﻲ. ﺑﻴﺤﺪ ﻣﻌﻤﻮﻟﻲ ۽ ﻋﺎم ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ، ﺑﻠﻜﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻋﻮام ﻻ‪ ‬ﺑﻬﺘﺮ ﻗﺪم ﭘﺌﻲ ﮐﮣﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ، ﻳﻮرپ، ﺟﭙﺎن ۽ ﭔﻴﻦ ﺳﮅرﻳﻞ ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﻋﻮام ﺟﻲ‬
‫ﺑﻬﺘﺮي ﻻ‪ ‬ﻫﺮ روز ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﻗﺎﻧﻮن ﻛﮃﻳﺎ ﭘﻴﺎ وﭸﻦ. ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﺑﺴﻴﻦ ۾ ﻳﺎ ﭘﺒﻠﻚ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﺳﮕﺮﻳﭧ ﮀﻜﮣﻮ ﻧﺎﻫﻲ،‬
‫ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﭤﻜﻮن اﮀﻼﺋﮣﻴﻮن ﻧﺎﻫﻦ، وﻳﻨﺪي ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ۾ ﺗﻪ رﻳﻞ ﮔﺎڏي‪ ‬۾ ﭼﻴﻐﻢ ﺑﻪ ﻧﭥﺎ ﮐﺎﺋﻲ ﺳﮕﻬﻮ،‬
‫ﻫﻮﭨﻠﻦ، ﺑﺴﻴﻦ ۽ رﻳﻞ ۾ ُاﮔﺮي ڌپ وارو دورﻳﻦ ﻣﻴﻮو ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮐﮣﻲ ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮ ۽ ﻫﻦ ﻗﺴﻢ ﺟﻮ ﻛﺘﻦ ﻻ‪ ‬ﻗﺎﻧﻮن‬
‫ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻦ ﻫﻔﺘﻲ ﮐﺎن اﻳﺮان ﺟﺎري ﻛﻴﻮ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ، ﺳﺌﻴﮉن، آﻣﺮﻳﻜﺎ ﻳﺎ ﺟﭙﺎن وﻏﻴﺮه ۾ ﻧﻜﺮي ﻫﺎ ﺗﻪ‬
‫ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ان ﮐﻲ ﺳﺎراﻫﻲ ﻫﺎ ﭘﺮ رات اﻧﭩﺮﻧﻴﭧ ﺗﻲ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ۽ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻪ اﺧﺒﺎر ﭘﮍﻫﻨﺪي ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ‬
‫ﺟﻲ اﺧﺒﺎري ﻧﻤﺎﺋﻨﺪن ﻫﻦ ﮐﻲ ﻏﻠﻂ رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ وڏي ﻫﺎ‪ ‬ﮔﻬﻮڙا ﻣﭽﺎﺋﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ﻛﺘﻦ ﺳﺎن ﻇﻠﻢ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ‬
‫آﻫﻲ. ﻛﺘﺎ ﭘﺎﻟﮡ وارن ﺳﺎن ڏاڍاﺋﻲ ﭤﻲ رﻫﻲ آﻫﻲ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺘﺎ ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﮔﮇ ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﮐﺎن روﻛﻴﻮ ﭘﻴﻮ‬
‫وﭸﻲ ... وﻏﻴﺮه وﻏﻴﺮه. اﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ڏﺳﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ اﻳﺮان ﻻ‪ ‬ﺗﻌﺼﺒﻲ ﺳﻮچ ﺟﻮ ﺻﺎف اﻇﻬﺎر ﭤﺌﻲ ﭤﻮ. ﻣﻐﺮﺑﻲ ﭘﺮﻳﺲ‬
      ‫ﺟﻮن اﻫﮍﻳﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭘﮍﻫﻲ ﭘﮍﻫﻲ اﺳﺎن ﺟﻬﮍن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺧﺮاب ﭤﻲ ﻟﮙﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﻫﺘﻲ ﭘﻬﭽﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻟﮙﻮ آﻫﻲ.‬
                         ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮن ﺑﺎزارﻳﻮن ۽ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻫﺎ‪ ‬ﻫﺎ‪! ‬‬

‫اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ. ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﻄﻠﺐ اﻫﻲ واﭼﻮن، رﻳﮉﻳﺎ، ﭨﺮاﻧﺴﺴﭩﺮ، ﻛﺌﻠﻜﻴﻮﻟﻴﭩﺮ‬
‫وﻏﻴﺮه، ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﻮن ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر، ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﺟﭙﺎن ﺟﻬﮍن ﻣﻠﻜﻦ ﻣﺎن آﮢﺒﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ‬
‫زﻳﻨﺐ ﻣﺎرﻛﻴﭧ، ﻣﻮﺗﻦ داس ﻣﺎرﻛﻴﭧ، ﮔﻞ ﺳﻴﻨﭩﺮ، ﺑﻮﻫﺮي ﺑﺎزار، ﮐﻬﻮري ﮔﺎرڊن ۽ آﭼﺮ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺗﻪ ﺑﻮٽ، ﭼﻤﭙﻞ،‬
‫ﻛﭙﮍا ۽ ﭤﺎﻧﻮ ﭤﭙﺎ ﺑﻪ وﻻﻳﺖ ﮐﺎن ﺳﺴﺘﺎ رﮐﻴﺎ آﻫﻦ. اﮔﺮ ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬اڻ ﻟﭛ ۽ ﻣﻬﺎﻧﮕﻲ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻘﻮل دادو ﺟﻲ ﺟﻬﺎزي اﻧﺠﻨﻴﺌﺮ‬
‫ﻇﻬﻴﺮ ﺑﺎﺑﺮ ﻗﺮﻳﺸﻲ ﺟﻲ اﭨﻮ، ﮐﻨﮉ، ﺑﺼﺮ ۽ ﭘﭩﺎﭨﺎ آﻫﻦ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﻳﺮان اﭼﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺗﻪ ﺧﺮﻳﺪاري ﻛﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ اﺳﺎن ﺟﺎ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻋﻮرﺗﻮن، ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺠﻬﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﭙﮍو، زﻋﻔﺮان، ﻗﻴﻤﺘﻲ ﭘﭥﺮ -‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺖ ﺳﺴﺘﻲ اﮔﻬﻪ ﺗﻲ ﻣﻠﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ اﻧﻬﻦ ﺟﻮن ﭜﺮ واري ﺷﻬﺮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ۾ ﮐﺎﮢﻴﻮن آﻫﻦ ۽ اﺗﻲ ۽ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾‬
                                                                          ‫اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﭩﺎﺋﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﭤﺌﻲ ﭤﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺳﭵﻮ، اڄ ﮐﺎن ﭨﻴﻬﻪ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ وارو ﻫﺎﻧﮓ ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﻟﮙﻲ ﭤﻮ – ﻳﻌﻨﻲ دﻛﺎن ﺋﻲ دﻛﺎن ۽ اﻧﻬﻦ‬
‫ﺟﻲ اﮘﻴﺎن ﺧﺮﻳﺪار ﺋﻲ ﺧﺮﻳﺪار. اﻫﻮ ان ﻛﺮي ﺟﻮ ﻫﺘﻲ روزاﻧﻮ ﻫﺰارﻳﻦ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ اﭼﻦ ﭤﺎ ۽ دﻛﺎﻧﺪار ﮔﻬﭧ ﻧﻔﻌﻮ رﮐﮡ‬
‫ﺟﻲ ﺑﺎوﺟﻮد ﭼﮝﻮ ﻛﻤﺎﻳﻮ وﭸﻦ ۽ ﺧﺮﻳﺪارن ﮐﻲ ﺑﻪ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﺳﺴﺘﻲ ﭘﻮي ﭤﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﻫﻮن‪ ‬ﭨﻲ وڏﻳﻮن ۽‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزارﻳﻮن آﻫﻦ. ﺳﭛ ﮐﺎن وڏي ۽ ڊﺑﻞ ﻣﺎڙ ﺑﺎزار رﺿﺎ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﺎزار ﺑﺰرگ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﺎ۰۰۸ ﻣﻴﭩﺮ‬
                                                    ‫ِ‬
‫ﮐﻦ ڊﮔﻬﻲ آﻫﻲ – ﻳﻌﻨﻲ اڌ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮن ﻫﭣ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻴﻮن ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ،‬
‫ﭜﺮت، ﻣﺼﻠﻦ ﮐﺎن ﮘﻬﻪ ﮘﭡﺎ، زﻋﻔﺮان، ﻋﻄﺮ وﻏﻴﺮه ﻣﻠﻨﺪا ۽ ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﺷﻴﻮن ﭘﮡ. اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﭔﺎﻫﺮن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻮن‬
‫ﺷﻴﻮن ﻣﻌﻨﻲ ﭼﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻴﻮن. ﮔﻬﭧ اﮔﻬﻪ ﻛﺮي ﭼﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺑﺎزارﻳﻦ ﺗﻲ ﮀﺎﺋﻨﺠﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﺮ ﻫﻚ ﻣﭹﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ‬
                                                                                        ‫ٰ‬
‫اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ، ﻓﺮاﻧﺲ، ﺟﺮﻣﻨﻲ اﭨﻠﻲ ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﻲ ‪ Finishing‬ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﭘﺮ ﻗﻴﻤﺘﻦ ۾ ﻓﺮق ﺗﻪ ڏﺳﻮ. ﻫﻦ ﻣﻬﺎﻧﮕﺎﺋﻲ ﺟﻲ دور ۾‬
‫ﺟﮇﻫﻦ وڏن ﭘﮕﻬﺎرن وارن ﺟﻮ ﺣﺎل ﺑﻪ ”آﮢﻴﻮن ۽ ﭼﺎڙﻫﻴﻮن ڏٿ ڏﻫﺎڙي ﺳﻮﻣﺮا“ وﭸﻲ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ اﺗﻲ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﻳﺎ اﭨﻠﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻛﻤﭙﻨﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﻮٽ ﭨﻦ ﻫﺰارن ۾ وﭠﻨﺪو ﻳﺎ ﭼﻴﻦ ﺟﻮ ﻓﻘﻂ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ۾ - ﺗﻮڙي ﮐﮣﻲ‬
‫ﭼﻴﻦ ﺟﻲ ﭠﻬﻴﻞ ﺷﻲ ﺟﻲ ُاﻫﺎ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ. ﺑﺎزار رﺿﺎ ۾ ﻫﻴﭟ ﻣﭥﻲ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ‪) Escalators‬اﻟﻴﻜﭩﺮڪ ﺗﻲ‬
                                                       ‫ِ‬
‫ﻫﻠﻨﺪڙ ڏاﻛﮣﻴﻮن( آﻫﻦ. ﻫﻦ ﺑﺎزار ﮐﻲ ﭔﻪ وڏا ﮔﻴﭧ آﻫﻦ ؛ ﻫﻚ ﺑﻴﺖ اﻟﻤﻘﺪس ﭼﻮراﻫﻲ ڏي ۽ ﭔﻴﻮ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮوار‬
                                                                                   ‫ﭼﻮراﻫﻲ ڏي آﻫﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزار – ﺧﺎص ﻛﺮي ﻛﭙﮍي ۽ ﭨﻴﻜﺴﭩﺎﺋﻞ ﺟﻲ ﺷﻴﻦ ﻻ‪ – ‬ﺳﺮا‪ ‬ﺑﺎزار رﺿﺎ آﻫﻲ ۽ ﭨﻲ‬
               ‫ِ‬
‫ﺑﺎزار ﻛﻮﻳﺘﻲ ﺑﺎزار ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺷﺎﻫﺮوار اﺳﻜﺎﺋﺮ وٽ آﻫﻲ ۽ ﻫﻦ ﺑﺎزار ۾ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺷﻴﻮن ﻣﻠﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﻲ‬
‫ﺑﺎزارﻳﻮن ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ۸ وﮘﻲ ﮐﺎن ﺷﺎم ﺟﻮ ۸ وﮘﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﮐﻠﻴﻞ رﻫﻦ ﭤﻴﻮن. اﻧﻬﻦ ﻣﺸﻬﻮر ﺑﺎزارﻳﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﭔﻴﻮن ﺑﻪ‬
‫ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﻧﻨﮃﻳﻮن وڏﻳﻮن ﻣﺎرﻛﻴﭩﻮن ۽ ﺷﺎﭘﻨﮓ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺷﻬﺮ ۾ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ زﺳﺖ ﺧﻮار ﺑﺰﻧﻴﺲ‬
             ‫ِ‬
‫ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺟﻴﻜﻮ ڊاﻛﭩﺮ ﺷﺮﻳﻌﺘﻲ اﺳﻜﺎﺋﺮ )ﻛﻮه ﺳﻨﮕﻮﺋﻲ( وٽ ﺑﺌﻨﻚ ﺗﺠﺎرت واري ﺑﻠﮉﻧﮓ ۾ آﻫﻲ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه‬
       ‫ﺧﺮﻳﺪاري ﻻ‪ ‬اﺣﻤﺪ آﺑﺎد اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ، ﺟﻨﺖ اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ، داﻧﺸﮕﺎﻫﻪ اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ ۽ ﻣﻮدارس اﻳﻮﻳﻨﻴﻮ وارا دﻛﺎن ﭘﮡ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ.‬
‫ﻫﻚ ﭔﻲ ﺑﺎزار اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اﺗﺮ ﭘﺎﺳﻲ، ﺗﺒﺮﻳﺰي اﺳﻜﺎﺋﺮ وٽ ﺷﺎرق زﺳﺖ ﭨﺮﻳﮉ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﭘﮡ آﻫﻲ، ﺟﺘﻲ ﻫﺮ‬
                              ‫ِ‬
                                                                      ‫ﺷﻲ‪ ‬ﮔﻬﭧ ﻗﻴﻤﺖ ﺗﻲ ﻣﻠﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺑﺎزارﻳﻦ ﺟﻮ ﭘﺮ ﭘﺎرﻛﻦ ۽ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﺳﺎوڪ ﻧﻈﺮ اﭼﻲ ﭤﻲ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ‬
‫ﺷﺎﻋﺮن ﮐﻲ ﻫﻬﮍا ﻧﻈﺎرا ﭘﺴﻲ واﻗﻌﻲ‪ inspiration‬ﻣﻠﻨﺪي ﻫﻮﻧﺪي، ﺑﺎﻗﻲ اﺳﺎن وٽ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺳﻨﮅ ۾ رﮘﻮ آﻫﻦ ﻟﻜﻮن ۽ ﺟﻬﻮﻻ، ﻛﺮڙ‬
‫۽ ﻛﻨﮉا، ﻛﺎﻧﮓ ۽ ﻛﭕﺮون، ڊڀ ۽ ﻛﺎﻧﮉﻳﺮا ....! ﻛﭥﻲ آﻫﻦ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺗﺒﺮﻳﺰ وارﻳﻮن ﮔﻞ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن، ﻣﻮر ۽ ﺑﺮﺑﻠﻮن )ﺑﻠﺒﻠﻮن(،‬
                                                                                        ‫زﻋﻔﺮان ۽ ﭼﻨﺒﻴﻠﻴﻮن ؟‬
‫ﻣﮍﻳﺌﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﮡ واري دور ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن، ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو رﻧﮓ ڏﻳﺌﻲ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﻻﻣﻦ ﺗﻲ‬
‫زوري‪ ‬ﮐﮣﻲ ﻧﺮﮔﺴﻮن ۽ ﭼﻨﺒﻠﻴﻮن ﭘﻮﮐﻴﻮن ۽ ﻣﭥﻦ ﺑﻠﺒﻠﻮن وﻫﺎرﻳﻮن ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﺳﮕﻬﻮﺋﻲ ﻧﺌﻴﻦ ﭨﻬﻲ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮن ﮐﻲ‬
                                                                                ‫ﺣﻘﻴﻘﺖ ﮐﺎن ﻛﻢ وﭠﻲ ﭼﻮﮢﻮ ﭘﻴﻮ :‬
‫ﭘﻠﮍا‬               ‫ﻧﻪ‬                 ‫ﭔﭕﺮ‬                     ‫ﺳﮝﺮي،‬                  ‫ﻧﻪ‬                ‫ﻛﻨﮉي‪‬‬
‫.....‬            ‫اﻛﻴﻠﮍا‬                    ‫ﻣﺎرو‬                 ‫ﮀﻴﻠﮍا،‬                ‫ﻧﻪ‬               ‫ﮀﺎﻧﮕﻮن‬
                                ‫ﻳﺎ ﺑﻠﺒﻠﻦ ﮐﻲ ﭔﻮﻻﺋﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ دﻳﺲ ﺟﻲ ﻛﺎري ﻛﺎﻧﮓ ﮐﻲ ﻟﻨﻮاﺋﮣﻮ ﭘﻴﻮ .....‬
                                             ‫”ﻛﺎﻧﮓ ﭤﻮ ﻟﻨﻮي ....“‬
‫ﮔﻠﻦ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﮇﻫﻦ ﺗﻮﻫﺎن ﺷﻮﻗﻴﻦ آﻫﻴﻮ ۽ ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﮔﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﭨﻜﮡ ﺟﻮ ارادو اﭤﺎﻧﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬ﺷﻬﺪا‪ ‬اﺳﻜﺎﺋﺮ‬
‫ﻣﺎن ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ، ارڙﻫﻴﻦ ﻳﺎ اوﮢﻬﻴﻦ ﻧﻤﺒﺮ ﺑﺲ ۾ ﭼﮍﻫﻲ ﻣﻠﺖ ﭘﺎرڪ ۾ ﻫﻠﻴﺎ وﭸﺠﻮ، ﺟﻴﻜﻮ وﻛﻴﻞ آﺑﺎد روڊ ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن‬
‫آﻫﻲ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺷﻬﺮ ﮐﺎن اٺ ﮐﻦ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﭘﺎرڪ وﻛﻴﻞ آﺑﺎد ﭘﺎرڪ ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ. ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ ﺟﺒﻠﻦ‬
‫ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ ﻛﻮه ﺳﻨﮕﻮﺋﻲ ﭘﺎرڪ ۽ داﻧﺶ اﺳﭩﺮﻳﭧ وٽ ﻣﺮزا ﻛﻮﭼﻚ ﺧﺎن ﺟﻨﮕﻠﻲ ﭘﺎرڪ آﻫﻲ. ﻫﻲ ﺳﭛ ﭘﺎرڪ‬
‫ﺗﻤﺎم وڏا ﭘﺎرڪ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻮ ﺗﺼﻮر اﺳﺎن ﻛﺮي ﻧﭥﺎ ﺳﮕﻬﻮن ﺟﻮ ان ﻟﻴﻮل ﺟﺎ ﭘﺎرڪ اﺳﺎن وٽ ﻋﺎم ﻧﻪ آﻫﻦ. ﺟﻴﻜﻲ‬
‫ﻧﻨﮃي ﻟﻴﻮل ﺟﺎ ﭘﺎرڪ اﺳﺎن وٽ آﻫﻦ اﻫﻲ ﺑﻪ ﭘﺎﮢﻲ ﺟﻲ ﮐﻮٽ ۽ ﻣﺎﻟﻬﻴﻦ ﺟﻲ ﻏﻴﺮ ﺣﺎﺿﺮي ﻛﺮي ﺳﻜﻲ ﺳﮍي وﻳﺎ آﻫﻦ.‬
‫ان ﻛﺮي ﻣﺸﻬﺪ ۾ وﻗﺖ ﻣﻠﻲ ﺗﻪ ﺑﺎزارﻳﻦ ۾ ﺧﺮﻳﺪاري ﭘﭡﻴﺎن وﭸﺎﺋﮡ ﺑﺪران ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﭘﺎرڪ ﮔﻬﻤﺠﻦ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﺑﻬﺎر‬
                   ‫ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ۾ - ۽ ﭘﻮ‪ ‬ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺷﺎﻋﺮي ﮐﻲ اﺳﻴﻦ ﺳﻤﺠﻬﻲ ۽ ‪ appreciate‬ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻨﺪاﺳﻴﻦ.‬
‫ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﻫﻮش ﺳﻨﭝﺎﻟﻴﻮ ۽ ڏﻫﻪ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﺎ ﭤﻲ ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﭘﮍﻫﮡ ﺷﺮوع ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ‬
‫ﺟﻲ اﻫﺎ ﺷﺎﻋﺮي – اڙدو ﺗﻮڙي ﺳﻨﮅي، ﭘﮍﻫﻲ ﺣﻴﺮت ﭤﻴﻨﺪي ﻫﺌﻲ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻧﻪ رﮘﻮ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬ﺟﺎ ﻟﻔﻆ ﭨﻨﺒﮡ ﺟﻮ‬
‫ﻓﺌﺸﻦ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮ ﭘﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ، ﮔﻠﻦ ﭔﻮﭨﻦ، ﭘﮑﻴﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ زوري ﭰﺎﺳﺎﺋﻲ ﺷﻌﺮن ﺟﻲ ﻗﻴﺪ ۾ ﺑﺎﻧﺪي ﺑﮣﺎﻳﻮ وﻳﻨﺪو ﻫﻮ ۽‬
‫اﺳﺎن ﻧﻨﮃي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ، ادب ۽ ﺷﺎﻋﺮي ﺳﺎن ﺷﻮق رﮐﮡ ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ﻛﺮڻ وارا، ﻫﺎﻻ ۽ ﭜﭧ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﻲ ﮔﺮم ﻣﻮﺳﻢ ۽ وارﻳﺎﺳﻴﻦ‬
‫ﭘﭩﻦ وارا، ان ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو ﺟﻲ ﻋﺠﻴﺐ ﭔﻮﻟﻲ ۾ ﮔﻞ ۽ ﻏﻨﭽﻦ، ﺑﻠﺒﻠﻦ ۽ ﻧﺮﮔﺴﻦ ﺟﻮن ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ﭔﮅي ﺣﻴﺮت ۾ ﭘﺌﺠﻲ وﻳﻨﺪا‬
‫ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ. ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ ان وﻗﺖ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﻌﺮ ﭘﮍﻫﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ آﻫﻦ. ۽ اﻫﮍي ﺋﻲ اﺳﭩﺎﺋﻴﻞ ﺟﺎ اڙدو ﺟﺎ ﺷﻌﺮ ﻫﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ‬
                                            ‫ﺟﻴﻜﻲ ﺳﻨﮅي ﻳﺎ اڙدو ﮐﺎن وڌﻳﻚ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﭼﺌﺠﻦ ﺗﻪ وڌﻳﻚ ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻴﻨﺪو.‬
‫ﺟﻮ،‬            ‫ورﻋﻨﺎﺋﻲ‬              ‫ﻣﺴﺘﻲ‬                ‫ﭔﮅي‬              ‫ﺟﻮ‬                ‫ﻧﺮﮔﺲ‬           ‫ﺣﺎل‬
‫ﺟﻮ،‬             ‫ﺻﺤﺮاﺋﻲ‬                ‫ﻫﺮ‬                ‫ادب‬              ‫ﺳﺮﺑﻪ‬                ‫ﭤﻴﻮ‬          ‫ﺧﻢ‬
‫ﺟﻮ،‬           ‫ﺳﻮداﺋﻲ‬           ‫ﺗﻲ‬                 ‫ﻳﺎر‬          ‫در‬
                                                               ‫ِ‬            ‫ﺳﻨﮓ‬
                                                                            ‫ِ‬                 ‫ﻣﭩﻴﻮ‬         ‫ﺳﺮ‬
‫ﺟﻮ.‬           ‫ﻓﺮﺳﺎﺋﻲ‪‬‬               ‫ﻧﺎﺻﻴﮫ‬               ‫ﻣﻮﻧﮑﻲ‬              ‫ﻋﺸﻖ‬                    ‫ڏي‬       ‫داد‬
‫ﻣﭥﻴﻮن ﺷﻌﺮ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺎﻋﺮ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﻴﺎﭘﻮري‪ ‬ﺟﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻏﺎﻟﺐ ﺳﻨﮅ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﻫﺎﻻ‬
                               ‫ِ‬
‫ﺟﻲ دوﺳﺖ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺣﻤﻴﺪ ”ﺷﻬﻴﺪ“ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﺳﮑﺮ ﺟﻲ ﻫﻚ ﻣﺸﺎﻋﺮي ۾ ﻫﻮ ﺑﻪ وﻳﭡﻮ ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﺎﭘﻮري‬
     ‫ﺻﺎﺣﺐ ﺟﮇﻫﻦ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺷﺎﻋﺮ ﭔﮅاﺋﻲ اﺳﭩﻴﺞ ﺗﺎن ﻟﭥﻮ ﺗﻪ ﺧﻴﺮﭘﻮر ﺟﻲ ڊاﻛﭩﺮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﺣﺎﻣﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﭼﻴﺲ ؛‬
                                                                    ‫”ﺳﺎﺋﻴﻦ ﻫﻚ ﭔﻪ ﺳﻨﮅي ﺟﻮ ﺷﻌﺮ ﺑﻪ ﺗﻪ ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﺎ .“‬
‫ﻓﻴﺾ ﺻﺎﺣﺐ اﻫﻮ ﭔﮅي ﻛﺎوڙﺟﻲ ﭘﻴﻮ ۽ ﺣﺎﻣﻲ ﺻﺎﺣﺐ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ : ” اﻫﻲ ﺳﭛ ﺳﻨﮅي ﺟﺎ ﺗﻪ ﭔﮅاﻳﻢ!“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ان دور ۾‬
‫ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻮ ﺳﻨﮅي ۽ اڙدو ۾ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻮ واﻫﭙﻮ ﭤﻴﻮ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﻛﻠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ﺟﻮ واﻫﭙﻮ وڌﻧﺪو وﭸﻲ ۽ ﻫﻚ‬
‫ﺳﻨﮅي ﺟﻲ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﮔﺮدن اﮘﻴﺎن ﻛﻼس روم ۾ ان ڏک ﺟﻮ اﻇﻬﺎر ﻛﻨﺪي ﭼﻴﻮ ﻫﻮ ؛ ” ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻓﺴﻮس‬
                              ‫آﻫﻲ اﻧﻬﻦ اﺳﭩﻮڊﻧﭩﺲ ﺗﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﻳﻮز ﭤﺎ ﻛﻦ اﻧﮕﻠﺶ ورڊس، ﺳﻨﮅي ﻟﺌﻨﮕﻮﺋﻴﺞ ۾.“‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻓﻴﺾ ﺑﺨﺸﺎﭘﻮري ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ زﺑﺎن ﺗﻲ ﻓﺨﺮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻫﻮ ﻧﺞ ﺳﻨﮅي ﭤﻮ ﺳﮇي، ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ‬
                                                                   ‫ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ﻫﻦ رﻳﺖ ﭼﻴﻮ آﻫﻲ؛‬
‫ﻛﺮي،‬           ‫زﺑﺎن‬          ‫ﺳﻨﮅي‬                 ‫ﭤﻲ‬          ‫ﻧﺎز‬          ‫ﺗﻲ‬              ‫زﺑﺎن‬        ‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ‬
‫ﮀﮇﻳﻢ.‬                 ‫ﻛﺮي‬                      ‫ﺧﻴﺎﺑﺎن‬                 ‫رﺷﻚ‬
                                                                      ‫ِ‬                          ‫ﮐﻲ‬                     ‫ﻏﺰل‬              ‫دﺷﺖ‬
                                                                                                                                         ‫ِ‬
                                                                                                                        ‫ﻫﺎڻ ﺳﺎﺋﻴﻦ ڏﻳﻮ ﻣﻨﻬﻦ !‬
‫ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻓﻴﺾ ﭘﺮ اڄ ﮐﺎن اڌ ﺻﺪي اڳ، اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻫﺮ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﺎﻋﺮي ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﺎ ﻟﻔﻆ اﺳﺘﻌﻤﺎل ﻛﺮڻ ﻫﻚ‬
‫ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺧﻮاب ﻫﻮ – ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻦ ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺎﭜﻴﺎن ﻣﺎﮢﮡ ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ. ﻧﻤﻮﻧﻲ ﺧﺎﻃﺮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻫﻚ‬
                                           ‫ﺷﺎﻋﺮ اﻧﻮر ﻫﺎﻻﺋﻲ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﺳﭩﻦ ﻣﺎن ﻟﻄﻒ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮﻳﻮ؛‬
‫ﮀﮇﻳﺎﺋﻮن،‬                      ‫ﻛﺮي‬                       ‫ﺑﺮﻳﺪه‬                       ‫دﺳﺖ‬                       ‫۾‬                      ‫”وارﻓﺘﮕﻲ‬
‫ﻛﺸﻤﻜﺶ،‬                        ‫۾‬                 ‫ﺟﺒﻴﻨﻦ‬                    ‫ﻣﺎﻫﻪ‬                 ‫ﭤﻲ‬                   ‫اﮘﻴﺎن‬               ‫ﻳﻮﺳﻒ‬
‫ﭘﻴﺎ،‬                          ‫ﭤﻜﺠﻲ‬                                ‫ﺗﻼش‬                                    ‫ﻛﺮي‬                            ‫ﺳﺎﺣﻞ‬
‫ﻛﺸﻤﻜﺶ.“‬                 ‫۾‬           ‫ﺳﻔﻴﻨﻦ‬               ‫ﻗﺮﻳﺐ‬              ‫ﺟﻲ‬              ‫ﮔﺮداب‬              ‫آﻫﻲ‬               ‫ﮐﺎن‬       ‫ﺗﮇﻫﻦ‬

                                                                                ‫ﻫﻚ ﺷﻌﺮ ﻣﺤﺒﻮب ﺳﺮوري ﺟﻮ ﻳﺎد اﭼﻲ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ؛‬
‫وﻳﻮ،‬             ‫ﭤﻲ‬                ‫ﻗﺎﺋﻢ‬                 ‫ﺳﺎن‬                  ‫ﻗﺎﺗﻞ‬                ‫اﺳﻄﺎ‬                   ‫ﺑﺎﻟﻮ‬          ‫”ﺳﻠﺴﻠﻮ‬
‫آ.“‬         ‫۾‬               ‫ﻗﺎﺗﻞ‬               ‫ﮐﻒ‬
                                               ‫ِ‬                ‫ﺧﻨﺠﺮ‬                 ‫۾،‬               ‫ﺧﻨﺠﺮ‬                ‫دم‬           ‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ‬
                                                              ‫اﺷﺮف ﻣﻨﺼﻮر ﺻﺎﺣﺐ ﻧﺎﻟﻲ ﻫﻚ ﺷﺎﻋﺮ ﺟﻮ ﺷﻌﺮ ”ﻣﻼﺣﻈﻪ ﻓﺮﻣﺎﻳﻮ.“‬
‫اﻳﻨﺪو،‬           ‫اﻋﺘﺒﺎر‬              ‫ﺣﺴﻦ‬
                                     ‫ِ‬                       ‫ﻣﻮﻧﮑﻲ‬                  ‫ﺗﻲ‬              ‫ﺷﻜﻦ‬                   ‫وﻋﺪه‬          ‫”اﭸﺎن‬
‫اﻳﻨﺪو.‬              ‫اﻧﺘﻈﺎر‬                     ‫ﺳﺮاﭘﺎ‬                 ‫اﻳﻨﺪو‬                  ‫ﻗﺮار‬                   ‫ﻣﺸﻜﻞ‬                  ‫ﻣﮕﺮ‬
‫ﻫﺎ‪‬‬        ‫ﻫﺎ‪‬‬           ‫ﺗﻲ‬          ‫زار‬               ‫ﺣﺎل‬
                                                       ‫ِ‬             ‫ﺟﻲ‬              ‫ﺑﻠﺒﻞ‬            ‫َ‬
                                                                                                    ‫ﭘﺮ‬             ‫ﺑﻲ‬            ‫۾‬       ‫ﻗﻔﺲ‬
‫اﻳﻨﺪو.‬           ‫ﺑﻬﺎر‬              ‫ﻓﺼﻞ‬
                                   ‫ِ‬                   ‫ﺻﺪا،‬              ‫آﻫﻲ‬                 ‫ُ‬
                                                                                            ‫ﺳﻮ‬               ‫ﭼﺎر‬               ‫۾‬         ‫ﺟﻬﺎن‬
  ‫ﻣﺰي ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ ﺗﻪ ان ﻓﺎرﺳﻲ ﻣﺎن اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭤﺮ ﭘﺎﺳﻲ ﺟﻮ اﻋﻠﻲ ﺷﺎﻋﺮ وﻓﺎ ﭘﻠﻲ ﺑﻪ ﺟﺎن ﮀﮇاﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ آﻫﻲ ؛ ﭼﻲ؛‬
                                               ‫ٰ‬
‫ﻫﻮ،‬                     ‫ﻗﺴﻢ‬                            ‫ﭼﻴﻮ‬                          ‫ڏﺋﻲ‬                       ‫ﺳﺎﻗﻲ‬                       ‫”ﺟﺎم‬
‫ﻣﮅم،‬                    ‫ﻣﮅم‬                     ‫وﻳﻮ‬                    ‫ﭤﻲ‬                      ‫ﺑﻪ‬                   ‫ﺗﺎﺑﺎن‬                ‫ﻣﻬﺮ‬
‫ﻫﻮ،‬                     ‫ﻋﺎﻟﻢ‬                           ‫ﺣﺴﻦ‬
                                                       ‫ِ‬                            ‫ﺋﻲ‬                        ‫ﺟﺎﻧﺎن‬                     ‫ﺣﺴﻦ‬
                                                                                                                                        ‫ِ‬
‫ﻫﻮ.‬               ‫ﻏﻢ‬                      ‫ﺋﻲ‬                    ‫ﺗﻨﻬﻨﺠﻮ‬                      ‫ﮔﻮﻳﺎ‬                   ‫ﻏﻢ‬                  ‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ‬
                             ‫ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﻲ ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﺲ ....‬

‫ﺟﻴﺌﻦ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ، ﭤﺎﺋﻴﻠﻨﮉ، ﺳﺮي ﻟﻨﻜﺎ ‪‬۽ وﻳﻨﺪي اﻧﮉﻳﺎ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﻨﮕﻼ ۽ ﭰﻜﮍ ﻳﻮرﭘﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ، ﺟﻴﻜﻲ ﺧﺎﻟﻲ‬
‫ﮐﻴﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻪ ﺷﻬﺮن ﺟﺎ ﺷﻬﺮ ﮔﻬﻤﻨﺪا وﺗﻦ ۽ اﻫﻲ دﻫﻠﻲ ﺟﻲ رﻳﻠﻮي اﺳﭩﻴﺸﻦ ﭜﺮﺳﺎن وارﻳﻦ ﭔﻪ ﺳﺌﻮ رﭘﻴﻦ ﻛﻤﺮي‬
‫وارﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ۾ ﺑﻪ ﭨﻲ ﭨﻲ ﭼﺎر ﭼﺎر ﭴﮣﺎ رﻫﻲ ﺧﺮچ ﺑﭽﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ۽ وﻗﺖ ﭘﺎس ﻛﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ ﻛﺎﻓﻲ ﻳﻮرﭘﻲ ﻧﻈﺮ‬
                                                                           ‫ُ‬
‫اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ۾ ﺳﮏ ﺳﺎن ﺳﻔﺮ ﻛﻦ ﭤﺎ ﺟﻮ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺑﺴﻴﻦ ﺟﻮ ﭜﺎڙو ﻧﻪ ﺑﺮاﺑﺮ آﻫﻲ. ﮐﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﺴﺘﺎ ﻧﺎن ﻣﻠﻴﻮ‬
‫وﭸﻦ، ﻧﻠﻜﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﮢﻲ ﻫﺎﺋﻴﺠﻨﻚ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﺧﺮﻳﺪ ﻛﺮﮢﻮ ﻧﻪ ﭤﻮ ﭘﻮي. اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻬﺮ ۾‬
‫ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن آﻫﻦ ﭘﺮ ﻫﻮ اﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﺑﻪ ﺳﺴﺘﻴﻮن ﭔﻬﺮاڙي ﭘﺎﺳﻲ ۾ ﮘﻮﻟﻬﻲ اﻧﻬﻦ ۾ رﻫﻦ. ﻛﻴﺘﺮا ﺗﻪ‬
‫ﭘﺎڻ ﺳﺎن ﭘﻼﺳﭩﻚ ﺟﻮ ﺗﮇو ﮐﮣﻲ ﻫﻠﻦ ۽ ﺑﻨﺎ ﮐﭩﻦ واري ﻛﻤﺮي ۾ اﻫﻮ ﺗﮇو ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﻛﺎرﭨﻦ ﺟﻮ ﮔﺘﻮ وﮀﺎﺋﻲ ﺳﻤﻬﻴﻮ‬
                                                                                           ‫رﻫﻦ.‬
                         ‫ُ‬
‫اﻳﺮان اﭼﮡ ﮐﺎن اڳ ﻣﻮن ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻛﻴﺮ اﻳﻨﺪو، ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﭩﺮ ﻣﻼن آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان ﮐﻲ ﻣﻮن‬
‫ﻣﺎﺋﻮزي ﺗﻨﮓ واري ﭼﻴﻦ واﻧﮕﺮ ﭤﻲ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﺘﻲ اﭼﮡ ﺳﺎن ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻪ ۾ اﭼﻲ وﻳﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻴﺤﺪ ﻟﺒﺮل آﻫﻦ. ﻣﻨﺠﻬﻦ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺑﺮداﺷﺖ ﺟﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﻣﺎدو آﻫﻲ ﭘﺮ ڌارﻳﻦ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﻤﻜﻦ ﻣﺪد ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺮان روم‬
‫۽ اﻧﮉﻳﺎ واﻧﮕﺮ زﺑﺮدﺳﺖ ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﻣﻠﻚ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ڌارﺋﻴﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن آﻫﻦ ۽ اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﻣﻮﺳﻢ ﻧﻪ اﻧﮉﻳﺎ واﻧﮕﺮ ﮔﺮم آﻫﻲ ۽ ﻧﻪ روم واﻧﮕﺮ ﺳﺨﺖ ﭤﮅي. ان ﻛﺮي دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﻫﺘﻲ اﭼﻴﻮ ﻧﻜﺮن،‬
‫وﻳﻨﺪي ﻣﻐﺮﺑﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ، ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻮن‪ ‬اﻳﺮان ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻫﺘﻲ اﭼﻲ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ را‪ ‬ﺑﺪﻻﺋﮣﻲ‬
‫ﭘﻮي ﭤﻲ ۽ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺋﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﮐﻲ ﮔﻬﭧ وڌ ﭼﻮن ﭤﺎ. اﻳﺮان ۾ زﻳﺎرت ﻻ‪ ‬ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ ۾ اﭼﻦ ﭤﺎ ان‬
‫ﮐﺎن ﻋﻼوه اﻳﺮان ﺟﺎ اﻧﻴﻚ ﺷﻬﺮ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﮐﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ‬
‫ﺳﻨﻲ ۽ ﺷﻴﻌﺎ ﭘﺮ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﺑﻪ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬اﭼﻦ ﭤﺎ. ان ﻗﺴﻢ ﺟﺎ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﺧﺎص ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن، ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺗﻬﺮان، زاﻫﺪان،‬
‫ﺑﺮﺟﻨﺪ، ﺷﻴﺮاز، دﻳﺰﻓﻞ ۽ ﻛﺮﻣﺎن ﺷﺎﻫﻪ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﺟﺘﻲ ﻛﭥﻲ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ.‪ Caspian‬ﺳﻤﻨﮉ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻧﺎر واري ﻛﻨﺎري‬
‫ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ۽ ﻋﺮب ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺗﻮڙي ﻋﺮﺑﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪڙ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ۽‬
‫ﻳﻬﻮدي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﮔﺲ ﭘﻨﮅ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻛﻮ ﻳﻮرﭘﻲ ﻣﻠﻨﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺎﮢﺲ زوري‪” ‬ﻫﻴﻠﻮ ﻫﻴﻠﻮ“ ﻛﺮي اﻳﺮان ﺑﺎﺑﺖ‬
‫اﺣﻮال وﭠﻨﺪو آﻫﻴﺎﻧﺲ. ﺗﻬﺮان ۾ ﻫﻚ اﺳﭙﻴﻦ ﺟﻮ ﻛﻨﮕﻠﻮ ﺟﻮڙو ﻣﻠﻴﻮ. ﺧﺒﺮ ﻧﺎﻫﻲ زال ﻣﮍس ﻫﺌﺎ ﻳﺎ دوﺳﺖ ﻳﺎر، ﻫﻨﻦ‬
‫ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ ﭼﺎر ﭘﻨﺞ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ آﻳﺎ آﻫﻦ. ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ڏاڍي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﭘﺌﻲ ﻛﺌﻲ. ” ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس‬
‫ﭘﻬﭽﻲ اﺳﺎن ﻛﻨﻬﻦ ﺳﺴﺘﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﮘﻮﻻ ﻛﺌﻲ.“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭔﻪ اﻳﺮاﻧﻲ ﺷﺎﻫﺮخ ۽ ﻫﺎﺟﻤﺎ ﻧﺎﻟﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ‬
‫ﻫﻼﺋﻴﻨﺪڙ ﻣﻠﻲ وﻳﺎ. ”ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﺎن ﭘﮁﺎ ﻛﺌﻲ ﭘﺮ ﻛﺎﺑﻪ رﻫﺎﺋﺲ اﻫﮍي ﺳﺴﺘﻲ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺟﻬﮍي اﺳﺎن‬
‫ﭼﺎﻫﻲ ﭤﻲ. ﭘﻮ‪ ‬اﺳﺎن ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻪ واري ﻫﻚ ﮔﻬﭩﻲ‪ ‬۾ ﭘﭧ ﺗﻲ ﺳﻤﻬﮡ ﺟﻮ ﻓﻴﺼﻠﻮ ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮن اﺳﺎن ﮐﻲ‬
‫اﺋﻴﻦ اﻛﻴﻠﻮ ﮀﮇڻ ﻧﭥﻲ ﭼﺎﻫﻴﻮ ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ﮔﻬﭩﻲ ۾ ﺳﻤﻬﮡ ڊپ ﮐﺎن ﺧﺎﻟﻲ ﻧﺎﻫﻲ.“ ﻫﻨﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﭘﻮ‪ ‬اﻧﻬﻦ ﻣﺎن‬
‫ﻫﻚ ﻧﻮﻛﺮي ﻛﻨﺪو رﻫﻴﻮ ﻳﻌﻨﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ﻫﻼﺋﻴﻨﺪو رﻫﻴﻮ ۽ ﭔﻴﻮ اﺳﺎن وٽ ﺳﭵﻲ رات ﺟﺎﮘﻲ ﭘﻬﺮو ڏﻳﻨﺪو رﻫﻴﻮ. ﻫﻮ‬
‫ﭔﺌﻲ ﮘﻮﭠﺎﮢﺎ ﮀﻮﻛﺮا ﻫﺌﺎ، ﺟﻴﻜﻲ رات ﺟﻲ وﻗﺖ ﺑﻨﺪر ﻋﺒﺎس ۾ روزﮔﺎر ﻻ‪ ‬آﻳﺎ ﻫﺌﺎ. ﺻﺒﺢ ﺟﻲ وﻗﺖ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭔﻴﻮ ﺳﺎﭤﻲ‬
‫ﺑﻪ ﻣﻮﭨﻴﻮ ۽ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﮘﻮٺ ﮔﻬﺮ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ. ” ﻫﻨﻦ ﺟﻮ ﮔﻬﺮ ﺑﻴﺤﺪ ﻏﺮﻳﺒﺎﮢﻮ ﻫﻮ ۽ ﮔﻬﺮ ﺟﺎ ﭜﺎﺗﻲ ﭘﮡ ﺳﺎدي‬
‫ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻫﺌﺎ، ﺟﻴﺌﻦ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﺎ ﭤﻴﻨﺪا آﻫﻦ،“ اﺳﭙﻴﻨﻲ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ ﭔﮅاﻳﻮ، ” ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﻛﭙﮍا ﭘﮡ ڌوﺋﻲ ڏﻧﺎ. اﺳﺎن ﺳﻨﺪن‬
‫ﮔﻬﺮ ﭼﺎر ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﭘﻴﺎﺳﻴﻦ ﺟﻦ ۾ اﺳﺎن ﻣﺎﻧﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﭠﻲ ﮐﺎﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﻧﻪ وري ﻛﻮ ﻫﻨﻦ اﺳﺎن ﮐﻲ ﭼﻴﻮ. ﻫﻮ‬
‫ﭘﺎڻ ﺋﻲ ڏاڍا ﻏﺮﻳﺐ ﻫﺌﺎ. ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭨﺌﻜﺴﻲ ۾ ﻣﻨﺎب ﮘﻮٺ ۽ ﮔﻴﺸﻢ ﭔﻴﭧ ﭘﮡ وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ.“ ﻫﻨﻦ‬
‫ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ۽ ﮘﻮٺ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻦ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻏﺮﺑﺖ ﺳﺎرو ﮐﻴﻦ ﺗﺤﻔﺎ ﭘﮡ ڏﻧﺎ. ” اﺳﺎن ﻫﻚ ﺗﻪ ﻏﻴﺮ ﻣﺴﻠﻢ‬
‫ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ۽ ﭔﻴﻮ ﺗﻪ اﺳﺎن ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﻳﻮرپ ﺳﺎن ﻫﻮ، ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻤﻴﺸﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﻼ ﻛﻨﺪو رﻫﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ ﮘﻮﭠﺎﮢﻦ اﺳﺎن‬
‫ﺳﺎن ﺳﭡﻮ ﺳﻠﻮڪ ﻛﻴﻮ ۽ ﻟﮏ ﻋﺰﺗﻮن ڏﻧﻴﻮن ...“ ﻫﻮ دل ﺟﻲ ﮔﻬﺮاﻳﻦ ﺳﺎن اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺮي رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﺑﺎر ﺑﺎر‬
                                                                                              ‫ﭼﺌﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎ ﺗﻪ ؛‬
‫”..‪“We have no words to describe how much hospitable Iranian people are‬‬
‫ﻳﺰد ﮐﺎن ﻗﻢ اﻳﻨﺪي رﺳﺘﻲ ﺗﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺎن ﻫﻚ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﺑﻪ ﭼﮍﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ وڏا اﻳﺮان ﺟﻲ ﻛﻨﻬﻦ اﺗﺮاﻫﻴﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ‬
‫۾ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ. ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻮ ﭔﺎرﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬ﺳﺎن ﮔﮇ اﻳﺮان ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﺳﺎن ﻣﻠﮡ آﻳﻮ ﻫﻮ ۽ﮐﻴﺲ‬
‫اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ آب ﺗﺎﻟﻴﺒﻲ )ﮔﺪري ﺟﻲ ﺟﻴﻮس( ۽ ﻧﺎن ﻳﺎد آﻫﻦ. ﻫﻴﻨﺌﺮ ﻫﻮ ڏﻫﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺑﻌﺪ وري ﭘﻨﻬﻨﺠﻦ ڏاڏن ﭘﮍڏاڏن ﺟﻮ‬
‫ﮘﻮٺ ڏﺳﮡ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬آﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﮐﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻓﺎرﺳﻲ ﺑﻪ آﺋﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻫﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ‬
‫رﻳﺎﺳﺖ ﻛﻨﺴﺎس ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﺎ‪ ‬ﭘﻲ‪ ‬ﮐﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻨﺪو ﭔﮅي ﺳﮑﻲ ورﺗﻲ. ﭘﺎڻ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۾ ﺋﻲ ﭴﺎﺋﻮ ﻧﭙﻨﻮ. ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ‬
‫ﻣﺎﻧﺲ ﻛﻮﻧﻪ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻓﺌﻤﻠﻲ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ زوروﺳﭩﺮ )آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ( ڌرم ﺳﺎن ﻫﻮ. ” ﻣﻮﻧﮑﻲ اﻳﺮان ﺟﻮ‬
‫ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ڏاڍو وﮢﻴﻮ“، ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ، ” ﻣﻨﻬﻨﺠﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ آﻣﺮﻳﻜﻲ دوﺳﺖ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﻲ آﻳﺎ اﻧﻬﻦ اﺻﻔﻬﺎن‬
                                                                              ‫ﺟﻲ وڏي ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻛﺌﻲ.“‬
                                                     ‫”ﺗﻮﻫﺎن ﮔﻬﮣﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻫﺌﺎﺋﻮ ؟ ”ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫”آﺋﻮن ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬رﻫﻴﺲ ﭘﺮ اﭸﺎن دل ﻣﻮﭨﮡ ﺗﻲ ﻧﭥﻲ ﭼﻮي. اﻳﺮان ۾ ﮐﺎڌي ﭘﻴﺘﻲ، رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﺳﻮاري ﺟﻮ ﻫﺮ ﺳﮏ‬
                                                                                          ‫ُ‬
‫آﻫﻲ ﭘﺮ ﺑﻮز )ﺷﺮاب(ﻧﭥﻮ ﻣﻠﻲ. ﺧﻤﻴﻨﻲ‪ ‬اﻫﻲ ﺷﻴﻮن ﺳﺨﺘﻲ ﺳﺎن ﺑﻨﺪ ﻛﺮاﺋﻲ ﮀﮇﻳﻮن آﻫﻦ. اﺳﺎﻧﺠﺎ وڏا ﭤﺎ ﭔﮅاﺋﻴﻦ ﺗﻪ‬
                                                  ‫ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻳﺮان ۾ وڏي ﻋﻴﺎﺷﻲ ﻫﺌﻲ.“‬
                                                                  ‫”ﻫﻮن‪ ‬اﻳﺮان ﻛﻴﺌﻦ ﻟﮙﻮ؟“ ﻣﻮن وري ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫”ڏس ﻧﻪ آﺋﻮن ﻛﻮ اﻫﮍو ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ آﻫﻴﺎن ﺋﻲ ﻛﻮﻧﻪ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ وﭸﺎن،“ ﻫﻦ ﭼﻴﻮ، ” اﻫﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﻪ ﺳﭡﺎ ﻫﻮﻧﺪا ﭘﺮ‬
‫ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺗﻬﺮان، ﻳﺰد، ﺷﻴﺮاز ۽ اڄ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ دﻧﻴﺎ ﺟﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﭔﻴﺎ ﺷﻬﺮ ﻣﻮن ڏﭠﺎ آﻫﻦ اﻧﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ۾ اﺻﻔﻬﺎن دي‬
                                                                                        ‫ﺑﻴﺴﭧ آﻫﻲ.“‬
                                             ‫”اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻛﻬﮍي ﺷﻲ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﮔﻬﮣﻮ ‪ Impress‬ﻛﻴﻮ؟“ ﻣﻮن ﭘﮁﻴﻮ ﻣﺎﻧﺲ.‬
‫”اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻚ ‪ Organized City‬آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺮ ﺷﻲ‪ ‬ﺳﻠﻴﻘﻲ واري آﻫﻲ. ﻫﺘﻲ ﺟﺎ رﺳﺘﺎ، ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﭘﻠﻴﻮن، ﻫﺘﻲ ﺟﻮن‬
‫ﺟﻬﻮﻧﻴﻮن ﻋﻤﺎرﺗﻮن ۽ اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻧﻘﺶ ﻧﮕﺎر، ﻣﺴﺠﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﮐﺎن آرﻣﻴﻨﻴﻦ ﺟﻮ ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ، ﻳﻬﻮدﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﻼن ﺟﺌﻜﻮب ﺳﻨﺎ‬
‫ﮔﺎگ ۽ ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﺎ آﺗﺶ ﻛﺪه ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ. آﺋﻮن ﻫﺮ وﻗﺖ ﻣﻴﺪان ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ۾ ﻫﻮﻧﺪو ﻫﻮس ﻳﺎ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ‬
‫ﺗﻲ ﻳﺎ درﻳﺎه ﺟﻲ ﻛﻨﺎري ﺗﻲ ﭼﻬﻞ ﻗﺪﻣﻲ ﻛﻨﺪو رﻫﻨﺪو ﻫﻮس. ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ روڊ ﻣﻴﺪان ﺷﻬﺪا‪ ‬ﮐﺎن ﺷﺮوع ﭤﻮ ﭤﺌﻲ ﺗﻪ وﭸﻴﻮ‬
‫دروازه دوﻟﺖ ﮐﺎن ﭤﻮ ﻧﻜﺮي ۽ ﭘﻮ‪ ‬اﮘﻴﺎن اﻧﻘﻼب ﭼﻮڪ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻠﻴﻮ ﭤﻮ وﭸﻲ ﺟﺘﻲ ۳۳ ﻛﻤﺎﻧﻴﻦ واري ﺳﻲ اوﺳﻴﻪ ﭘﻞ‬
                                                                                          ‫آﻫﻲ ...“‬
                                                         ‫” ﭼﻮن ﭤﺎ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﭘﻠﻴﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ....“ ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.‬
‫” ﺟﻲ ﻫﺎ. ﭘﻞ واﺣﺪ، ﭘﻞ ﻓﻴﻠﻀﻲ، ﭘﻞ ﻓﺮدوﺳﻲ، ﭘﻞ ﭼﻮﺑﻲ، ﭘﻞ ﺑﻮزور ﮔﻤﻬﺮ، ﭘﻞ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن .... ﻧﻪ رﮘﻮ ﭘﻠﻴﻦ ﺟﻮ ﭘﺮ‬
                                 ‫ِ‬               ‫ِ‬         ‫ِ‬          ‫ِ‬             ‫ِ‬
                      ‫ﭘﺎرﻛﻦ ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ... ﭘﺮ آﺋﻮن ﻫﺘﻲ ﻗﻮرﻣﮫ ﺳﺒﺰي ﮐﺎﺋﮡ آﻳﻮ ﻫﻮس اﻫﺎ ﻧﻪ ﻣﻠﻲ ﺳﮕﻬﻲ ....“‬
                                  ‫اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﻫﻢ ﻣﺎﮢﻬﻮ .....‬

‫ﮔﺬرﻳﻞ ﻣﻀﻤﻮن ۾ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﺎن اﻳﺮان آﻳﻞ ﻧﻮﺟﻮان ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻛﺌﻴﺴﻴﻦ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﮁﮡ ﺗﻲ ﻫﻦ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان‬
         ‫ﺗﻮڙي دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ۾ ، ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ڏﭠﺎ آﻫﻦ، اﻧﻬﻦ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻬﮍو ﭔﻴﻮ ﻛﻮ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﭤﻴﻨﺪو ...‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ اﻫﺎ آﻫﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن اڄ ﮐﮣﻲ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻫﺠﻲ ﭘﺮ ان ۾ ﻛﻮ ﺷﻚ ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺳﻮرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪‬‬
‫۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺷﻬﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﭘﺎرﻛﻦ، ﻟﺌﺒﺮرﻳﻦ ۽ ﻣﺴﺠﺪن ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺣﻴﺮت‬
‫۾ وﺟﻬﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﻫﻮ، ﺟﻦ اﻫﮍي ﻛﺎ ﺷﻲ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻣﻠﻚ ۾ ﻧﻪ ڏﭠﻲ ﻫﺌﻲ. ۷۸۵۱ ﮐﺎن ۹۲۶۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ‬
‫ﺣﺎﻛﻢ ﺻﻔﻮي ﺧﺎﻧﺪان ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﻫﻮ، اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻬﺮي دور ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اﺻﻔﻬﺎن ﻻ‪ ‬ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬۾ اﻫﺎ‬
             ‫ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ”اﺻﻔﻬﺎن ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن اﺳﺖ“ – ﻣﻌﻨﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﻬﻦ اﺻﻔﻬﺎن ڏﭠﻮ ان ﭴﮡ اڌ دﻧﻴﺎ ڏﭠﻲ.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن ۰۴۳ ﻛﻠﻮ ﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ ۾ اﻫﮍي ﻫﻨﮅ ﺗﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ڏي وﻳﻨﺪڙ ﻗﺎﻓﻼ‬
‫ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ. ﻫﻴﻨﺌﺮ ﺑﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﮐﺎن ﺧﺸﻜﻲ رﺳﺘﻲ اﻳﻨﺪڙ ﻣﺴﺎﻓﺮ ۽ زاﺋﺮﻳﻦ زاﻫﺪان ﮐﺎن ﺗﻬﺮان ﻳﺎ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪي وﻗﺖ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺎن ﮔﺬرن ﭤﺎ. اﺻﻔﻬﺎن ۽ ﻳﺰد ﺟﺎ ﺷﻬﺮ اﻳﺮان ﺟﻲ وچ ۾ ﺋﻲ آﻫﻦ ۽ اڄ ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن اﻳﺮان ﺟﻮ، ﺗﻬﺮان ۽ ﻣﺸﻬﺪ‬
  ‫ﺑﻌﺪ، ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ وڏو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ۾ اڄ ﺑﻪ ﻣﺎﺿﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﭜﺮﻳﻞ آﻫﻲ، ﺟﻴﻜﺎ ڏﺳﻨﺪڙن ﮐﻲ ﻣﻮﻫﻴﻮ ﮀﮇي.‬
‫اﺳﻼﻣﻲ آرﻛﻴﭩﻴﻜﭽﺮ، ﺧﻮﺑﺼﻮرت وﻳﻜﺮا رﺳﺘﺎ، ﮔﻞ ﮔﻠﻜﺎرﻳﻮن، ڍﻛﻴﻞ ﭘﻠﻴﻮن، ﻣﺤﻼت ۽ ﻗﻠﻌﺎ، ﻣﺴﺠﺪون ۽ ﻣﻨﺎرا‬
‫– ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﺸﺮق ﭘﺮ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﻪ دل ﻟﭝﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ. ان ﻛﺮي اﺻﻔﻬﺎن، ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺷﻴﺮاز، زاﻫﺪان ۽ ﻳﺰد ﺟﻬﮍن‬
                                                  ‫ﺷﻬﺮن ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻲ ﻫﺮ ﻣﻠﻚ ۽ ﻣﺬﻫﺐ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن زﮔﺮوس ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﻄﺎر ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ وٽ ”زﻳﺎﻧﺪه“ ﻧﺪي ﺟﻲ ﻣﺎﭤﺮي واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ آﻫﻲ. ﺳﻄﺢ ﺳﻤﻨﮉ ﮐﺎن‬
                 ‫۰۰۶۱ ﻣﻴﭩﺮ ﻣﭥﻲ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻛﻮﺋﻴﭩﺎ ۽ ﻛﻮه ﻣﺮي واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺑﻪ اوﻧﻬﺎرو ﻫﻠﻜﻮ ﮔﺮم رﻫﻲ ﭤﻮ.‬
‫زﻳﺎﻧﺪه رد )زﻳﺎﻧﺪه ﻣﻌﻨﻲ ﺣﻴﺎﺗﻲ ﺑﺨﺸﻴﻨﺪڙ ۽ ”رد“ ﻣﻌﻨﻲ ﻧﺪي ( ﻫﻦ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻲ وڏي ۾ وڏي ﻧﺪي آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮ‬
                                                       ‫ٰ‬                         ‫ٰ‬              ‫ُ‬
‫ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺗﮣﻴﻮن ﻧﺪﻳﻮن ﻣﻮﺳﻤﻲ آﻫﻦ. ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎرش ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﭔﻮڙ ﭔﻮڙان ﻧﻪ ﺗﻪ ﺳﻜﻞ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪﻳﻮن ﭘﺮ ﻫﻲ‪ ‬ﻧﺪي. زﻳﺎﻧﺪه رد‬
‫ﺟﻴﻜﺎ زﺋﮕﺮوس ﺟﺒﻠﻦ ﺗﺎن ﺷﺮوع ﭤﺌﻲ ﭤﻲ ﭔﺎرﻫﻮﺋﻲ وﻫﻨﺪي رﻫﻲ ﭤﻲ ۽ اڍاﺋﻲ ﺳﺌﻮ ﮐﻦ ﻣﻴﻠﻦ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﻛﺮي ﮔﺎو‬
‫ﺧﺎﺋﻮﻧﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻧﻤﻜﻴﻦ ڍﻧﮃ ۾ ﮀﻮڙ ﻛﺮي ﭤﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﻧﺪي ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﭘﺎرﻛﻦ ﻣﺎن ﻟﻨﮕﻬﻲ ﭤﻲ، ﺟﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ‬
‫ﻫﻦ ﻧﺪي‪ ‬ﺟﻲ ﻛﭙﺮ ﺗﻲ واڪ ﻛﻨﺪي ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻫﻦ ﻧﺪي ﻣﭥﺎن ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ دوران ﭠﻬﻴﻞ ﭘﻠﻴﻮن‬
                                                                                         ‫ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ.‬
‫ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻫﺌﺎ ﺟﻦ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ﭤﻲ ۽ اﻳﺮان ﺗﻲ ۲۰۵۱ ﮐﺎن ۲۲۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺳﻮا ﭔﻪ‬
‫ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻛﺌﻲ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻚ ﻃﺎﻗﺘﻮر ۽ ﻣﻠﻚ ﮐﻲ ﺗﺮﻗﻲ ڏﻳﺎرڻ واري ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. ﺻﻔﻮي‬
‫ﺣﺎﻛﻤﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﺮﻛﺎري ﻃﺮح ﻣﺬﻫﺐ ﺷﻴﻌﺎ اﺳﻼم ﻛﻴﻮ ۽ ﻣﻜﺘﺐ اﺛﻨﺎ ﻋﺸﺮي ﮐﻲ ﻓﺮوغ ڏﻧﻮ. ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن رﻫﻴﻮ. ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻤﻦ ۾ ﺷﺎه ﻋﺒﺎس اول ﺑﻴﺤﺪ ﻧﺎﻣﻴﺎرو ﺣﺎﻛﻢ رﻫﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﻧﻪ رﮘﻮ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﭘﺮ ﺳﭵﻲ اﻳﺮان ﮐﻲ ﭠﺎﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ﻫﻲ ﺣﺎﻛﻢ ”ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺑﺰرگ“ ﻳﻌﻨﻲ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ‬
‫وﭸﻲ ﭤﻮ. ﭘﺎڻ ۱۷۵۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۹۲۶۱ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ﭘﺎڻ ﭼﻮﭤﻴﻦ ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﺧﺪاﺑﻨﺪا )ﺟﻴﻜﻮ ﻣﺤﻤﺪ ﺷﺎﻫﻪ ﺑﻪ‬
‫ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ( ﺟﻮ ﭨﻴﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﭘﭧ ﻫﻮ. اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺟﻴﻜﻲ ﭘﺮاﮢﻴﻮ ﭘﻠﻴﻮن آﻫﻦ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﺧﺎﺟﻮ ﭘﻞ، ﺳﻲ او ﺳﻲ ﭘﻞ،‬
‫ﺟﻮﺋﻲ ﭘﻞ ۽ ﻣﺮﻧﺎن ﭘﻞ وﻏﻴﺮه ﺻﻔﻮي دور ﺟﻮن آﻫﻦ ۽ ۰۰۳ ﮐﺎن ۰۰۴ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻴﻮن آﻫﻦ. ﺳﭛ ۾ ﭘﺮاﮢﻲ ﭘﻞ ﺷﻬﺮﺳﺘﺎن‬
‫ﭘﻞ آﻫﻲ. ﻓﻠﺰي ﭘﻞ ) ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ ﻓﻮﻻدي ﭘﻞ آﻫﻲ( ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﺎڊرن ﭘﻞ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ زﻳﺎﻧﺪه ﻧﺪي ﻣﭥﺎن اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ۾‬
                                                                    ‫ٰ‬
‫۰۵۹۱ ۾ ﭠﻬﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﻮن ﭘﻠﻴﻮن ﺟﻴﻜﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﭠﻬﻴﻮن آﻫﻦ، اﻫﻲ آﻫﻦ؛ اذر ﭘﻞ، ﻓﺮدوﺳﻲ ﭘﻞ،‬
‫ﺑﻮزرﮔﻤﻬﺮ ﭘﻞ ۽ ﻗﺎدر ﭘﻞ. ﺑﺰرﮔﻤﻬﺮ )ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻟﻔﻈﻲ ﻣﻌﻨﻲ وڏو ﺳﺞ آﻫﻲ( ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﭘﻞ آﻫﻲ‬
                                                  ‫ٰ‬
‫اﻫﻮ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ دور ﺟﻮ ﻓﺰﻳﺸﻦ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﮀﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺧﺴﺮاﺋﻮ اول وٽ وزﻳﺮ ﻫﻮ. ﻫﻦ ﺟﻲ ادﺑﻲ،‬
‫ﺳﻴﺎﺳﻲ ۽ ﺳﺎﺋﻨﺴﻲ ﺧﺪﻣﺘﻦ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ، اﻳﺮان ﺗﻲ ﻓﺘﺢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻨﺪڙ ﻋﺮب ﺑﻪ ﻋﺰت ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ اڄ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺑﺰرﮔﻤﻬﺮ‬
         ‫ﮐﻲ ﻫﻚ ﻋﻘﻠﻤﻨﺪ، ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ۽ ڏاﻫﻮ ﺳﻤﺠﻬﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﭘﺎڻ ﺷﻄﺮﻧﺞ راﻧﺪ ﺟﻮ ﺑﻪ وڏو ﻣﺎﻫﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ.‬
‫ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ( ۲۲۷۱-۲۰۵۱( ﮐﺎن اڳ ﺳﻠﺠﻮڪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎه اول ﺟﻲ وﻳﻬﻪ ﺳﺎل ﺣﻜﻮﻣﺖ )۲۹۰۱-‬
‫۲۷۰۱( ۾ ﭘﮡ اﺻﻔﻬﺎن اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ رﻫﻴﻮ ۽ ﺑﻴﺤﺪ ﺗﺮﻗﻲ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻲ‪ ‬اﻫﺎ ﺻﺪي ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ دﻧﻴﺎ ﺟﻮ‬
‫ﻣﺸﻬﻮر ﻓﺰﻳﺸﻦ ۽ ان وﻗﺖ ﺟﻮ ﻓﻼﺳﻔﺮ اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻐﺮب ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ‪ Avicenna‬ﺳﮇي ﭤﻲ ﻫﻨﻦ ﭘﭩﻦ ﺗﻲ رﻫﻴﻮ. اﺑﻮ‬
‫ﺳﻴﻨﺎ )ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺑﻮ ﻋﻠﻲ ﺣﺴﻴﻦ اﺑﻦ ﻋﺒﺪا﷢ اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ( ﭘﺮﺷﻦ )اﻳﺮاﻧﻲ( ﻫﻮ ۽ ۰۸۹ ۾ ﺑﺨﺎرا ۾ ﭴﺎﺋﻮ )ﺗﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﺑﺨﺎرا‬
‫وارو ﺧﺮاﺳﺎن ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ اڄ واري ﺧﺮاﺳﺎن ﺳﺎن ﻣﻠﻴﻞ ﻫﻮ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﺋﻲ ﭤﻲ(. اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ ﻛﻴﻤﺴﭧ، ﻣﺎﻫﺮ‬
‫ﻓﻠﻜﻴﺎت )‪ (Astronomer‬ﻗﺮآن ﺟﻮ ﺣﺎﻓﻆ، ﺣﺴﺎﺑﺪان )‪ ، (Mathematician‬ﺷﺎﻋﺮ، ﻣﺎﻫﺮ ﻧﻔﺴﻴﺎت، ﺳﭙﺎﻫﻲ، ﺳﺎﺋﻨﺴﺪان، ‪Statesman‬‬
‫۽ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﭘﮡ ﻫﻮ. ﺣﻴﺮت ﭤﻲ ﻟﮙﻲ ﺗﻪ ﮔﺬرﻳﻞ زﻣﺎﻧﻲ ۾ ﻛﻲ ﻛﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻛﻴﮇو ﭴﺎﮢﻮ ۽ ﻣﺎﻫﺮ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﻚ ﺳﺒﺠﻴﻜﭧ‬
‫۾ ﺑﻪ ﻧﻪ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ۾ ﺋﻲ. ﺟﻦ ﺟﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎ، ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن ۽ ﻟﮑﻴﻞ ﻛﺘﺎب اڄ ﺑﻪ اﺳﻴﻦ ﭘﮍﻫﻮن ﭤﺎ. اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﺟﻲ ﻣﭹﺘﺎ ۽ ﺗﻌﺮﻳﻒ ﻧﻪ‬
‫ﻓﻘﻂ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﭘﺮ ﻳﻮرﭘﻲ ﮔﻮرا ﺑﻪ ﻛﻦ ﭤﺎ. ﺟﺎرج ﺳﺎرﺗﻦ ﺳﺎﺋﻨﺲ ﺟﻮ ﺗﺎرﻳﺦ دان ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻛﺘﺎب ”‬
                                           ‫اﻧﭩﺮوڊﻛﺸﻦ ُﭨﻮ دي ﻫﺴﭩﺮي آف ﺳﺎﺋﻨﺲ“ ۾ اﺑﻮ ﺳﻴﻨﺎ ﻻ‪ ‬ﻟﮑﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ؛‬
‫,‪“One of the most famous exponents of Muslim Universalism and an eminent figure in Islamic learning was Ibn e Sina‬‬
‫‪known in the west as Avicenna (۹۸۱-۱۰۳۷). For a thousand years he has retained his original renown as one of the greatest‬‬
‫”.‪thinkers and medical scholars in history‬‬
‫اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ﺳﺘﻦ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻗﺮآن ﭘﺎڪ ﺣﻔﻆ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ ﭴﺎﺋﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺗﻲ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ )‪(Samanids‬‬
‫ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﺷﻬﻨﺸﺎه اﺑﻮاﻟﻘﺎﺳﻢ اﺑﻦ ﻣﻨﺼﻮر )۶۷۹-۱۶۹( وٽ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻲ‪ ‬ﮔﻮرﻧﺮ ﻫﻮ. اﺑﻦ‬
‫ﺳﻴﻨﺎ ۲۲ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ ﺗﻪ ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﮔﺬاري وﻳﻮ. اﻧﻬﻦ ﺋﻲ ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺳﻤﺎﻧﻴﺎن ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺧﺘﻢ ﭤﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫ﻏﺰﻧﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺤﻤﻮد ﻏﺰﻧﻮي )۰۳۰۱-۷۹۹( ﺟﻮ اﻳﺮان ﺗﻲ راڄ ﻫﻮ. اﺑﻦ ﺳﻴﻨﺎ ﮐﻲ ﻣﺤﻤﻮد ﻃﺮﻓﺎن‬
‫ﻧﻮﻛﺮي‪ ‬ﺟﻲ آڇ ﭤﻲ ﭘﺮ ﻫﻦ ﻗﺒﻮل ﻧﻪ ﻛﺌﻲ. ﮔﺮﮔﺎﻧﺞ )ﻫﺎڻ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻮ ﺷﻬﺮ( ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﺟﻲ وزﻳﺮ ﭘﮍﻫﻴﻞ‬
‫ﻟﮑﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﻗﺪر ﻛﻴﻮ ﭤﻲ. ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ اﺗﻲ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ ﻫﻮ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر )ﻣﺸﻬﺪ( ﻫﻠﻴﻮ آﻳﻮ ۽ زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ﺳﺎل‬
                   ‫ﺗﻬﺮان ﭜﺮﺳﺎن ﻫﻚ ﺷﻬﺮ را‪ (Rai) ‬۾ ﮔﺬارﻳﺎ. ۷۳۰۱ ۾ ﻫﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﻫﻤﺪان ﺷﻬﺮ ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ.‬
‫ﺳﺌﻴﮉن ﺟﻲ ورﻟﮉ ﻣﻴﺮ ﭨﺎﺋﻴﻢ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ۾ ﻣﻮن ﺳﺎن ﮔﮇ ﭘﻮﺳﭧ ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﻨﺪڙ ۽ ﺷﺎم ﺟﻮ ﻓﭧ ﺑﺎل ﮐﻴﮇﻧﺪڙ‬
‫اﻳﺮان ﺟﻮ ﻛﺌﻴﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ آﻫﻲ. آﺋﻮن ﺟﻴﺌﻦ ﺋﻲ ﺗﻬﺮان ﭘﻬﺘﺲ ۽ ﻫﻦ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ‬
                                             ‫ﻓﻮن ﻣﭥﺎن ﻓﻮن ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻦ وٽ ﺿﺮور اﭼﺎن.‬
‫”اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻲ ﺋﻲ ﮀﺎ ؟“ ﻣﻮن ﮐﻴﺲ ﮐﻠﻨﺪي ﭼﻴﻮ، ”اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺗﻮﺟﻬﮍي ﺑﻴﻜﺎر ﻓﭧ ﺑﺎﻟﺮ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬اﭼﺎن ﮀﺎ،‬
                                            ‫ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻛﺮي اﺳﺎن ﻳﻮرﭘﻴﻦ ﺳﺎن ﻫﻤﻴﺸﻪ ﻣﺌﭽﻮن ﻫﺎراﻳﻮن.“‬
‫ﻫﻮ ﭨﻬﻚ ڏﺋﻲ ﭼﻮڻ ﻟﮙﻮ؛”اﻟﻄﺎف ! اﻫﺎ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻧﻪ ﻛﺮ، ﺗﻮن ﻛﻨﻬﻦ اﻳﺮاﻧﻲ ﮐﺎن ﭘﭿ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﻧﻮﺟﻮان ﻓﭧ ﺑﺎل ﭘﻠﻴﺌﺮ‬
‫واﺣﺪ اﻣﺮاﺋﻲ ﻛﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ آﻫﻲ؟ ﻓﭩﺒﺎل ﭘﻠﻴﺌﺮ ﻣﺤﺮم ﻧﻮﻳﺪ ﻛﻴﺎ، اﺣﻤﺪ ﻣﻮﻣﻨﺰاده ، اﺣﺴﺎن ﺣﺎج ﺻﻔﻲ، ﺣﻤﻴﺪ ﺷﻔﻌﻲ‬
‫۽ ﻣﺤﺴﻦ ﻣﺴﻤﺎن ﻛﻬﮍي ﺷﻬﺮ ﺟﺎ آﻫﻦ؟ ﻣﻬﺪي ﺳﻮﻻﺋﻮ ﻗﻲ ﺟﻬﮍا اﺋﻜﭩﺮ ۽ ﻟﻴﻼ ﻓﺮوﻫﺮ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﺳﻨﮕﺮ ﺳﭛ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ‬
                                                                                ‫ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮن آﻫﻦ.“‬
         ‫”ﭘﺮ ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﻣﻮن ﻻ‪ ‬ﻓﻠﻤﻲ اداﻛﺎرن ۽ راﻧﺪﻳﮕﺮن ﮐﺎن ﺷﺎﻋﺮ ۽ ادﻳﺐ وڌﻳﻚ اﻫﻢ آﻫﻦ.“ ﻣﻮن ﭼﻴﻮﻣﺎﻧﺲ.‬
‫” ﻫﻚ دﻓﻌﻮ اﺻﻔﻬﺎن اﭼﻮ ﺗﻪ“، ﻛﺌﭙﭩﻦ ﺷﻬﺎﺑﺎ ﭼﻴﻮ، ”اﺻﻔﻬﺎن ادﻳﺒﻦ ۽ ﺷﺎﻋﺮن ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ڊاﻛﭩﺮ اﺣﻤﺪ ﺗﻔﺎﺿﻮﻟﻲ،‬
‫اﺑﻮاﻟﻔﺮج، ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ، ﺳﻴﺎوش ﻛﺴﺮاﺋﻲ، ﺷﺎﻫﻼ ﺷﺮﻛﺎت ۽ ﻫﻮﺷﻨﮓ ﮔﻠﺸﻴﺮي ﺟﻬﮍا ﻟﻴﮑﻚ ۽ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﭛ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ‬
                                                ‫ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎ اﭤﺌﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.“‬
‫اﺳﺎﻧﺠﻲ اﻳﺮاﻧﻲ ﻛﻠﻴﮓ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻮن واﻧﮕﺮ ﺳﭟ ﺟﻮ ڏاﻛﻮ ﭨﭙﻲ ﭼﻜﻮ آﻫﻲ ۽ اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻫﻮ رﻳﭩﺎﺋﺮﻣﻴﻨﭧ ﺟﺎ ڏﻳﻨﻬﻦ‬
‫ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﮔﺬاري رﻫﻴﻮ آﻫﻲ، ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺷﻬﺮ ﺑﺎﺑﺖ ﺻﺤﻴﺢ ﭘﺌﻲ ﭔﮅاﻳﻮ. ڊاﻛﭩﺮ ﭘﺮوﻓﻴﺴﺮ اﺣﻤﺪ ﺗﻔﺎﺿﻠﻲ )ﭴﻢ ﺟﻮ‬
‫ﺳﺎل ۷۳۹۱( اﻳﺮاﻧﻲ ادب ۽ ﻛﻠﭽﺮ ﺟﻮ وڏو ﻣﺎﻫﺮ ﻣﭹﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ۷۹۹۱ ۾ ﺳﻨﺪس اوﭼﺘﻲ ﻣﻮت ﮐﺎن اڳ ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان‬
                                                              ‫ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﺟﻮ ﻓﺌﻜﻠﭩﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ ﻫﻮ.‬
‫اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻚ ﺟﻬﻮﻧﻲ اﺳﻜﺎﻟﺮ ﺧﺎﺗﻮن ﺻﺎدﻗﮫ دوﻟﺖ آﺑﺎدي اﻳﺮاﻧﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺟﻲ‬
‫اواﺋﻠﻲ ﺷﺨﺼﻴﺖ ﻫﺌﻲ. ﭘﺎڻ ۲۸۸۱ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻲ. ۹۱۹۱ ۾ ﻫﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﮔﺰﻳﭧ ”زﺑﺎن زﻧﺎن“ اﺻﻔﻬﺎن‬
              ‫ِ‬
  ‫ﻣﺎن ﺟﺎري ﻛﺌﻲ. ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻮ واﻟﺪ ﻣﺮزا ﻫﺎدي دوﻟﺖ آﺑﺎدي ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﻋﺎﻟﻢ ۽ داﻧﺸﻮر ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ.‬
‫ﺻﺎدﻗﮫ ۳۲۹۱ ۾ ﭘﺌﺮس ﺟﻲ ﺳﻮرﺑﻮﻧﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﮔﺮﺋﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﺌﻲ. ۰۸ ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۲۶۹۱ ۾ وﻓﺎت‬
‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﮐﻴﺲ اﺳﻼﻣﻲ ﻃﻮر ﻃﺮﻳﻘﺖ ﺳﺎن ﻛﺎ دﻟﭽﺴﭙﻲ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ. اﻳﺘﺮﻳﻘﺪر ﺟﻮ ﻣﺮڻ وﻗﺖ ﻫﻦ وﺻﻴﺖ ﻛﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻮ‪ ‬ان‬
‫ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﺑﺨﺶ ﻧﻪ ﻛﻨﺪي ﺟﻴﻜﺎ ﺣﺠﺎب اوڍي ﺳﻨﺪس ﻗﺒﺮ ﺗﻲ اﻳﻨﺪي. اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ۰۸۹۱ ۾ اﻧﻘﻼب‬
‫ﺟﻲ ﺟﻮﺷﻴﻠﻦ ﺟﻮاﻧﻦ ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﺗﻪ ڊاﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮ ﭘﺮ ﺳﻨﺪس ﭜﺎ‪ ‬۽ ﭘﻲ‪ ‬ﺟﻮن ﺑﻪ ﻗﺒﺮون ڊاﻫﻲ ﮀﮇﻳﻮن ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ‬
                                   ‫اﻫﻲ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ ﻫﻨﻦ ﺻﺎدﻗﮫ ﺟﻲ ﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﭘﭡﭝﺮاﺋﻲ ﻛﺌﻲ ﭤﻲ.‬
‫ﻋﻠﻲ اﺑﻦ اﻟﺤﺴﻴﻦ اﻻﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﻮ وڏو اﺳﻜﺎﻟﺮ ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﻣﻐﺮب ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻦ‬
‫ﮐﻲ ‪) Abulfaraj‬اﺑﻮاﻟﻔﺮج( ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ. ﭘﺎڻ ۷۹۸ ۾ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺑﻐﺪاد ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ‬
‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ ﺷﺎﻋﺮ ﺑﻪ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪس ﻟﮑﮣﻴﻮن اﺳﭙﻴﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻨﺪﻳﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﺘﻲ اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﻣﻴﻪ ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ‬
‫ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. ۷۶۹ ۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. اڄ ان ﮐﻲ ﻫﻚ ﻫﺰار ﺳﺎﻟﻦ ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ﻋﺮﺻﻮ اﭼﻲ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﺑﻪ ﻫﻦ ﺟﺎ‬
     ‫ﻛﺘﺎب ﭘﮍﻫﻴﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ راﮘﻦ ﺟﻮ ﻛﺘﺎب ‪) Book of Songs‬ﻛﺘﺎب اﻻﻏﺎﻧﻲ( ﺗﻤﺎم ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ.‬
‫ڊچ ۽ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮑﻜﺎ، ﻫﻴﻮﻣﻦ راﺋﭩﺲ ﺟﻲ ‪ Activist‬۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ ﭘﮡ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﻫﺘﻲ ۵۱‬
‫ﻧﻮﻣﺒﺮ ۰۶۹۱ ۾ ﭴﺎﺋﻲ. ﻫﻮ‪ ‬اڄ ﻛﻠﻬﻪ ﻳﻮﻧﺎﺋﻴﭩﻴﺪ ﻧﺌﺸﻦ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪي آﻫﻲ. ﻓﺮاح ۹۷۹۱ ﮐﺎن ۶۸۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻣﺠﺎﻫﺪﻳﻦ ﺧﻠﻖ‬
‫ﺟﻲ ﻣﻴﻤﺒﺮ رﻫﻲ. اﻫﺎ ﺗﺤﺮﻳﻚ آﻣﺮﻳﻜﺎ ۽ ﻳﻮرپ ۾ دﻫﺸﺘﮕﺮدن ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ﺳﻤﺠﻬﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ. ﭘﺎڻ ۶۸۹۱ ۾ اﻫﺎ‬
‫ﺗﺤﺮﻳﻚ ﮀﮇڻ ﺑﻌﺪ ان ﺑﺎﺑﺖ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎ ۽ ﻣﺸﺎﻫﺪا ﺑﻴﺎن ﻛﻴﺎ آﻫﻦ. ﻓﺮاح ﻛﺮﻳﻤﻲ ‪ Online‬اﺧﺒﺎر‬
                                                                   ‫روز )‪ (Rooz‬۾ ﺑﺎﻗﺎﻋﺪﮔﻲ ﺳﺎن ﻟﮑﻲ ﭤﻲ.‬
‫اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺟﻨﻢ وﭠﻨﺪڙ ﻓﺎرﺳﻲ‪ ‬ﺟﻮ اﻧﻘﻼﺑﻲ ﺷﺎﻋﺮ ﺳﻴﺎوش ﻛﺴﺮاﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ۷۲۹۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ۶۹۹۱‬
‫۾ وﻓﺎت ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﻗﺎﻧﻮن ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪس ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻛﺘﺎب‬
                                 ‫ﻟﮑﻴﻞ آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺑﻪ ﺗﺮﺟﻤﻮ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ ، ﺟﻬﮍوڪ؛‬
‫•‬      ‫‪The Melody‬‬
‫•‬      ‫‪Arash The Archer‬‬
‫•‬      ‫‪Red as Fire‬‬
‫•‬      ‫‪The Stone and the Dew‬‬
‫•‬      ‫! ‪Arise Iran‬‬
‫ﺷﻬﺎﻻ ﺷﺮﻛﺎت ﭘﮡ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻲ ﻟﻴﮑﻜﺎ آﻫﻲ ۽ ۶۵۹۱ ۾ ﭴﺎﺋﻲ. ﭘﺎڻ زﻧﺎن ﻧﺎﻟﻲ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ‬
‫ﻣﺌﮕﺰﻳﻦ ﻛﮃي ﭤﻲ ۽ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﻣﺴﺌﻠﻦ ﺗﻲ ﻟﮑﻲ ﭤﻲ. ﭘﺎڻ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﺤﺮﻳﻚ ۽ ﻟﮑﮣﻴﻦ ۾ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﻴﺮ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﻛﺮي ﺟﻴﻞ ﺑﻪ وﭸﻲ ﭼﻜﻲ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ﺗﻬﺮان ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﻧﻔﺴﻴﺎت ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻋﻼﻣﻪ‬
‫ﻃﺎﺑﺎ ﻃﺎﺑﺎﺋﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ”ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ“ ۾ اﻳﻢ اي ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪس دﻟﻴﺮ ﻟﮑﮣﻴﻦ ﻛﺮي ﭨﻲ ﺳﺎل اڳ‬
                  ‫ﮐﻴﺲ اﻧﭩﺮﻧﻴﺸﻨﻞ ووﻣﻴﻦ ﻣﻴﮉﻳﺎ ﻓﺎﺋﻮﻧﮉﻳﺸﻦ ﻃﺮﻓﺎن ‪ The Covrage in Journalism‬اﻳﻮارڊ ﻣﻠﻴﻮ.‬
‫۽ اﻫﮍو ﺋﻲ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﻟﻴﮑﻚ ﻫﻮﺷﻨﮓ ﮔﻞ ﺷﻴﺮي ﭤﻲ ﮔﺬرﻳﻮ آﻫﻲ. ﻫﻮﺷﻨﮓ ۸۳۹۱ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾‬
‫ﭴﺎﺋﻮ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ ﻣﺎن ﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ڊﮔﺮي ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ ۽ ﻫﺘﻲ ﺟﻲ اﺳﻜﻮﻟﻦ ۾ ﻣﺎﺳﺘﺮي‬
‫ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﻫﻮﺷﻨﮓ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻓﺎرﺳﻲ ۾ ﻛﺘﺎب ﻟﮑﻴﺎ ﺟﻦ ﺟﺎ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۽ ﭔﻴﻦ زﺑﺎﻧﻦ ۾ ﺗﺮﺟﻤﺎ ﺑﻪ ﭤﻲ ﭼﻜﺎ آﻫﻦ. ﺳﻨﺪس‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻛﺘﺎ ب ”ﻣﺜﻞ ﻫﻤﻴﺸﮫ“ اﻓﺴﺎﻧﻦ ﺟﻮ ﻣﺠﻤﻮﻋﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﺗﺮﺟﻤﻮ ۸۶۹۱‪ As Always‬۾ ﮀﭙﻴﻮ‬
                                                                          ‫ِ‬
                                                          ‫آﻫﻲ. ﻫﻮﺷﻨﮓ ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﭔﻴﺎ ﻛﺘﺎب آﻫﻦ؛‬
                                                                                       ‫ﺷﻬﺰاده اﺣﺘﺠﺎب‬
                                                                                 ‫ﻧﻤﺎز ﺧﺎﻧﮫ ﻛﭽﻚ ﻣﺎن‬
                                                                                     ‫ِ‬
                                                                                        ‫ﺗﺪﻓﻴﻦ زﻧﺪﮔﺎن‬
                                                                                               ‫ِ‬
                                                                                             ‫ﺟﻦ ﻧﺎﻣﮫ‬
                                                                                   ‫ﺟﻴﺪل ﻧﻘﺶ ﺑﺎ ﻧﻘﺎش‬
                                                                                               ‫ِ‬
         ‫ﺑﺎغ در ﺑﺎغ ..... وﻏﻴﺮه. ﭘﺎڻ ۳۶ ورﻫﻴﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ۰۰۰۲ ۾ ﺗﻬﺮان ﺟﻲ اﻳﺮان ﻣﻬﺮ اﺳﭙﺘﺎل ۾ وﻓﺎت ﻛﺌﻲ.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﺷﺎﻋﺮن، ادﻳﺒﻦ، راﻧﺪﻳﮕﺮن، ﻋﺎﻟﻤﻦ، ﺳﺎﺋﻨﺴﺪاﻧﻦ، ﻋﺎﻟﻤﻦ ، ﻓﻴﻠﺴﻮﻓﻦ ۽ داﻧﺸﻮرن ﮐﻲ ﺟﻨﻢ ڏﻧﻮ.‬
‫ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻤﻦ، ڏاﻫﻦ ۽ اﺳﻜﺎﻟﺮن ﻣﺎن آﻳﺖ ا﷢ ﻳﻮﺳﻒ ﺳﺎﻧﻴﺌﻲ ﺑﻪ ﻫﻚ آﻫﻲ. ﭘﺎڻ ۷۲۹۱ ۾ ﻫﺘﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﭴﺎﺋﻮ. ﻗﻢ‬
‫ﺟﻲ ﻣﺪرﺳﻦ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ ﺑﻴﺤﺪ ذﻫﻴﻦ ۽ ﻣﺤﻨﺘﻲ ﺷﺎﮔﺮد ﻫﻮ ۽ ﻫﻤﻴﺸﻪ ﭘﻬﺮﻳﻮن ﻧﻤﺒﺮ ﮐﻨﻴﺎﺋﻴﻦ. آﻳﺖ‬
‫ا﷢ ﻳﻮﺳﻒ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻓﺘﻮاﺋﻦ ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ ﺧﺎص ﻛﺮي ﺧﻮد ﻛﺶ ﺣﻤﻠﻦ )‪ (Suicide Bombings‬ﮐﻲ ﻫﻦ ﻏﻠﻂ‬
‫۽ ﮔﻨﺎﻫﻪ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻗﺮار ڏﻧﻮ آﻫﻲ. ﺳﻨﺪس ﻓﺘﻮيٰ ﺟﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﺟﻤﻠﻮ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ اﻳﺮاﻧﻲ دوﺳﺖ ﮐﺎن ﺗﺮﺟﻤﻮ‬
‫ﻛﺮاﻳﻮ اﭤﻢ ؛ ”ﺣﺘﻲ ﻛﺴﺎﻧﻲ ﻛﮫ ﻳﺎ اﻧﺘﺤﺎر ﻣﻲ آﻳﻨﺪ وﻣﻲ زﻧﻨﺪ ﻋﺪه اي را ﻣﻲ ﻛﺸﻨﺪ، آن ﻫﻢ ﺑﮫ ﻋﻨﻮان ﻋﻤﻠﻴﺎت‬
                                                                   ‫اﻧﺘﺤﺎري، اﻳﻨﻬﺎ در ﻗﻌﺮ ﺟﻬﻨﻢ ﻫﺴﺘﻨﺪ“‬
     ‫)وﻳﻨﺪي اﻫﻲ ﺟﻴﻜﻲ ﺧﻮدﻛﺶ ﺣﻤﻠﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﺎرﻳﻦ ﭤﺎ، اﻧﻬﻦ ﮐﻲ دوزخ ﺟﻲ ﺑﺎﻫﻪ ۾ ﺋﻲ وﭸﮣﻮ ﭘﻮﻧﺪو.(‬
‫آﻳﺖ ا﷢ ﻳﻮﺳﻒ ﺟﻮ ﻋﻮرت ﺟﻲ درﺟﻲ ﺑﺎﺑﺖ اﻫﻮ ﻧﻈﺮﻳﻮ رﻫﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ ﻋﻮرﺗﻦ ﺟﻮ اﺳﻼم ۾ ﻣﺮد ﺑﺮاﺑﺮ ‪ Status‬آﻫﻲ ۽‬
                     ‫ﻫﻮ ﺟﺞ ﺗﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﺳﺮ ﺑﺮاﻫﻪ ۽ ﻣﺎرﺟﺎ )ﻣﺬﻫﺒﻲ ﻋﺎﻟﻢ( ﺑﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻦ ﭤﻴﻮن.‬
                                    ‫اﺻﻔﻬﺎن – ﻧﺼﻒ ﺟﻬﺎن‬

‫ﻫﻦ ﮐﺎن اڳ ﻟﮑﻲ آﻳﻮ آﻫﻴﺎن ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻠﺠﻮق ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ اول )۲۹۰۱-‬
‫۲۷۰۱( ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻚ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ۽ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﭔﻴﺎ ﺳﭛ ﺷﻬﺮ ﮀﮇي اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮔﺎدي‪ ‬ﺟﻮ ﺷﻬﺮ‬
                                                                                    ‫ﻣﻘﺮر ﻛﻴﻮ.‬
‫ﻳﺎرﻫﻴﻦ ۽ ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺗﺮﻗﻲ ڏﺳﮡ وﭨﺎن ﻫﺌﻲ. ﻫﻲ اﻫﻮ دور ﻫﻮ ﺟﮇﻫﻦ اﺑﻮ ﻋﻠﻲ ﺳﻴﻨﺎ ﺟﻬﮍا ﻋﺎﻟﻢ،‬
‫ڏاﻫﺎ ۽ ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﺘﻲ رﻫﻴﺎ ﭤﻲ.ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﺗﻴﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي‪ ‬۾ ﻣﻨﮕﻮﻟﻦ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ڊاﻫﻲ رﮐﻴﻮ ﭘﺮ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺳﺎن واﺳﻄﻮ رﮐﻨﺪڙن ﺟﻲ ﺑﻪ ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﺧﻮﻧﺮﻳﺰي ﻛﺌﻲ. ان ﺑﻌﺪ ﭼﻮڏﻫﻴﻦ‬
‫ﺻﺪي ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري، ۷۸۳۱ ۾، ﺗﻴﻤﻮرﻟﻨﮓ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ آﻧﺪي. ﭘﺮاﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺟﺎﮔﺮاﻓﻴﺎﺋﻲ ﻃﻮر ﺑﻬﺘﺮ‬
‫ﭘﻮزﻳﺸﻦ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي اﻫﻮ ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ۾ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺳﻬﮣﻮ ﭤﻲ وﻳﻮ. ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ‬
‫اﻳﺮان ﺗﻲ ۲۰۵۱ ﮐﺎن ۶۳۷۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ ۽ ﻳﺎرﻫﻦ ﮐﻦ ﻧﺎﻟﻴﺮا ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﺎ ﺟﻦ ﻣﺎن ﻋﺒﺎس ﺷﺎﻫﻪ اول ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﮐﻲ ”ﻋﺒﺎس دي ﮔﺮﻳﭧ“ ﺳﮇﻳﻮ وﻳﻮ ﭤﻲ، ان ﺟﻲ ﭼﺎﻟﻴﻬﺎرو ﮐﻦ ﺳﺎﻟﻦ )۹۲۶۱-۷۸۵۱( واري ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﻋﺮﺻﻮ اﺻﻔﻬﺎن‬
‫ﺟﻮ ﺳﻮﻧﻬﺮي دور ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. اﻧﻬﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ آدم ﺷﻤﺎري ﭘﻨﺞ ﻟﮏ ﻫﺌﻲ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﺣﺴﺎب‬
‫ﺳﺎن ﺗﻤﺎم ﮔﻬﮣﻲ ﻫﺌﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ﮔﻬﻤﮡ ﻻ‪ ‬اوﺳﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﮐﺎن ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻳﻮرپ ﮐﺎن ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻫﻠﻲ آﻳﺎ ﭤﻲ. ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﻧﻬﻦ‬
‫ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺸﻬﺪ، ﺗﺒﺮﻳﺰ، ﺑﻠﺦ ۽ ﺑﺨﺎرا ﺑﻪ ﻛﻲ ﮔﻬﭧ ﺷﻬﺮ ﻧﻪ ﻫﺌﺎ ﭘﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺋﻲ ﭔﻲ ﻫﺌﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ﻋﻠﻢ، ﻫﻨﺮ،‬
‫ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي، واﭘﺎر وڙي، ﻋﻠﻤﻲ ادارن ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ۾ ﭘﻨﻬﻨﺠﻮ ﻣﭧ ﭘﺎڻ ﻫﻮ. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﭔﺎﻫﺮان ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ‬
‫ﻛﺮي آﻳﻞ ﭘﺎڻ ﮐﻲ ”ﻓﺎرﻳﻦ رﭨﺮﻧﮉ“ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻦ ﭤﺎ. ﺗﻴﺌﻦ ﻫﻦ دور ۾ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﺳﺎل ﭔﻪ رﻫﻲ وﻳﻨﺪڙ‬
‫ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﺧﻮﺷﻲ ۽ ﻋﺰت ﻣﺤﺴﻮس ﻛﻨﺪا ﻫﺌﺎ. ﭼﻮﻧﺪا ﻫﺌﺎ ﻫﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮاﻧﻲ ﺑﻪ ﻛﻬﮍو؟‬
‫اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ آﻫﻲ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻳﺎد آﻫﻲ ﺗﻪ ﺳﺘﺮ ﺟﻲ ﺷﺮوع وارن ﺳﺎﻟﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺟﮇﻫﻦ اﭸﺎ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﭠﮙﻴﻦ، ﻟﭽﺎﺋﻴﻦ، ﺟﻌﻠﻲ ﺷﻴﻦ‬
‫ﭠﺎﻫﮡ ۽ ﻧﻤﺒﺮ ﭨﻮ ﻣﺎل ﺟﻲ وﻛﺮي ﮐﺎن دﻧﻴﺎ ۾ ﺑﺪﻧﺎم ﻫﻮ. ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ۾ رﻫﻨﺪڙ ﭼﻴﻨﻲ، ﻣﻠﺌﻲ، ﺗﺎﻣﻞ، ﭘﻨﺠﺎﺑﻲ، ﺳﮏ ۽‬
‫ﭔﻴﻮن ﻗﻮﻣﻮن ۽ ذاﺗﻴﻮن، ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮري ﺳﮇاﺋﮡ ﺑﺪران ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وڏن ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ، ﻗﻮﻣﻦ ۽ ذاﺗﻴﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﺳﺎن‬
‫ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪا ﻫﺌﺎ ۽ ﭘﻮ‪ ‬ڏﺳﻨﺪي ﺋﻲ ڏﺳﻨﺪي ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﺗﺮﻗﻲ ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ ۽ ۰۹۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﻫﻮ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﺷﻬﺮن ﮐﺎن اﮘﻴﺎن‬
‫ﻧﻜﺮي وﻳﻮ ﺗﻪ ان ﺟﻮ ﻫﺮ ﺑﺎﺷﻨﺪو ﭘﺎڻ ﮐﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮري ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮڻ ﻟﮙﻮ. اﻳﺘﺮي ﻗﺪر ﺟﻮ ﻛﻨﻬﻦ ﻻ‪‬‬
‫ﭼﺌﺒﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﻲ‪ ‬ﻣﺪراس ﮐﺎن ﻫﺘﻲ آﻳﻮ ﻳﺎ ﭼﻴﭻ وﻃﻨﻲ ﮐﺎن آﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﻲ ڏاڍي ﻛﺎوڙ ﻟﮙﻨﺪي ﻫﺌﻲ ۽ ﻛﻮﺷﺶ‬
‫ﻛﻨﺪو ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﻨﻬﻦ رﻳﺖ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻧﮉﻳﺎ ﺟﻬﮍن ﺟﺎﻫﻞ، ﻏﺮﻳﺐ ۽ ﻓﺴﺎدي ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﺳﻨﮛ ﻧﻪ ﮘﻨﮃﻳﻮ وﭸﻲ.‬
‫ﺳﻮ اﻫﮍي ﻃﺮح ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺻﻔﻮي ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺳﺎک ۽ ﻫﺎڪ اڄ ﺟﻲ ﺳﻨﮕﺎﭘﻮر ﮐﺎن ﺑﻪ اﻋﻠﻲ ﭤﻲ وﺋﻲ‬
         ‫ٰ‬
‫۽ وﻳﻨﺪي ﺗﻌﻠﻴﻢ ﻳﺎ ﻧﻮﻛﺮي ﺧﺎﻃﺮ ﭼﻨﺪ ﺳﺎﻟﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﻨﺪڙ ﺑﻪ ﭘﺎڻ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﺳﮇاﺋﻴﻨﺪي ﻓﺨﺮ ﻣﺤﺴﻮس ﻛﺮڻ ﻟﮙﺎ. ﭘﺮاﮢﻲ‬
‫دور ﺟﻲ ﭠﭩﻲ واﻧﮕﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﺑﻪ ﻣﺴﺠﺪن، ﻣﺪرﺳﻦ، ﺑﺎﻏﻦ ۽ ﻋﻤﺎرﺗﻦ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ. ﻣﻨﺠﻬﺲ ۰۶۱ ﻣﺴﺠﺪون، ۰۵ ﮐﻦ‬
                                                       ‫ﻣﺪرﺳﺎ، ﭔﻪ ﻫﺰار دﻛﺎن ۽ اڍاﺋﻲ ﺳﻮ ﮐﻦ ﭘﺒﻠﻚ ﺑﺎٿ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺻﻔﻮي ﺟﻲ وﻓﺎت )۹۲۶۱( ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺑﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ اوج ﻫﻚ ﺻﺪي ﺑﺮﻗﺮار رﻫﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ۲۲۷۱ڌاري‬
‫اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﻻﮘﻴﺘﻦ ﺣﻤﻠﻦ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻲ ﺟﻲ ﺣﺪ ﺗﻲ آﮢﻲ ﮀﮇﻳﻮ. ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﻳﺎ ﻫﻲ زﻣﺎﻧﻮ، ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭠﻬﻴﻞ ﮔﻮﻫﺮ‬
‫ﺷﺎد ﻣﺴﺠﺪ ﮐﺎن اڳ ﺟﻮ ﭤﻴﻮ، ﺟﻮ ﺻﻔﻮي دور ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺑﻌﺪ ﻧﺎدر ﺷﺎﻫﻪ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺎﻛﻢ ﭤﻴﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ۷۴۷۱ ۾‬
‫وﻓﺎت ﮐﺎن ﺳﺎل ﮐﻦ ﭘﻮ‪ ۱۷۴۸ ‬۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﭧ ﺷﺎه رخ ﺗﺨﺖ ﺗﻲ وﻳﭡﻮ ﺗﻪ ﺷﺎه رخ ﺟﻲ ﭔﻲ زال ﮔﻮﻫﺮ ﺷﺎد ﻣﺸﻬﺪ‬
‫۾ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﭜﺮﺳﺎن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﻧﺎﻟﻲ واري ﻣﺴﺠﺪ ﭠﻬﺮاﺋﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﮐﺎن اڄ ﺟﻮ ﻫﺮ زوار ۽ ﭨﻮﺋﺮﺳﭧ واﻗﻒ‬
                                                                                          ‫آﻫﻲ.‬
‫ﺗﺎرﻳﺦ ﺟﻮ رﻛﺎرڊ ﺻﺤﻴﺢ رﮐﮡ ﺧﺎﻃﺮ، ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﻟﮑﮡ ﺑﻪ ﺿﺮوري ﺳﻤﺠﻬﺎن ﭤﻮ ﺗﻪ اﻓﻐﺎﻧﻴﻦ اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻲ ﺣﻤﻼ ﻛﺮي‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﮐﻲ ﺗﺒﺎﻫﻪ ﺿﺮور ﻛﻴﻮ ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬ﻣﻠﻜﻲ ﺣﺎﻟﺘﻮن ﺻﺤﻴﺢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻛﺎﻣﺮس ۽ اﻳﻜﺎﻧﺎﻣﻲ ۾ اﺻﻔﻬﺎن ﻣﭥﻲ اﭜﺮي‬
‫ﻧﻪ ﺳﮕﻬﻴﻮ. ان ﺟﻮ وڏو ﺳﺒﺐ ﻳﻮرپ وارن ﺟﻲ وڌﻧﺪڙ ﺳﺎﻣﻮﻧﮉي ﻃﺎﻗﺖ ﻫﺌﻲ. ﻫﺎﻟﻨﮉ )ﻧﻴﺪرﻟﻴﻨﮉ(، ﭘﻮرﭼﻮﮔﺎل، اﺳﭙﻴﻦ،‬
‫ﻓﺮاﻧﺲ ۽ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻬﮍا ﻣﻠﻚ ﻫﻚ ﭔﺌﻲ ﭘﻮﻳﺎن ﭘﺎﮢﻲ ﺟﺎ ﺟﻬﺎز ﭠﺎﻫﻴﻨﺪا وﻳﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﺎڻ ﺳﻨﺪن ﺑﻨﺪرﮔﺎﻫﻦ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮان ﺋﻲ‬
‫ﭔﺎﻫﺮان آﻓﺮﻳﻜﺎ ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ڏي ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺗﺠﺎرت ﻻ‪ ‬وﭸﮡ ﻟﮙﺎ ﭘﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺗﻲ ﺑﻴﭡﻜﻮن ﭠﺎﻫﻲ ﻗﺒﻀﺎ ﻛﺮڻ‬
‫ﻟﮙﺎ، ﻧﻪ ﺗﻪ ان ﮐﺎن اڳ ﻳﻮرپ ﺟﻲ ﭼﻴﻦ، ﻫﻨﺪ ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﺳﺎن ﺗﺠﺎرت ﺧﺸﻜﻲ رﺳﺘﻲ ﻫﻠﻲ ﭤﻲ، ﺟﻴﻜﻲ رﺳﺘﺎ‬
‫۽ ﻟﻨﮕﻬﻪ اﺻﻔﻬﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭔﻴﻦ ﺷﻬﺮن وﭨﺎن ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ ۽ اﻣﻴﺮ ﺷﻬﺮ ۽ ﻣﻠﻚ اﻫﻲ ﺳﮇﺟﮡ ﻟﮙﺎ ﺟﺘﺎن ﻫﻲ ‪ Silk Route‬۽‬
‫ﺟﻲ ﭨﻲ روڊ ﺟﻬﮍا رﺳﺘﺎ ﮔﺬرﻳﺎ ﭤﻲ. ﭘﺮ ﭘﻮ‪ ‬اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻲ ﺗﻪ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﺑﺤﺮي ﻃﺎﻗﺖ ان ﺟﻲ دﻧﻴﺎ ۽ اﻫﺎ ﭼﻮﮢﻲ‬
‫ﮔﺬرﻳﻞ ﺻﺪي‪ ‬ﺟﻲ ﭨﻲ ﭼﻮﭤﻲ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻴﻚ ﭠﺎڪ رﻫﻲ. ﻫﺎڻ ﭘﺎﮢﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﺟﻬﺎزن ﮐﻲ ﻛﭧ ﭘﺌﻲ ﻟﮙﻲ ۽ ردي‪ ‬ﺟﻲ اﮔﻬﻪ ۾‬
                                                                     ‫ﻛﭕﺎڙﻳﻦ وٽ ‪ Scrape‬ﭤﻴﻮ ﭘﻴﺎ وﻛﺎﻣﻦ.‬
‫اڄ – ﻳﻌﻨﻲ اﻳﻜﻴﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ ڏﻫﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان اﭼﮡ ﭤﻴﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وري ﺗﺮﻗﻲ ﺟﻲ راﻫﻪ ﺗﻲ آﻫﻲ ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﻬﺮان ۽ ﻣﺸﻬﺪ ﺑﻌﺪ ﭨﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ اﺻﻔﻬﺎن وڏو ﺷﻬﺮ‬
‫آﻫﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ۾ وﻳﻨﺪي ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﺟﺎ ﺗﺠﺮﺑﺎﺗﻲ ‪ Reactors‬۽ ﻧﻴﻮﻛﻠﻴﺌﺮ ﭔﺎرڻ )‪ (UCF‬ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮن ﺳﻬﻮﻟﺘﻮن ﻣﻮﺟﻮد آﻫﻦ.‬
‫ﻫﻦ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻳﻮرﻧﻴﻢ ﮐﻲ ‪) ۶UF‬ﻳﻮرﻳﻨﻴﻢ ﻫﻴﮕﺰاﻓﻠﻮراﺋﻴﮉ ﮔﺌﺲ ۾ ﺗﺒﺪﻳﻞ ﻛﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺗﻴﺰ رﻓﺘﺎر‬
‫‪ Centrifuges‬۾ ﮔﻬﻤﺎﺋﻲ ان ﻣﺎن آﺋﺴﻮﭨﻮپ ﻛﮃﻳﺎ وﭸﻦ ﭤﺎ. اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﺳﭩﻴﻞ ﻣﻠﻮن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺳﭵﻲ رﻳﺠﻦ ﺟﻲ‬
‫ﺿﺮورت ﭘﻮري ﻛﻦ ﭤﻴﻮن. ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وٽ ﻣﻠﻴﺮ، ﻻﻧﮃي، ﻣﺎرﻳﭙﻮر، ﻻﻟﻮ ﮐﻴﺖ، ﻛﻴﺎﻣﺎڙي، ﻛﻠﻔﭩﻦ ﻣﻠﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻮ‬
‫ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﻳﺎ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﻗﺎﺳﻢ آﺑﺎد، ﻟﻄﻴﻒ آﺑﺎد، ﭨﻨﮉو ﭠﻮڙﻫﻮ ، ﭨﻨﮉو آﻏﺎ ۽ ﻫﻴﺮآﺑﺎد ﺟﻬﮍا ﻧﻨﮃڙا ﺷﻬﺮ ﻣﻠﻲ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد‬
‫ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ ﺗﻴﺌﻦ ﻧﺠﻒ آﺑﺎد، ﺧﺎﻧﮫ اﺻﻔﻬﺎن، ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺷﻬﺮ، ﺷﺎﻫﻴﻦ ﺷﻬﺮ، زرﻳﻦ ﺷﻬﺮ ۽ ﻓﻮﻻد ﻣﺒﺎرڪ ﺟﻬﮍا ﺷﻬﺮ‬
                 ‫ِ‬
‫ﮔﮇﺟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﻣﻴﭩﺮو ﭘﻮﻟﻴﭩﻦ ﺷﻬﺮ ﭠﺎﻫﻴﻦ ﭤﺎ. ﻧﺠﻒ آﺑﺎد اﻫﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ آﻳﺖ ا﷢ ﺣﺴﻴﻦ ﻋﻠﻲ ﻣﻮﻧﺘﻈﺎري ۽‬
                                ‫ﻣﺼﻄﻔﻲ ﻣﻌﻴﻦ ﭘﻴﺪا ﭤﻴﺎ. ﻧﺠﻒ آﺑﺎد ﺟﺎ ڏاڙﻫﻮن ﻣﺸﻬﺪي ﺻﻮﻓﻦ واﻧﮕﺮ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻦ.‬  ‫ٰ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﻛﺎرﺧﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﻟﻈﺎظ ﮐﺎن ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻬﮍو ﺷﻬﺮ آﻫﻲ اﭨﻜﻞ ۰۰۰۲ ﻛﻤﭙﻨﻴﻮن ﻫﺘﻲ ﻛﻢ ﻛﻦ ﭤﻴﻮن. ﻣﻠﻚ ﺟﻲ‬
‫وڏي آﺋﻞ رﻳﻔﺎﺋﻨﺮي ۽ وڏي ۾ وڏو اﻳﺌﺮﻓﻮرس ﺑﻴﺲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮ ﺳﭛ ﮐﺎن وڏو ۽ ﻣﺎڊرن ﻫﻮاﺋﻲ ﺟﻬﺎز‬
                                              ‫ﭠﺎﻫﮡ ﺟﻮ ﻛﺎرﺧﺎﻧﻮ ﭘﮡ ﻫﺘﻲ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ -‪ ۱۴۰AN‬ﺟﻬﺎز ﭠﻬﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻫﻮن‪ ‬اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻻ‪ ‬اﻳﺮان ﻣﻌﻨﻲ ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﻗﻢ آﻫﻲ ﮀﻮ ﺟﻮ اﺳﺎن ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﻳﺮان ۾ ﭘﺎڪ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﻲ زﻳﺎرت ﻻ‪‬‬
                                                                      ‫ٰ‬
‫اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﻬﻦ ﭔﻦ ﺷﻬﺮن ۾ آﻫﻦ ﺟﻦ ﮐﻲ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﺑﻘﻮل ” اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل“ اﻳﺠﻨﭧ ﺟﻲ ﻫﻔﺘﻮ ﻛﺎﻓﻲ‬
‫آﻫﻲ. ”دراﺻﻞ ڏﻫﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﭨﺮپ ﺳﭛ ۾ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ،“ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﺟﻲ ﻣﺌﻨﻴﺠﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ﺻﺎﺣﺐ ﻫﻚ دﻓﻌﻲ‬
‫ﭔﮅاﻳﻮ ﻫﻮ، ”ﭘﺮ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ۽ اﻳﺮان ﺟﻲ وچ ۾ ﻫﻔﺘﻲ ۾ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻓﻼﺋﻴﭧ آﻫﻲ ان ﻛﺮي ﻳﺎ ﻫﻔﺘﻮ رﻫﻲ‬
‫ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﻳﺎ ﭔﻪ ﻫﻔﺘﺎ. ان ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﻫﻔﺘﻮ ﺻﺤﻴﺢ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﻳﺮان ﮀﮇڻ وﻗﺖ ﺗﺸﻨﮕﻲ رﻫﻲ ﺑﺎﻗﻲ ﭔﻪ ﻫﻔﺘﺎ ﻓﻘﻂ‬
‫ﭔﻦ ﺷﻬﺮن ﻻ‪ ‬ﮔﻬﮣﺎ آﻫﻦ. اﻳﺘﺮن ڏﻳﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺑﻴﺰار ﭤﻴﻮ ﭘﻮي – ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ اﭼﮡ ﻣﻬﻞ ﻫﺮ ﻛﻮ اﻫﻮ ﺋﻲ ﭼﻮي ﭤﻮ ﺗﻪ‬
‫اﻫﮍﻳﻦ ﻣﺬﻫﺒﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﻣﻬﻴﻨﻮ ﺑﻪ ﮔﻬﭧ آﻫﻲ“ ﺑﻬﺮﺣﺎل ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ واﻧﺪﻛﺎﺋﻲ آﻫﻲ – ﻳﻌﻨﻲ واﭘﺲ وﻃﻦ ورڻ ﺟﻲ ﺟﻠﺪي‬
‫ﻧﺎﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ ڏﺳﮡ ۽ ﮔﻬﻤﮡ ﭰﺮڻ ﻻ‪ ‬ﮐﻮڙ ﺟﺎﻳﻮن ۽ ﮐﻮڙ ﺷﻬﺮ. اﻳﺮان ﺟﻲ اﻫﺎ ﺑﻪ ﺳﭡﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ آﻫﻲ ﺟﻮ زاﺋﺮﻳﻦ ﻳﺎ‬
‫ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﻻ‪ ‬ﺷﻬﺮن ﺟﻲ ﭘﺎﺑﻨﺪي ﻧﻪ ﻟﮙﺎﺋﻲ آﻫﻲ. ﮔﻬﭧ ۾ ﮔﻬﭧ اﭸﺎن ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺗﻪ ﻧﻪ ﻫﻨﺌﻲ آﻫﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ ۽‬
‫ﭤﺎﺋﻴﻠﻴﻨﮉ واﻧﮕﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﻠﻜﻦ ﺟﻲ وﻳﺰا ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ ۾ ﻛﻴﺘﺮا ﺑﻪ ڏﻳﻨﻬﻦ رﻫﻲ ﺳﮕﻬﻮ ﭤﺎ ﺟﻴﺴﻴﻦ وﻳﺰا ﺟﻮ‬
‫ﻋﺮﺻﻮ ﭘﻮرو ﭤﺌﻲ. اﻳﺮان ۾ رﻫﺎﺋﺶ ۽ ﮐﺎڌو ﺑﻪ ﻳﻮرپ ﺗﻪ ﮀﺎ ﭘﺮ ﻛﻴﺘﺮن ﺋﻲ ﻋﺮب ۽ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻜﻦ ﮐﺎن ﺳﺴﺘﻮ ۽‬
‫ﻫﺎﺋﺠﻨﻚ آﻫﻲ. اﻣﻦ و اﻣﺎن ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻪ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﺻﻮرت ۾ ﻫﻚ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﺳﻜﻮن ﺳﺎن ﮔﻬﻤﻲ ﭰﺮي ﺳﮕﻬﻲ ﭤﻮ‬
‫۽ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ، ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﻋﻤﺎرﺗﻦ، ﺑﺎغ ﺑﺎﻏﻴﭽﻦ، ادب، ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﺛﻘﺎﻓﺖ ﺟﻮ ﻣﻘﺎﺑﻠﻮ ﺗﻪ اﻧﮉﻳﺎ، ﭼﻴﻦ ۽ روم‬
‫ﺑﻪ ﻧﻪ ﻛﺮي ﺳﮕﻬﻲ. اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﻫﻚ ﺷﻬﺮ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ۽ ﺳﻮﻧﻬﻦ ﺳﻮﭜﻴﺎ ﮐﺎن ﻣﺎﻻ ﻣﺎل آﻫﻲ. اﺻﻔﻬﺎن ﻛﻮ ﺗﻬﺮان‬
‫ﮐﺎن ﭘﺮي ﻧﺎﻫﻲ. اﻳﺘﺮو آﻫﻲ ﺟﻴﺘﺮو ﻛﺮاﭼﻲ ﮐﺎن ﻧﻮاب ﺷﺎﻫﻪ، ۽ اﻳﺮان ﺟﺎ رﺳﺘﺎ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﺎ ۽ ﺑﺴﻴﻮن ﺗﻴﺰ رﻓﺘﺎر ۽ آراﻣﺪه‬
‫آﻫﻦ. ﭨﻦ ﭼﺌﻦ ﻛﻼﻛﻦ ۾ ﺗﻬﺮان ﮐﺎن اﺻﻔﻬﺎن ﭘﻬﭽﻴﻮ وﭸﺠﻲ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﺟﻲ ﭔﻦ ﭨﻦ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﻧﻜﺘﺎ‬
‫آﻫﻴﻮ ﺗﻪ ﻛﺠﻬﻪ ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﺷﻴﻮن، ﻫﺘﻲ آﺋﻮن ‪ Suggest‬ﻛﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﻨﺪس. اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﻛﺠﻬﻪ رﺳﺘﻦ ۽ ﭼﻮراﻫﻦ ﺗﻲ‬
‫ﭼﻜﺮ ﺿﺮور ڏﺟﻲ ﺟﻬﮍوڪ ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن اﺳﻜﺎﺋﺮ)ﺟﻴﻜﻮ ﺷﺎﻫﻪ اﺳﻜﺎﺋﺮ ﻳﺎ اﻣﺎم اﺳﻜﺎﺋﺮ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ(، ﻣﻴﺪان‬
 ‫ِ‬
‫ﻛﻬﻨﻪ )‪،(Old Square‬اﻳﺮان ۾ ﭼﻮراﻫﻲ )‪ (Square‬ﮐﻲ ﻣﻴﺪان ﭘﮡ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺪا‪ ‬اﺳﻜﺎﺋﺮ ” ﻣﻴﺪان‬
‫ِ‬
‫ﺷﻬﺪا‪ “‬ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮ ﺷﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﺎن اﺳﻜﺎﺋﺮ، ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮرڊ، ﭼﻬﺎر‬
    ‫ﺑﺎغ ﺧﺎﺟﺎﺋﻮ ﺑﻠﻴﻮرڊ وﻏﻴﺮه، ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻃﺎرق روڊ، زﻳﺒﻨﺴﺎ‪ ‬اﺳﭩﺮﻳﭧ، ﻛﻠﻔﭩﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڪ ﭨﺎور ۽ ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ آﻫﻦ.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺣﺎﻛﻢ رﻫﻴﺎ ۽ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﻣﺎﺿﻲ ﺟﺎ ﻗﻠﻌﺎ ۽ ﻣﺤﻞ ﻣﺤﻼﺗﻮن آﻫﻦ ﺟﻦ ﻣﺎن ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ‬
‫ﺷﺎﻫﻲ ﻣﺤﻞ ﺟﻴﻜﻮ ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ، ۰۵۶۱ ﺟﻮ ﭠﻬﻴﻞ ﺗﺎﻻر اﺷﺮف )ﻣﺤﻞ(، ۰۷۶۱ ﺟﻮ ﻫﺸﺖ ﺑﻬﺸﺖ )اﭠﻦ ﺑﻬﺸﺘﻦ‬
‫وارو ﻣﺤﻼت( ۽ ﭼﻴﻬﻞ ﺳﻮﺗﻮن )ﭼﺎﻟﻴﻬﻪ ﺗﻨﺒﻦ وارو ﻣﺤﻼت( ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻦ. اﺻﻔﻬﺎن ﻣﺪرﺳﻦ، ﻣﺴﺠﺪن، ﭘﺮاﮢﻦ ﮔﺮﺟﺎ‬
                              ‫ُ‬
‫ﮔﻬﺮن – وﻳﻨﺪي ﻳﻬﻮدﻳﻦ ﺟﻲ ﻋﺒﺎدت ﮔﻬﺮن )‪ (Synagogues‬ﮐﺎن ﭘﮡ ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﻣﻼ ﺟﺎﻗﻮب ﺟﻮ ﺳﻨﺎ ﮔﺎگ ۽ آرﻣﻴﻨﻲ‬
‫ﮔﺮﺟﺎ ﮔﻬﺮ اﻧﻬﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ آﻫﻲ. ﻣﺪرﺳﻦ ۾ ﺻﺪر ﻣﺪرﺳﻮ، ﻣﺪرﺳﮫ ﺷﺎﻫﻪ )ﺟﻴﻜﻮ اﻧﻘﻼب ﺑﻌﺪ ”اﻣﺎم ﺟﻌﻔﺮ ﺻﺎدق‬
‫ﻣﺪرﺳﻮ“ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ(ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا﷢ ﻣﺴﺠﺪ، اﺻﻔﻬﺎن ﺟﺎﻣﻊ ﻣﺴﺠﺪ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻣﺸﻬﻮر ﻋﻤﺎرﺗﻮن آﻫﻦ. ﭘﺎرﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﺑﺎﻫﻪ‬
‫ﺟﻮ ”آﺗﺶ ﮔﺎﻫﻪ“ ، ﭔﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮ اﺑﻮﺳﻴﻨﺎ ﮔﻨﺒﺬ، ﻧﻈﺎم اﻟﻤﻠﻚ ۽ ﻣﺎﻟﻚ ﺷﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﻣﻘﺒﺮا، ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﺎ ﻛﺒﻮﺗﺮ‬
                                                  ‫ﮔﻬﺮ ۽ ﻣﻴﻨﺎر ﺟﺎﻧﺒﺎن ﭘﮡ ﻟﻨﮕﻬﻨﺪي ﺳﺎرو ﺿﺮور ڏﺳﺠﻦ.‬
                                                                                      ‫ِ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ﺟﻮ ﺑﻪ ﺷﻬﺮ آﻫﻲ ۽ ﺗﻮﻫﺎن ﮐﻲ ﻫﻚ ﻛﻨﮉ ﮐﺎن ﭔﻲ ﻛﻨﮉ ﺗﺎﺋﻴﻦ وﻳﻨﺪي ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﺳﻜﻮل ۽‬
‫ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻧﻈﺮ اﻳﻨﺪا. ﻣﻴﮉﻳﻜﻞ ﺳﺎﺋﻨﺴﺰ ﺟﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ، ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف اﺻﻔﻬﺎن، اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف‬
‫آرﭨﺲ، اﺻﻔﻬﺎن ﻳﻮﻧﻴﻮرﺳﭩﻲ آف ﭨﻴﻜﻨﺎﻻﺟﻲ ﺟﻬﮍن ﺗﻌﻠﻴﻤﻲ ادارن ۾ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﭘﺮ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن، آذرﺑﺎﺋﻴﺠﺎن،‬
‫آرﻣﻴﻨﻴﺎ، ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺟﻬﮍن ﭜﺮ وارن ﻣﻠﻜﻦ ﺟﺎ ﺑﻪ ﺷﺎﮔﺮد ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﺎدري زﺑﺎن ﻓﺎرﺳﻲ آﻫﻲ ۽ اﻫﻲ ﻣﻠﻚ‬
                                                         ‫ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ اﻳﺮان ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﺌﺎ.‬
‫ﻫﺘﻲ اﻫﻮ ﺑﻪ ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ”اﺻﻔﻬﺎن“ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﭨﻴﻬﻦ ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ آﻫﻲ‬
‫ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﮔﺎدي ﺟﻮ ﻫﻨﮅ اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ آﻫﻲ. ﺟﻴﺌﻦ ﻧﻴﻮﻳﺎرڪ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﺟﻲ ﭘﻨﺠﺎﻫﻪ رﻳﺎﺳﺖ ﻣﺎن ﻫﻚ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ‬
                              ‫آﻫﻲ ﺗﻪ وڏي ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﭘﮡ. ﭘﺮ ﻧﻴﻮ ﻳﺎرڪ رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻮ ﮔﺎدي وارو ﺷﻬﺮ اﻟﺒﺎﻧﻲ آﻫﻲ.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن رﻳﺎﺳﺖ ﺟﻲ ﭘﮑﻴﮍ ﻫﻚ ﻟﮏ ڏﻫﻪ ﻫﺰار ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﻨﮕﻼدﻳﺶ ﻣﻠﻚ ﮐﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﻧﻨﮃو آﻫﻲ‬
                            ‫)ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ اﻳﺮاﺿﻲ ۰۰۰۴۴۱ ﭼﻮرس ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ آﻫﻲ ۽ ﺳﻨﮅ ﺟﻲ ۰۰۰۱۴۱ آﻫﻲ(.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن، ﺧﺮاﺳﺎن، ﻛﺮﻣﺎن، ﻳﺰد، ﻓﺎرس، ﺳﻴﻤﻨﺎن، ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن، ﺣﻮرﻣﻮزﮔﺎن، ﺣﺰﻳﺴﺘﺎن ۽ اوﭜﺮ ازﺑﻜﺴﺘﺎن‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ وڏن ﺻﻮﺑﻦ ﻣﺎن آﻫﻦ. اﻳﺮان ﺟﺎ ﻛﺠﻬﻪ ﺻﻮﺑﺎ اﻫﮍا آﻫﻦ ﺟﻴﻜﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﻪ ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﭔﻪ ﻣﻼﺋﻲ ﻫﻚ ﻛﻴﺎ وﻳﺎ‬
‫آﻫﻦ ﺟﻴﺌﻦ ﺗﻪ ﻣﭥﻲ ﭔﮅاﻳﻞ ﺳﻴﺴﺘﺎن ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح ﻛﻮه ﮔﻠﻮﻳﮫ ۽ ﺑﻮﻳﺎ اﺣﻤﺪ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ‬
‫آﻫﻲ. ﭼﺎر ﻣﺤﻞ ۽ ﺑﺨﺘﻴﺎري ﭘﮡ ﻫﻚ ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻚ ﭔﻲ ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ وڏن ﺻﻮﺑﻦ ﮐﻲ اﻧﺘﻈﺎﻣﻴﺎ‬
‫ﺧﻴﺎل ﮐﺎن ﭔﻦ ﻳﺎ ﭨﻦ ﺻﻮﺑﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﮐﻲ وﻳﺠﻬﮍاﺋﻲ ۾ ﭨﻦ ﺣﺼﻦ ۾ ورﻫﺎﻳﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. ﺷﻤﺎل‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن، رﺿﻮي ﺧﺮاﺳﺎن ۽ ﺟﻨﻮب ﺧﺮاﺳﺎن. ﺷﻤﺎل ۽ ﺟﻨﻮب ﻓﺎرﺳﻲ ﻟﻔﻆ آﻫﻦ ﺟﻦ ﺟﻲ ﻣﻌﻨﻲ آﻫﻲ اﺗﺮ ۽ ڏﮐﮡ. رﺿﻮي‬
                      ‫ٰ‬
‫ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ اﻫﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﻛﺮي رﮐﻴﻮ وﻳﻮ آﻫﻲ. دراﺻﻞ اﻳﺮان ﺟﻲ اﻧﻬﻦ ﭨﻦ ﺧﺮاﺳﺎن ﺻﻮﺑﻦ‬
‫ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ وڏو ﺣﺼﻮ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎن، ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﺗﺮﻛﻤﻨﺴﺘﺎن ۾ ﺑﻪ اﭼﻲ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﺳﻤﻮرو‬
‫ﺻﺪﻳﻦ ﺗﺎﺋﻴﻦ اﻳﺮان ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ ۽ ﻣﭥﺲ اﻳﺮاﻧﻲ ﺣﺎﻛﻤﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﺌﻲ. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﺣﺼﻮ‬
‫ازﺑﻜﺴﺘﺎن آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﺎ ﭔﻪ ﺻﻮﺑﺎ ﻣﺸﺮق ازﺑﻜﺴﺘﺎن ۽ ﻣﻐﺮب ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﭠﺎﻫﻴﺎ وﻳﺎ آﻫﻦ. ﺧﺮاﺳﺎن واﻧﮕﺮ‬
‫ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﺻﻮﺑﻲ ﺟﺎ ﻫﻲ ﭔﺌﻲ ﺣﺼﺎ ۽ ﭜﺮ وارو ﻣﻠﻚ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﻫﻚ ﺋﻲ ﺻﻮﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻴﻜﻮ ﭘﮡ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ‬
‫ﺟﻮ ﺣﺼﻮ ﻫﻮ. اڄ ازﺑﻜﺴﺘﺎن ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ ﺣﺼﻲ ۾ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ ۽ ﭘﮍﻫﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﺌﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ )‪ (USA‬ﺟﻲ‬
‫ڏاﮐﮣﻴﻦ رﻳﺎﺳﺘﻦ؛ ﭨﻴﻜﺴﺎز، ﻟﻮزﻳﺎﻧﺎ ۽ ﻧﻴﻮ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ رﻳﺎﺳﺖ ۾ ﻣﻴﻜﺴﻴﻜﻮ ﻣﻠﻚ )ﺟﻴﻜﻮ ﻫﻴﭟ ڏﮐﮡ ۾ آﻫﻲ ۽‬
                                               ‫ﻛﺎﻣﻦ ﺑﺎرڊر ﭠﺎﻫﻲ ﭤﻮ( ﺟﻲ اﺳﭙﻴﻨﻲ زﺑﺎن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻲ وﭸﻲ ﭤﻲ.‬
‫اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ اﺗﺮ ۾ ﺳﻴﻤﻨﺎن، ﻗﻢ ۽ ﻣﺮﻛﺰي ﺻﻮﺑﺎ آﻫﻦ. ڏﮐﮡ ۾ ﻓﺎرس آﻫﻲ. اوﭜﺮ ۾ ﻳﺰد ۽ اوﻟﻬﻪ ۾‬
‫ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﺻﻮﺑﻮ آﻫﻲ. اﻳﺮان ۾ ﺟﻴﻜﺎ ﺳﭛ ﮐﺎن ﭘﺮاﮢﻲ ﻣﺴﺠﺪ آﻫﻲ اﻫﺎ ﺳﻠﺠﻮق دور ﺟﻲ ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ‬
‫ﺷﻬﺮ ”ﻧﻴﻦ“ ۾ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻲ ﻣﺴﺠﺪ ”ﻣﺴﺠﺪ آﻏﺎ ﺑﺰرگ“ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻛﺎﺷﺎن ﺷﻬﺮ ۾ آﻫﻲ.اﺻﻔﻬﺎن‬
‫واﻧﮕﺮ ﻫﻦ ﺟﻮ ﭘﺎڙﻳﺴﺮي ﻛﺎﺷﺎن ﭘﮡ ﺟﻬﻮﻧﻲ ﺛﻘﺎﻓﺖ، ﻛﻠﭽﺮ ۽ ﻋﻤﺎرﺗﺴﺎزي ﮐﺎن ﻣﺸﻬﻮر آﻫﻲ. ﺻﻔﻮي دور ۾ اﺻﻔﻬﺎن‬
‫ﮔﺎدي ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﻛﺎﺷﺎن آرام ۽ ﻣﻮﻛﻠﻮن ﮔﺬارڻ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﻫﻮ. ﺟﻴﺌﻦ اﻧﮕﺮﻳﺰ ﻻ‪ ‬ﻛﻮه ﻣﺮي ۽ ﺷﻤﻠﻪ ﻫﺌﺎ. اﻧﮕﺮﻳﺰ‬
                                               ‫ﻛﺠﻬﻪ ﺳﺎل ﭔﻴﺎ ﻫﺠﻦ ﻫﺎ ﺗﻪ ﺳﻨﮅ ۾ ﮔﻮرک ﻫﻞ ﺑﻪ ﭠﺎﻫﻲ وﭸﻦ ﻫﺎ.‬
‫اﻳﺮان ۾ ﻣﺴﻠﻤﺎﻧﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﺷﺮوع ﭤﻴﮡ ﮐﺎن اڳ ﺳﻮا ﭼﺎر ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﺳﺎﺳﺎﻧﻴﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ رﻫﻲ. ﺳﺎﺳﺎﻧﻲ آﺗﺶ‬
‫ﭘﺮﺳﺖ ﻳﻌﻨﻲ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﭘﻮﭴﺎري ﻫﺌﺎ. ﺳﻨﺪن ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﺑﺎﻫﻪ ﺟﺎ ﻣﻨﺪر ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ آﻫﻦ. ﺧﺎص ﻛﺮي ﻫﻦ‬
‫ﺻﻮﺑﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻬﺮ اﺑﻴﺎﻧﻴﺞ ۾. ﻫﻦ ﺻﻮﺑﻲ ۾ اﻳﺮاﻧﻴﻦ ﮐﺎن ﻋﻼوه ﺑﺨﺘﻴﺎري، ﺟﺎرﺟﻴﻦ، آرﻣﻴﻨﻴﻦ، ﻗﺎﺷﻘﻴﻦ ﺑﻪ رﻫﻦ ﭤﺎ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﻛﻨﻬﻦ زﻣﺎﻧﻲ ۾ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻣﻠﻜﻦ ۽ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﮐﺎن ﻫﺘﻲ آﻳﺎ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﻓﺎرﺳﻲ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﺌﻦ‬
‫اﺳﺎن وٽ ﭨﻨﮉي ﭠﻮڙﻫﻲ ۾ ‪ Settle‬ﭤﻴﻞ ﻣﺮﺣﻮم ﻣﺮزا ﻗﻠﻴﭻ ﺑﻴﮓ ۽ رﻳﮉﻳﻮ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن وارو ﻧﺼﻴﺮ ﻣﺮزا وﻏﻴﺮه ﺟﺎرﺟﻴﻦ آﻫﻦ‬
‫ﺟﻴﻜﻲ ﮔﻬﮣﻮ اڳ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ﮐﺎن ﻟﮇي ﻫﺘﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﻫﺎڻ ﻫﻮ ﻫﺘﻲ ﺟﻮن ﻣﻜﺎﻧﻲ زﺑﺎﻧﻮن ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ‬
‫ﭤﺎ. ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ رﻫﻨﺪڙ اﻫﻲ ﺳﭛ ﻣﺮزا )ﺟﺎرﺟﻴﻦ( ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن آﻫﻦ، ﺳﻨﺪن وڏن ﺟﺎ ﭔﻴﺎ ﻣﺎﺋﭧ ﺟﻴﻜﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺑﻤﺒﺌﻲ‬
‫۾ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ۽ ﻛﻲ ﺗﻪ وﻳﻬﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻲ ﺷﺮوﻋﺎت ۾ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺑﻪ ﻟﮇي وﻳﺎ اﻧﻬﻦ ۾ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺑﻪ آﻫﻦ. ﺗﻴﺌﻦ ﻫﺘﻲ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺻﻮﺑﻲ ۾ ﺟﺎرﺟﻴﺎ ۽ آرﻣﻴﻨﺎ ﺟﺎ ‪ Settlers‬ﺷﻴﻌﺎ ﻣﺴﻠﻤﺎن ﺑﻪ آﻫﻦ ﺗﻪ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ ﺑﻪ ۽ ﻛﺠﻬﻪ ﻳﻬﻮدي ﭘﮡ آﻫﻦ ﭘﺮ ﮘﺎﻟﻬﺎﺋﻴﻦ‬
                                    ‫ﻓﺎرﺳﻲ ﭤﺎ ۽ ﻣﻼﺋﻴﺸﻴﺎ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭘﮡ اﻣﻦ اﻣﺎن ۽ ﺳﻜﻮن ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ.‬
‫ﻣﺴﺠﺪن ﺟﻮ اﺣﻮال ﻟﮑﻨﺪي ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا﷢ ﻣﺴﺠﺪ ﺑﺎﺑﺖ ﻟﮑﮡ رﻫﺠﻲ وﻳﻮ. ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس اول ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻲ ﻣﺴﺠﺪ‬
‫۲۰۶۱ ﮐﺎن ۹۱۶۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭠﻬﻲ ۽ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ وچ ﺷﻬﺮ ۾ ﻣﻴﺪان ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ﺟﻲ اﭜﺮﻧﺪي ﻃﺮف آﻫﻲ. ﻫﻲ‪ ‬ﻣﺴﺠﺪ اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻋﻤﺎرت ﺳﺎز )آرﻛﻴﭩﻴﻚ( ﻣﺤﻤﺪ رﺿﺎ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ‪ ‬ﭠﺎﻫﻲ. وڏي ﮔﻨﺒﺬ )اﭨﻜﻞ ﭔﺎرﻫﻦ ﻣﻴﭩﺮن ﺟﻲ ڊاﺋﻴﺎﻣﻴﭩﺮ(‬
‫واري ﻫﻲ‪ ‬ﻣﺴﺠﺪ ﺑﻨﺎوٽ ۽ ﻧﻘﺶ ﻧﮕﺎرﻳﻦ ﺟﻮ ﻣﺎﺳﭩﺮ ﭘﻴﺲ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ دﻳﻦ ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا﷢ ﺟﻲ‬
‫ﻧﺎﻟﻲ آﻫﻲ. ﺷﻴﺦ ﻟﻄﻒ ا﷢ اڄ ﺟﻲ ﻟﺒﻨﺎن واري ﻋﻼﺋﻘﻲ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ ﺟﺘﺎن ﻫﻦ ﮐﻲ اﺻﻔﻬﺎن ۾ اﭼﻲ ﺗﻌﻠﻴﻢ ۽‬
‫ﺗﺪرﻳﺲ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻤﻦ ﮔﻬﺮاﻳﻮ ﻫﻮ. ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ﺻﻔﻮي ﮔﻬﺮاﮢﻲ ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﻣﺤﻼﺗﻦ ﺟﻮ داﺧﻼ‬
‫وارو ﺣﺼﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﻮ ﻣﻴﺪان ﻧﻘﺶ ﺟﻬﺎن ﮐﺎن وﭠﻲ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ ﺗﺎﺋﻴﻦ آﻫﻲ. ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ﮀﻬﻦ ﻣﺎڙﻳﻦ ﺟﻲ ڏﻳﮉ‬
                                                                    ‫ِ‬
‫ﺳﺌﻮ ﻓﭧ اﺗﺎﻫﻴﻦ ﻣﺴﺘﻄﻴﻞ ﻋﻤﺎرت آﻫﻲ. ﻫﻲ اﻫﻮ ﻫﻨﮅ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس – ﺻﻔﻮي ﺣﺎﻛﻢ ﺳﻦ ۷۹۵۱‬
‫)ﻫﺠﺮي ﺳﻦ ۶۰۰۱( ۾ ﭘﻬﺮﻳﻮن دﻓﻌﻮ ﻧﻮروز )ﻧﺌﻴﻦ ﺳﺎل ﺟﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ ( ﻣﻠﻬﺎﻳﻮ. ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻫﻚ‬
                           ‫ﭼﺘﺮﻛﺎر رﺿﺎ ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺗﺼﻮﻳﺮون، ﻋﻠﻲ ﻗﺎﭘﻮح ۾ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن.‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﺎﻫﺮاﻫﻪ ﭼﻬﺎرﺑﺎغ ﻻ‪ ‬اﻳﺘﺮو ﻟﮑﻨﺪو ﻫﻼن ﺗﻪ ﻫﻲ ﺻﻔﻮي دور ﺟﻮ آﻫﻲ ﻳﻌﻨﻲ اڄ ﮐﺎن ﭨﻲ ﭼﺎر ﺳﺌﻮ‬
                                                                             ‫ِ‬
‫ﺳﺎل ﭘﺮاﮢﻮ رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ اڄ ﺑﻪ ﻫﻴﮇو ﺷﺎن آﻫﻲ ﺗﻪ ان وﻗﺖ ﮀﺎ ﻫﻮﻧﺪو ﺟﻴﺌﻦ اڄ ﺟﻮ اﻳﻢ اي ﺟﻨﺎح روڊ )ﺑﻨﺪر‬
‫روڊ( ﺳﻌﻴﺪ ﻣﻨﺰل ﮐﺎن ﺑﻮﻟﭩﻦ ﻣﺎرﻛﻴﭧ ﺗﺎﺋﻴﻦ، اڄ ﺑﻪ وﻳﻜﺮو ۽ ﺷﺎﻧﺪار رﺳﺘﻮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ، اﻫﻮ ﺳﺌﻮ ﺳﺎل ﮐﻦ اڳ‬
‫ﮀﺎ ﺑﻠﻲ ﺑﻠﻲ ﻫﻮﻧﺪو. اﻫﮍي ﻃﺮح اﺻﻔﻬﺎن ﺷﻬﺮ ﺟﻮ ﻫﻲ ﭼﻬﺎر ﺑﺎغ ﺑﻠﻴﻮارڊ اڄ ﮐﺎن ۰۵۳ ﺳﺎل اڳ ﭠﻬﮡ وﻗﺖ اﻳﮇو ﺗﻪ دﻧﻴﺎ‬
‫۾ ﻣﺸﻬﻮر ﭤﻴﻮ ﺟﻮ ﻓﺮاﻧﺲ وارن ﻫﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﺎڪ ﭔﮅي ان ﺑﻌﺪ ان ﻃﺮز ﺟﻮ ﭘﺌﺮس ﺟﻮ ﻣﺸﻬﻮر ‪Champs – Elysees‬‬
‫ﭠﻬﺮاﻳﻮ. اﺋﻴﻦ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻮن ﭔﻴﻮن ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﺷﻴﻮن ڏﺳﮡ ﻻ‪ ‬ﻳﻮرپ ۽ اﻧﮕﻠﻴﻨﮉ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺻﻔﻬﺎن آﻳﺎ ﭤﻲ. ﺳﻮ‬
‫اﺻﻔﻬﺎن ﺟﻲ ﺟﺎﻳﻦ ﺟﮙﻬﻴﻦ ۽ اﺗﻲ رﻫﻨﺪڙ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﺟﻮ ﺳﭵﻲ دﻧﻴﺎ ۾ ﻧﺎﻟﻮ ﻫﻮ. ۳۶۹۱ ۾ ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺌﺮﻳﻦ اﻧﺠﻨﻴﺌﺮﻧﮓ ﺟﻲ‬
‫ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﭼﭩﮕﺎﻧﮓ ۾ داﺧﻼ ورﺗﻲ ﻫﺌﻲ ﺗﻪ اﺗﻲ ” اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ“ ﻣﺸﻬﻮر ﻫﻮﻧﺪي ﻫﺌﻲ. ان وﻗﺖ آﺋﻮن‬
‫اﻫﻮ ﺋﻲ ﺳﻤﺠﻬﻨﺪو ﻫﻮس ﺗﻪ ” اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ“ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ آﻫﻲ. ﮔﻬﮣﻮ ﮔﻬﮣﻮ ﭘﻮ‪ ‬ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺗﻲ ﻧﺎﻟﻮ ان‬
‫ﺟﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﻣﺎﻟﻚ اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ‪ ‬ﺗﺎن ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. دراﺻﻞ ان ﻣﺎﻟﻚ ﺟﻲ ﺑﻪ اﻫﺎ ”ذات“ ﻫﺌﻲ ﺳﻨﺪس ﻧﺎﻟﻮ ﭔﻴﻮ ﻫﻮ ۽ ﻫﻮ‬
‫اﺻﻔﻬﺎﻧﻲ ان ﻛﺮي ﺳﮇﺑﻮ ﻫﻮ ﺟﻮ ﻫﻦ ﺟﺎ وڏا اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻬﺮ اﺻﻔﻬﺎن ﮐﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﻟﮇي آﻳﺎ. اﻫﮍي ﻃﺮح اﻳﺮان ﺟﻲ‬
‫ﭔﻴﻦ ﺑﻪ ﻛﻴﺘﺮن ﺷﻬﺮن ۽ ﺻﻮﺑﻦ ﺟﺎ ﻣﺎﮢﻬﻮ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺗﻮڙي ﭔﻴﻦ ﻣﻠﻜﻦ ۾ رﻫﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ ﺷﻴﺮازي، ﻳﺰداﻧﻲ، ﻛﺮﻣﺎﻧﻲ،‬
‫ﺣﻤﺪاﻧﻲ، زاﻫﺪاﻧﻲ، ﺗﺒﺮﻳﺰي، ﻛﺎﺷﺎﻧﻲ، ﺳﺒﺰواري، ﻣﺸﻬﺪي، زﻧﺠﺎﻧﻲ، ﺳﺮﺟﺎﻧﻲ ﺳﮇﺟﻦ ﭤﺎ ﺟﻴﻜﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻦ ﻳﺰد‬
‫، ﻛﺮﻣﺎن، ﺣﻤﺪان، ﺗﺒﺮﻳﺰ، زﻧﺠﺎن ۽ ﺷﻬﺮن ﺷﻴﺮاز، ﻛﺎﺷﺎن، ﺳﺒﺰوار، ﻣﺸﻬﺪ ۽ ﺳﺮﺟﺎن وﻏﻴﺮه ﮐﺎن آﻳﺎ آﻫﻦ. ﺟﻴﺌﻦ‬
‫ﭘﺎرس ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﮔﺠﺮات، ﺑﻤﺒﺌﻲ ۽ ﻛﺮاﭼﻲ ۾ ﻟﮇي آﻳﻞ آﺗﺶ ﭘﺮﺳﺖ )زورﺳﭩﺮن( ”ﭘﺎرﺳﻲ“ ﺳﮇاﺋﻴﻦ ﭤﺎ، ﺧﻤﻴﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ‬
‫روح ا﷢ اﻣﺎم ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ. ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺳﻤﺠﻬﻦ ﭤﺎ ﺗﻪ اﻳﺮان ۾ اﺳﻼﻣﻲ اﻧﻘﻼب آﮢﻴﻨﺪڙ ﺟﻮ ﺧﻤﻴﻨﻲ ﻟﻘﺐ‬
‫ﻳﺎ ﻣﺬﻫﺒﻲ درﺟﻮ آﻫﻲ ﭘﺮ دراﺻﻞ ” آﻳﺖ ا﷢“ ۽ ان ﮐﺎن ﻣﭥﻲ ”اﻣﺎم “ ﻣﺬﻫﺒﻲ رﺗﺒﻮ آﻫﻲ. ﺧﻤﻴﻨﻲ ” ﺧﻤﻴﻦ“ ﺷﻬﺮ ﺟﻮ‬
                             ‫رﻫﺎﻛﻮ ﻫﺠﮡ ﻛﺮي ﻫﻦ ﺟﻲ ﺳﭹﺎﮢﭗ ﻳﺎ ﮐﮣﻲ ﭼﺌﺠﻲ ﺗﻪ ذات ﺧﺎﻃﺮ ﺳﮇﻳﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ.‬
                                       ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ آﺳﭙﺎس‬

‫رات ﺟﻮ ﻣﺎﻧﻲ ﺗﻲ اﺳﺎن ﮐﻲ اﻳﺮان ﮔﻬﻤﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬وﭠﻲ اﻳﻨﺪڙ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ رﺿﻮي ۽ ﺳﻠﻤﺎن ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﻨﻦ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ ﭨﺮﻳﻮل‬
‫اﻳﺠﻨﺴﻲ ﻃﺮﻓﺎن ﻟﮕﺰري ﺑﺲ ﺟﻮ اﻧﺘﻈﺎم ﻛﻴﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ اﺳﺎﻧﮑﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اوس ﭘﺎس ﺟﻮن‬
                                                                            ‫زﻳﺎرﺗﻮن ﻫﻠﻲ ڏﻳﮑﺎرﻳﻨﺪي.‬
‫دراﺻﻞ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺗﻮڙي آﺳﭙﺎس ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ دروﻳﺶ، ﻓﻘﻴﺮ ، اوﻟﻴﺎ‪ ،‬ﺷﺎﻋﺮ ادﻳﺐ ۽ ﺳﻴﺎﺳﺘﺪان دﻓﻦ‬
‫ﭤﻴﻞ آﻫﻦ، ﺟﻴﻜﻲ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ ﺷﻬﻴﺪ اﻋﻈﻢ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ آﺧﺮي آرﻣﮕﺎﻫﻪ ﻛﺮي ﻫﺘﻲ اﭼﻲ رﻫﻴﺎ ﻳﺎ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ‬
‫وﺻﻴﺖ ﻣﻮﺟﺐ ﺳﻨﺪن وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﮐﻴﻦ ﻫﺘﻲ دﻓﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﺘﻲ اﭼﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮔﺎﺋﻴﮉ ﮐﺎن ﺧﺒﺮ ﭘﻴﺌﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﺷﻬﺮ‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۾، اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮن ﭔﻪ اﻫﻢ ﺷﺨﺼﻴﺘﻮن اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا ۽ راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﭘﮡ دﻓﻦ ﭤﻴﻞ آﻫﻦ.‬
‫اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا اﺳﺎﻧﺠﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻮ آﺧﺮي ﮔﻮرﻧﺮ ﺟﻨﺮل ﻫﻮ. آﻛﭩﻮﺑﺮ ۵۵۹۱ ﮐﺎن ﻣﺎرچ ۶۵۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ۽ ان ﺑﻌﺪ آﻛﭩﻮﺑﺮ‬
‫۸۵۹۱ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﺻﺪر ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ﭘﺎڻ ﺑﻨﮕﺎل ﺟﻲ ﺷﻬﺮ ﻣﺮﺷﺪ آﺑﺎد ۾ ۹۹۸۱۾ ﭴﺎﺋﻮ ۽ ﺑﻤﺒﺌﻲ ۾ وڏو ﭤﻴﻮ. اﺗﻲ ﺟﻲ اﻳﻠﻔﻨﺴﭩﻦ‬
‫ﻛﺎﻟﻴﺞ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮڻ ﺑﻌﺪ اﻧﮕﻠﻨﮉ ﺟﻲ ﻣﺸﻬﻮر ﻓﻮﺟﻲ اﻛﻴﮉﻣﻲ راﻳﻞ ﻣﻠﻴﭩﺮي اﻛﻴﮉﻣﻲ ﺳﺌﻨﮉﻫﺮﺳﭧ ﻣﺎن‬
‫ﮔﺮﺋﻴﺠﻮﺋﻴﺸﻦ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﭘﺎڻ ﻧﻨﮃي ﮐﻨﮉ ﻣﺎن ﭘﻬﺮﻳﻮن ﮀﻮﻛﺮو ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ اﺗﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﺮي ۰۲۹۱ ۾ ﺑﺮﭨﺶ اﻧﮉﻳﻦ‬
‫آرﻣﻲ ۾ آﻓﻴﺴﺮ ﭤﻴﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل اﺳﻜﻨﺪر ﻣﺮزا زﻧﺪﮔﻲ ﺟﺎ آﺧﺮي ڏﻳﻨﻬﻦ ﻟﻨﮉن ۾ ﻣﻠﻚ ﺑﺪر ﺟﻲ ﺣﻴﺜﻴﺖ ۾ ﮔﺬارﻳﺎ. ﺳﺘﺮ‬
‫ﺳﺎﻟﻦ ﺟﻲ ﭴﻤﺎر ۾ ﺟﮇﻫﻦ ۹۶۹۱ ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ ﺗﻪ ﻳﺤﻲ ﺧﺎن ﺟﻲ ﻓﻮﺟﻲ ﺣﻜﻮﻣﺖ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﮍﻫﻪ ﮐﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ وﻃﻦ ۾‬
                                                     ‫ٰ‬
‫دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﮐﺎن اﻧﻜﺎر ﻛﻴﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ ﺗﻬﺮان ﻣﻮﻛﻠﻴﻮ وﻳﻮ ﺟﺘﻲ ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻪ اﻳﺮان ان ﮐﻲ وڏي ﺷﺎن‬
                           ‫ﺷﻮﻛﺖ ﺳﺎن ﺟﻨﺮل زاﻫﺪي )اﻳﺮان ﺟﻲ اﮘﻮﮢﻲ وزﻳﺮاﻋﻈﻢ ( ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ دﻓﻦ ﻛﻴﻮ وﻳﻮ.‬
‫راﺟﺎ اﻣﻴﺮ اﺣﻤﺪ ﺧﺎن آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﺟﻴﻜﻮ ” راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد “ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺳﺎن وڌﻳﻚ ﭴﺎﺗﻮ ﺳﭹﺎﺗﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ‬
‫۽ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﻛﺮاﭼﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﺑﺴﺘﻲ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد آﻫﻲ ﺟﻴﻜﺎ ڊﻓﻴﻨﺲ ﺳﻮﺳﺎﺋﭩﻲ ﮐﺎن وﭠﻲ ﭼﻨﻴﺴﺮ ﮘﻮٺ ﺳﺎن وﭸﻲ‬
‫ﻟﮙﻲ ﭤﻲ. راﺟﺎ ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﻗﺎﺋﺪ اﻋﻈﻢ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح ﺟﻮ ﺗﻤﺎم ﺳﭡﻮ دوﺳﺖ ۽ ﺳﺎﭤﻲ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ۴۱۹۱ ۾ ﭴﺎﺋﻮ، ﻟﮑﻨﻮ ۽‬
‫ﭘﻮ‪ ‬اﻧﮕﻠﻨﮉ ﻣﺎن ﺗﻌﻠﻴﻢ ﺣﺎﺻﻞ ﻛﻴﺎﺋﻴﻦ. ﺳﻨﺪس واﻟﺪ ﻣﻬﺎراﺟﺎ ﺳﺮ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ )۱۳۹۱-۷۷۸۱( ﻳﻮﭘﻲ )اﻧﮉﻳﺎ ( ﺟﻮ وڏو‬
‫ﺟﺎﮔﻴﺮدار ۽ اﻣﻴﺮ ﻣﺎﮢﻬﻮ ۽ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺟﻨﺎح ﺟﻮ اﻋﺘﺒﺎر ﺟﻮﮘﻮ دوﺳﺖ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ﺑﻌﺪ ﺳﭵﻲ ﻣﻠﻴﻜﺖ ﺟﻮ وارث‬
‫راﺟﺎ آف ﻣﺤﻤﻮد آﺑﺎد ﭤﻴﻮ. راﺟﺎ ﺻﺎﺣﺐ ﭘﮡ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭘﻲ‪ ‬واﻧﮕﺮ ﻣﺴﻠﻢ ﻟﻴﮓ ﺟﻲ وڏي ﺧﺪﻣﺖ ﻛﺌﻲ ۽ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﺗﺤﺮﻳﻚ‬
‫۾ ﭜﺮﭘﻮر ﺣﺼﻮر ورﺗﻮ. ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ‪ ‬ﭘﺎڻ ﻣﺴﻠﻢ ﻟﻴﮓ ﺟﻮ ﺧﺰاﻧﭽﻲ ﺑﻪ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎن آﻳﻮ‬
‫ﭘﺮ ﻫﻮ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﺳﻴﺎﺳﻲ ﺣﺎﻟﺘﻦ ﺟﻮ رخ ڏﺳﻲ ﻣﺎﻳﻮس ﭤﻲ وﻳﻮ ۽ ﻋﺮاق ﻫﻠﻴﻮ وﻳﻮ، ﺟﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻮ رﻫﮡ ﺑﻌﺪ زﻧﺪﮔﻲ‬
‫ﺟﺎ ﺑﺎﻗﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻟﻨﮉن ۾ ﮔﺬارﻳﺎﺋﻴﻦ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ﻛﺠﻬﻪ ﻋﺮﺻﻲ ﻻ‪ ‬اﺳﻼﻣﻲ ﻛﻠﭽﺮ ﺳﻴﻨﭩﺮ ﺟﻮ ڊﺋﺮﻳﻜﭩﺮ ﭘﮡ ﭤﻲ رﻫﻴﻮ. ۳۷۹۱‬
                           ‫۾ وﻓﺎت ﻛﺮڻ ﺗﻲ ﻫﻦ ﺟﻲ ﻻش ﮐﻲ دﻓﻦ ﻛﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻟﻨﮉن ﮐﺎن ﻫﻦ ﺷﻬﺮ ﻣﺸﻬﺪ ۾ آﻧﺪو وﻳﻮ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻲ اوس ﭘﺎس ﺟﻮن زﻳﺎرﺗﻮن ڏﻳﮑﺎرڻ ﻻ‪ ‬اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺑﺲ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ روﺿﻲ ﺟﻲ ﻣﻐﺮﺑﻲ ﺻﺪر دروازي‬
‫ﺟﻲ ﭜﺮﺳﺎن ﺧﻴﺎﺑﺎن ﺧﺴﺮوي ﺗﻲ اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻲ. ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺷﺮوﻋﺎت ﺳﭡﻲ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺟﻮ ﺻﺒﺢ ﺳﺎڻ ﺑﺲ ﺟﻮ ﭼﺎﻻن ﭤﻲ وﻳﻮ ۽‬
‫ڏﻧﮉ ﺟﻲ ﺧﺎﻃﺮ ﺑﺲ ﺟﻲ ڊراﺋﻴﻮر ﮐﻲ – ﺟﻴﻜﻮ ﻇﺎﻫﺮ آﻫﻲ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﭨﺮﻳﻮل اﻳﺠﻨﺴﻲ اﻟﺤﺮﻣﻴﻦ وارن ﮐﻲ ﭜﺮﮢﻮ ﭘﻴﻮ.‬
                                      ‫ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﮐﻲ ﭼﻴﻢ ﺗﻪ اﺋﻴﻦ ڏﻧﮉ ﭜﺮڻ ﺑﻌﺪ ﭘﻮ‪ ‬ﻛﻤﺎﺋﻴﻨﺪا ﮀﺎ ﻫﻮﻧﺪاﺋﻮ؟‬
‫”اﺳﺎن ﻫﻦ ﭘﺎﺳﻲ )اﻳﺮان، ﻋﺮاق، ﺷﺎم وﻏﻴﺮه( ﺟﻲ زاﺋﺮﻳﻦ ﻣﺎن ﻛﮇﻫﻦ ﺑﻪ ﻛﻤﺎﺋﮡ ﺟﻮ ﻧﻪ ﺳﻮﭼﻴﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﺳﭵﻲ‬
‫‪ Struggle‬ﭘﻮﻳﺎن ﺧﺪﻣﺖ ﺟﻮ ﺟﺬﺑﻮ ﻫﻮﻧﺪو آﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ اﻫﺎ ﺋﻲ ﻛﻮﺷﺶ رﻫﻲ ﭤﻲ ﺗﻪ زاﺋﺮﻳﻦ ﮐﻲ ﺗﻜﻠﻴﻒ ﻧﻪ ﭘﻬﭽﻲ ۽‬
                                                        ‫ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﺧﻮش رﮐﻴﻮ وﭸﻲ“ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﭼﻴﻮ.‬
‫دراﺻﻞ رات ﺟﻮ ڊﻧﺮ ﺗﻲ ۽ ﺻﺒﺢ ﺟﻮ ﻧﻴﺮن ﺗﻲ ﻣﺤﻤﺪ ﻋﻠﻲ ﺗﻮڙي ﻫﻦ ﺟﻮ ﭜﺎ‪ ‬ﺳﻠﻤﺎن ۽ دوﺳﺖ ﻣﺴﺘﺎن ﺑﺎر ﺑﺎر اﺳﺎن ﮐﻲ‬
‫ﭔﮅاﺋﻴﻨﺪا رﻫﻴﺎ ﺗﻪ ﻣﻘﺮر ﻫﻨﮅ ﺗﻲ اﺳﺎن ﻫﺮ ﺻﻮرت ۾ ﺳﺎڍي اﭠﻴﻦ ﮐﺎن اڳ ﭘﻬﭽﻲ وﭸﻮن. ﺑﺲ ﭘﻮري ﺳﺎڍي اﭠﻴﻦ ﺑﺠﻲ ان‬
‫ﻫﻨﮅ ﺗﻲ ﭤﻮري ﻻ‪ ‬ﺑﻴﻬﻨﺪي ﺟﻮ اﺗﻲ ﭘﺎرﻛﻨﮓ ﺟﻲ اﺟﺎزت ﻧﺎﻫﻲ. اﺳﺎن ﺟﻲ ﮔﺮوپ ۾ ﮔﻬﮣﻴﻦ ﻋﻮرﺗﻦ ﻛﺮي ﻫﻨﻦ ﺑﺲ‬
                                 ‫ﮐﻲ اﻳﮇو وﻳﺠﻬﻮ ﮔﻬﺮاﻳﻮ آﻫﻲ ﺟﻴﺌﻦ اﺳﺎن وڏي ﭘﻨﮅ ﮐﺎن ﺑﭽﻲ وﭸﻮن ....‬
‫ﺑﻬﺮﺣﺎل ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺳﭝﻨﻲ ﮐﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﺠﻲ وﺋﻲ ﺗﻪ ” ﻋﻮرﺗﻮن ﻫﺎر ﺳﻴﻨﮕﺎر )ﻣﻴﻚ اپ( ۾ وﻗﺖ وﭸﺎﺋﮡ ﻛﺮي ﻫﺮ ﻫﻨﮅ دﻳﺮ‬
‫ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻦ ﭤﻴﻮن“ وارو اﻟﺰام ﻏﻠﻂ آﻫﻲ. ﻫﻮ ﺗﻪ ﺑﻨﺎ ﻣﻴﻚ اپ ﺟﻲ ﺑﻪ دﻳﺮ ﺳﺎن ﭘﻬﭽﻦ ﭤﻴﻮن، ﮀﻮ ﺟﻮ ان ڏﻳﻨﻬﻦ اﺳﺎن‬
‫ﻛﻨﻬﻦ ﺷﺎدي ﺟﻲ ﻓﻨﻜﺸﻦ ﻳﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﭔﻲ دﻋﻮت ۾ ﻧﻪ وﭸﻲ رﻫﻴﺎ ﻫﺌﺎﺳﻴﻦ ﺟﻮ ﻣﻴﻚ اپ ﻛﺮڻ ﺿﺮوري ﭤﺌﻲ ۽ ﭔﻲ‬
‫ﮘﺎﻟﻬﻪ ﺗﻪ ﻣﭥﻮ ڍﻛﮡ ۽ ڊﮔﻬﻲ ﭼﺎدر اوڍڻ ﻣﺎن اﻫﻮﺋﻲ ﺗﻪ ﻓﺎﺋﺪو آﻫﻲ ﺗﻪ ﭼﻮﭨﻴﻮن ۽ ﺗﻴﻞ ﭰﻠﻴﻞ ﻧﭥﺎ ﻛﺮﮢﺎ ﭘﻮن ۽ ﻧﻪ ﻛﭙﮍن‬
‫ﺟﻲ اﺳﺘﺮي ۽ ﭠﺎﻫﻪ ﺟﻮڙ ﻛﺮﮢﻲ ﭤﻲ ﭘﻮي. ﻫﺮ ﻋﻮرت ﮐﻲ ﻓﻘﻂ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﭼﻮڌاري وڏي ﭼﺎدر ﭰﻴﺮاﺋﻲ ﻫﻮﭨﻞ ﺟﻲ ﻛﻤﺮي‬
‫ﮐﺎن ﺑﺲ اﺳﭩﺎپ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮣﻮ ﻫﻮ ﭘﺮ اﻓﺴﻮس ﺟﻮ ﻫﻨﻦ ﮐﻲ ﭘﻨﺞ ﻳﺎ ڏﻫﻪ ﻣﻨﭧ ﻧﻪ ﭘﺮ اڌ ﻛﻼڪ ﻟﮙﻲ وﻳﻮ ۽ ﭨﺮﺋﻔﻚ‬
‫ﭘﻮﻟﻴﺲ وارو ﺑﺲ واري ﮐﻲ ﻫﻚ دﻓﻌﻮ وارﻧﻨﮓ ڏﻳﺌﻲ ﭔﺌﻲ دﻓﻌﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ ﮀﻬﻪ ﻫﺰار رﭘﻴﻦ ﺑﺮاﺑﺮ ﺟﻮ ڏﻧﮉ ﻫﮣﻲ ﺑﺲ‬
‫ﮐﻲ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﮡ ﺟﻮ آرڊر ﻛﻴﻮ. اﻫﺎ ﺑﻪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺧﺒﺮ ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﺎ ڊراﺋﻴﻮر ﭨﺮﺋﻔﻚ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮐﺎن‬
‫ﻛﻴﮇو ڊﭴﻦ ﭤﺎ ۽ اﻧﻬﻦ ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺟﻲ ﭘﻮﺋﻮاري ﻛﻦ ﭤﺎ. اﺳﺎن ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻴﻦ ﻣﺎن ﻛﺠﻬﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ واري ﮐﻲ ﻫﻦ دﻓﻌﻲ‬
‫ﮀﮇڻ ﻻ‪ ‬ﮔﻬﮣﻴﻮن ﺋﻲ ﻣﻨﭥﻮن ﻛﻴﻮن ﭘﺮ ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺟﻮ ﺣﻜﻢ ﻟﻮﻫﻪ ﺗﻲ ﻟﻴﻜﻮ ﻫﻮ. ﻫﻮ اﺳﺎن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻫﻠﻴﻮ ﺑﻪ‬
‫ﻛﻮﻧﻪ، ﺗﻪ ﺑﻪ اﺳﺎﻧﻮاري ڊراﺋﻴﻮر وﻳﺠﻬﻲ ﭤﺎﮢﻲ ﺗﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺑﺲ ﻫﻠﻲ ﺟﻤﻊ ﻛﺮاﺋﻲ ۽ اﺳﺎن ﻻ‪ ‬ﭔﻲ ﺑﺲ ﮔﻬﺮاﺋﻴﻦ ﺟﻨﻬﻦ‬
                ‫ﮐﻲ اﻳﻨﺪي اﻳﻨﺪي ﺳﺎڍا ﻧﻮ ﭤﻲ وﻳﺎ ۽ اﻫﺎ ﻫﻦ ﭘﻬﺮﻳﻦ واﻧﮕﺮ اﻳﺘﺮي آرام ده ۽ اﻳﺌﺮ ﻛﻨﮉﻳﺸﻨﮉ ﺑﻪ ﻧﻪ ﻫﺌﻲ.‬
‫اﺳﺎن ﮐﻲ ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ )ﺗﻮس ۽ ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﺗﺎﺋﻴﻦ( وﭠﻲ ﻫﻠﻴﺎ، ﺟﺘﻲ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ‬
‫ﻟﻬﻲ ﺑﺰرﮔﻦ، دروﻳﺸﻦ ۽ ا﷢ ﺟﻲ ﻧﻴﻚ ﭔﺎﻧﻬﻦ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻦ ﺗﻲ ﻓﺎﺗﺢ ۽ ﻗﻞ ﭘﮍﻫﻴﺎﺳﻴﻦ. ﻣﻨﺠﻬﻨﺪ ﺟﻲ ۽ رات ﺟﻲ‬
‫ﻣﺎﻧﻲ ﺑﻪ ﭔﺎﻫﺮ ﮐﺎﺋﮣﻲ ﭘﻴﺌﻲ ۽ رات ﺟﻮ ڏﻫﻴﻦ وﮘﻲ ڌاري واﭘﺲ ﻫﻮﭨﻞ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎﺳﻴﻦ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻛﻲ ﻛﻲ وڏا ﺷﻬﺮ ﺑﻪ‬
‫ڏﭠﺎﺳﻴﻦ ﺗﻪ ﻛﻲ ﻛﻲ ﮘﻮٺ ﺑﻪ ﺟﻴﻜﻲ ﻧﺎﻟﻦ ﺗﻮڙي ﻛﭽﺎﺋﻦ ﮔﻬﺮن ﻣﺎن، ﺳﻨﮅ ۽ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎن ﺟﺎ ﮘﻮٺ ﻟﮙﺎ ﭤﻲ. ﺟﻦ ﺟﺎ ﻧﺎﻻ‬
‫ﻧﻮٽ ﻛﻴﻢ، اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛ ﻳﻮﺳﻒ آﺑﺎد، دوﻟﺖ آﺑﺎد، اﺳﺤﺎق آﺑﺎد، ﻋﺒﻴﺮ آﺑﺎد، دوﺷﻴﺐ، ﺟﻴﻠﻮ، ﺳﻠﻄﺎن آﺑﺎد، ﻣﺴﺠﺪ‬
‫ﭼﻮﺑﻲ، ﻣﻴﺎن آﺑﺎد ۽ ﻫﻚ ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ اﺳﻼم آﺑﺎد ﺑﻪ ﻫﻮ، ﺟﻨﻬﻦ ۾ اوﮢﻬﻴﻦ، وﻳﻬﻴﻦ ۽ اﻳﻜﻬﻴﻦ ﮔﺮﻳﮉ ﺟﻲ ﺑﻴﺮوﻛﺮﺋﻴﭩﻦ ﺑﺪران‬
‫ﺳﺎدي ﻃﺒﻴﻌﺖ ﺟﺎ ﻫﺎري ۽ ﻏﺎﻟﻴﭽﻦ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻛﻨﺪڙ ﭘﻮرﻫﻴﺖ ﻧﻈﺮ آﻳﺎ. ﻣﺮدن ﺳﺎن ﮔﮇ ﻋﻮرﺗﻮن ﺑﻪ ﭔﻨﻴﻦ ﭔﺎرن ۾ ﻛﻢ ﻛﺮي‬
‫رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ﻫﺮ ﮘﻮٺ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﮘﻮٺ ﺟﻬﮍﻳﻮن ﻫﻮﭨﻠﻮن ﻫﻴﻮن ﺟﻦ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻬﮍن ﭨﻮﺋﺮﺳﭩﻦ ﺟﻮن ﺑﺴﻮن اﭼﻲ ﺑﻴﭡﻴﻮن‬
‫ﭤﻲ ۽ ﻣﺴﺎﻓﺮن ﭼﺎﻧﻬﻪ ﻳﺎ ﭤﮅو ﭘﻴﺘﻮ ﭤﻲ. ﻛﻨﻬﻦ ﺑﻪ ﮘﻮٺ ۾ اﺳﺎﻧﺠﻲ ﺟﻬﮍﻳﻦ ﻫﻮﭨﻠﻦ ﺟﻬﮍو ﺣﺎل ﻧﻪ ﻫﻮ. ﺟﺘﻲ ﭨﻮ ﭨﻲ ۽ ﻣﻮاﻟﻲ‬
‫ﻣﺮد ﻛﺎﻧﭛ ﭔﮅي، ﭼﺎﻧﻬﻪ ﺟﻲ ﻛﻮپ ﺗﻲ وﻳﭡﺎ ﻛﭽﻬﺮﻳﻮن ﻛﻦ ﻳﺎ ﭨﻲ وي ﺗﻲ ﺳﺎﮘﻴﻮن ﺳﺎﮘﻴﻮن ﻓﻠﻤﻮن ڏﺳﻴﻮ ﭘﻴﺎ ﭠﺮن !‬
‫ﺟﭙﺎن ۽ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ واﻧﮕﺮ ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ۾ ﺑﻪ ﮘﻮﭠﻦ ﺟﻲ وچ۾ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ اﻛﻴﻼ اﻛﻴﻼ ﮔﻬﺮ ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﺎ – ﻳﻌﻨﻲ اﻣﻦ اﻣﺎن‬
                             ‫ﺟﻲ ﺣﺎﻟﺖ ﺑﻬﺘﺮ آﻫﻲ ﺗﮇﻫﻦ ﺗﻪ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﭔﻬﺮاڙي، رڻ ﭘﭧ ۽ ﺟﻨﮕﻠﻦ ۾ اﻛﻴﻼ رﻫﻴﺎ ﭘﻴﺎ آﻫﻦ.‬
                                                  ‫اﺳﺎن ان ڏﻳﻨﻬﻦ ﺟﻦ ﺟﻦ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ وﻳﺎﺳﻴﻦ اﻫﻲ ﻫﻦ رﻳﺖ آﻫﻦ؛‬
                                                                           ‫ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎﺻﺎﻟﺖ ﻫﻴﺮوي ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬
                                                                                     ‫ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬
                                                                                      ‫ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬
                                                                            ‫ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﻋﻠﻲ اﺑﻦ ﻣﻮﺳﻲ اﻟﺮﺿﺎ‬
                                                                                  ‫ٰ‬
                                                                                   ‫ﻣﺤﻤﺪ ﻣﺤﺮوق و اﺑﺮاﻫﻴﻢ‬
                                                                                    ‫ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻄﻴﻄﻪ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬
‫ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ ﺧﻴﺎل ۾ اﻫﻲ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﺟﻴﻜﻲ ﮔﺮوپ ۾ وﭸﻦ ﭤﺎ اﻧﻬﻦ ﮐﻲ ﮐﭙﻲ ﺗﻪ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﭵﻲ ڏﻳﻨﻬﻦ ﻻ‪ ‬ﭜﺎڙي ﺗﻲ ﺑﺲ‬
‫ﻛﺮي ﻣﭥﻴﻦ ﺟﺎﻳﻦ ﺗﻲ ﺿﺮور وﭸﻦ. ﭼﺎﻫﻲ اﻫﻲ ﺷﻴﻌﺎ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﺳﻨﻲ ﻳﺎ ﻋﻴﺴﺎﺋﻲ. اﻳﺸﻴﺎﺋﻲ ﻫﺠﻦ ﻳﺎ ﻳﻮرﭘﻲ. ﻫﻨﻦ ﮐﻲ اﻳﺮان‬
‫ﺟﻲ ﭔﻬﺮاڙي ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻫﻚ ﻃﺮف ﻣﻠﻨﺪو ﺗﻪ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ، ﺧﻮﺑﺼﻮرت ۽ ﭼﭩﺴﺎﻟﻲ وارن ﻋﻤﺎرﺗﻦ،‬
‫ﮔﻨﺒﺬن ۽ ﭘﺮاﮢﻲ زﻣﺎﻧﻲ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ ﻧﻤﻮﻧﻮ ﭘﺴﮡ ﺟﻮ ﭘﮡ ﻣﻮﻗﻌﻮ ﻣﻠﻨﺪو. ان ﮐﺎن ﻋﻼوه ﻫﺮ ﻫﻨﮅ ﻣﺨﺘﻠﻒ‬
‫ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﭘﮡ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﺠﻲ ﭤﻮ ﺟﻦ ۾ ﺑﻨﺎ ﻛﻨﻬﻦ ﺷﻚ ﺟﻲ ﻫﺘﻲ ﺟﺎ ﻣﻜﺎﻧﻲ اﻳﺮاﻧﻲ آﻫﻦ، ﭔﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﻋﺮاﻗﻲ،‬
‫ﻛﻮﻳﺘﻲ، ﮔﻠﻒ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ ۽ ﭨﺌﻲ ﻧﻤﺒﺮ ﺗﻲ ﭘﺎﻛﺴﺘﺎﻧﻲ اﻓﻐﺎﻧﺴﺘﺎﻧﻲ ۽ وچ اﻳﺸﻴﺎ ﺟﻲ رﻳﺎﺳﺘﻦ ﺟﺎ آﻫﻦ. ﻫﺮﻫﻨﮅ ﺗﻲ‬
‫ﭘﻜﻨﻚ ﺟﻮ ﺳﻤﻮ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ. ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺗﻪ ﻛﻠﻔﭩﻦ وارو ﻧﻤﻮﻧﻲ ﻟﮙﻲ ﭤﻮ ﺟﺘﻲ ﻛﻴﺘﺮا ﻣﺎﮢﻬﻮ وڏن‬
‫ﻧﻨﮃن ﮐﻲ ﺳﻮاري ﺟﻮ ﻣﺰو وﭠﺮاﺋﮡ ۽ ﭘﺌﺴﺎ ﻛﻤﺎﺋﮡ ﻻ‪ ‬ﭘﻨﻬﻨﺠﺎ اٺ ۽ ﮔﮇﻫﻪ ﺳﻴﻨﮕﺎري آﻳﺎ ﻫﺌﺎ. ﻣﻮن ڏﭠﻮ ﺗﻪ ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ‬
‫اﻳﺮاﻧﻲ زاﻟﻮن ۽ ﻛﺎﻟﻴﺞ ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن – ﺟﻴﺘﻮﮢﻴﻚ ﭼﺎدر اوڍﻳﻞ ﻫﻴﻮن، اﻧﻬﻦ ﺗﻲ ﻧﻪ ﻓﻘﻂ ﺳﻮاري ﻛﺮي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن‬
‫ﭘﺮ ﻛﺌﻤﻴﺮا ۽ ﻣﻮﺑﺎﺋﻞ ﻓﻮﻧﻦ ذرﻳﻌﻲ ﻓﻮﭨﺎ ﭘﮡ ﻛﮃي رﻫﻴﻮن ﻫﻴﻮن. ۽ ﺳﻮا‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ۾ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي‬
‫ﺟﻲ، ﺑﺎﻗﻲ ﻫﻨﮅن ﺗﻲ ﻫﻨﻦ ﺟﻲ ﭼﺎدر ﻓﻘﻂ ﻧﺎﻟﻲ ﻣﺎﺗﺮ ﻣﭥﻲ ۽ ﻛﻠﻬﻦ ﺗﻲ وراﻳﻞ ﻫﺌﻲ ۽ ﭤﻮري ﺋﻲ ﻫﻮا ﻟﮙﮡ ﺗﻲ ﺧﺒﺮ ﭘﻮي‬
‫ﭘﺌﻲ ﺗﻪ اﻳﺮاﻧﻲ اﺳﺎن واﻧﮕﺮ ﺳﭵﻮ ڏﻳﻨﻬﻦ آﻣﺮﻳﻜﺎ ﮐﻲ ﮔﺎرﻳﻮن ﺿﺮور ڏﻳﻦ ﭤﺎ ﭘﺮ ﻛﭙﮍ ي ﮔﻨﺪي ۽ ﭔﻴﻦ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﮘﺎﻟﻬﻴﻦ‬
‫۾ آﻣﺮﻳﻜﻦ ﮐﻲ ﻓﺎﻟﻮ ﻛﻦ ﭤﺎ. اﻳﺘﺮو ﺗﻪ ﻣﻼﺋﺸﻴﺎ ﺟﻮن ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﺑﻪ ﻛﺎرﮔﻮ ﭘﻴﻨﭩﻮن ۽ ﺑﺮاﻧﮉﻳﮉ ﺟﻴﻨﺰ ﺟﻮ ﭘﺘﻠﻮﻧﻮن ﻧﭥﻴﻮن‬
‫ﭘﻬﺮﻳﻦ ﺟﻴﺘﺮو ﻫﺘﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ۾ ﻋﺎم آﻫﻲ. اڄ ﺟﻮن اﻳﺮاﻧﻲ ﮀﻮﻛﺮﻳﻮن ﭼﺎدر ﺿﺮور اوڍﻳﻦ ﭤﻴﻮن ﭘﺮ ﻫﻮ دﻧﻴﺎ‬
‫ﺟﻮن ﭘﮍﻫﻴﻞ ﮘﮍﻫﻴﻞ ﻟﻴﮑﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن، ﻛﭙﮍي ﮔﻨﺪي ۽ ﻣﻴﻚ اپ ۾ ﺑﻪ ﻫﻮ ﻫﻮﺷﻴﺎر ﻣﭹﻴﻮن وﭸﻦ ﭤﻴﻮن، اﻟﻴﻜﭩﺮاﻧﻚ‬
       ‫۽ ‪ I.T‬ﮐﺎن ﺑﻪ واﻗﻒ آﻫﻦ، ﺳﻮﻧﻬﻦ ۾ ﺗﻪ ﻫﻮ ﺟﭙﺎﻧﻲ، اﺳﭙﻴﻨﻲ، اﻧﮕﺮﻳﺰ ۽ ﻋﺮب ﮀﻮﻛﺮﻳﻦ ﮐﺎن ﺻﺪﻳﻦ ﮐﺎن ﺳﺮس آﻫﻦ.‬
‫ﺧﻮاﺟﺎ اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﻫﻴﺮاوي ﻫﻚ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ۽ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻮ ﺳﭽﻮ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر ﻫﻮ. ﻫﺘﻲ ﻣﻮﺟﻮدﮔﺎﺋﻴﮉ ﻓﺎرﺳﻲ ﮔﺎڏڙ‬
‫اﻧﮕﺮﻳﺰي ۾ ﭔﮅاﻳﻮ ﺗﻪ اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﺋﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن اﺑﺎﺻﺎﻟﺖ ﺑﻴﺎن ﻛﻴﻮن آﻫﻦ. اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ )ﺷﻴﻌﻦ‬
                                                                        ‫َ َ‬
‫ﺟﻮن اﭠﻮن اﻣﺎم( ﺟﮇﻫﻦ ﻣﺮو )‪ (Merv‬ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ﺑﻐﺪاد وﭸﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ ۽ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻃﻮس ﺷﻬﺮ وٽ ان وﻗﺖ ﺟﻲ ﻋﺒﺎﺳﻲ‬
‫ﺧﻠﻴﻔﻲ اﻟﻤﺎﻣﻮن‪ ‬ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﻫﻦ ﮐﻲ اﻧﮕﻮرن ۾ زﻫﺮ وﺟﻬﻲ ڏﻧﻮ. اﻣﺎم ﮔﻬﺮ ﭘﻬﭽﻲ ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ﺳﺎﭤﻲ ۽ ﺧﺪﻣﺘﮕﺎر اﺑﺎ‬
‫ﺻﺎﻟﺖ ﮐﻲ ﭼﻴﻮ ” ﮔﻬﺮ ۾ وﮀﺎﻳﻞ ﺳﭛ ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ﻫﭩﺎﺋﻲ ﮀﮇ ۽ ﻛﻨﻬﻦ ﮐﻲ ﺑﻪ اﻧﺪر اﭼﮡ ﻧﻪ ڏي ﮀﻮ ﺟﻮ ﻣﻨﻬﻨﺠﻲ روح ﺟﻮ‬
‫ﺟﺴﻢ ﮐﺎن ﺟﺪا ﭤﻴﮡ ﺟﻮ وﻗﺖ اﭼﻲ وﻳﻮ آﻫﻲ، آﺋﻮن ﭘﻨﻬﻨﺠﻲ ڏاڏي ﻣﺮﺣﻮم ﺣﻀﺮت ﺣﺴﻴﻦ ﺑﻦ ﻋﻠﻲ واﻧﮕﺮ ڌرﺗﻲ‪ ‬ﺗﻲ‬
                                                                                ‫ﻣﺮڻ ﭼﺎﻫﻴﺎن ﭤﻮ.“‬
‫اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ – اﻣﺎم ﺟﻮ دوﺳﺖ ﭔﮅاﺋﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ” اﻣﺎم ﺻﺎﺣﺐ ﺟﻲ ﺷﻬﺎدت ﺑﻌﺪ ﺧﻠﻴﻔﻲ ﻣﺎﻣﻮن ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻗﻴﺪي‬
‫ﺑﻨﺎﻳﻮ وﻳﻮ. ﻣﻮن ﺑﻴﺤﺪ ﻏﻤﮕﻴﻦ ﺣﺎﻟﺖ ۾ ﻫﻚ ﺳﺎل ﻗﻴﺪ ﻣﻨﺠﻬﻪ ﮔﺬارﻳﻮ. ان ﺑﻌﺪ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺧﻮاب ۾ ﻧﺎﺋﻮن اﻣﺎم اﻟﺠﻮاد ﻧﻈﺮ‬
‫آﻳﻮ ۽ ﻣﻨﻬﻨﺠﻮ ﻫﭣ وﭠﻲ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﺟﻴﻞ ﮐﺎن ﭔﺎﻫﺮ ﻛﮃﻳﻮ ۽ ﭼﻴﻮ ﺗﻪ ﻫﻦ ﮐﺎن ﭘﻮ‪ ‬ﺗﻮن ﻧﻪ ﻣﺎﻣﻮن ﮐﻲ ڏﺳﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪﻳﻦ ۽ ﻧﻪ‬
                               ‫ﻫﻦ ﻃﺮﻓﺎن ﻛﻮ ﻧﻘﺼﺎن ﺗﻮ ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﻲ ﺳﮕﻬﻨﺪو.“ ﺟﻴﺌﻦ اﻣﺎم ﭼﻴﻮ اﺋﻴﻦ ﺋﻲ ﭤﻴﻮ.‬
‫اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺑﺎﺑﺖ ﻫﻲ ﮘﺎﻟﻬﻴﻮن، ﻫﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﻳﻞ ﻛﺠﻬﻪ ﻟﻮرﺳﺘﺎﻧﻲ ﻫﻤﺮاﻫﻦ ﭘﮡ ﭔﮅاﻳﻮن. ﻫﻮ اﻳﺮان ﺟﻲ ڏاﮐﮣﻲ‬
‫ﺻﻮﺑﻲ ﻟﻮرﺳﺘﺎن ﮐﺎن اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ ﺣﺎﺿﺮي ﭜﺮڻ ﻻ‪ ‬ﻣﺸﻬﺪ آﻳﺎ ﻫﺌﺎ ۽ ﻫﺎڻ واﭘﺲ وﭸﮡ ﮐﺎن اڳ اﻣﺎم‬
‫ﻋﻠﻲ رﺿﺎ ﺟﻲ وﻓﺎدار ﺳﺎﭤﻲ ۽ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺟﻲ آﺧﺮي آراﻣﮕﺎﻫﻪ ﺗﻲ ﭘﻬﺘﺎ ﻫﺌﺎ. اﺑﺎ ﺻﺎﻟﺖ ﺳﻦ ۸۱۸ع ۾ وﻓﺎت‬
                     ‫ﻛﺌﻲ. ﺳﻨﺪس ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۲۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ڏي وﻳﻨﺪڙ رﺳﺘﻲ ﺗﻲ آﻫﻲ.‬
‫ﺧﺎﺟﻴﺞ رﺑﻴﻊ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﮐﺎن ۶ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ اوﻟﻬﻪ ۾ آﻫﻲ ﺟﺘﻲ وﭸﮡ ﻻ‪ ‬ﺣﺮم وﭨﺎن ۰۳ ﻧﻤﺒﺮ ﺑﺲ ﺑﻪ وﭸﻲ‬
‫ﭤﻲ. ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ )ﻛﻲ ﺧﻮاﺟﺎ رﺑﻴﻊ ﺑﻪ ﺳﮇﻳﻦ ﭤﺎ( ﺟﻮ ﺳﭵﻮ ﻧﺎﻟﻮ رﺑﻴﻊ اﺑﻦ ﻫﻴﺸﺎم اﻻﺳﺪي اﻟﺴﺎوري آﻫﻲ ﭘﺎڻ ﺗﺎﺑﻌﻴﻦ‬
‫ﻣﺎن آﻫﻲ ۽ ﻛﻮﻓﺎ ﺟﻮ رﻫﺎﻛﻮ ﻫﻮ ان ﻛﺮي ﻛﻮﻓﻲ ﭘﮡ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻮ. ﭘﺎڻ ﺣﻀﺮت ﻋﻠﻲ ﺟﻮ وﻳﺠﻬﻮ ﺳﺎﭤﻲ ۽ اﺑﻦ ﻣﺴﻌﻮد‬
‫)ﺻﺤﺎﺑﻲ( ﺟﻮ ﺳﭡﻮ دوﺳﺖ ﻫﻮ. ﭘﺎڻ ﻫﻚ ﻧﻴﻚ اﻧﺴﺎن ﻫﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺳﭵﻲ زﻧﺪﮔﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﺗﻔﺴﻴﺮ ۽ ﺣﺪﻳﺚ ﺟﻮ ﺳﺒﻖ‬
‫ڏﻧﻮ. اﻳﺮان ﺟﻲ ﺷﻴﺦ ﻃﺒﺮﺳﻲ رﺑﻴﻊ ﮐﻲ اﻧﻬﻦ ﻣﻀﻤﻮﻧﻦ ۾ اﻳﻜﺴﭙﺮٽ ﺳﮇﻳﻮ آﻫﻲ. زﻧﺪﮔﻲ ﺟﻲ آﺧﺮي ﺳﺎﻟﻦ ۾ ﺧﺎﺟﻴﺢ‬
‫رﺑﻴﻊ ﺧﺮاﺳﺎن ۾ اﭼﻲ رﻫﻴﻮ ﺟﺘﻲ ﻫﻮ ۳۶ ﻫﺠﺮي )ﻋﻴﺴﻮي ﺳﻦ ۲۸۶( ۾ ﮔﺬاري وﻳﻮ. ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮو ﻋﺎم ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺟﻲ‬
‫ﺑﺎﻏﻴﭽﻲ ﺟﻲ وچ ۾ آﻫﻲ. ﻣﻘﺒﺮي اي ﻛﺎﺷﻲ ﺟﻮ ﻛﻢ ڏﺳﮡ وﭨﺎن آﻫﻲ. ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﮐﻲ وڏي ﻋﺰت ﺳﺎن ڏﭠﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ‬
‫۽ ﻣﺸﻬﺪ اﻳﻨﺪڙ ﻫﺮ زوار ﻫﺘﻲ ﭘﮡ اﭼﻲ ﭤﻮ. ﺳﻨﺪس ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻲ اڄ واري ﺳﻮﻧﻬﻦ ۽ ﻛﻨﺴﭩﺮﻛﺸﻦ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺣﺎﻛﻢ‬
                                           ‫ﺷﺎﻫﻪ ﻋﺒﺎس ﺟﻲ ﺣﻜﻢ ﺗﻲ ﺳﺘﺮﻫﻴﻦ ﺻﺪي ۾ ﻛﺮاﺋﻲ وﺋﻲ ﻫﺌﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۴۱ ﮐﻦ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ڏﮐﮡ اوﭜﺮ ۾ ﺑﻨﺎﻟﻮد ﺟﺒﻠﻦ ﺟﻲ ﻗﺪﻣﻦ ۾ ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو آﻫﻲ. ﻣﻘﺒﺮي ﮐﺎن‬
‫ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي اﺳﺎن ﮐﻲ ﺑﺲ ﻻﭤﻮ ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﺎﺋﻴﻦ ﭘﻬﭽﮡ ﻻ‪ ‬ﺳﻮڙﻫﻮ ۽ ﭘﭥﺮاﺋﻮن رﺳﺘﻮ آﻫﻲ ﺟﺘﺎن ﻛﺎﺑﻪ ﻻري ﻳﺎ‬
‫ﻣﻮﭨﺮ ﻫﻠﻲ ﻧﭥﻲ ﺳﮕﻬﻲ. رﺳﺘﻲ ﺗﻲ ﻓﻘﻂ ﻫﻚ ﻣﻮﭨﺮ ﺳﺎﺋﻴﻜﻞ، ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ ﭔﺎﻫﺮان ﻧﻈﺮ آﺋﻲ. ﭘﻮﻟﻴﺲ آﻓﻴﺲ ﺟﻲ‬
‫ﭔﻨﻬﻲ ﭘﺎﺳﻲ ﻛﻴﺘﺮﻳﻦ ﻣﻜﺎﻧﻲ ﺷﻴﻦ ﺟﺎ دﻛﺎن آﻫﻦ. ان ﭘﭥﺮاﺋﻴﻦ رﺳﺘﻲ ﺟﻲ ﺧﺘﻢ ﭤﻴﮡ ﺑﻌﺪ ﻣﭥﻲ ﺟﺒﻞ ﺗﻲ ﺑﻪ ﻓﺮﻻﻧﮓ ﭔﻪ‬
‫ﭼﮍﻫﮣﻮ ﭘﻮي ﭤﻮ. ان ﻛﺮي ﺑﻴﻤﺎر ۽ وڏي ﻋﻤﺮ ﺟﺎ ﻣﺴﺎﻓﺮ ﭘﺎرﻛﻨﮓ ۾ ﺑﻴﭡﻞ ﺑﺲ ۾ ﺋﻲ وﻳﭡﺎ رﻫﻴﺎ. ﺧﻮاﺟﺎ ﻣﺮاد ﺟﻨﻬﻦ‬
‫ﺟﻮ اﺻﻞ ﻧﺎﻟﻮ ﺣﺮﺛﺎ ﻣﻴﺢ اﺑﻦ اﻳﻮن ﻫﻮ، اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﺳﺎﭤﻴﻦ ﻣﺎن ﻫﻚ ﻫﻮ. ﺳﻨﺪس وﻓﺎت ۵۲۸ع )ﻫﺠﺮي ﺳﺎل ۰۱۲( ۾‬
                                            ‫ﭤﻲ. ﻫﻲ ﻣﻘﺒﺮو ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻗﺒﺮﺳﺘﺎن ﺑﻬﺸﺖ رﺿﺎ ﺟﻲ ﭜﺮ ۾ آﻫﻲ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ﺷﻬﺮ ﺟﻲ اوﻟﻬﻪ ۾ اﭨﻜﻞ ۲۱۱ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﺟﻲ ﻓﺎﺻﻠﻲ ﺗﻲ اﻳﺮان ﺟﻲ ﺻﻮﺑﻲ ﺧﺮاﺳﺎن ﺟﻮ ﻫﻚ ﭔﻴﻮ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﻬﺮ‬
‫ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر آﻫﻲ. ﻧﻴﺸﺎﭘﻮر ﭘﻬﭽﮡ ﮐﺎن ۶۲ ﻣﻴﻞ ﮐﻦ اڳ- ﻳﻌﻨﻲ ﻣﺸﻬﺪ ﮐﺎن ۶۸ ﻛﻠﻮﻣﻴﭩﺮ ﭘﺮي، ﺧﺎﺟﻴﺢ رﺑﻴﻊ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي‬
‫ﺳﺎن ﻛﺎﻓﻲ ﻣﻠﻨﺪڙ ﺟﻠﻨﺪڙ ﮔﻨﺒﺬ واري اﭠﻜﻨﺪي ﻋﻤﺎرت اﭼﻲ ﭤﻲ ﺟﻴﻜﺎ ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﺳﮇﺟﻲ ﭤﻲ. ﻫﻦ ﺑﻴﺤﺪ ﻧﻨﮃڙي درﮔﺎﻫﻪ‬
‫)ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻣﺸﻜﻞ ﺳﺎن ڏﻫﻪ ﮐﻦ ﻣﺎﮢﻬﻮ ﻣﺲ اﭼﻲ ﺳﮕﻬﻦ( ۾ اﻫﺎ ﺳﺮ رﮐﻴﻞ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ﺗﻲ ﭔﻦ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ ﻧﺸﺎن ﭠﻬﻴﻞ آﻫﻦ.‬
‫ﭼﻴﻮ وﭸﻲ ﭤﻮ ﺗﻪ ﻫﻲ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ ﻧﺸﺎن اﭠﻴﻦ اﻣﺎم ﻋﻠﻲ اﻟﺮﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻴﺮن ﺟﺎ آﻫﻦ. ﻫﻦ ﻋﻤﺎرت ﺟﻮ ﮔﻨﺒﺬ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺳﻔﻴﺪ‬
‫۽ ﻓﻴﺮوزي رﻧﮓ ﺟﻲ ﻛﺎﺷﻲ‪ ‬ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﻮ آﻫﻲ. ﻫﻦ ﻋﻤﺎرت ﺟﻲ ﭼﻮڌاري ﺟﻴﻜﻮ ﮘﻮٺ آﻫﻲ ان ﺟﻮ ﻧﺎﻟﻮ ﭘﮡ ﻫﻦ‬
‫ﻣﻘﺒﺮي ﻧﻤﺎ ﻋﻤﺎرت ﺟﻲ ﻧﺎﻟﻲ ﺗﺎن ﻗﺪم ﮔﺎﻫﻪ ﭘﻴﻮ آﻫﻲ. واﭘﺴﻲ ﺗﻲ ﺑﻴﺒﻲ ﺷﻄﻴﻄﻪ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮي ﺗﻲ آﻳﺎﺳﻴﻦ ﺟﺘﻲ وڏي‬
                                                              ‫ﭘﻴﻤﺎﻧﻲ ﺗﻲ ﻣﺮﻣﺖ ﺟﻮ ﻛﻢ ﻫﻠﻲ رﻫﻴﻮ ﻫﻮ.‬
                    ‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﺎ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ اﻣﺎﻣﺰاده ﻣﺤﺮوق ﺟﻮ ﻣﻘﺒﺮو‬

‫ﻣﺸﻬﺪ ﺟﻮ ﺷﻬﺮ ﺗﻮڙي ان ﺟﻲ آﺳﭙﺎس ﺗﻮارﻳﺨﻲ ﺟﺎﻳﻦ، ﺑﺎدﺷﺎﻫﻦ، ﺷﻬﻨﺸﺎﻫﻦ، ﻣﺬﻫﺒﻲ ﭘﻴﺸﻮاﺋﻦ، دﻳﻦ ﺟﻲ ﻋﺎﻟﻢ،‬
‫اﺳﻜﺎﻟﺮن ۽ ﻣﺸﻬﻮر ﺷﺨﺼﻴﺘﻦ ﺟﻲ ﻣﻘﺒﺮن، ﻋﺠﺎﺋﺐ ﮔﻬﺮن )‪ (Museums‬۽ ﺧﻮﺑﺼﻮرت ﺑﺎﻏﻦ ۽ ﮘﻮﭠﻦ ﺳﺎن ﭜﺮﻳﻞ آﻫﻲ.‬
‫اﺳﺎن ﺟﻲ ﻣﻠﻚ ﺟﻲ ﻣﺎﮢﻬﻦ ﮐﻲ ﻣﻴﻮزم ڏﺳﮡ ﺟﻮ ﺷﻮق ﻧﺎﻫﻲ. ﺳﭵﻲ ﻋﻤﺮ ﻛﺮاﭼﻲ ۽ ﺣﻴﺪرآﺑﺎد ۾ ﮔﺬارڻ ﺑﻌﺪ ﺑﻪ ﻫﻨﻦ‬
‫ﮐﻲ ﻛﮇﻫﻦ ﻣﻬﺎﺗﺎ ﭘﺌﻠﺲ ﻳﺎ ﺳﻨﮅي ادﺑﻲ ﺑﻮرڊ ﺟﻮ ﻣﻴﻮزم ڏﺳﮡ ﺟﻲ ﺗﻮﻓﻴﻖ ﻧﭥﻲ ﭤﺌﻲ. ﻫﺘﻲ ﺟﻲ ﻫﻚ ﭔﻦ ﻣﻴﻮزﻳﻤﻦ ۾ اڌ‬
‫اڌ ڏﻳﻨﻬﻦ ﮔﺬارﻳﻢ ﭘﺮ ﻣﻮﻧﮑﻲ ﻫﻚ ﺑﻪ ﻫﻢ وﻃﻨﻲ ﻧﻈﺮ ﻧﻪ آﻳﻮ. ﺑﻬﺮﺣﺎل ﻫﺘﻲ ﻛﺠﻬﻪ ﻣﻴﻮزﻣﻦ ﺟﻮ ﭘﺘﻮ ﻟﮑﺎن ﭤﻮ ان ﺑﻌﺪ‬
                                                                      ‫اﮘﺘﻲ ﺟﻮ ﺳﻔﺮ ﺟﺎري رﮐﻮن ﭤﺎ.‬
‫ﻣﺸﻬﺪ ۾ ﭨﻲ ﺑﻴﺤﺪ دﻟﭽﺴﭗ ﻣﻴﻮزﻳﻢ آﻫﻦ؛ آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﺟﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ، ﻗﺮآن ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۽ ﭘﻮﺳﭧ ﺟﻲ ﭨﻜﻠﻴﻦ )‪(Stamps‬‬
                                                         ‫ِ‬
‫ﺟﻮ ﻣﻴﻮزﻳﻢ. آﺳﺘﺎن ﻗﺪس وارو ﻣﻴﻮزم ﻣﺨﺘﻠﻒ ﭘﺮاﮢﻴﻦ ۽ ﺗﺎرﻳﺨﻲ ﺷﻴﻦ ﺳﺎن ﻣﺎﻻﻣﺎل آﻫﻲ. ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﭘﺮاﮢﺎ ۽ ﻗﻴﻤﺘﻲ‬
‫ﻏﺎﻟﻴﭽﺎ ۽ ﻫﭣ ﺟﻲ ﻛﻢ ﺟﺎ ﮐﻴﺲ ﮐﭥﺎ )‪ ،(Rugs‬اﻣﺎم رﺿﺎ ﺟﻲ ﭘﻬﺮﻳﻦ ﻣﻘﺒﺮي ﺟﻮ ﺳﺮون، ﻣﺸﻬﻮر ﻛﺌﻠﻴﮕﺮاﻓﺮ رﺿﺎ‬
‫ﻋﺒﺎﺳﻲ ﺟﻮن ﻟﮑﮣﻴﻮن ۽ ﭔﻴﻮن ﻛﻴﺘﺮﻳﻮن ﻳﺎرﻫﻴﻦ ﺻﺪي ﺟﻮن ﺷﻴﻮن ﻧﻈﺮ اﭼﻦ ﭤﻴﻮن. ﻫﺰارﻳﻦ زاﺋﺮﻳﻦ- ﺧﺎص ﻛﺮي‬
‫اﻳﺮان ﺟﺎ ﻋﻘﻴﺪﺗﺪ ۽ ﺗﺎرﻳﺦ ﺳﺎن دﻟﭽﺴﭙﻲ رﮐﻨﺪڙ، روزاﻧﻮ ڏﺳﮡ اﭼﻦ ﭤﺎ. ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﻣﻴﺪان ﺣﺮم ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﺻﺤﻦ‬
 ‫ِ‬                    ‫ِ‬
‫ﺧﻤﻴﻨﻲ ﺟﻲ اوﭜﺮ ۾ آﻫﻲ. ﻗﺮآن ﻣﻴﻮزﻳﻢ ﺑﻪ آﺳﺘﺎن ﻗﺪس ﺟﻲ وﻳﺠﻬﻮ ﺋﻲ آﻫﻲ ﺟﻨﻬﻦ ۾ ﻗﺮآن ﺟﺎ ﻛﻴﺘﺮاﺋﻲ ﺟﻬﻮﻧﺎ ﻧﺴﺨﺎ‬
                                                           ‫ِ‬
‫رﮐﻴﻞ آﻫﻦ. ﻫﻲ ﻣﻴﻮزﻳﻢ ۵۸۹۱