Docstoc

Bambar Arrest DIG

Document Sample
Bambar Arrest DIG Powered By Docstoc
					                                                                          ‫ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ )ﺭﭘﻮﺭٽ: ﻣﺨﺘﻴﺎﺭ ﭰﻠﭙﻮٽﻮ(‬
‫ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﮔﻤﺒٽ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻫﺮﺍﻫﻪ ﮐﻬڙﺍ ﮔﻴٽ ﻭٽ ﺧﻔﻴﻪ ﺍﻃﻼﻉ ﻣﻠﮡ ﺗﻲ ﻧﺎڪﺎﺑﻨﺪﻱ ڪﺮﮠ ﺑﻌﺪ ﻫڪ ڪﺎﺭ ﻧﻤﺒﺮ ‪HF‬‬
‫950 ﺗﻲ ﮀﺎﭘﻮ ﻫﮣﻲ ڪﺎﺭ ۾ ﺳﻮﺍﺭ ﺍﺗﺮ ﻭﺯﻳﺮﺳﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﺭﻫﻮﺍﺳﻲ ٽﻦ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻥ ﻓﺎﺭﻭﻕ ﭘٽ ﻣﺤﻤﺪ ﺍﻓﻀﻞ ۽ ﭔﻦ ﭜﺎﺋﺮﻥ‬
‫ﻣﺴﻌﻮﺩ ۽ ﺫﻳﺸﺎﻥ ﭘٽ ﻣﻴﻨﺎﺯﺭ ﮐﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ ﻗﺒﻀﻲ ﻣﺎﻥ 61 ﺭﺍڪﻴٽ ﺟﺎ ﮔﻮﻻ، 62 ﮄﻣﺎڪﻴﺪﺍﺭ ﺷﻴﻠﺲ، ﮄﻣﺎڪﻲ‬
‫ڪﺮﮠ ۾ ﺍﺳﺘﻌﻤﺎﻝ ﭤﻴﻨﺪڙ ﺯﻧﺪﻩ ڊﻳٽﻮﻧﻴٽﺮ، 21 ﺑﻢ ڪﻴﭙﺲ، 2 ﻋﺪﺩ ڪﻼﺷﻨڪﻮﻑ، ﻭڏﻱ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﮔﻮﻟﻴﻦ ﺟﺎ ﺭﺍﺋﻮﻧڊ ۽ ﻫﭥﻴﺎﺭ‬
‫ﺭﮐﮡ ﻭﺍﺭﻳﻮﻥ 21 ﺑﻨڊﻭﻟﻴﻮﻥ ﻫﭣ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺩﻋﻮﻱٰ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ. ﺍﻥ ﺳﻠﺴﻠﻲ ۾ ڊﻱ ﺁﺀِ ﺟﻲ ﺳﮑﺮ ﺍﻣﻴﺮ ﺷﻴﺦ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﺟﻲ ﺍﻳﺲ‬
‫ﺍﻳﺲ ﭘﻲ ﺁﻓﻴﺲ ۾ ﭘﺮﻳﺲ ڪﺎﻧﻔﺮﻧﺲ ﮐﻲ ﺧﻄﺎﺏ ڪﻨﺪﻱ ﻣﻴڊِﻳﺎ ﺟﻲ ﻧﻤﺎﺋﻨﺪﻥ ﮐﻲ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﺗﻪ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻞ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ۾‬
‫ﻫڪ ﻭڏﻱ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩ ڪﺎﺭﻭﺍﺋﻲ ﺟﻮ ﻣﻨﺼﻮﺑﻮ ﺟﻮڙﻳﻮ ﻫﻮ ﺍﻥ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩ ﻣﻨﺼﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﻋﻤﻠﻲ ﺟﺎﻣﻮ ﭘﺎﺭﺍﺋﮡ ﻻﺀِ ﺍﺗﺮ ﻭﺯﻳﺮﺳﺘﺎﻥ‬
‫ﮐﺎﻥ ﮄﻣﺎڪﻴﺪﺍﺭ ﻣﺎﺩﻭ ۽ ﭔﻴﻮ ﺳﺎﻣﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻣﻨﺘﻘﻞ ﭘﺌﻲ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺗﻪ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﭘﻮﻟﻴﺲ ڪﺎﺭﻭﺍﺋﻲ ڪﺮﻱ ﺳﻨﺪﻥ‬
‫ﻣﻨﺼﻮﺑﻲ ﮐﻲ ﻧﺎڪﺎﻡ ﺑﮣﺎﻳﻮ ﺁﻫﻲ. ڊﻱ ﺁﺀِ ﺟﻲ ﺳﮑﺮ ﺍﻥ ﻣﻮﻗﻌﻲ ﺗﻲ ﺍﻫﻮ ﺑﻪ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﺗﻪ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ﭤﻴﻞ ﻫڪ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩ ﻓﺎﺭﻭﻕ ﺍﻋﺘﺮﺍﻑ‬
‫ڪﻨﺪﻱ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺗﻪ ﻫﻦ ﭔﻪ ﻣﻬﻴﻨﺎ ﺍﮖ ﺑﻪ ﺳﺎﮘﻲ ڪﺎﺭ ۾ ﭼﺎﺭ ڪﻼﺷﻨڪﻮﻑ ۽ ﻭڏﻱ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﮄﻣﺎڪﻴﺪﺍﺭ ﻣﺎﺩﻭ ﻭﺯﻳﺮﺳﺘﺎﻥ‬
‫ﮐﺎﻥ ڪﺮﺍﭼﻲ ﺟﻲ ﺳﻬﺮﺍﺏ ﮘﻮﭞ ۾ ﻋﺰﻳﺰﺍﻟﻠﻪ ﺑﻠﻮﭺ ﻧﺎﻟﻲ ﻫڪ ﺷﺨﺺ ﮐﻲ ڏﻧﻮ ﺟﻨﻬﻦ ﺑﻌﺪ ﻫﻦ ﮐﺎﻧﺌﺲ ﻫڪ ﻟﮏ ﺭﻭﭘﻴﺎ ﭘﮡ‬
‫ﻭﺻﻮﻝ ڪﻴﻮ. ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻫڪ ﭔﻲ ڪﺎﺭﻭﺍﺋﻲ ڪﺮﻱ ﻗﻮﻣﻲ ﺷﺎﻫﺮﺍﻫﻪ ٽﻨڊﻭﻣﺴﺘﻲ ﺑﺎﺀِ ﭘﺎﺱ ﻭٽﺎﻥ ﻫڪ ﭔﻲ‬
‫ڪﺎﺭ ﮐﻲ ﻫﭣ ڪﺮﻱ ڪﺎﺭ ﻣﺎﻥ 571 ڪﻠﻮﮔﺮﺍﻡ ﭘﮡ ﻫﭣ ڪﺮﮠ ﺟﻲ ﺩﻋﻮﻱٰ ڪﺌﻲ ﺁﻫﻲ. ڊﻱ ﺁٰ ﺟﻲ ﺳﮑﺮ ﺳﺎﮘﻲ ﭘﺮﻳﺲ‬
‫ڪﺎﻧﻔﺮﻧﺲ ﺩﻭﺭﺍﻥ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﺗﻪ ﻫﭣ ڪﻴﻞ ڪﺎﺭ ۾ ﻫڪ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺍﻫﻠڪﺎﺭ ﺻﺎﺑﺮ ﺣﺴﻴﻦ ﭤﻬﻴﻢ ﺟﻨﻬﻦ ﺟﻮ ﺗﻌﻠﻖ ﺟﻴڪﺐ ﺁﺑﺎﺩ‬
‫ﭘﻮﻟﻴﺲ ﺳﺎﻥ ﭔﮅﺍﻳﻮ ﻭﭸﻲ ﭤﻮ، ﻫڪ ﻋﻮﺭﺕ ڪﺎﺋﻨﺎﺕ ﻋﺮﻑ ﮔڙﻳﺎ ۽ ﻣﻌﺼﻮﻡ ﭔﺎﺭ ﺑﻼﻝ ﺟﻮ ﺳﻬﺎﺭﻭ ﻭﭠﻲ ڪﺮﻱ ﻣﻨﺸﻴﺎﺕ ﻓﺮﻭﺵ‬
‫ﻣﻴﺮ ﻫﺰﺍﺭ ﺑﺮﻭﻫﻲ ﺑﻠﻮﭼﺴﺘﺎﻥ ﺟﻲ ﻋﻼﺋﻘﻲ ﻣﺎﻥ ﻭڏﻱ ﺗﻌﺪﺍﺩ ۾ ﭼﺮﺱ ﮐﮣﻲ ڪﺮﺍﭼﻲ ڏﺍﻧﻬﻦ ﻭﭸﻲ ﺭﻫﻴﻮ ﻫﻮ ﺗﻪ ﺍﻥ ﮐﻲ ﺑﻪ ﭘﻮﻟﻴﺲ‬
‫ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﺮﻱ ﻭﺭﺗﻮ ﺁﻫﻲ. ﻫﻮڏﺍﻧﻬﻦ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭ ڪﻴﻞ ﺧﻮﺩڪﺶ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻥ ﮐﺎﻥ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺟﻮڙﻳﻞ ﻣﺨﺘﻠﻒ ﺟﺎﭺ‬
‫ڪﻤﻴٽﻴﻦ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﭘﮁﺎ ﮘﺎﮀﺎ ﺟﻮ ﺳﻠﺴﻠﻮ ﭘﮡ ﺷﺮﻭﻉ ڪﻴﻮ ﻭﻳﻮ ﺁﻫﻲ ﺟڏﻫﻦ ﺗﻪ ﻭﺍﻗﻌﻲ ﺟﻮ ڪﻴﺲ ﺩﺍﺧﻞ ﻧﻪ ﭤﻲ ﺳﮕﻬﻴﻮ ﺁﻫﻲ.‬
‫ﭔﺌﻲ ﻃﺮﻑ ﺁﺀِ ﺟﻲ ﺳﻨﮅ ﻓﻴﺎﺽ ﻟﻐﺎﺭﻱ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻃﺮﻓﺎﻥ ﺧﻮﺩڪﺶ ﺩﻫﺸﺘﮕﺮﺩﻥ ﺟﻲ ﮔﺮﻓﺘﺎﺭﻱ ۾ ﺍﻧﻌﺎﻡ ﻃﻮﺭ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ‬
                                                             ‫ﭘﻮﻟﻴﺲ ﻻﺀِ 05 ﻫﺰﺍﺭ ڏﻳﮡ ﺟﻮ ﭘﮡ ﺍﻋﻼﻥ ڪﻴﻮ ﺁﻫﻲ.‬

                                                                                         ‫ﻣﺨﺘﻴﺎﺭ ﭰﻠﭙﻮٽﻮ‬
                                                                                       ‫ﺭﭘﻮﺭٽﺮ ﺧﻴﺮﭘﻮﺭ‬

				
DOCUMENT INFO
Shared By:
Tags:
Stats:
views:1
posted:8/14/2013
language:
pages:1