Docstoc

URDU BEDARI

Document Sample
URDU BEDARI Powered By Docstoc
					                            ‫1‬
                                                 ‫نصير ميمڻ‬




‫تاريخي حقيقتن جي روشني ۾ هڪ ڳالهه واضح نظر اچي ٿي‬
‫ته سنڌي مڊل ڪالس ۾ سنڌ کي هڪ نئين واٽ ڏانهن وٺي ويندڙ‬
‫قيادت پيدا ڪرڻ جي صالحيت موجود هئي. جنهن کان ڊڄي طاقت‬
‫ڌڻين ان کي ختم ڪرڻ الء منظم رٿابندي تي وسيال ۽ توانايون خرچ‬
                                      ‫ِ‬
‫ڪيون. ان بحث کي اڳتي وڌائيندي، ان پهلو کي به ڏسڻ جي‬
‫ضرورت آهي ته سمورين ڪمزورين، موقعي پرستين ۽ خارجي‬
‫عملن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل بگاڙ جي باوجود، سنڌي مڊل ڪالس‬
‫جي حوالي سان ڪهڙا مثبت رخ ساهه کڻي رهيا آهن. جيتوڻيڪ‬
‫اهي مثبت رخ اڃا شروعاتي ڏاڪي تي هجڻ سبب منفي رخن جي‬
‫ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪمزور آهن. پر انهن جي موجودگي خود وڏي‬
‫اتساهه جو ذريعو آهي. انهن مثبت رخن کي سامهون آڻي. انهن کي‬
‫مضبوط بنائڻ جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. ضرورت ان ڳالهه جي‬
‫آهي ته سنڌي مڊل ڪالس کي هڪ منظم سياسي ۽ سماجي‬
‫تحريڪ وسيلي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪري ڏجي. جنهن وسيلي اهو‬
     ‫هڪ نئين سنڌ جي تعمير الء پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي.‬
                                    ‫ِ‬
‫هن صورتحال ۾ سنڌي مڊل ڪالس اندر موجود باصالحيت ۽‬
‫باشعور فرد، جنهن مونجهاري ۽ ويڳاڻپ جو شڪار آهن. ان مان‬
‫کين ٻاهر نڪري پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، کين تبديلي جو‬
     ‫انتظار ڪرڻ بدران تبديلي جو وسيلو بڻجڻ الء سوچڻ گهرجي.‬
                    ‫ِ‬
‫پڙهيل لکيل سنڌي مڊل ڪالس جو اڄوڪو نسل گذريل نسل‬
‫جي ڀيٽ ۾ نه رڳو وڌيڪ باصالحيت ۽ هنرمند آهي، پر ان جي اندر‬
‫سنڌ الء ڪجهه ڪرڻ جي تڙپ به موجود آهي. اها ڳالهه صحيح‬  ‫ِ‬
                            ‫2‬
‫آهي ته سنڌي مڊل ڪالس جا سنڌ ساڻا ڪري صورتحال کي‬
‫مايوس ڪندڙ بنايو ويو آهي، پر مايوسي جي ان فضا ۾ ڪجهه‬
‫ڳالهيون نهايت مثبت ۽ اتساهيدڙ به آهن. جيڪي سنڌ جي بهتر‬
‫مستقبل الء هڪ وڏي اميد آهن. جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽي جي‬
                                                   ‫ِ‬
‫دور ۾ اک کوليندڙ مڊل ڪالس کي ورهاڱي کان پوء واري سنڌ جي‬
                ‫ِ‬
‫مڊل ڪالس جو پهريون نسل فرض ڪجي ته ان حساب سان سنڌ‬
‫اڄ مڊل ڪالس جي ٻين جنريشن مان گذري رهي آهي ۽ بنا ڪنهن‬
‫شڪ جي جنريشن وٽ گذريل نسل جي تجربن ۽ غلطين مان سکڻ‬
‫الء گهڻو ڪجهه موجود آهي. ساڳئي وقت هن جنريشن وٽ گذريل‬    ‫ِ‬
‫نسل جي ڀيٽ ۾ ڪجهه ڪري سگهڻ جا موقعا به وڌيڪ آهن. البته‬
‫اڄوڪي نسل جي سياسي تربيت، گذريل نسل جي ڀيٽ ۾ ڪجهه‬
‫ڪمزور آهي. اسان اڳتي هلي، ان ڳالهه تي به بحث ڪنداسون ته‬
‫اڄوڪو مڊل ڪالس ڪهڙي طرح سنڌ کي مايوسي جي هن ڌٻڻ‬
                                      ‫مان ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو.‬
‫ان کان اڳ اچو ته هڪ نظر انهن اميد جي ڪرڻن تي وجهون،‬
‫جيڪي گذريل پنجن کان ڏهن سالن اندر اسان جي آسپاس ۾ پيدا ٿيا‬
‫آهن، هي حقيقتون ان ڳالهه کي واضح ڪن ٿيون ته تيزي سان تبديل‬
   ‫ٿيندڙ سماجي ڍانچي ۾ سنڌي مڊل ڪالس نيون راهون ٺاهڻ الء ه‬
      ‫ِ‬
‫پير هڻي رهيو آهي. ڪيترن ئي تڪليفن ۽ مشڪالتن کان پوء سنڌي‬
        ‫ِ‬
‫مڊل ڪالس جو هڪ نسل زرعي بنيادن واري ٻهراڙين جي سماجي‬
‫ڍانچي مان هڪ وک اڳتي وڌائي، ڪاروباري ۽ نيم صنعتي بنيادن‬
‫واري شهري ماحول ۾ قدم رکي چڪو آهي. 90ع واري ڏهاڪي‬
‫جي شروعات ۾ ٻهراڙين مان تمام وڏي انگ ۾ سنڌي حيدرآباد منتقل‬
‫ٿيا ۽ شهري مڊل ڪالس جا بنياد پوڻ لڳا آهن. موجوده ڏهاڪي‬
‫جي شروعات کان ڪراچي اسالم آباد ۽ ملڪ جي ٻين ڪيترين ئي‬
‫اهم شهرن ۾ سنڌي جي آمد جو انگ گذريل سمورين ڏهاڪن جي‬
‫مجموعي تعداد کان وڌيڪ آهي. جيتوڻيڪ حيدرآباد جي ابتڙ ٻين‬
‫شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪالس گهٽ منظم ۽ ڇڙوڇڙ آهي، پر‬
                                ‫3‬
‫شروعاتي مرحلي ۾ ائين هجڻ به فطري ڳالهه آهي. خود حيدرآباد ۾‬
‫سنڌي مڊل ڪالس ڪرائسز کان پوء منظم ٿيو هو. ايندڙ سالن اندر‬
                             ‫ِ‬
          ‫ٻين شهرن ۾ سنڌي مڊل ڪالس وڌيڪ منظم ٿي سگهي ٿو.‬
‫* گذريل ڏهن سالن اندر سنڌ ۾ ڪميونيڪيشن جي نئين لهر جي‬
‫نتيجي ۾ سنڌي مڊل ڪالس رابطن جو نئون ڄار قائم ڪيو آهي.‬
‫درجنن جي تعداد ۾ نوجوان ڏيهه پرڏيهه ۾ موجود موقعن مان فائدو‬
‫وٺي رهيا آهن. اسڪالرشپ، ڪانفرنسون ۽ ٽريننگ پروگرامن ۾‬
‫سنڌين جو هڪ چڱو موچارو انگ ملڪ جي باقي حصن توڙي‬
‫پرڏيهه ۾ پهتو آهي ۽ اهڙي طرح پنهنجي صالحيتن ۽ قابليتن کي بهتر‬
‫بنائي رهيو آهي. جيتوڻيڪ بلوچستان کي ڇڏي، باقي صوبن جي ڀيٽ‬
‫۾ اهو انگ اڃا به گهڻو گهٽ آهي، پر پوء به سنڌي مڊل ڪالس جي‬
                          ‫ِ‬
               ‫گذريل جنريشن جي ڀيٽ ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آهي.‬
‫*ڀوتارن جي اوطاقن تان خيرات ۾ ملندڙ سرڪاري ماستريون‬
‫۽ ڪالرڪيون بند ٿيڻ کان پوء، سنڌي نوجوانن انگريزي ۽‬
                               ‫ِ‬
‫ڪميپوٽر جهڙن بنيادي هنرن تي وڌيڪ توجه ڏنو آهي ۽ غير‬
‫سرڪاري شعبي جي نوڪرين، ننڍن ڪاروبارن ۽ مارڪيٽ الء‬
‫ِ‬
‫گهربل هنرن ڏانهن منهن موڙيو آهي ۽ ان ڏس ۾ اڳڀرائي سست، پر‬
‫نهايت اميد افزا آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ سنڌي‬
‫نوجوان هينئر انهن شعبن ۾ آهستي آهستي پير کپائي رهيو آهي، جتي‬
                                  ‫اڳي سنڌي ڳولهيندي نه لڀندا هئا.‬
‫*سنڌ جي هر ضلعي هيڊڪوارٽر ۽ اڪثر تعلقي هيڊ‬
‫ڪوارٽرز ۾ ڪمپيوٽر، ڪوچنگ سينٽرز ۽ انٽرنيٽ ڪيفيز وسيلي‬
‫سنڌي نوجوان ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي رابطا ڪرڻ جي قابل بنيل‬
‫آهن. هن مرحلي تي انهن وسيلن جو استعمال مثبت، گهٽ ۽ ناڪاري‬
‫وڌيڪ ٿي رهيو آهي، پر اهو پراسيس جو حصو آهي ۽ تمام جلد‬
‫اڪثريت انٽرنيٽ ۽ ڪمپيوٽر جو هاڪاري استعمال وڌيڪ ڪرڻ‬
                                                            ‫لڳندي.‬
                             ‫4‬
‫*سنڌي ميڊيا (خاص طور تي ٽي وي چينلز) ۽ اين جي اوز مڊل‬
‫ڪالس کي اڳتي وڌائڻ الء اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.‬
                                    ‫ِ‬
‫ٻهراڙين مان ٽيلنٽ کي ٻاهر آڻي رهيا آهن ۽ ان شعبي ۾ وڏي انگ ۾‬
‫هنرمند ه پڻ تربيت هيٺ آهن. ساڳي طرح اين جي اوز جي ڄار‬
‫ٻهراڙين ۾ مڊل ڪالس کي منظم ڪرڻ ۽ ملڪ جي باقي حصن‬
‫توڙي پرڏيهه جون جهلڪيون ڏيکاري، سندن سوچ جي ڪئنواس‬
‫کي وسيع ڪيو آهي ۽ نوان رابطا ٺاهڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن.‬
‫انهن ٻن شعبن سنڌي سماج کي اڪيالئي ۽ محدوديت مان ٻاهر آڻي،‬
‫باقي دنيا ۾ موجود ترقي ۽ تبديلي جي نون ماپن سان متعارف‬
‫ڪرائي، سماجي زندگي جا نوان رخ پڌرا ڪيا آهن. ان جي نتيجي ۾‬
‫سنڌ جي ٻهراڙين ۾ نيم شهري عالئقن ۾ مڊل ڪالس جا نوجوان‬
‫سنڌي سماج جو تقابلي جائزو )‪ (Comparative Analysis‬ڪرڻ‬
‫جي قابل بنيا آهن. جيڪا لهر ايندڙ سالن ۾ سنڌي مڊل ڪالس کي‬
                     ‫پنهنجا رخ متعين ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.‬
‫*شهري ۽ نيم شهري عالئقن ۾ خانگي شعبي ۽ ننڍن ڪاروبارن‬
‫۾ پير رکندڙ سنڌي مڊل ڪالس جي وسيلي سنڌ جو هڪ نئون‬
‫چهرو متعارف ٿي رهيو آهي ۽ سرڪاري پروپيگنڊا مشينري جو‬
‫متعارف ڪرايل اهو چهرو تبديل ٿي رهيو آهي، جنهن ۾ اجرڪ کي‬
‫وڏن شهپرن ۽ ڪهاڙي يا بندوق واري همراهه جي ڪلهي تي‬
‫ڏيکاري، سنڌي کي سڄي ملڪ ۽ دنيا ۾ ڪروڌي، ڌاڙيل ۽ عورتن‬
‫کي ڪاري ڪري ماريندڙ جانور طور متعارف ڪرايو ويو. اڄ‬
‫شهرن ۾ پهتل سنڌي مڊل ڪالس جي اٿڻي ويهڻي، ڳالهه ٻولهه جي‬
‫انداز ۽ سوچ جي وسيع ڪئنواس سان سنڌي قوم جو هڪ مختلف‬
‫اميج نروار ٿي رهيو آهي. جيتوڻيڪ اهو اميج نسبتا شهري بابو‬
‫وارو هجڻ ڪري، ڪنهن حد تائين ثقافتي خال جو شڪار ٿي رهيو‬
‫آهي، پر پوء به وڏيري ۽ ڌاڙيل واري اميج کان وڌيڪ بهتر آهي.‬
                                                 ‫ِ‬
‫ايندڙ سالن ۾ سنڌي ميڊيا جو ڪردار ان حوالي سان نهايت اهم‬
                                ‫5‬
‫هوندو، جنهن الء سنڌي ميڊيا کي ائپروچ ۾ تبديلي آڻڻ جي ڪافي‬
                                                  ‫ِ‬
                                                    ‫ضرورت آهي.‬
‫*پنجابي، سرائيڪي ۽ اردو ڳالهائيندڙ مڊل ڪالس جي ڀيٽ‬
‫۾سنڌي وچولو طبقو ثقافتي لحاظ کان وڌيڪ مضبوط آهي. جيتوڻيڪ‬
‫ٽي وي چيلنز وسيلي ٿيندڙ، بي پاڙي ثقافتي يلغار ڪافي بگاڙ به پيدا‬
‫ڪيو آهي، پر پوء به وڏي حد تائين سنڌي مڊل ڪالس ثقافتي لحاظ‬
                                                ‫ِ‬
‫کان باشعور آهي. مثال طور اسالم آباد ۽ الهور جي پنجابي گهراڻن‬
‫۾ گهر اندر پنجابي ڳالهائڻ يا ٻارن کي پنجابي پڙهائڻ جو الڙو تيزي‬
‫سان گهٽجي رهيو آهي. ان جي نسبت سنڌي مڊل ڪالس وڏي حد‬
‫تائين سنڌي ٻولي ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهي ۽ سندس پير هوا ۾ نه پر‬
                                                     ‫ڌرتي تي آهن.‬
‫*سياسي تنظمين، اخبارن، ٽي وي چينلز ۽ اين جي اوز وسيلي‬
‫سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي پاڪستان توڙي ملڪ کان‬
‫ٻاهر وڏي پيماني تي اتفاق راء پيدا ٿي رهيو آهي. ويجهن سالن ۾ اهو‬
                                    ‫ِ‬
‫مشاهدو عام ٿيو آهي ته ڪاالباغ ڊيم جهڙي معاملي تي ڪراچي جا‬
‫اردو ڳالهائيندڙ، انگريزي ميڊيا ۽ پنجاب جا مختلف حلقا سنڌين جي‬
‫موقف جي حمايت ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهن. اها سنڌي مڊل ڪالس‬
‫جي ڪامياب سياسي جدوجهد جي هڪ ننڍي پر نهايت اهم سوڀ‬
‫آهي. ساڳئي طرح جمهوريت جي بحالي، سنڌ جي وسيلن تي سنڌين‬
‫جو حق تسليم ڪرڻ، ملڪ مان فوجي راڄ ختم ڪرڻ جهڙن مسئلن‬
‫تي سنڌي مڊل ڪالس، سنڌ کان ٻاهر همدرد پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب‬
                                                          ‫ٿيو آهي.‬
‫*ماضي ۾ سنڌين تي هميشه اهو الزام رهيو آهي ته اهي گهر‬
‫کان ٻاهر نڪرڻ الء تيار ناهن ۽ ڳوٺ کان ٻاهر سڄي دنيا هنن الء‬
‫ِ‬                                             ‫ِ‬
‫پرديس آهي. ان حوالي سان سنڌين تي ڪيترائي لطيفا پڻ عام آهن.‬
‫منهنجي ذاتي تجربي موجب اهو الزام ڪنهن حد تائين درست به‬
‫آهي. پر اهو سڀ ڪجهه ايستائين درست هو، جيستائين سنڌ جي‬
‫ٻهراڙين ۾ گذران جا وسيال ڪافي هيا ۽ ماسترين ۽ ڪالرڪن جي‬
                             ‫6‬
‫سرڪاري ديڳ هر سال چڙهندي هئي. جڏهن کان سرڪاري‬
‫نوڪرين تي پابندي پئي ۽ واهن ۾ پاڻي گهٽ ٿيو، بک ۽ بيروزگاري‬
‫کان مجبور نوجوانن ڳوٺن کان ٻاهر پير ڪڍيا آهن ۽ انهن شعبن ۾‬
‫به پير پاتو آهي، جيڪي اڳي يا ته سندن شان وٽان نه هئا يا وري‬
‫کين انهن ۾ ڪير پير رکڻ نه ڏيندو هو. گذريل ڏهاڪو کن سالن ۾‬
‫جنهن رفتار سان سنڌي مڊل ڪالس جو نوجوان ڳوٺن کان ٻاهر‬
‫نڪتو آهي.ان جو مثال ان کان اڳ وارن سمورن ڏهاڪن ۾ نٿو ملي.‬
‫جيتوڻيڪ شهري زندگي ۾ پختا پير کوڙڻ الء اڃا ان کي هڪ‬
                  ‫ِ‬
‫وڌيڪ نسل جو انتظار ڪرڻو پوندو. پر بهرحال هڪ صحتمند‬
‫تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن ۾ ڳوٺن‬
‫مان ٻاهر نڪتل سنڌي مڊل ڪالس جو ٽيلنٽ، ملڪ جي ٻين حصن‬
‫توڙي ٻاهرين ملڪن ۾ سنڌي قوم الء هڪ مثبت سڃاڻپ پيدا ڪرڻ‬
                             ‫ِ‬
‫جي ڀرپور صالحيت رکي ٿو. جيڪڏهن سنڌ جي تعليمي ادارن کي‬
‫فضيلت ڀري قيادت ملي وئي ته اها مڊل ڪالس جي ٽيلينٽ کي ڏيهه‬
    ‫توڙي پرڏيهه، سنڌ جي ڀرپور نمائندگي جي قابل بنائي سگهي ٿي.‬
‫سنڌين تي هڪ ٻي جائز تنقيد ڇوڪرين کي پڙهائڻ يا پڙهائڻ‬
‫کان پوء نوڪرين ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ رهي آهي. جاگيرداراڻي‬‫ِ‬
‫سماجي ڍانچي جي تسلط سبب سنڌي مڊل ڪالس انهن مدي خارج‬
‫روايتن ۾ جڪڙيل آهي، جتي عورت جو گهر کان ٻاهر جي زندگي ۾‬
‫ڪوبه ڪردار حرام آهي. جيتوڻيڪ سنڌي مڊل ڪالس ۾‬
‫ڇوڪرين کي تعليم ڏيارڻ جو رجحان نئون ناهي، پر اهو نهايت‬
‫محدود سطح تي رهيو آهي. جيڪڏهن پرائمري کان يونيورسٽي تائين‬
‫ڊراپ آئوٽ جي ٽرينڊ کي ڏسبو ته ان جو تمام وڏو حصو ڇوڪرين‬
‫جو نظر ايندو. يونيورسٽين تائين پهچندڙ ڇوڪرين جو انگ اٽي ۾‬
‫لوڻ برابر رهيو آهي. انهن ۾ به وري نوڪرين تائين پهچندڙن جو‬
‫تعداد بنهه ٿورو رهيو آهي ۽ جيڪڏهن نوڪري ڪندڙ سنڌي‬
‫عورتن جا انگ اکر ڏسبا ته معلوم ٿيندو ته انهن جي اڪثريت‬
‫سرڪاري ماستري وغيره تائين محدود رهي آهي.بئنڪنگ سول‬
                            ‫7‬
‫ايوي ايشن، ڪارپوريٽ سيڪٽر جهڙن شعبن ۾ سنڌي ڇوڪرين‬
‫جو انگ بنهه گهٽ رهيو آهي. اڄڪلهه اين جي اوز وسيلي سنڌي‬
‫مڊل ڪالس جي ڇوڪرين ۾ ٻاهر نڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾‬
‫نوڪرين ڪرڻ جو الڙو وڌيو آهي. عورتن جي اڳتي وڌڻ ۽ بنيادي‬
‫ذاتي حقن جي حصول ۾ سنڌي ميڊيا به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.‬
‫جيتوڻيڪ ان حوالي سان به ڪجهه رخ بحث طلب آهن ۽ ماڻهو‬
‫ڪجهه حوالن سان مختلف راء به رکن ٿا، پر مجموعي طور سنڌي‬
                                ‫ِ‬
‫مڊل ڪالس الء هي هڪ اهم وک آهي. جيئن جيئن سنڌي مڊل‬
                                             ‫ِ‬
‫ڪالس جي عورت جاگيرداڻي سماج جي پابندين مان جان آجي‬
‫ڪرائيندي، سنڌي مڊل ڪالس جو رول وڌيڪ مضبوط ٿيندو.‬
‫سنڌي مڊل ڪالس جي عورتن جو هي پهريون نسل جنهن کي اهي‬
‫آزاديون ۽ موقعا حاصل ٿي رهيا آهن، تن الء ضروري آهي ته هو‬
                    ‫ِ‬
‫پنهنجو ڪردار نهايت ذميواري سان ادا ڪن ته جيئن وڌيڪ‬
‫ڇوڪرين/ عورتن الء اهڙا موقعا پيدا ٿي سگهن. پڙهيل لکيل ۽‬
                                       ‫ِ‬
‫ذميوار سنڌي مڊل ڪالس جون عورتون سنڌي سماج جي ترقي الء‬
‫ِ‬
‫نه رڳو پاڻ بهترين ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، پر سنڌ کي محب‬
‫وطن ۽ باصالحيت مڊل ڪالس جي ٽين جنريشن به فراهم ڪري‬
                                                ‫سگهن ٿيون.‬
‫مٿي ڄاڻايل اهي سمورا مثبت رخ ان ڳالهه جي عالمت آهن ته‬
‫سنڌي مڊل ڪالس تبديل ٿيندڙ سماجي، اقتصادي ۽ سياسي منظر‬
‫نامي ۾ پنهنجي ڪردار کي تبديل ڪري رهيو آهي ۽ وٽس سنڌي‬
‫سماج کي هڪ متبادل قيادت فراهم ڪرڻ جي ڀرپور صالحيت‬
‫موجود آهي. سموريون اندروني ۽ خارجي رڪاوٽن باوجود سنڌي‬
‫مڊل ڪالس هڪ خاموش مزاحمتي ڪردار ادا ڪندي، پنهنجا‬
                        ‫رستا ٺاهڻ جي جدوجهد ۾ مصروف آهي.‬
                         ‫8‬




              ‫بگٽي‬             ‫علي‬              ‫قربان‬
                                          ‫پهرين قسط‬




‫ڪميونسٽ پڌرنامو ڪارل مارڪس ۽ فريڊرڪ اينگلس جي‬
‫مسلسل محنت، تجربي ۽ مطالعي جو نتيجو آهي. هي ڪتاب اصل‬
‫جرمن زبان ۾ سال 1818ع ۾ ڪميونسٽ ليگ جي فرمائش تي لکيو‬
                           ‫9‬
‫ويو هو، جنهن جو تاريخي پس منظر بيان ڪندي مصنفين پنهنجي‬
‫پيش لفظ ۾ اسان کي ٻڌائين ٿا ته ”پورهتين جي هڪ ڳجهي تنظيم‬
‫ڪميونسٽ ليگ جو اجالس لنڊن ۾ نومبر 7818ع ۾ منعقد ٿيو هو،‬
‫جنهن اسان کي (ڪارل مارڪس ۽ اينگلس) پارٽي جي مفصل‬
‫نظرياتي پروگرام ٺاهڻ الء حڪم ڪيو هو، ان مطابق هن منشور‬
                                   ‫ِ‬
‫جي اصليت بابت روشني پوي ٿي. ان جو مسودو لنڊن ۾ فرانس جي‬
‫فبروري 1818ع واري انقالب کان اڳ پهچي چڪو هو.“ (مالحظه‬
‫ٿئي ماسڪو مان شايع شده انگريزي ۾ ڪميونسٽ منشور جو پيش‬
‫لفظ 7908ع ايڊيشن) هن تصنيف جو پورو نالو ‪(Manifesto of‬‬
‫)‪ the communist party‬آهي ۽ انگريزي ٻولي ۾ سندس پهريون‬
‫ترجمو 0818ع ۾ هڪ عورت نالي مسز مئڪ فارلين ‪(Mac‬‬
‫)‪ farlance‬ڪيو هو. پر هينئر دنيا ۾ سئموئل مور )‪ (Moore‬جو‬
    ‫انگريزي ترجمو مروج آهي، جو هن 1118ع ۾ مڪمل ڪيو هو.‬
                                ‫منشور جو روسي ترجمو‬
‫اشتراڪي منشور جو روسي زبان ۾ پهريون ترجمو روس جي‬
‫مايه ناز مفڪر ۽ دانشور باڪونن )‪ (Bakunin‬سال 1918ع ۾‬
‫روس جي هڪ امير گهراڻي ۾ پيدا ٿيو هو ۽ سن 9718ع ۾ وفات‬
                                            ‫ً‬
‫ڪيائين. ضمنا هتي اهو به عرض ڪري ڇڏيان ته روس ۾‬
‫مارڪس کي علمي طور تي متعارف ڪرائڻ وارو واحد شخص‬
‫باڪونن هو، پر افسوس جو مارڪس پنهنجي محسن جي خالف‬
‫سخت مخالفت ۽ پروپيگنڊا ڪئي. نتيجو هي نڪتو جو مارڪس‬
‫سان اختالف ڪري باڪونن انارڪسٽ خيالن جو علمبردار بڻيو.‬
‫پروفيسر برٽرانڊرسل )‪ (Russd‬پنهنجي هڪ مشهور ڪتاب‬
‫)‪ (Road Roads to freedom‬۾ باڪونن ۽ سندس خياالت جو‬
‫هڪ نهايت ئي عالمانه جائزو پيش ڪيو آهي، باڪونن ۽ مارڪس‬
‫جي سرگرمين جي باهمي ڀيٽ ڪندي هو پنهنجي مٿين ڪتابن ۾ لکي‬
‫ٿو ته ”باڪونن جي حياتي مارڪس جي ڀيٽ ۾ نهايت ئي طوفاني‬
‫آهي. حاڪمن جي خالف هر قسم جي بغاوت ۽ سرڪشي سان هن‬
                              ‫01‬
‫جي همدردي هوندي هئي ۽ پنهنجي حمايت ۾ هن کي ذاتي خطري‬
                     ‫وٺڻ ۾ ٽڪي جي به پرواهه ڪانه رهندي هئي.“‬
‫‪Bakunin’s life, unlike marx Is a very stormy‬‬
‫‪one. Every king of rebellion against authority‬‬
‫‪always aroused his sympathy, and in his support‬‬
‫‪he never paid the slightest attention to personal‬‬
‫,‪risk. (Roads to freedom, P-62 by Bertrond Russel‬‬
                                      ‫)‪London 1948 Edition‬‬
‫باڪونن جهڙي هڪ غيور بهادر ۽ نه وڪامندڙ شخصيت‬
‫بابت مارڪس جو رمارڪ نهايت ئي ڏکوئيندڙ ۽ تعصب تي ٻڌل‬
‫آهي. برٽرانڊرسل لکي ٿو ته ”مارڪس پنهنجي جرمن دوستن کي‬
‫هڪ مخفي مراسله ۾ لکيو هو ته باڪونن پان سالوسٽ پارٽي جو‬
‫ايجنٽ آهي ۽ انهن کان پنجويهه هزار فرئنڪ ساالنه وصول ڪري‬
                                                    ‫ٿو.“ (ص-99)‬
‫مارڪس جي هن عبرتناڪ ۽ سخت الزام جي، تصديق کان‬
‫مؤرخين اڄ تائين قاصر آهن. پر هن مان فقط هڪڙي اهم ڳالهه ثابت‬
‫ٿئي ٿي ته ڪميونسٽ حضرات پنهنجن نظرياتي مخالفن کي بيروني‬
‫ايجنٽ هجڻ جو هميشه الزام لڳائيندا آهن، ڇاڪاڻ ته سندن وڏي‬
‫مارڪس جو به ساڳيو رويو هو ، جيئن اوهان مٿي باڪونن جي‬
                                               ‫سلسلي ۾ پڙهي آيا.‬
‫مشهور مغل شهزادي زيب النساء پنهنجي الء هڪ فارسي بند‬
                  ‫ِ‬
‫۾ چيو هو ته ”پير شد زيب النساء اورا خريدار نه شد“ يعني ”زيب‬
‫النساء پوڙهي ٿي وئي پر ان جو ڪوبه خريدار نه بڻيو.“ ساڳيو بند‬
‫باڪونن سان پڻ لڳي ٿو. مرندي گهڙي تائين هن کي ڪوبه خريد نه‬
‫ڪري سگهيو. اهڙي باهم ، بهادر ۽ ڪونڌر سياستدان کي ٻين جو‬
                              ‫ايجنٽ ڪوٺڻ اخالق جو ڏيوالو آهي .‬
‫برٽرانڊرسل پنهنجي ڪتاب ۾ اڳتي هلي مارڪس جي‬
‫شخصيت بابت باڪونن جا الفاظ نقل ڪري ٿو. باڪونن چوي ٿو ته‬
                            ‫11‬
‫”مارڪس مون کي جذباتي آئڊلسٽ ڪوٺيندو هو ۽ ان ۾ هو صحيح‬
‫هو. مان کيس خالي ذهن وارو، دغاباز، بي ايمان، چاالڪ ۽ مڪار‬
                          ‫ڪوٺيندو هوس ۽ مان به صحيح هوس.“‬
‫,‪He (Marx) called me a sentimental idealist‬‬
‫,‪and he was right. I called him a vain man‬‬
   ‫)45-‪perfidious and crafty and I also was right. (P‬‬
‫ڳالهه شروع ڪئي وئي اشتراڪي منشور جي روسي ترجمي‬
‫بابت، مارڪس ۽ اينگلس جي هن ڪتاب جو ٻيو روسي مترجم‬
‫مشهور روسي خاتون ايراز اسولش )‪ (Lasulich‬آهي. هي ڪتاب‬
‫پڻ 1118ع ۾ جنيوا مان شايع ٿيو هو. ويز اسولش جي تذڪري سان‬
‫روسي ڪتاب ڀريا پيا آهن. ماسڪو مان لينن جون منتخب تصانيف‬
‫)‪ (Selected works of Lenin‬ٽن جلدن ۾ شايع ٿيون آهن. هن‬
‫ڪتاب جي پهرين جلد جي صفحه 808 تي اسولش بابت لکيل آهي‬
‫ته ” مائي صاحبه جو پورو نالو ويرا اوانو نازا سولش ‪(Veaiva‬‬
‫)‪ novna lasulich‬آهي. هوء 0818ع ۾ پيدا ٿي هئي ۽ 0808ع ۾‬
‫روسي انقالب کان ٻن سالن بعد وفات ڪيائين. هن ناروڊنڪ ۽ بعد ۾‬
‫روس جي سوشل جمهوري تحريڪ ۾ نمايان حصو ورتو ۽ اهم‬
‫ڪردار ادا ڪيو. سن 1718ع ۾ ويرازا سولش پيٽر سبرگ جي‬
‫گورنر ٽرپوف )‪ (Trepove‬تي خوني حملو ڪيو هو. سن 1118ع‬
‫۾ روس ۾ پهرين مارڪسي تنظيم ”ليبر گروپ“ جو بنياد وڌو هو.“‬
‫(صفحو 801 ماسڪو) ويرازا سولش جي سرگرمين بابت وڌيڪ‬
‫احوال معلوم ڪرڻ الء مالحظه ٿئي، اينگلس جي حياتي بابت‬
                                       ‫ِ‬
‫ماسڪو مان شايع ٿيل انگريزي ڪتاب ‪(Fredric Engeles a‬‬
                                    ‫)‪ biographv‬صفحه 891.‬
                         ‫اشتراڪي منشور جا عالمي اثرات:‬
‫مارڪس ۽ اينگلس جي هن جڳ مشهور تصنيف ۾ پيش ڪيل‬
‫خياالت سان اسان کي بنيادي اختالف آهي، جنهن جو تفصيل بعد ۾‬
‫پيش ڪيو ويندو، پر ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو نه آهي ته هن ننڍڙي‬
                            ‫21‬
‫ڪتاب (انگريزي ۾ ڪل 90 ڇهانوي صفحا) دنيا جي تاريخ جو رخ‬
‫موڙيو آهي. هن ڪتاب جو شمار دنيا جي اهڙن تصنيفن ۾ آهي، جن‬
‫عالم انسانيت کي وڌ ۾ وڌ متاثر ڪيو. سن 1808 ۾ مارڪس جي‬
‫هن ڪتاب جي صد ساله ورسي برطانيه جي هڪ مشهور سياسي‬
‫مفڪر پروفيسر هئرالڊ السڪي ملهائي هئي. هن اجالس ۾ دنيا جي‬
‫وڏن عالمن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي هئي، جنهن جي روئداد‬
‫انگريزي ٻولي ۾ ‪(Communist, manifesto a socialist‬‬
‫)‪ land mark‬جي نالي ڪتاب ۾ شايع ٿي. مارڪس جي نظريي‬
‫سان شديد اختالف رکندڙ عالمن به اشتراڪي منشور جي عالمي‬
                       ‫ً‬
‫اثرات کان اختالف ڪونه ڪيو آهي. تقريبا دنيا جي هر قابل ذڪر‬
‫ٻولي ۾ ان جا ترجما ٿيا آهن. اسان جي سنڌي ٻولي ۾ ڪتاب جو‬
‫ترجمو سکر جي هڪ اديب رشيد ڀٽي صاحب ”ڪميونسٽ پڌرنامو“‬
‫جي عنوان سان ڪيو، جنهن جو پيش لفظ مسٽر رسول بخش پليجي‬
‫لکيو آهي. پليجي الء سندس پوئلڳن ۽ عقيدتمندن جو چوڻ آهي ته هي‬
                                          ‫ِ‬
‫سنڌ ۾ مارڪسي فڪر جو وڏو ڄاڻو ۽ دانشور آهي. پر ڪميونسٽ‬
‫پڌرنامه بابت پيش لفظ پڙهي مون کي سخت مايوسي، افسوس ۽‬
‫حيرت ٿي. جيئن مٿي عرض ڪيو ويو ته اسان کي ڪميونسٽ‬
‫پڌرنامه ۾ پيش ڪيل خياالت سان بنيادي اختالف آهي. ان جي‬
‫باوجود پليجي صاحب جو لکيل تعريفي ديباچو سطحي نوعيت جو‬
‫آهي. پروفيسر برٽرانڊ رسل پنهنجن ڪيترن ئي ڪتابن ۾ مارڪس‬
‫جي فڪر سان شديد اختالف جو اظهار ڪيو آهي، ان هوندي به هو‬
‫اشتراڪي منشور کي ”تاريخ جي وڏن سياسي اعالن مان هڪ‬
                                            ‫اعالن“ ڪوٺي ٿو.‬
‫مون کي ته پليجي صاحب جي مهاڳ پڙهڻ سان صاف معلوم‬
‫ٿيو ته موصوف ڪميونسٽ پڌرنامي کي شايد چڱي طرح سان پڙهيو‬
        ‫ً‬
‫به ڪين آهي. خود ڪميونسٽن به پليجي جي مهاڳ کي يقينا پسند نه‬
‫ڪيو هوندو. بهرحال هيٺ مارڪس ۽ اينگلس جي هن اهم تصنيف‬
‫بابت پنهنجا خياالت پيش ڪندس. اميد ته قارئين ڪرام ان کي‬
                            ‫31‬
‫دلچسپي سان پڙهندا ۽ هيئن سان هنڊائيندا. ڪميونسٽ منشور ۾ پيش‬
‫ڪيل خياالت ۽ نظريات تاريخ جي روشني ۾ رد ۽ باطل ٿي ويا.‬
‫مارڪس جو منشور تاريخي ماديت وارو نظريو هڪ افسانوي‬
‫فرسوده حيثيت رکي ٿو. جيتوڻيڪ مارڪس پاڻ واري نظريه کي‬
‫سائنٽفڪ سوشلزم جي نالي سان موسوم ڪري ٿو، پر حقيقت ۾‬
‫سوشلزم هڪ اهڙو لفظ آهي. جنهن جي تعبير ۽ تشريح ۾ ڪافي‬
‫مونجهارو پيدا ٿئي ٿو. مغرب جو هڪ نامور، مفڪر ۽ فلسفي‬
‫ڊاڪٽر سي- اي- ايم جو پنهنجي جڳ مشهور تصنيف‬
‫)‪ (Introduction to modern political theory‬۾ سوشلزم‬
‫جي وضاحت بابت نهايت ئي هڪ باريڪ بين ۽ عالمانه راء ڏني‬
     ‫ِ‬
‫آهي، جنهن جو قدر نه ڪرڻ وڏي زيادتي ٿيندي، مغرب جو هي‬
‫داناء شخص لکي ٿو ته ”مختصر طور تي سوشلزم جو مثال هڪ‬
‫اهڙي ٽوپي جيان آهي، جنهن جي شڪل صورت وڃائجي وئي،‬
                            ‫ڇاڪاڻ ته هرڪو ان کي پائي ٿو.“‬
‫‪Socialism, in short is like a hat that has lost its‬‬
‫‪shape because every body wears it (joad: Modren‬‬
‫9291 ‪political theory P-40 Oxford press London‬‬
                                                   ‫.‪edition‬‬
‫روس ۾ ڪميونسٽ انقالب جي باني وي- آء- لينن هڪڙي هنڌ‬
                 ‫ِ‬
‫”ڪميونسٽ پڌرنامي“ بابت پنهنجي خياالت جو اظهار ڪندي لکيو‬
‫آهي ته ”غير معمولي صفائي ۽ آب و تاب سان هيء تصنيف نئين‬
‫عالمي نظريي جو خاڪو پيش ڪري ٿي، با اصول ماديت جو، جا‬
‫سماجي زندگي تي به حاوي آهي. جدليات جو، جو ارتقا جو سڀ کان‬
‫جامع ۽ ڳوڙهو نظريو آهي، طبقاتي جدوجهد ۽ ان پرولتاريه جي‬
‫عالمگير تاريخي انقالبي رول جي نظريه جو، جيڪو هڪ نئين‬
‫ڪميونسٽ سماج جو پيدا ڪندڙ آهي.“ (وي- آء لينن- سليڪٽيڊ‬
               ‫ِ‬
                                  ‫ورڪس- واليوم 8 ماسڪو).‬
                               ‫41‬
‫ڪميونسٽ پڌر نامو لينن جي الفاظ ۾ ”هڪ نئين اشتراڪي‬
‫سماج کي جنم ڏنو.“ پر ان الء ڪيتري ته قيمت ادا ڪرڻي پئي. لکين‬
                                      ‫ِ‬
‫جانيون قربان ٿيون ۽ پوء به اتي بک، بيروزگاري ۽ ظلم کان نجات‬
                                          ‫ِ‬
                       ‫ٰ‬
‫ڪانه ملي. طبقاتي نظام جي خاتمي جي دعوي ڪندڙن جي ظالمانه‬
‫آپريشن جي نتيجي ۾ هڪڙو طبقو پيدا ٿيو، جنهن کي يوگوسالويه‬
‫اسيمبلي جو سابق صدر مشهور ڪميونسٽ ليڊر ۽ شاعر ملووان‬
‫جيالس نئون ڪالس ڪوٺي ٿو ۽ اهو ڪالس آهي، ڪميونسٽ‬
‫پارٽي جو ، جنهن وٽ اقتدار، ملڪيت ۽ نظريي جي هڪ هٽي آهي.‬
‫جيالس بالڪل صحيح راء ڏني ته ڪميونسٽ رياست به هڪ‬
                                        ‫ِ‬
‫)‪ (Cligarchy‬آهي، جنهن ۾ هڪ خاص گروهه جي ماڻهن الء سڀ‬
      ‫ِ‬
‫رعايتون وقف ٿيل آهن. نوڪريون به انهن الء، اعليٰ تعليم به سندن‬
                     ‫ِ‬
‫الء وقف ٿيل آهي ۽ باقي سموري مخلوق ان نئين ڪالس جي گهر‬         ‫ِ‬
                                              ‫جي پينو ۽ فقير آهي.‬
‫لينن هڪ ٻئي هنڌ تي ڪميونسٽ پڌرنامي بابت اظهار خيال‬
‫ڪندي لکي ٿو ته ”هي ننڍڙو ڪتابچو هڪ وڏي ڪتاب جيان آهي.‬
‫اڄ ڏينهن تائين هي مهذب دنيا جي جدوجهد ڪندڙ مزورن جي‬
                                  ‫رهنمائي ڪري ٿو.“ مالحظه ٿئي:‬
           ‫‪(V: I Lenin: Selected Works vol: I page‬‬
‫ڪميونسٽ دانشورن کان عالوه غير ڪميونسٽ عالمن به‬
‫ڪميونسٽ پڌرنامي بابت عجيب رايا ڏنا آهن. مثال طور جارج‬
‫برنارڊشا )‪ (Bernard shaw‬پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ مارڪس ۽‬
‫اينگلس جي هن اهم تصنيف بابت لکي ٿو ته ”مارڪس ۽ اينگلس‬
‫ٻنهي گڏجي مشهور “ ”ڪميونسٽ پڌرنامي“ لکيو هو. هي ڪتاب‬
    ‫اسان جي موجوده صحيفن مان هڪ نهايت ئي اهم صحيفو آهي.“‬
‫,‪(An, intelliqent womans’s guide to socialism‬‬
                                            ‫.)‪page 456, lond‬‬
‫ياد رهي ته جارج برنارڊشا انگلستان جو هڪ مشهور دانشور،‬
‫مفڪر ۽ ليکڪ ٿي گذريو آهي. جنهن 1808ع ۾ وفات ڪئي هئي.‬
                             ‫51‬
‫پاڻ فئبيئان سوشلزم جو علمبردار هو. سندن مٿيون ڪتاب سوشلزم‬
‫جي فڪر بابت انسائڪلو پيڊيائي مواد مهيا ڪري ٿو. موجوده دور‬
‫جو هڪ ٻيو يورپي فالسفر، دانشور، ۽ مفڪر پروفيسر‬
‫برٽرانڊرسل )‪ (Russel‬پنهنجي ڪتاب ‪(German Social‬‬
‫)‪ Democracy‬۾ ”ڪميونسٽ پڌرنامه“ بابت لکي ٿو ته ”منهنجي‬
‫خيال ۾ مختصر و جامع فصاحت ڇڪ پائيندڙ، ظرافت، حاضر‬
‫جوابي، توڙي سياسي بصيرت جي لحاظ کان ڪميونسٽ پڌرنامو‬
‫بهترين سياسي لٽريچرن مان هڪ لٽريچر جو ٽڪرو آهي.“ (صفحه‬
‫98، لنڊن) هي ڳالهه خاص نوٽ ڪرڻ گهرجي ته برٽرانڊرسل‬
‫مٿيون ڪتاب اڄ کان ستاسي سال اڳ يعني 9018ع ۾ لکيو هو. ان‬
‫وقت رسل چوويهن ورهين جو نوجوان هو. بعد ۾ روس وڃڻ کان‬
‫پوء (9108) هن جي خياالت ۾ نمايان تبديلي آئي هئي، جنهن جي‬  ‫ِ‬
‫‪(Theory and practice of‬‬                   ‫ثابتي سندس ڪتاب‬
‫)‪ bolshevism‬مان ملي سگهي ٿي. ڪتاب ‪(German social‬‬
‫)‪ democracy‬جي ٻي ايڊيشن سال 8908ع ۾ شايع ٿي هئي. ان‬
‫جو پيش لفظ لکندي رسل پاڻ کي ڪتاب جو سابق مصنف‬
                                  ‫)‪ (Former writer‬ڄاڻايو آهي.‬
                               ‫ڪميونسٽ پڌرنامه جو نچوڙ‬
‫هاڻي هڪ بنيادي سوال ذهن ۾ گشت ڪري ٿو ته ”ڪميونسٽ‬
‫پڌرنامي“ جو مرڪزي نڪتو ۽ تصور ڇا آهي؟ هن اهم سوال جو‬
‫جواب خود پڌرنامه جي مصنف اينگلس 1118 واري انگريزي‬
‫ايڊيشن جي پيش لفظ ۾ ڏنو آهي. جنهن ۾ هو لکي ٿو ته ”پڌرنامو مان‬
‫۽ مارڪس گڏجي لکيو هو، پوء به مان هي ٻڌائڻ پنهنجو فرض‬
                                ‫ِ‬
‫سمجهان ٿو ته اهو مرڪزي تصور جنهن تي هن پڌرنامه جو بنياد‬
‫آهي، سو مارڪس جو لکيل آهي. اهو تصور هي آهي ته هر تاريخي‬
‫عهد ۾ اقتصادي پيداوار ۽ تبادله جو جيڪو طريقو رائج آهي ۽ ان‬
‫مان جيڪو سماجي ڍانچو ٺهي ٿو. اهوئي بنياد آهي، جنهن تي ان‬
‫عهد جي سياسي ۽ ذهني تاريخ تيار ٿئي ٿي ۽ ان مان ان جي تعبير‬
                             ‫61‬
‫به ٿي سگهي ٿي. چنانچه (قديم قبائلي سماج جي ٽٽڻ بعد جنهن ۾‬
‫زمين جي برابري واري ملڪيت جو رواج هو). انسان ذات جي‬
‫سموري تاريخ طبقاتي جدوجهد جي تاريخ، يعني استحصال ڪرڻ‬
‫وارن ۽ استحصال جي شڪار ماڻهن، حڪمران ۽ مظلوم طبقن جي‬
‫پاڻ ۾ مقابلي جي تاريخ آهي. هي طبقاتي جدوجهد جي تاريخ ارتقا جا‬
‫ڪيترائي ڏاڪا لتاڙي گذري آهي ۽ اڄ اها منزل اچي پهتي آهي.‬
‫جڏهن ته استحصال ڪيل مظلوم طبقو يعني پرولتاريه، استحصال‬
‫ڪرڻ وارو ظالم طبقو يعني پورجوا جي چنبي کان ان وقت تائين‬
‫ڇوٽڪارو حاصل ڪري نٿو سگهي، جيستائين پاڻ سان گڏ پوري‬
‫سماج کي هميشه الء هر قسم جي استحصال، ظلم، طبقاتي امتياز ۽‬
                                          ‫ِ‬
‫طبقاتي جدوجهد کان ڇوٽڪارو نه ڏياري.“ (حوالي الء ڏسو‬
      ‫ِ‬
‫ڪميونسٽ پڌرنامه انگريزي ۾ ماسڪو مان شايع ٿيل صفحه 91 ۽‬
                                        ‫81، 7908ع ايڊيشن).‬
‫”تاريخي ماديت“‬      ‫اهائي مارڪس جي طرفان مشهور‬
‫)‪ (Historical Materialism‬واري پيش ڪيل نظريه جي تشريح‬
‫۽ وضاحت آهي. حقيقت هي آهي ته جدلياتي ماديت ‪(Dialectical‬‬
‫)‪ materialism‬واري تصور مان ئي تاريخي ماديت جو نظريو جنم‬
‫وٺي ٿو. مارڪس، جدلياتي ماديت جو نظريو مشهور جرمن فلسفي‬
‫هيگل کان ورتو هو. جنهن سال 8118ع ۾ وفات ڪئي هئي.مارڪس‬
‫پنهنجي ڪتاب ”سرمايه“ )‪ (Capital‬جي پهرين حصي ۾ هيگل کي‬
‫”طاقتور ۽ عظيم مفڪر“ جو لقب عطا ڪري ٿو. پر ان هوندي به‬
‫هو هيگل تي تنقيد ڪندي لکي ٿو ته ”هن جي جدليات آئڊلزم تي مبني‬
‫آهي، جڏهن ته مون واري جدليات جو بنياد ئي سراسر ماديت تي‬
‫بيٺل آهي.، (داس ڪئپيٽا، حصه اول، صفحه 08، ٻي جرمن ايڊيشن‬
‫تي انگريزي ۾ تبصرو شايع شده ماسڪو 8908ع ايڊيشن). سماج،‬
‫سماجي زندگي ۽ ان جي تاريخ بابت جدلياتي ماديت جي اصولن جي‬
                             ‫71‬
‫اطالق کي تاريخي ماديت سڏجي ٿي. روس مان ”ڪميونسٽ پارٽي‬
‫‪(History of communist party of soviet‬‬             ‫جي تاريخ“‬
‫)‪ union‬نالي هڪ ڪتاب 080 ع ۾ شايع آهي. ان ۾ مصنف لکي‬
                                                        ‫ٿو ته:‬
‫‪Historical materialism is the extension of the‬‬
‫‪principeles of dialectical materialism to he study‬‬
‫‪of social life, an application of the principles of‬‬
‫‪dialectial materialism to the phenomena of the‬‬
‫‪life of societv, to the study of society and of its‬‬
                    ‫)‪history. (P.128 Moscow 1949 E D‬‬
‫مارڪس جي تاريخي ماديت واري نظريه جي مڪمل تشريح‬
‫مٿي ڪئي وئي. هن جي خيال ۾ تاريخ جي تعبير اقتصاديات ۽‬
‫پيداواري اصولن تي ڪري سگهجي ٿي. تمام تحريڪن جي برپا ٿيڻ‬
‫جو مکيه سبب معاشيات آهي. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته‬
‫انساني سماج جي تبديلي الء خدا جي پيغمبرن وڏيون تحريڪون‬
                              ‫ِ‬
‫هاليون هيون. مارڪسي فلسفه (تاريخي ماديت) ماديت، اهڙن‬
‫انبيائي تحريڪن جو مکيه ڪارڻ معاشيات ۽ اقتصادي پيداوار جا‬
‫اصول آهن. حاالنڪه ”قرآن مجيد جي مطالع مان معلوم ٿيندو ته‬
‫انبياء جي تحريڪ جو بنيادي مقصد“ ان اعبدهللا مالڪم من دون هللا‬
‫هللا غير.“ (ته هللا جي عبادت ڪريو ، هن کان سواء ٻيو ڪوبه هللا‬
              ‫ِ‬
‫ڪو آهي). انبياء توحيد رسالت ۽ آخرت جي دعوت ڏني آهي، ان‬
‫ڪري اسان مسلمان مارڪسي تاريخ ماديت جي قبول ڪرڻ جو‬
                                   ‫تصور به نٿا ڪري سگهون.‬
‫مارڪس جي تاريخي ماديت واري نظريه جي ضد ۾ يورپ‬
‫جي ٻين دانشورن پنهنجي طرفان جدا جدا نظريا پيش ڪيا آهن. مثال‬
                            ‫81‬
‫طور مشهور نفسياتي ماهر ۽ دانشور فرائڊ (وفات 0108ع) جو‬
‫چوڻ آهي ته تاريخ جي تعبير معاشيات جي ذريعي نه، پر جنسيات‬
‫)‪ (Sex‬۾ ڪري سگهجي ٿي. يورپ جي هڪ ٻئي دانشور ۽ فلسفي‬
‫پروفيسر برٽرانڊ رسل )‪ (Russel‬لکيو آهي ته تاريخ جي تعبير الء‬
‫ِ‬
‫مارڪس ۽ فرائڊ جون ٿيوريون غلط آهن. هن پنهنجي طرفان اقتدار‬
‫)‪ (Power‬کي اصل قوت قرار ڏنو. رسل پنهنجي نقطه نظر جي‬
‫وضاحت ۽ تشريح الء سال 1108ع ۾ )‪ (Power‬نالي هڪ ڪتاب‬
                                       ‫ِ‬
‫انگريزي ٻولي ۾ تصنيف ڪيو. هو لکي ٿو ته ”فقط ان ڳالهه محسوس‬
‫ڪرڻ سان ته اقتدار جي محبت ئي اهڙين محرڪات جو سبب آهي.‬
‫جيڪي سماجي معامالت ۾ اهميت رکن ٿيون ۽ جنهن ڪري قديم‬
‫توڙي جديد تاريخ جي صحيح تعبير ڪري سگهجي ٿي.“ (صفحه‬
‫98) براٽرانڊ رسل پنهنجي مٿين ڪتاب ۾ تاريخ جي روشني ۾ نهايت‬
‫ئي منطقي دلين سان مارڪس جي تاريخي ماديت واري نظريه کي‬
                                             ‫رد ڪري ڇڏيو.‬
‫مارڪس پنهنجي ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ سماج کي فقط ٻن طبقن‬
‫۾ ورهائي ٿو. سندس الفاظ ۾ هڪڙا ”پرولتاڙي ۽ ٻيا‬
‫بورجوا“.پرولتاري مان مراد مزدور ۽ بورجوا مان مراد جديد‬
‫سرمايه دار آهن. اسالم ۾ به ٻه گروهه شمار ڪيا وڃن ٿا، پر انهن‬
‫۾ ”پرولتاريه“ ۽ ”بورجوا“ جي الء ڪابه گنجائش نه آهي. اسالم‬
                          ‫ِ‬
‫سماج کي ٻن گروهن يعني هڪ مؤمن ۽ ٻيو ڪافر ۾ تقسيم ڪري‬
‫ٿو. مؤمن مزدور به اچي وڃن ٿا ته سرمايه دار به. ساڳيو حال‬
‫”ڪافرن جو آهي. ان ڪري ڪيمونسٽ پڌرنامه ۾ مذڪوره باال ٻن‬
                         ‫طبقن کي اسالم تسليم نٿو ڪري. (باقي)‬
‫91‬




     ‫شهاب الدين غازي‬
                              ‫02‬
‫سنڌ جو ناميارو سياستدان ۽ مصنف جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب‬
‫”سنڌؤ جي ساڃاهه“ جي پيش لفظ ۾ لکي ٿو ”سنڌ جا رهاڪو‬
‫اڪثري زراعت، مال چارڻ جي پيشي هئڻ ڪري، جيڪي سندن‬
‫گذران جا دائمي ۽ قدرتي ذريعا هئا، سدائين امن ۽ سالمتي جا‬
‫خواهشمند ٿي رهيا آهن. سندن انهن حالتن، منجهن اهنسا (عدم تشدد)‬
‫جو جذبو پيدا ڪيو هو. ويتر سندن مذهبي عقيدن به منجهن انهيء‬
‫رجحان کي زور وٺائي، سندن ڪردار ۾ صلح پسندانه الڙو پيدا‬
                                           ‫ڪيو. (صفحو نمبر9)‬
‫جي ايم سيد تاريخ جي تجزئي مان هي نتيجو ڪڍي ٿو ”ان‬
‫طرح مسلسل سامراجي تسلطن سنڌ جي رهاڪن کي توڪلي،‬
                  ‫صابر، بي همت ۽ بزدل بنائي ڇڏيوٿي.“ (صفحو 7)‬
                ‫ٰ‬
‫اهڙي طرح سنڌ جا ٻيا به ڪيترائي ڏاها دعوي ڪن ٿا ته سنڌ‬
‫وارا ڪڏهن به جارح قوم نه رهيا آهن ۽ انهن ڪڏهن به ڪنهن ٻئي‬
‫قوم يا ڪنهن پاڙي واري ملڪ تي جارحيت ڪانه ڪئي. عام طرح‬
‫سان اها دعوي سچي نظر اچي ٿي، پر اها مڪمل طرح سان سچ‬‫ٰ‬
                                                 ‫ٰ‬
‫ناهي. ان دعوي جي تائيد ڪڇ جي تاريخ منجهان نٿي ٿئي. ڪڇ وارا‬
‫چون ٿا ته اهي سنڌين جي جارحيت جو شڪار بنيا آهن، اهي سنڌ جا‬
‫ڪي بادشاهه هئا، جن ڪڇ کي هميشه الء رڻ بنائي ڇڏيو. ڪڇ‬
                       ‫ِ‬
‫وارن سنڌ کان هڪ دفعو جدا ٿيڻ کان پوء وري پاڻ کي سنڌ سان‬
                         ‫ِ‬
                             ‫ٰ‬
‫مالئڻ نه چاهيو. سنڌ وارن جي دعوي هئي ته مسلمانن جي اچڻ کان‬
‫اڳ راجا ڏاهر جي زماني تائين ڪڇ سنڌ ملڪ جو حصو هو. ان کان‬
‫عالوه هيء پڻ حقيقت آهي ته ڪڇ جي عالئقي تي ستن صدين تائين‬
‫حڪومت ڪرڻ واري راء گهراڻي جو بڻ بنياد سنڌي هو. ڪڇ جا‬
‫وزير ۽ فوجي ساالر پڻ سنڌي هوندا هئا، پر انهن سڀني ڳالهين جي‬
‫باوجود انهن پنهنجي وجود ۽ سڃاڻپ کي سنڌ کان الڳ رکيو. سنڌ جي‬
‫ڪلهوڙا بادشاهن جو زمانو ڪڇين الء تمام وڏي مصيبت ۽ آزمائش‬
                           ‫ِ‬
                                                       ‫ثابت ٿيو.‬
                              ‫12‬
‫سنڌ وارا اهو به چئي سگهن ٿا ته اصل ڳالهه قديم سنڌ جي حدن‬
‫جي وسعت کي سمجهڻ جي آهي. پر ان جي جواب ۾ اهو چئي‬
‫سگهجي ٿو ته قديم سنڌ جي حدن کي بحال ڪرڻ جي خواهش وري‬
‫ڪڏهن پوري نه ٿي سگهي. سنڌ وارن کي ڪهلوڙن جي وقت ۾‬
‫جڏهن طاقت ملي ته اها انهن ڪڇ وارن تي آزمائي ڏٺي، پر کين‬
‫ڪاميابي نصيب نه ٿئي ۽ جديد سنڌ جي حدن کي ايڏانهن وسعت نه‬
            ‫ملي ۽ ائين سندن توسيع پسندانه خواب جي تعبير نه ملي.‬
                               ‫پروفيسر ڀيرومل مهر چند آڏواڻي‬
‫لطيفي سير (1108ع) ۾ ڪڇ بابت هيء معلومات ڏني اٿس.‬
‫ڪڇ يا ڪاڇو اهو ملڪ آهي، جو جبل جي وٽ يا سمنڊ جي‬
‫ڪناري سان هجي. ڪڇ جي الهندي کان عربي سمنڊ ۽ ڏکڻ کان‬
‫ڪڇ جي ناري جون ڇوليون ڇلڪا ڏيئي، ان جا پٽ پٽيون پسائين،‬
‫تنهنڪري اهو نالو پيو اٿس. ڪڇ ملڪ ۾ ڪٿي واري ته ڪٿي‬
‫ٽڪريون آهن ۽ ندي جو ته نالو به ڪونهي، تنهنڪري هتي وڻڪار‬
‫به خير ڪا آهي. عيسوي ستين صدي ۾ هي ملڪ سنڌ جو هڪ‬
‫ڀاڱو هو. ڪڇي ماڻهو سنڌي ٻولي عام طرح ڳالهائيندا آهن. ڪڇ‬
‫ملڪ ڪجهه وقت دهلي جي مغل بادشاهن جي تابع هو، جنهنڪري‬
‫ڪڇ جو راء ڪيترا سال دهلي جي بادشاهه کي ڏن ڀريندو هو. آخر‬
                                                      ‫ُ‬
‫جهانگير بادشاهه اهو ڏن معاف ڪيس ۽ ان جي عيوض مٿس هيء‬
‫فرمائش رکيائين ته دهلي ۽ ٻين پاسن کان جيڪي حاجي اچن تن کي‬
‫هر طرح جون سهولتون ڏيئي، جهاز ۾ چاڙهي ڇڏج. اهي ۽ ٻيون‬
‫ڳالهيون جي تاريخن ۾ ڄاڻايل آهن، سي ڏيکارين ٿيون ته اڳي سنڌ جا‬
                ‫مسلمان ماڻهو به حج ڪرڻ الء ڪڇ کان ويندا هئا.“‬
                                      ‫ِ‬
‫ڪاڪو ڀيرومل مهر چند آڏواڻي ”سنڌي ٻولي جي تاريخ“‬
                                                ‫(8808) ۾ لکي ٿو:‬
‫(8) قديم زماني ۾ گجرات ۽ راجستان وارا سنڌ حڪومت هيٺ‬
‫هئا. ڪڇ جو راء جاڙيجن جي نسل مان آهي. انهيء خاندان جو بنياد‬
                                                  ‫ُ‬
‫وجهندڙ جاڙو ولد الکو ننگر ٺٽي جو ويٺل هو ۽ ذات جو سمو هو. اڄ‬
                               ‫22‬
‫تائين ٿر ڊويزن جي ماڻهن جون مٽيون مائٽيون ڪڇ ۽ گجرات وارن‬
‫سان آهن. انهن سببن ڪري سنڌي ٻولي ڪڇ ۾ چالو ٿي، جا اڄ‬
‫تائين اتي جا ڪيترا ماڻهو ڳالهائين ٿا. ”ڪڇڪي“ ٻولي سنڌي جي‬
                         ‫هڪ اپڀاشا )‪ (Dialect‬ليکجي ٿي. (ص 01)‬
‫(1) عيسوي ستين صدي ۾ ڪڇ ملڪ سنڌ جي حڪومت هيٺ‬
‫هو، ۽ پوء به ڪڇ ۽ ڪاٺيا واڙ ۾ سنڌ جي سمن راجپوتن پنهنجو‬   ‫ِ‬
‫دڳو ڄمايو هو. سنڌي ماڻهن جي حڪومت اوڏهين ٿي ته سنڌي ٻولي‬
‫جو ڦهالء به انهن پاسن ڏي ٿيو. جنهنڪري اڄ سنڌي نه فقط ڪڇ‬     ‫ُ‬
‫جا جاڙيجا، لهاڻا ۽ ڀاٿيا ڳالهائين ٿا، پر ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي‬
                            ‫۾ به سنڌي ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي. (ص 888)‬
                                      ‫*ڊاڪٽر جيمس برنس‬
‫* ڪڇ جي راجپوت حاڪمن جي اصليت، بابت جيمس برنس‬
‫لکي ٿو ”نائين صدي عيسوي ڌاري، سما قوم جي هڪ جماعت پنجن‬
‫ڀائرن جي رهنمائي هيٺ سنڌ مان لڏي اچي ڪڇ ۾ آباد ٿي، جتي هنن‬
‫رفتي رفتي ساري حڪومت ه ڪئي ۽ اتان جي قديم رهاڪن‬
‫واگهلن، ۽ واگم چؤڙن جي ٽن مکيه فرقن کي زور يا ڌوڪي سان‬
               ‫ملڪ مان هڪالي ڪڍيو.“ (ص 118 سنڌ جي دربار)‬
‫*سنڌ جا اهي سما راجپوت جيڪي پنهنجي ڏاڏي جي نالي پٺيان‬
‫جاڙيجا سڏبا هئا، تن سنڌ جي مقابلي ۾ ڪڇ جي حاڪميت ۽ خود‬
‫مختاري تان ڪڏهن به ه نه کنيو. ان باري ۾ هو هميشه چوڪس‬
‫رهيا ۽ پنهنجي بچاء الء اپاء وٺندا رهيا. سنڌين جي اڳرائي کي‬
                                       ‫ُ ِ‬
‫روڪڻ الء ڪڇ جي حاڪمن حيرت انگيز مزاحمت جا مثال قائم‬     ‫ِ‬
‫ڪيا. سنڌ جي ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڪڇ کي پنهنجين ملڪي‬
‫سرحدن جي اندر آڻڻ جي خواهش ڪنهن کان لڪل ڪانه هئي.‬
‫ڪڇ تي حمال به ڪيا ويا ۽ مختلف تدبيرون به آزمايون ويون، پر‬
‫ڪڇين ڪڏهن به آڻ نه مڃي، البته تعلقات سڌارڻ جي تمنا انهن ۾‬
‫هميشه رهي. انهن جو ڀر وارو زرخيز ملڪ سنڌ هو، جتان‬
           ‫خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ الء ان گهرائيندا هئا.‬
                             ‫ِ‬
                            ‫32‬
‫*ڪلهوڙن ۽ ميرن جي ڪاروائين ۽ منصوبن جي ڊاڪٽر‬
‫جيمس برنس نهايت تفصيل سان وضاحت ڪئي آهي. سنڌ جي‬
‫ڪلهوڙا حاڪمن ۾ غالم شاهه ڪلهوڙو جو وڏو نالو آهي. ڪڇ‬
‫جي تاريخ ۾ غالم شاهه ڪلهوڙو ڪڇ جي تباهي ۽ بربادي جو نالو‬
‫آهي. غالم شاهه پندرهه ورهيه حڪومت ڪئي. غالم شاهه سن‬
‫1978ع ۾ اسي هزار ماڻهن جي لشڪر سان ڪڇ تي ڪاهه ڪئي.‬
‫جهاري جي ڳوٺ ڀرسان هڪڙي ٽڪري وٽ ڪڇي سامهون ٿيا‬
‫راء جي لشڪر کي جهاري جي لڙائي ۾ شڪست ملي. جيمس‬
                                                ‫برنس لکي ٿو:‬
‫اها لڙائي راجپوتن جي وحشت کان مشهور آهي.جڏهن هنن ڏٺو‬
‫ته فتح جي اميد ڪانهي تڏهن هنن پنهنجن ئي زالن ۽ ٻارن کي دشمن‬
‫جي ور چڙهڻ کان بچائڻ الء پنهنجن تلوارن جو بک بنايو. اتهاس‬
                                  ‫ِ‬
‫نويس لکن ٿا ته: لک الشا ميدان تي پيا هئا. ڪنهن ڪٺور کان ڪٺور‬
‫دل ماڻهؤ جي طمع ۽ بدلي جي باهه به اهڙي خون ريزي کان پوء‬
‫ِ‬
‫ٿڌي ٿي وڃي ها، پر غالم شاهه جو پيٽ اڃا نه ڀريو هو. جڏهن هن‬
‫کي پنهنجي حڪومت ۾ هڪ نئين صوبي مالئڻ جي تسلي بخش اميد‬
‫نه رهي ۽ آزادي الء هڪ لڙندڙ قوم جي اهڙي بيباڪي ۽ بهادري‬
                                          ‫ِ‬
‫ڏٺائين، تڏهن هن کي سخت مٺيان لڳي ۽ ان کان وير وٺڻ الء هڪ‬
       ‫ِ‬
‫اهڙي عجيب سٽ سٽيائين، جا فقط مشرقي ماڻهن جي ئي خيال ۾‬
‫اچي سگهي ٿي، ۽ جا هميشه الء هن جي غصي ۽ ڪيني جي يادگار‬
                                ‫ِ‬
‫رهندي. حڪم ڏنائين ته سنڌو نديء جي اڀرندي واري شاخ ۾ سندس‬
‫حڪومت جي حد اندر هڪ بند ٻڌايو وڃي. ساڳئي وقت ان مان ٻيا‬
‫واهه به کوٽارايائين ته جيئن پاڻيء جو هڪ ڦڙو به ڪڇ ڏي نه‬
‫وڃي. هن اهڙي حڪمت عملي سان آخر پنهنجي دشمن جي اڌ‬
‫آمدني وڃائي، هزارن خاندانن جون اميدون ۽ آسرا برباد ڪري،‬
‫هڪڙي سرسبز ۽ ساريالي عالئقي کي ويران ۽ غيرآباد ڪري،‬
‫پنهنجو ڪينو پاڙي، دل کي ٿڌو ڪيائين. اهو نقصان ايترو پائدار‬
‫ثابت ٿي چڪو آهي، جو سمنڊ جي چڙهندڙ لهندڙ ويرن، ساري‬
                             ‫42‬
‫عالئقي کي هڪ ويران ۽ ڪلراٺي ڌٻڻ بنائي ڇڏيو آهي ۽ ان کان‬
‫پوء ڪڇ جو صوبو اڃا سنئين ڪونه ٿيو آهي. سنڌ جي تخت گاهه‬    ‫ِ‬
‫حيدرآباد جي ڀرسان هڪ عظيم الشان مقبرو آهي، جو هن ظالم‬
‫جي ڪارنامن جي يادگيري تازي ڪري ٿو. مقبري ۾ هڪ سنگ‬
‫مرمر جي قبر آهي، جنهن تي دعائون ۽ رحم و ڪرم جي عادتن‬
‫کي ساراهيندڙ عربي آيتون اڪريل آهن. سنڌ جا ماڻهو هن کي هڪ‬
‫بهادر ۽ ڪامياب حاڪم ڪري سمجهندا آهن. 8778ع ۾ هو اوچتو‬
‫بيمار ٿي پيو، ۽ ٻن ٽن ڪالڪن اندر ساهه ڏنائين. دين دار مسلمانن‬
‫جو چوڻ آهي ته هو هڪ فقير جي بد دعا ڪري مري ويو هو،‬
‫جنهن جي جهوپڙي هن حيدرآباد جي قلعي جي تعمير وقت ڊهرائي‬
                                               ‫هئي. (ص91)‬
‫(1) هن جي حڪومت ۾، سنڌين گهٽ ۾ گهٽ چار دفعا حملو‬
‫ڪيو. هر دفعي ملڪ ويران ٿيو ۽ لٽيو ويو، جيتوڻيڪ فاتح، ملڪ ۾‬
‫ديري ڄمائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيا. ٻه حمال غالم شاهه ڪلهوڙي پاڻ‬
‫پنهنجي سر ڪيا هئا، ۽ ٻه هن جي پٽ سرفراز خان، غالم شاهه‬
‫جي مرضي هئي ته راء کيس پنهنجي ڀيڻ جو سنڱ ڏئي. عهد نامي ۾‬
‫اهڙو شرط به وڌو ويو، پر ان جي پوئواري ڪانه ڪئي وئي. ٻئي‬
‫حملي وقت غالم شاهه کوکرن جي سردار جي ڌيء تي راضي‬
‫رهيو، جنهن جي خاندان جو راء کان پوء گدي تي حق سمجهيو‬
                       ‫ِ‬
‫ويندو هو. انهن واقعن ثابت ڪيو ته ڪڇ وارن کي سنڌ جي‬
      ‫حڪومت جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪانه هئي. (صه118)‬
‫(1) ڪڇ مان موٽندي غالم شاهه لکپت بندر ۾ پنجن هزارن‬
‫سپاهين جي فوج ڇڏي ويو هو. انهن ڏينهن ۾ لکپت هڪ رواجي ڳوٺ‬
‫هوندو هو. تنهن کان سواء هن بند پڌرائي، سنڌو ندي جو پاڻي‬
                                    ‫ِ‬
‫اوڀارينء شاخ مان، جا لکپت جي ڀرسان وهندي هئي، سمنڊ ڏي وڃڻ‬
‫بند ڪري ڇڏيو. اهڙي بيجا روش اختيار ڪرڻ ڪري، هن‬
‫هڪڙي زرخيزعالئقي، جنهن جي سارين جي پيدائش مان ڀڄ‬
‫سرڪار کي اٺن لکن ڪوڙين جي آمدني ٿيندي هئي. تنهن کي هڪ‬
                             ‫52‬
‫هيبتناڪ ڪلراٺو رڻ بنائي ڇڏيو. جڏهن غالم شاهه مري ويو، تڏهن‬
‫هن جي پٽ سرفراز خان، پنهنجي فوج لکپت مان واپس گهرائي‬
‫ورتي. هن ان کان پوء ٻه دفعا زبردست فوج سان ڪڇ تي حملو‬
                                          ‫ِ‬
    ‫ڪري، ملڪ جو ڪيترو حصو ويران ڪري ڇڏيو. (ص 818)‬
‫ڪڇ جي راجپوتن جي وڏائي ۽ ظلم جو هڪ مثال هت ڏجي‬
‫ٿو. 1978 ع ۾ جاره جي لڙائي وقت هنن ڪيترا هزار ٻار ۽ زالون‬
 ‫قتل ڪري ڇڏيون ته جيئن هو سنڌين جي ور نه چڙهن. (ص818)‬
‫جيمس برنس ڪڇ ۾ سنڌ جي ٽالپرن جي حد درجي واري‬
‫دلچسپي جو پاڻ شاهد هو. ڪڇ کي سنڌ سان مالئڻ جي خواهش‬
‫ٽالپرن کي پڻ هئي. انهن انگريزن جي ڀؤ کان ڪو اقدام ته نه ڪيو ،‬
                   ‫پر انهن جي ذهن ۾ ڪي تجويزون اينديون هيون.‬
‫(8) هڪڙي ڏينهن چيائون ته ”جي توهان کي، ڀڄ جي فوج ٻيء‬
‫ڪنهن جاء تي ڪم آڻڻي هجي ته اسان دوستي ۾ پنج ڇهه هزار بلوچ‬
                                                   ‫ِ‬
  ‫سپاهي موڪلي، ڀڄ جي حفاظت ڪرڻ الء تيار آهيون؟“ (ص81)‬
                        ‫ِ‬
‫(1) هنن ڪيترا دفعا مون کان پڇيو ته ”توهان کي ڪڇ جهڙي‬
‫ويران ملڪ، جنهن جو خرچ آمدني کان زياده آهي، رکڻ مان‬
‫ڪهڙو فائدو آهي؟ هڪ دفعي مون کي چيائون ته ”جيڪڏهن توهان‬
‫جي سرڪار ڪڇ جي حڪومت اسان جي حوالي ڪندي ته اسان‬
‫خراج ڏيڻ جو ذمو پاڻ تي کڻنداسين، ۽ ان الء شاهوڪار واپاري‬
                   ‫ِ‬
                                      ‫ضامن ڏينداسين.“ (ص81)‬
‫(1) 0918ع ۾ انگريزن جو ڪڇ جي ٻن سردارن سان معاهدو‬
‫ٿيو. ان ۾ انگريزن البته سنڌ جي حڪومت کي چتاء ڏنائون ته هو‬
             ‫ُ‬
‫ڪڇ تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪن. ميرن جون مڙيو ئي‬
           ‫ڪڇ ۾ گهڻي وقت کان اکيون هونديون هيون.“ (ص118)‬
‫(8) ڪڇ ۾ انگريزن جي دست اندازي سنڌ جي ميرن کي سخت‬
        ‫رنج پهچايو ۽ سندن دلين ۾ شڪ شبها پيدا ڪيا. (ص 988)‬
                             ‫62‬
‫(8) ميرن اسان جي ڪڇ ۾ ڪارواين جو احوال نهايت مبالغي‬
‫سان، پنهنجي آقا، ڪابل بادشاهه محمود شاهه ڏانهن موڪليو. (ص‬
                                                         ‫988)‬
‫(9) ڪڇ جي گهرو معاملن بنسبت سنڌ ۾ عجيب غريب خبرون‬
‫پهتيون هيون. ميرن کي ڊپ ٿيو ته راء هاڻي وري انگريزن کان مدد‬
‫گهرندو، هنن تي انگريزن جو ڀوء اڳي ئي سوار هو، تنهنڪري‬
                              ‫ُ‬
‫سمجهيائون ته، جي راء کي اسان مدد ڪنداسين ته کين انگريزن‬
                                        ‫ُ‬
‫اڳيان ه ڊگهيرڻو نه پوندو. ميرن جي وڪيل جي خوب آجيان‬
‫ڪئي وئي، پر هنن مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ ته هو ان‬
‫جي عيوض لکپت بندر جو سنڌو ندي جي اوڀارين شاخ تي آهي، ڏيڻ‬
‫الء تيار نه هئا. لکپت بندر ميرن جي سرحد جي ويجهو آهي ۽ سنڌين‬
                                                           ‫ِ‬
                   ‫جي هميشه ان ۾ نظر پئي رهي آهي. (ص 998)‬
‫(7) جيڪڏهن اسان مداخلت ڪري پنهنجي اختياريء ۽‬
‫انصاف جو ه نه ڊگهيڙيون ها ته هن وقت تائين فساد ۽ بد انتظامي‬
‫جي ڪري ملڪ جو نالو نشان به نه هجي ها. ڪڇ سنڌ جي فوجي‬
‫ظالمن جي فوالدي چنبي ۾ اچي وڃي ها يا اڳي وانگر مڪاني ستم‬
                             ‫گرن جو شڪار هجي ها. (ص 878)‬
                                              ‫هينري پاٽنجر‬
‫برنس کان اڳ 0918ع ۾ هينري پاٽنجر هڪ انگريزي وفد جي‬
‫ميمبر جي طور تي سنڌ جو دورو ڪيو هو. پاٽنجر لکي ٿو، سنه‬
‫1818ع جي پوئين حصي ۾ هنن عمر ڪوٽ جي قلعي تي قبضي‬
‫ڪرڻ الء هڪ وڏي فوج پڻ رواني ڪئي، جنهن تي گذريل ڪجهه‬   ‫ِ‬
‫نسلن کان وٺي جوڌپور جي راجائن جو قبضو رهندو آيو هو. انهيء‬
‫مهم ۾ هو مڪمل طور ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن غاصبن جا وسيال ۽‬
‫سندن هم ايتري قدر وڌي وئي آهي، جو انهن هڪ کان وڌيڪ‬
‫ڀيرا سندن عالئقن جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ڪڇ ڀڄ جي ملڪ تي حملي‬
‫ڪرڻ جون تياريون به ڪيون آهن، جنهن ۾ هو هن کان اڳي‬
‫ڪامياب ٿي وڃن ها، جيڪڏهن هندستان جي انگريزي حڪومت‬
                              ‫72‬
‫کين پنهنجي هن مضبوط ارادي کان واقف نه ڪري ها ته جيڪڏهن‬
‫هنن انهيء بادشاهي تي ڪنهن به حملي ڪرڻ جي همت ڪئي ته‬
‫ان جو سختي سان مقابلو ڪيو ويندو، جهڙوڪه هنن جي طرفان‬
‫آنرب ل ايسٽ انڊيا ڪمپني يا ان جي اتحادين جي ڪنهن به عالئقي‬
‫تي ٿيندڙ حملي جي جواب ۾ ڪيو ويندو آهي، (ص 018 سنڌ ۽‬
                                         ‫بلوچستان جو سير سفر.)‬
                                             ‫ايچ ٽي ليمبرڪ‬
‫ڊاڪٽر ليمبر لکي ٿو، جاڙيجا پاڻ کي سنڌ جي سمن جي شاخ‬
‫سمجهندا آهن، پر گهڻو ڪري ليکبا راجپوت آهن، جو سڀاويڪ به‬
‫آهي، ڇوته سندن هڪڙو گهراڻو ڪڇ تي راڄ ڪندو هو. ڪيترن‬
‫سماٽ قبيلن جيان، سنڌ جي ڪنهن ڀاڱي جا جاڙيجا مسلمان آهن ته‬
‫ڪنهن ڀاڱي جا هندو. ليمبرڪ جي خيال ۾ ”ڪڇ سان سنڌ جا ناتا‬
‫وقت بوقت ويجها رهيا آهن پر ڪڇ پاڻ به اوڀر وارن ڏيهن کان‬
                                         ‫گهڻو الڳ ٿلگ رهيو آهي.“‬
‫ڪڇ تي سنڌ جي حملن تي ليمبرڪ هيئن روشني وجهي ٿو،‬
‫اهو پتو اٿئون ته 1978 تائين ڪڇ رڻ جي الهندي ڪنڊ ۾ هاڪڙي‬
‫۽ الهندي توڙي اڀرندي پراڻ تي هيٺ سنڌڙي جي ڀرپاسي ۾ چانورن‬
‫جي ججهي نيمائتي پوک ٿيندي هئي. پتو نٿو پوي ته انهن مان ڪهڙو‬
‫واهڙ ان جهجهي آبادي الء آبپاشي جو ڪم ڏيندو هو. ميان غالم‬
                                      ‫ِ‬
‫شاهه ڪڇ تي 1978ع ۾ پهرين ڪاهه کان پوء ان گڏيل وهڪري‬
                  ‫ِ‬
‫تي پنهنجي حد اندر بند ٻڌرايا هئا ته جيئن چيو وڃي ٿو سندس دشمن‬
‫اها ڀلي پوک نه ڪري سگهن، جو ان جي رڳو ڍل ئي برنس موجب،‬
‫ستن کان اٺ لک ڪوڙيون ٿيندي هئي. غالم شاهه جي جانشينن ۽‬
‫اوائلي ٽالپر حاڪمن به اهڙا بند ٻڌرايا هئا. ممڪن آهي ته انهن بندن‬
‫ٺهرائڻ سان سنڌ جي حاڪمن جو هڪڙو ٻيو مقصد به هجي. اهو‬
‫هي ته اولهه طرف سنڌو جي وڏي دڳ مٽ کان پوء پراڻ جي اٿل‬
              ‫ِ‬
‫گهٽجي وئي هئي، سو انهن ڇاٻن سان پاڻي روڪي هنن پنهنجن‬
                             ‫82‬
‫دشمنن جي رعيت ۽ آمدني کي ڌڪ هڻڻ سان گڏوگڏ خود پنهنجي‬
              ‫رعيت ۽ آمدني کي فائدو رسائڻ ٿي گهريو. (ص011)‬
                      ‫سنڌ هڪ عام جائزو_ ايچ ٽي ليمبرڪ‬
‫وڌ ۾ وڌ جيڪا وضاحت ڏيڻ ممڪن ٿي سگهيو پئي، سا ڊاڪٽر‬
‫ليمبرڪ ڏني آهي. ٽن انگريز محققن سنڌين کي ڪڇ تي جارحيت‬
‫ڪرڻ جو ذميوار ڄاڻايو آهي. سنڌين کي هروڀرو ايڏو امن پسند‬
‫ڄاڻائڻ اجايو آهي. ڪمزور جي امن پسندي ۽ طاقتور جي امن‬
‫پسندي جي فرق کي سمجهڻ سولو آهي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کان پوء‬
‫ِ‬
‫سنڌين کي ايتري طاقت ڪانه ملي آهي، جو انهن جي امن پسندي‬
‫کي جاچي سگهجي. سنڌين کي آخري دفعو طاقت ٽالپرن جي دور ۾‬
‫ملي هئي، جنهن کي انگريزن اچي ختم ڪيو. سنڌ جي ٽالپر حاڪمن‬
‫ٻروچن کان ڪراچي، پٺاڻن کان شڪارپور ۽ ٺاڪرن کان‬
                       ‫عمرڪوٽ ڇڏائي، پنهنجي ه ڪيو هو.‬



‫راهمون‬                                              ‫علي اڪبر‬




‫انساني معاشري ۾ جهڙي اڄ اخالق جي بحراني ڪيفيت آهي،‬
‫هن کان پهرين ڪڏهن به انساني تاريخ ۾ اهڙي حالت ڪونه رهي‬
‫آهي. جيئن جيئن تيز رفتاري سان دنيا ترقي ڪري رهي آهي، نت‬
‫نئين ڏينهن نوان اوزار ۽ نيون ايجادون، نوان علم ۽ نيون دريافتون‬
‫انسان جي حيرت ۽ زندگي جي سهولت ۾ اضافو ڪري رهيون آهن.‬
‫تيئن تيزي سان ماڻهو مان ماڻهپو نڪرندو پيو وڃي. انساني لڇڻ، گڻ‬
‫۽ نيڪ عادتون ناياب ٿينديون پيون وڃن، بي شرمي بي غيرتي، بي‬
                             ‫92‬
‫حيائي، نفس پرستي، خود غرضي، حرص، هوس، درندگي، حسد،‬
‫ڪيني، ڪوڙ، ڪپت، بد امني ۽ بد اخالقي جهڙيون سموريون‬
‫برايون ڏينهون ڏينهن ويتر وڌنديون پيون وڃن. جيتوڻيڪ زندگي جو‬
‫درياء پنهنجي پوري موج مستي سان معمول موجب وهي رهيو آهي.‬  ‫ُ‬
‫پر هللا ڄاڻي ڇو! اڄ ملڪ، ملڪ جو ويري، قومون، تعصب ۽ تنگ‬
‫نظري جي پنهنجي پنهنجي دائري ۾ بند ۽ هر فرد، حسد، ڪيني،‬
‫حرص ۽ هوس جي ڀڙڪايل باهه ۾ سڙي، پچي، پڄري رهيو آهي.‬
                           ‫ٰ‬
‫ڄڻ ته قيامت کان پهرين، قيامت صغري اچي وئي آهي. هر طرف‬
‫نفسا نفسي جو عالم آهي، بد اخالقي، بي حيائي ۽ بي حسي هن حد‬
‫کي وڃي پهتي آهي، جو اوڙي پاڙي مان بکايل، ڏکايل ۽ ستايل ماڻهو‬
‫جون آنهون دانهون ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ڪونه ٿيون اچن. ماديت‬
‫پرستي جي ماحول ۽ دنياداري ۾ ماڻهو ايترو محو ۽ مگن، چٽاڀيٽي ۽‬
‫مقابلو ايترو سخت، جو هن ڪيفيت، هر ملڪ، قوم توڙي فردن کي‬
‫ڇڪي گهلي اچي هڪڙي ميدان ۾ هڪ ٻئي جي سامهون کڙو ڪيو‬
‫آهي. هر طرف اخالقي فقدان ۽ ڇڪتاڻ جو نظارو صاف نظر اچي‬
                                                    ‫رهيو آهي.‬
‫اهڙي طرح انسان، تاريخ جي طويل سفر ۾، جيڪي جڳن کان‬
‫وٺي نفس جي تهه خاني ۾ شيطاني خواهشون ۽ اخالقي برايون دٻايو‬
‫۽ لڪايو ويٺو هو، سي سڀ گندگيون اڄ نفس جي مٿاڇري تي تري‬
‫آيون آهن. انسان جي اندر گهرائي ۾ اول ڏينهن کان پلجندڙ نفساني‬
‫خواهشون ۽ اخالقي خرابيون، جيڪي وڏي کوجنا کان پوء به نه‬
       ‫ِ‬
‫لڀنديون هيون، سي هاڻ سڀ آڱر جي اشاري جي فاصلي تي هڪيون‬
‫تڪيون موجود آهن. هاڻي ته ڪو انڌو، ٻوڙو، گونگو ئي هن سماجي‬
‫حالت کان انڪار ڪري سگهي ٿو، يا بي خبر رهي سگهي ٿو. يا‬
‫اهو بي حس ماڻهو ئي هن سماجي صورتحال کان التعلق ۽ غافل‬
‫رهي سگهي ٿو، جيڪو اخالقي حس کان بلڪل وانجهيل ۽ ماڻهپي‬
‫کان ماڳهين محروم ٿي چڪو هجي. يا جنهن جي اخالقي حس جي‬
                                       ‫رڳ ڪٽجي چڪي هجي.‬
                            ‫03‬
‫اڄ انساني معاشري ۾ بي حيائي، بيهودگي ۽ بد اخالقي جنهن‬
      ‫ٰ‬
‫تيز رفتاري سان پکڙجي رهيون آهن، تنهن کي ڏسندي دعوي سان‬
‫چئي سگهجي ٿو، ته اهو ڏينهن پري ناهي. جڏهن اسان جي‬
‫معاشري جي پوري فضا بي حيائين ۽ بيهودگين سان بدبودار‬
‫ٿي چڪي هوندي. جنهن ۾ هڪ شريف، نيڪ ۽ پرهيزگار‬
‫انسان جو رهڻ ئي مشڪل ۽ محال ٿي چڪو هوندو. بد اخالقي ۽‬
‫بي حيائي جي هن سيالب جو عام ماڻهو ته اندازو لڳائي ئي نٿو‬
‫سگهي. پر جن چند چڱن چوکن ماڻهن کي نئين زماني جو احساس ۽‬
‫اندازو آهي به، سي موجوده اخالقي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ کي بي‬
‫وس ۽ الچار ٿا سمجهن. حقيقت هي آهي ته اڄ پوري مسلمان‬
‫معاشري تي هڪ وحشت انگيز بي حسي ۽ مظلوميت جهڙي بي‬
‫وسي جي ڪيفيت طاري آهي. اسين رڳو پاڪستان ۾ ٿا ڏسون، ته‬
‫هتي هر ماڻهو پنهنجين اکين اڳيان حيا شرم، شرافت ۽ اخالق جو‬
‫جنازو کڄندو ڏسي رهيو آهي. پر نه اڳتي وڌي ان جي رستي‬
‫روڪڻ جي ست ساري ٿو، نه وري اهڙي شرمناڪ حالت خالف‬
‫زبان کولڻ جي سگهه رکي ٿو. ها، البته، دل ئي دل ۾ ان کي خراب‬
‫سمجهي، ڪڙهي ضرور ٿو، پر ڪنڊ ۾ ويهي روئڻ پٽڻ ۽ ماتم‬
‫ڪرڻ کان سواء ڪري به ڇاٿو سگهي؟ ڇاڪاڻ ته نا انصافي تي‬
                                             ‫ِ‬
‫ٻڌل معاشي نظام ۽ اقتصادي حالتن اسان جي معاشري جي عام ماڻهو‬
‫کي ٻڌي، جڪڙي ۽ ذهني طرح ايتري قدر مفلوج ۽ بيڪار بنائي‬
‫وڌو آهي. جو ڪوڙي، منافق ليڊر ۽ سندس ساٿي ٺڳ سرمائيدار کي‬
‫ڄاڻي سڃاڻي به، ان جي خالف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪرڻ يا‬
        ‫سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ جي نه منجهس همت آهي، نه طاقت.‬
‫موجوده اخالقي صورتحال ۾ بي شرمي ۽ بي حيائي جو‬
‫هڪ وڏو روپ عرياني ۽ اگهاڙپ آهي. عورتن ۽ مردن جو‬
‫بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ ۽ بي حجابي سان ميل جول به بي حيائي‬
‫جي تعريف ۾ ٿو اچي. هن بي حيائي جي نتيجي ۾ عرياني، فحاشي،‬
‫زنا، هم جنس پرستي، هوموسيڪسيولٽي )‪(Homo sexualty‬‬
                               ‫13‬
‫جنهن کي نئين اصطالح ۾ ‪ gay‬۽ ‪ Lesbian‬ٿو چئجي. مغربي‬
‫تهذيب جون اهڙيون سڀ برايون اسان جي معاشري ۾ به تيزي سان‬
‫پکڙجي رهيون آهن. انهن بي حيائين ۽ براين کي پکيڙڻ ۾ مک‬
‫ڪردار مغربي ميڊيا خاص ڪري يهودي سرمائيدار جو آهي. پر ان‬
‫کي اسان جي معاشري ۾ هٿي ۽ حمايت، سيڪولر لبرل طبقي جي‬
‫حاصل آهي. بي حيائي جي به حد آهي. جو مرد توڙي عورتون‬
‫ساڳي جنس وارن سان کلم کال شاديون رچائن ٿا. جنهن الء جلسا ۽‬
          ‫ِ‬
‫ريليون ڪڍي قانوني ۽ سماجي حيثيت مڃرائڻ الء مطالبا ڪن ٿا.‬
               ‫ِ‬
‫پهرين يورپ وارن ۽ پوء انڊيا جي سپريم ڪورٽ، اهو هم جنس‬
                                         ‫ِ‬
    ‫ٰ‬
‫پرستن جو مطالبو منظور ڪري جائز ۽ قانوني هئڻ جي فتوي به‬
‫جاري ڪري ڇڏي آهي. ڪجهه ڏينهن پهرين ڪراچي ۾ مصروف‬
‫شاهراهه فيصل تي هم جنس پرستي جي عالمت سمجهي ويندڙ اٺ‬
‫رنگي ٽي شرٽ پاتل نوجوانن جلوس ڪڍيو، هم جنس پرستي جي‬
‫حق ۾ نعري بازي ڪئي ۽ قانوني حق تسليم ڪرائڻ الء مطالبو‬
        ‫ِ‬
‫ڪيو. اهڙي ڪلچر کي اسان جي معاشري ۾ رواج ڏيارڻ ۽ وڌائڻ‬
‫ويجهائڻ ۾ سيڪيولر طبقو دلچسپي رکي ٿو ۽ لبرل ازم ۽ ترقي‬
                                    ‫پسندي جي عالمت سمجهي ٿو.‬
‫بي حيائي، بيهودگي ۽ عرياني جو اهو سيالب گذريل صدي ۾‬
‫يورپ مان اٿيو. جنهن کي مشرق ۾ سڀ کان پهرين عالمه اقبال جي‬
‫بصيرت تاڙي ورتو، ان ڪري عالمه صاحب عرياني ۽ فحاشي کي‬
‫فرنگي تهذيب جو حصو قرار ڏنو. ان کان مشرق جي نئين نسل کي‬
‫آگاهه ڪيو ۽ ان الء دعا به گهري ته هللا تعاليٰ کين انهيء فتني کان‬
                                              ‫ِ‬
‫بچائي شال، جيئن عالمه صاحب پنهنجي پٽ جاويد کي مخاطب ٿي‬
                                                          ‫چيو ته:‬

                ‫حیا نہیں زمانے میں باقی‬
                ‫خدا کرے جوانی تیری رہے بے داغ‬
                             ‫23‬
‫هڪڙي رباعي ۾ يورپ وارن کي ياد ڏياريو اٿس ته سوريا‬
‫(شام) ته کين هڪ پيغمبر عطا ڪيو، جيڪو عفت ۽ پاڪدامني جو‬
‫مجسمو هو. پر جواب ۾ سندن طرفان سوريا کي بي حيا بازاري‬
                                ‫عورتون وڏي تعداد ۾ ڏنيون ويون.‬
                ‫فرنگیوں کو عطا خاک سوریا نے کیا‬
                ‫نبی ِ عفت و غمخواری و کم آزاری‬   ‫ء‬
‫فرنگي تهذيب جو اهو تحفو هاڻ سڄي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ‬
                                         ‫تائين پهچي چڪو آهي.‬
‫بيهودگي، بي حيائي ۽ بد اخالقي جو هڪڙو روپ، قديم روما‬
‫جي هڪڙي هم جنس پرست لوفر جي نالي تي ويلنٽائن ڊي ملهائڻ‬
‫جي رسم آهي، جنهن کي 88 فيبروري هر سال يورپ کان وڌيڪ‬
‫پاڪستان ۾ ”يوم تجديد محبت“ جي نالي سان ڌام ڌوم سان ملهايو ٿو‬
‫وڃي. ان ڏينهن پاڪستان ۾ نوجوان ڇوڪرا، ڇوڪريون ڳاڙها‬
‫ويس پائي، لهندڙ سج جي الالڻ کي شرمائي هوٽلن، ڪلبن ۽ بازارن‬
‫۾ بنا روڪ ٽوڪ ملندا ۽ پنهنجن نازڪ نينهن وارن جذبن جو‬
‫اظهار ڪندا آهن. اهڙي طرح هر سال 81_91 فيبروري تي‬
‫هڪڙي قديم هندي رسم ”بسنت“ کي لغڙ بازي سان ملهائي،‬
‫بيهودگي ۽ خرافات جو خوب مظاهرو ڪيو ويندو آهي. ٿورو‬
‫سوچيو، اسين انهن بيهودين رسمن جي ادائگي سان ڪهڙي روشن‬
                 ‫خيالي ۽ ترقي پسندي ۾ اضافو ڪري رهيا آهيون؟‬
‫ڪجهه ڏينهن پهرين جي ڳالهه آهي ته جي اي او نيوز جي‬
‫پروگرام ”چوراها“ ۾ معروف صحافي حسن نثار پنهنجن خيالن جو‬
‫اظهار ڪندي چيو ته ”مون کي اها منطق سمجهه ۾ نٿي اچي، ته‬
‫ويلنٽائن ڊي ۽ بسنت جي تهوارن کي مغربي ۽ هندي رسمون چئي رد‬
‫ڇو ٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن هي مغربي هندي روايتون آهن ته‬
‫مشرقي با قي ڇاٿو بچي، جڏهن ته بيمار ٿيون ته دوا درمل انهن جي‬
‫استعمال ڪريون، سفر الء سواريون ۽ گاڏيون انهن جو ٺاهيل ڪم‬
                                      ‫ِ‬
‫آڻيون ۽ حج ڪرڻ وڃون ته انهن جي جهازن ۾ سوار ٿيون. محترم‬
                             ‫33‬
‫حسن نثار جي هيء ڳالهه بلڪل صحيح آهي ته اسين مغربي تهذيب‬
‫جي نون علمن، ايجادن ۽ اوزارن مان فائدو وٺي رهيا آهيون. پر‬
‫کيس اهو به علم هئڻ کپي ها، ته دين اسالم اسان کي سيکاريو آهي‬
‫ته ”خذ ما صفا دع ماڪدر“ يعني هر صاف سٿري ۽ فائدي واري‬
‫شيء وٺو ۽ گندگي کان پاسو ڪريو. اهڙي نموني اسالم اسان کي‬  ‫ِ‬
‫سبق ڏنو آهي ته ”حڪمت مؤ من جي ميراث آهي، جتي لهي، اتي‬
‫وٺي“ سو محترم حسن نثار ۽ سندس سوچ وارن ساٿين آڏو واضح‬
‫هجي ته مغرب ۽ هند وارن يا سندن جديد علمن، ايجادن ۽ اوزارن‬
‫توڙي صاف سٿرين ۽ مفيد روايتن کان اسان کي نفرت بلڪل ناهي،‬
‫اهو سڀ ڪجهه اسين انساني ورثو سمجهون ٿا. اصل ۾ اسان کي‬
‫صرف گندگي، بيهودگي ۽ بي حيائي کان نفرت ۽ سخت بڇان آهي.‬
‫پوء اها مغرب کان هجي يا ايشيا کان، ويلنٽائن ۽ بسنت جهڙا تهوار‬
                                                           ‫ِ‬
‫ملهائڻ، درحقيقت انساني نفس جي گهرائي ۾ دٻيل بڇڙاين ۽ بي‬
‫حيائين جي خواهشن کي مٿاڇري تي آڻڻ ۽ ان مان نفس کي لطف‬
‫اندوز ٿيڻ جو موقعو ڏيڻ آهي. جيڪا ڳالهه اسان جي فرد توڙ ي‬
‫معاشري جي الء فساد، فتني ۽ موتمار زهر کان ڪنهن به طرح‬
                                              ‫ِ‬
‫گهٽ ناهي. اسان کي هن ڳالهه جو افسوس ضرور آهي ته اسان جا‬
‫پنهنجا عالم، اڪابر، صحافي ۽ دانشور حضرات جنهن ٻيڙي ۾ خود‬
                 ‫سوار آهن، ان جا ئي تختا ڪڍڻ ۾ ڪوشان آهن.‬
               ‫دیکھ لی انقالب دہر تیری کرشمہ‬
                            ‫سازیاں‬
               ‫صورت آدمی ہیں بہت سیرت آدمی نہیں‬
‫اخالقي صورتحال جي نقشي ۾ رياست، حڪومت جي‬
‫ڪاروبار، سياست ۽ ادران ۾ به وڏي پئماني تي بي حيائي جا منظر‬
‫ڏسي سگهجن ٿا. اڄڪلهه شهرت، دولت ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ الء‬
‫ِ‬
‫جيڪو سياست جو ڪاروبار زورن تي آهي، ان ۾ ڪوڙ، ڪپت،‬
‫دوکو، منافقي واعدي خالقي، ناانصافي، ضمير فروشي ۽ اصولن‬
                             ‫جي سودي بازي جي بازار گرم آهي.‬
                            ‫43‬
              ‫اخالق و وفا شفقت والطاف کہاں‬
              ‫اس دور میں اوصاف کہاں‬

                ‫اس دور میں انصاف کو آواز نہ دو‬
                ‫جمہور کے دور میں انصاف کہاں‬
‫بي حيائي جي حد هي آهي ته اڄوڪي سياست ۾ سياسي مقصد‬
‫حاصل ڪرڻ الء هر قسم جي ڪوڙ ڪپت، چاالڪي ۽ عياري کي‬
                                             ‫ِ‬
‫جائز قرار ڏنو ويو آهي. عالمه اقبال پنهنجي هڪڙي نظم ۾ دولت‬
‫پرستن ۽ عياش حاڪمن کي بي حيا پينو سان ڀيٽ ڏيندي هن طرح‬
                                           ‫بي نقاب ڪيو آهي.‬
‫اڄ پاڪستان جو ڪوبه شعبو اهڙو پاڪ صاف نه رهيو آهي،‬
‫جنهن ڏانهن آڱر نه کڄي، هر ماڻهو پنهنجين اکين اڳيان حيا شرم،‬
‫شرافت ۽ اخالق جو جنازو کڄندو ڏسي رهيو آهي، پر نه اڳتي وڌي،‬
‫ان جي رستي روڪڻ ست ساري ٿو، نه وري اهڙي شرمناڪ‬
‫حالت خالف زبان کولڻ جي سگهه رکي ٿو. ها البته! دل ئي ۾ ان کي‬
‫خراب سمجهي، ڪڙهي ضرور ٿو، پر ڪنڊ ۾ ويهي روئڻ پٽڻ ۾‬
‫ماتم ڪرڻ کان سواء ڪري به ڇا ٿو سگهي؟ ان جو هڪڙو‬
                                        ‫ِ‬
‫ڪارڻ هي به آهي ته معاشي حالتون اسان جي معاشري جي عام‬
‫ماڻهو کي جڪڙي، ذهني طرح ايتري قدر مفلوج ۽ بيڪار بنائي‬
‫چڪيون آهن، جو ڪوڙي، منافق ليڊر، ظالم رشوت خور ڪاموري‬
‫۽ سندن ساٿاري ٺڳ سرمائيدار کي ڄاڻي سڃاڻي به ان جي خالف‬
‫بغاوت جو جهنڊو بلند ڪرڻ يا سندرو ٻڌي ميدان ۾ لهڻ جي منجهس‬
                                           ‫همت آهي نه طاقت.‬
‫اخالقي فقدان ۽ بحران جي ڪري حالتون هن حد تائين وڃي‬
‫پهتيون آهن، 98 اڪٽوبر سنه8891 ”عالمي يوم صحت“ سڄي دنيا‬
‫۾ ملهائي، ذهني صحت ۽ نفساتي مسئلن جي باري ۾ ڳڻتي ۽‬
‫فڪرمندي جو اظهار ڪيو ويو ۽ معاشري کي سجاڳ ڪيو ويو.‬
‫نفسياتي مسئلن ۽ ذهني صحت بگڙجڻ جو سڀ کان وڏو اهڃاڻ‬
                            ‫53‬
‫اڄڪلهه معاشري ۾ وڌندڙ خودڪشين ۽ زندگي کان بيزاري وارو‬
‫الڙو آهي. غربت، افالس، معاشي ۽ معاشرتي ناانصافين ۽ طبقاتي‬
‫نظامن ماڻهو کي مايوسي ۽ بيزاري جي ان حد تائين پهچايو آهي، جو‬
‫ماڻهو سوچڻ سمجهڻ، برداشت ڪرڻ ۽ مستقبل جي انجام ڏسڻ کان‬
‫ئي محروم ٿي چڪو آهي. اڄ اخالقي بحران جي نتيجي ۾ جنم وٺندڙ‬
‫ذهني ۽ نفسياتي بيماريون، دنيا جي چند اهم ترين مسئلن مان هڪ‬
‫اهم مسئلو آهي. اخالقي بحران جو اهو ته رڳو هڪڙو پهلو آهي، هن‬
   ‫ٰ‬
‫کان سواء وڌندڙ ڏوهه بک بي روزگاري ۽ قدرتي آفتون عذاب الهي‬
                                                   ‫ِ‬
‫جي صورت ۾ در حقيقت موجوده اخالقي صورتحال جو ئي نتيجو‬
                                                        ‫آهي.‬
‫هي نقشو موجوده اخالقي صورتحال جو، نموني طور اوهان‬
‫جي خدمت ۾ پيش ڪيو ويو آهي، ورنه ته تفصيل سان جيڪڏهن‬
‫جائزو وٺبو ته معلوم ٿيندو، سڄو سماجي ڍانچو اخالقي لحاظ کان‬
‫سڙي ڳري بدبودار ۽ ناڪارو ٿي چڪو آهي. اخالقي فقدان جي‬
‫ڪري ذهني نفسياتي ۽ اخالقي بيماريون ايتريون وڌي چڪيون آهن.‬
‫ڇو انهن جي شناخت، عالج ۽ اصالح ڏکيو ٿي پيو آهي. حسد،‬
‫حرص، هوس ڪينو ۽ نسلي گروهي تعصب جهڙين بيمارين سڄي‬
‫معاشري کي مفلوج بنائي وڌو آهي، ايستائين جو هڪ عابد، زاهد‬
‫عالم ۽ نيڪ ماڻهو جو به انهن اخالقي بيمارين جي اثرن کان بچڻ‬
‫مشڪل ٿي پيو آهي. اهي اخالقي بيماريون ڪٿي قومي، نسلي‬
‫تعصب جي صورت ۾، ڪٿي گروهي مسلڪي ۽ فرقيواري نفرت‬
‫جي صورت ۾ ته ڪٿي دنياوي مفادن ۽ مصلحتن جي روپ ۾ غالب‬
‫آهن. دنيا ۾ چؤ طرف ائين ٿو لڳي ڄڻ ته سڄو معاشرو اخالق، قدرن‬
‫۽ گڻن کان خالي ۽ کوکلو ٿي چڪو آهي. انسان جو انسان تان‬
‫ويساهه کڄي چڪو آهي، ڀاءُ، ڀاء جو پٽ پيء جو ويري ٿي چڪو‬
                    ‫ُ‬         ‫ُ‬
                                                        ‫آهي.‬
                             ‫63‬
          ‫قتل انسان کا کبھی سانحہ کہالتا تھا‬
          ‫اب تو یہ کھیل یہاں شام و سحر ہوتا ہے‬

‫اڃان به جيڪڏهن واضح لفظن ۾ اڄوڪي اخالقي صورتحال‬
‫جو نقشو پيش ڪجي ته شاعر جون هي سٽون ئي ڪافي آهن،‬
                  ‫ِ‬
     ‫جيڪي اڄوڪي زماني جو حال صاف صاف بيان ڪن ٿيون.‬
          ‫ایماندار کو کمین کہتے ہیں‬
          ‫بے ایمان کو ذہین کہتے ہیں‬

          ‫واہ زمانے کا کیا دستور ہے‬
          ‫جو بے حیا ہے اسے حسین کہتے ہیں‬

‫اڃا به جيڪڏهن اسان غفلت جون اکيون نه پٽيون ته اسان جي‬
‫تهذيب جو حال اهو ٿيندو، جيڪو موئن جي دڙي ۽ هڙاپا جي تهذيبن‬
‫جو ٿيو، اڃا به اوهان کي جيڪڏهن اخالقي قدرن تي يقين ناهي ته‬
‫تباهه ٿيل کنڊرن کان پڇو؟ اهي اوهان کي جواب ڏيندا، موئن جي‬
‫دڙي جي ناچڻي کان ته موئن جي دڙ ي جي تهذيب ڇو تباهه ٿي‬
‫وئي؟ اهرام مصر جي فرعون کان پڇو، بابل جي کنڊرن کان پڇو،‬
‫ته هتي جا رهاڪو ڇو تباهه ٿي ويا؟ قديم روما ۽ يونان جي تاريخ‬
‫پڙهي ڏسو، قديم هندستاني سنگتراشن ۽ بت گرن جو احوال اجنتا‬
‫جي غازن ۽ غفائن کان پڇو ته هو ڇو تباهه ٿي ويا؟ جيڪڏهن اڃا‬
‫به اوهان کي اخالقي قدرن تي ويساهه ناهي ته قرآن مجيد ۾ حضرت‬
        ‫لوط عليه السالم جي قوم جو احوال پڙهي ڏسو ۽ عبرت وٺو.‬
                             ‫73‬




                                                  ‫دليپ رتناڻي‬




     ‫پاڪستان، مسلم ملت ۽ سنڌ بابت هونئن ته هندن جي‬
     ‫سوچ پڌري آهي، سنڌ جو هندو شروع کان وٺي قوم‬
     ‫پرستي تحريڪ جو هر اول دستور رهيو آهي ڪاوش ۾‬
     ‫ڇپندڙ هي ڪالم ان ڏس ۾ سنڌ جي هندن جي سوچ کي‬
                             ‫وڌيڪ وائکو ڪري ٿو. (ادارو)‬
‫سنڌ جو ماڻهو مخصوص حالتن جي دٻاء هيٺ زندگي گهاري‬
                    ‫ُ‬
‫رهيو آهي. قومون جڏهن تاريخي طور اهڙي دٻاء هيٺ هونديون آهن‬
                  ‫ُ‬
‫ته انهن حالتن تحت مون جهڙا وائڙا لکاري ئي نظر ايندا. جيستائين‬
‫”گهري سماجي ۽ تاريخي شعور جي“ نه اچڻ جا سبب برقرار‬
‫رهندا، تيستائين اسان جا سياستدان ويڪائو بڻجي ڌارين هٿان‬
‫وڪامجندا رهندا ۽ نتيجو هميشه اسٽيٽسڪو ئي رهندو. فردن، قومن‬
‫۽ طبقن جا ڪردار ڪنهن جي خواهش سان تبديل نٿا ٿي سگهن. هن‬
                             ‫83‬
‫وقت جنهن کي اسان مڊل ڪالس طبقي جو ماڻهو پيا سمجهون، اهو‬
‫سڄو مڊل ڪالس ڪاغذي آهي. جيڪو سماج جي پيداواري ذريعن‬
            ‫مان جنم وٺڻ جي بجاء رياستي ادارن جي پيداوار آهي.‬
                                         ‫ِ‬
‫اسان وٽ اڪثر ليکڪ جڏهن لکندا آهن ته مزاحمت بجاء‬
‫ِ‬
‫ڪمپرومائيز کي ذهن ۾ رکي لکندا آهن. پنهنجي لکڻين ۾ هميشه‬
‫ڪنهن سان به ڦٽائڻ، چٽي ۽ صاف ڳالهه نه ڪرڻ واري پاليسي جو‬
‫اصول اپنائيندا آهن. هونء به ڪنهن کي ڪهڙي ضرورت آهي، جو‬
‫هرو ڀرو ويٺو مزاحمت ڪري ۽ ماڻهن جي پٽڪن ۾ ه وجهي.‬
‫مولو منهنجو دوست آهي، ۽ هڪ ليکڪ به آهي. مون ساڻس سوال‬
‫ڪيو ته ”يار مولو، تون ته فڪري ۽ علمي لحاظ کان هڪ تمام‬
‫‪ Strong‬قسم جو ليکڪ آهين. توکي تاريخ، سماج ۽ فلسفي ۽‬
‫سماجي سائنس جي علم جي ايتري ڄاڻ آهي، جيڪا هڪ بهادر ۽‬
‫مزاحمتي ليکڪ بڻجڻ الء ڪافي آهي، ته پوء تون به اهڙيون‬
                ‫ِ‬                   ‫ِ‬
‫وائڙيون ۽ غيرذميواري واريون ڳالهيون اخبار ۾ لکندو آهين، ڇو؟‬
‫هن چيو ته تون ويٺو ڳالهه ڪرين، سوچ جي ۽ ‪Human‬‬
‫‪ thought‬جي اسان کي صرف ۽ صرف روزي روٽيء سان ڪم‬
                                                         ‫آهي.‬
‫مون مولوء جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو ته مان تنهنجي انهيء‬
‫ڪردار ۾ تبديلي ٿو آڻڻ چاهيان. مولو، چيو ته تنهنجي خواهش سان‬
‫اسان ۾ تبديلي نٿي اچي سگهي. ڇاڪاڻ ته اسان ليکڪن پڙهڻ‬
‫بلڪل ڇڏي ڏنو آهي. خبر ئي ناهي ته اڄ دنيا فڪري طور ڪٿي‬
‫بيٺل آهي. سنڌي سماج ڪٿي بيٺل آهي. اسان رڳو هڪ ٻئي کي‬
‫متاثر ڪرڻ کان اڳتي ڪجهه سوچون ئي ڪونه ٿا. اهوئي سبب‬
‫آهي جو اسان جي علمي کوٽ ۽ فڪري بنياد ڪمزور آهن. ڪنهن‬
‫ڏاهي چواڻي ته خيال، احساس ۽ ماڻهو ، ادب ۽ فن جو روح هوندا‬
‫آهن، پر اسان وٽ احساس جي جاء بي حسي ۽ ماڻهن جي جاء تي‬
    ‫ِ‬                       ‫ِ‬
‫جانور اچي ويا آهن ته پوء اهڙي حالت ۾ ادب ۽ فن جو روح بلڪل‬
                                      ‫ِ‬
‫مرده ٿي ويندو، نتيجن درٻاري ۽ الٺڙيا ليکڪ ئي ميدان تي اچي قوم‬
                             ‫93‬
‫جي رهنمائي ڪندا ۽ پوء اها رهنمائي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. اهو‬
                                 ‫ِ‬
                                     ‫توهان جي اڳيان آهي.‬
‫سنڌي سماج اڄوڪين حالتن ۾ هڪ عجيب دور مان گذري‬
‫رهيو آهي، سنڌي ماڻهو هر طرح سان هر سطح تي انيڪ مسئلن،‬
‫مونجهارن، بيوسي، بي حسي، نا انصافي ۽ ننڌڻڪاڻين جي سنگهرن‬
‫۾ سوڙهو ڪيو ويو آهي. زندگي جي هر شعبي ۾ افراتفري، بيزاري،‬
‫بد نظمي، اقربا پروري، رشوت خوري ۽ بي حسي نظر اچي ٿي.‬
‫اهڙن مرحلن ۾ متحرڪ ۽ زنده قوتون ئي سماج کي اهڙن بحرانن‬
‫مان ڪڍڻ جو سبب بڻبيون آهن. زندگي هڪ فرد جي هجي يا هڪ‬
‫طبقي، سماج، قوم ۽ پوري انسان ذات جي، مسئال ۽ بحران ته‬
‫هميشه ان سان گڏ هليا آهن. جتي جتي زندگي آهي، مسئال ۽‬
‫مصيبتون زندگي سان گڏ گڏ هلن ٿا. اڄ اسان جي سماج جو هر‬
‫شخص هر ڳالهه کي سمجهي ٿو، پر مٿاڇرا ڳوڙها ڳاڙي ٿو، پاڻ کي‬
‫اخالقي طور ان جو پابند يا ذميوار نٿو بنائي. اڄ اسان جي سماج جي‬
‫حالت اها آهي ته اسان زندگي جي هر شعبي ۾ پٺتي ۽ زوال جي‬
‫اونهي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪا آهيون. اسان جي اڪثر سياستڪارن‬
‫فرض شناسي ڇڏي ڏني آهي، استادن پڙهائڻ ڇڏي ڏنو آهي. شاگردن‬
‫پڙهڻ ڇڏي ڏنو آهي. پورهيت بک پيو مري، نياڻين جون عزتون پيون‬
‫لٽجن، سماج جو هر مرد هڪ ڪهاڻي بڻجي ويو آهي. اهڙين حالتن‬
‫۾ هڪ ننڌڻڪي ۽ بيواهي سماج جو ڌڻي به ڪير ٿيڻ الء تيار‬
     ‫ِ‬
                                               ‫ڪونهي.‬
‫م ون مولو کي چيو ته توکي هڪ ليکڪ جي حيثيت ۾ هن سماج‬
‫کڻي،‬  ‫جو ڌڻي ٿيڻ کپندو هو، پر تون پنهنجي اصلي ڪردار تان ه‬
                                           ‫ً‬
‫حالتن جي جبرا اڳيان گوڏا کوڙي پنهنجو اگهه مقرر ڪري سياسي‬
‫بازار ۾ وڪامجي چڪو آهين. مولو، مون کي چيو ته هي جيڪو‬
                            ‫04‬
‫تون ۽ تو جهڙا ڪئين عقل جا اڪابر آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ويهي،‬
‫سنڌ سنڌ ڪندي ٿڪجن ئي ڪونه ٿا، انهن ڀال سنڌين الء ڇا ڪيو‬
       ‫ِ‬
‫آهي؟ مون مولو کي چيو ته يار ٻڌ اسان سال ۾ هڪ ڪانفرنس‬
‫ڪري، سنڌ جا مسئال پڙهي ماڻهن کي ٻڌائيندا آهيون ته سنڌي ماڻهن‬
‫سان ڇا وهي واپري پيو، مولو چيو ته، هاڻي ڪانفرنس ۽ قراردادن‬
‫سان ڪم ڪونه هلندو. اوهان ٻاهر ويٺل سنڌ جي سڀني گهڻ گهرن‬
‫کي گروهي ۽ شخصي مفادن کان مٿڀرو ٿي، سنڌ جي قومي تحريڪ‬
‫کي کلئي عام سپورٽ ڪرڻ گهرجي. سنڌ جو عوام اوهان جي‬
‫مڙسي تڏهن مڃيندو، جڏهن اوهان اسٽيبلشمينٽ جو ڊپ ذهن مان‬
               ‫ڪڍي سنڌ جي مفادن الء پنهنجا سبيل چپ کوليندا.‬
                                       ‫ِ‬
‫هن چيو ته اوهان کي انهيء ڳالهه تي غيرت ڇو نٿي اچي ته‬
‫سنڌ کي پنهنجي وسيلن تي مالڪي ناهي؟ سنڌين کان سنڌ جو حق‬
‫حاڪميت کسيو ويو آهي ۽ مرڪز سنڌ کي صوبي طور نه، پر‬
‫ڪالوني طور ڊيل ٿو ڪري؟ سنڌ حڪومت کي اختيار ناهي، سڀ‬
‫فيصال مٿان اچن ٿا. سنڌ حڪومت جي حيثيت ڄڻ هڪ سياسي‬
‫پوسٽ آفيس واري هجي. هن مون مٿان وڏي ڪاوڙ ڇنڊي ته، جڏهن‬
‫سنڌ جون نياڻيون روڊن تي رياستي ڏاڍ سان مهاڏو اٽڪائي رهيون‬
‫هجن، تڏهن سنڌ جي ٻاهر رهندڙ سنڌين جا چپ سبيل هجن، جڏهن‬
‫سنڌ جي عورت سماجي بندشن ۽ قدرن جا سڀ بند ٽوڙي قوم جي‬
‫جياپي جي جنگ الء ميدان ۾ نڪري ۽ رياستي لٺين جي وسڪارن ۽‬
                                       ‫ِ‬
‫نعرا هڻي اڳتي وڌي ته اتي ٻاهر رهندڙ سنڌ جو ”شعور“ ۽ ”ضمير“‬
                             ‫خاموش رهي ته ان کي ڇا چئجي؟‬
‫مون کي هن جي ڳالهين تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، پر ڪري ڪجهه‬
‫به نه سگهيس، جو مان به گهڻن جيان سچ سامهون ٿيڻ جي همت‬
                           ‫14‬
‫ساري نٿو سگهان، هن چيو سچ پئي، ۽ مون منهنجي پڪائي سان‬
   ‫مٿس ڪاوڙ ڇنڊي رهيو هئس. (ورتل ڪاوش 8 مارچ 1891ع)‬




                                    ‫موالنا اشرف علي ٿانوي‬
                                             ‫مستقل سلسلو‬
 ‫محمد ميمڻ‬                                    ‫حافظ غالم‬




‫اها حديث جمع الفوائد تان ورتل آهي، انهن سڀني آيتن ۽ حديثن‬
‫مان هڪ مطلب جو هڪ ئي جزو ظاهر ٿئي ٿو. يعني نيڪ ماڻهن‬
                             ‫24‬
‫وٽ ويهڻ، تانته انهن کان چڱيون ڳالهيون حاصل ٿين ۽ چڱيون‬
                                           ‫خصلتون نصيب ٿين.‬
‫اڃا اسان جي ڳالهه جو هڪ جزو رهي ٿو، يعني جيڪي نيڪ‬
‫ماڻهو گذري چڪا آهن، انهن جا احوال معلوم ڪرڻ. ڇوته ان سان‬
‫به اهڙا ئي فائدا حاصل ٿيندا آهن، جهڙا انهن وٽ ويهڻ سان، اڳتي‬
                                      ‫ان ٻئي جزي جو بيان آهي.‬
‫نمبر88: هللا پاڪ جو ارشاد آهي ”۽ پيغمبرن جي قصن مان‬
‫اسان ا هي سڀ قصا يعني نوح، هود، صالح، ابراهيم، لوط، شعيب ۽‬
‫موسيٰ عليهم السالم جا قصا توهان سان بيان ڪريون ٿا، جن جي‬
‫ذريعي توهان جي دل کي تقويت ڏيون ٿا.“ (سوره هود- آيت‬
                                                    ‫نمبر918)‬
‫فائدو: اهو هڪ فائدو ٻڌايو ويو ، نيڪن جي قصن بيان ڪرڻ‬
‫جو، ته ان سان دل کي مضبوطي ۽ تسلي حاصل ٿيندي آهي ته جيئن‬
‫اهي حق تي مضبوط ۽ قائم رهيا، تيئن اسان کي به مضبوط رهڻ‬
‫گهرجي ۽ جهڙي طرح حق تي مضبوط رهڻ جي برڪت سبب هللا‬
‫پاڪ انهن جي مدد ڪئي، ته ساڳي طرح اسان جي به مدد ٿيندي.‬
‫جنهن جو ذڪر هللا پاڪ ٻي آيت ۾ ڪيو آهي ته اسان پنهنجي‬
‫پيغمبرن جي ۽ ايمان وارن جي دنوي زندگي ۾ به مدد ڪندا آهيون ۽‬
‫ان ڏينهن به جڏهن شاهدي ڏيڻ وارا فرشتا هوندا (ان مان قيامت جو‬
‫ڏينهن ئي مراد آهي) (سوره مؤمن آيت 88). ۽ اتي جي مدد اها‬
‫ظاهر آهي ته حڪم مڃڻ وارا ظاهر ظهور ڪامياب هوندا ۽‬
‫نافرمان ناڪام هوندا. هن دنيا ۾ مدد ڪڏهن ته ان طرح ڪئي ويندي‬
‫آهي ۽ ڪڏهن ٻئي نموني هن طرح ٿيندي آهي ته شروع ۾ ته‬
‫نافرمانن کي مؤمنن تي غلبو ٿيو، مگر هللا پاڪ طرفان آخر ۾‬
‫ڪنهن وقت انهن کان بدلو ضرور ورتو ويو، چنانچه تاريخ ان جي‬
                                         ‫گواه آهي. (ابن ڪثير)‬
‫اهڙن قصن مان ان طرح به تسلي ۽ دل جي مضبوطي حاصل‬
‫ٿيندي آهي، ته دين تي مضبوط رهڻ سان آخرت ۾ ايمان وارا ئي‬
                               ‫34‬
‫فائدي ۾ هوندا. جنهن جي خبر ڪي ئي قصن کان پوء ان ارشاد‬
            ‫ِ‬
              ‫ً‬
‫االهي ۾ ڏني وئي آهي ته ”ان العاقبة للمتقين“ يعني يقينا نيڪ انجامي‬
‫متقين الء ٿي آهي (سوره هود- آيت 08) ساڳي طرح اهو وعدو‬    ‫ِ‬
‫اسان الء به آهي. جيئن سوره بقره ۾ ارشاد آهي ته جيڪي ماڻهو‬  ‫ِ‬
      ‫متقي آهن، انهن ڪافرن کان اوچي درجي (جي حالت) ۾ هوندا.‬
‫نمبر18: حضرت ابن مسعود رضه فرمائي ٿو ته جيڪو‬
‫شخص هميشه الء ڪو طريقو اختيار ڪرڻ چاهي، ته ان کي‬‫ِ‬
‫گهرجي ته انهن ماڻهن جو طريقو اختيار ڪري، جيڪي گذري‬
‫چڪا آهن. ڇوته زنده ماڻهو الء ته ڪجهه ٿڙي وڃڻ جو به امڪان‬
                                     ‫ِ‬
‫يا شبه رهي سگهي ٿو. (ان ڪري زنده ماڻهؤ جو طريقو ان ئي وقت‬
‫اختيار ڪري سگهجي ٿو، جيستائين هو صحيح راهه تي رهي) اهي‬
‫ماڻهو جن جو طريقو هميشه الء وٺي سگهجي ٿو. اهي رسول هللا ﷺ‬
                                       ‫ِ‬
‫جا صحابه ڪرام آهن. (ان حديث جي آخر ۾ آهي ته) جيستائين ٿي‬
‫سگهي ته انهن جي اخالق ۽ عادتن کي سند ۽ معيار بنائجي. (رزين،‬
                                                      ‫جمع الفوائد)‬
‫ف: ظاهر آهي ته صحابه ڪرام رضه جي اخالق ۽ عادتن کي‬
‫اختيار ڪرڻ تڏهن ممڪن آهي، جڏهن انهن جا واقعات معلوم هجن.‬
                         ‫ان ڪري اهڙا ڪتاب پڙهڻ ضروري آهن.‬
‫نمبر18: جهڙي طرح قرآن پاڪ ۾ حضرات انبياء، علماء‬
‫اولياء جا قصا سندن پيروي ڪرڻ جي مصلحت ڪري ئي بيان‬
‫ڪيل آهن. جيڪو ان ارشاد ۾ مذڪور آهي ته ”فبهداهم اقتده“ ته‬
‫ساڳي طرح حديثن شريفن جي به اڪثر ڪتابن ۾ ”ڪتاب القصص“‬
‫جو هڪ مستقل عنوان هوندو آهي. ان مان به اهڙن قصن ۽ واقعن‬
‫جو مفيد ۽ مطالعي الئق هئڻ ثابت ٿئي ٿو. ان ڪري بزرگن هميشه‬
                ‫اهڙن قصن جي ڪتابن رکڻ جو اهتمام پئي ڪيو آهي.‬
‫هاڻي اهڙن ڪجهه ڪتابن جا ناال لکجن ٿا، جن کي پڙهڻ ۽‬
‫ٻڌڻ گهرجي، ٻڌائڻ وارو ڪو عالم ملي وڃي، ته سبحان هللا نه ته‬
                                                   ‫جيڪو به ملي.‬
                              ‫44‬
‫(8) تاريخ حبيب هللا (1)نشر الطيب، مغازي الرسول، قصص‬
‫القرآن، قصص االنبياء، حڪايات صحابه، حيات الصحابه، سيرت‬
                    ‫النبي، سيرالصحابه، علماء هند کا شاندار ماضي.‬
                                         ‫ِ‬
                             ‫جيڪا هن شعر جي مصداق آهي:‬
                    ‫فتوح في فتوح في فتوح‬
                  ‫وروح فوق روح فوق روح‬
‫رسول هللا ﷺ جن جي اخالق مبارڪه ۽ عادتن کي پنهنجي دل‬
‫۾ مضبوطي سان ڄمائي (ويهارجي) تانته سندن محبت به وڌي، ۽‬
‫سندن عادتن مبارڪن کي اختيار ڪرڻ جو شوق به پيدا ٿئي. ان‬
                   ‫باري ۾ ڪجهه آيتون ۽ حديثون بيان ڪجن ٿيون:‬
‫نمبر8: ارشاد باري تعاليٰ آهي ته ”بيشڪ توهان اخالق (حسنه)‬
                 ‫جي اعليٰ ترين معيار تي آهيو. (سوره نون جو منڍ)‬
‫نمبر1: هللا پاڪ جو ارشاد آهي ته تحقيق توهان وٽ آيو آهي،‬
‫اهڙو رسول، جيڪو توهان جي جنس (بشر) مان آهي، جنهن کي‬
‫توهان جي تڪليف جي ڳالهه نهايت ڏکي لڳي ٿي. جيڪو توهان جي‬
‫فائدي جو ڏاڍو خواهشند رهي ٿو. (خاص طرح) مؤمنن سان ته تمام‬
                     ‫شفيق ۽ مهربان آهي. (سوره توبه- آخري آيتون)‬
‫نمبر1: هللا پاڪ جو ارشاد آهي ته ”نبي ڪريم ﷺ کي ان ڳالهه‬
‫تي ناگواري ٿئي ٿي، پر هو توهان جو لحاظ ڪن ٿا (۽ زبان سان نٿا‬
‫چون ته اٿي وڃو) ليڪن هللا پاڪ صاف ڳالهه چوڻ ۾ (ڪنهن جو)‬
                          ‫لحاظ نٿو ڪري. (سورة االحزاب. آيت18)‬
‫فائدو: سندن مروت ۽ لحاظ جي حد ڏسو ته پنهنجي خادمن ۽‬
‫غالمن کي به اهو چوندي حياء ڪندا هئا، ته هاڻي وڃي پنهنجي‬
                                   ‫ُ‬
‫ڪمن ۾ لڳو، محفل ختم، البته اهو لحاظ پنهنجي ذاتي معاملن ۾ ڪندا‬
                        ‫هئا. خدائي حڪمن جي تبليغ ۾ نه هوندو هو.‬
‫نمبرا: حضرت انس رضه کان روايت آهي ته مون حضور‬
‫ڪريم ﷺ جن جي ڏهه سال خدمت ڪئي. پاڻ مون کي ڪڏهن اف‬
                                ‫54‬
‫به نه چيائون ۽ ڪڏهن ائين ڪونه چيائون ته هي ڪم ڇو ڪيئي ۽‬
                      ‫فالڻو ڪم ڇو ڪونه ڪيئي. (بخاري و مسلم)‬
‫ف: هر وقت جي خادم کي ڏهن سالن جي طويل عرصي ۾ ڇو ۽‬
‫ڇو نه به، نه چوڻ ڪا رواجي ڳالهه ڪانهي. سوچجي ته ڇا ايڏي‬
‫عرصي ۾ ڪابه ڳالهه مزاج مبارڪ جي خالف ڪانه ٿي هوندي.‬
                                                               ‫(8)‬
‫نمبر1: ساڳئي صحابي کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن‬
‫سڀ کان وڌيڪ خوش خلق هئا. پاڻ هڪ ڏينهن مون کي ڪنهن‬
‫ڪم الء چيائون، مون جواب ڏنو ته آئون ته ڪونه ٿو وڃان، ۽ دل ۾‬‫ِ‬
‫اهو هو ته جتي حڪم ڪيو اٿن، اتي ويندس. (اهو ٻاراڻو اثر هو)‬
‫اوڏانهن روانو ٿيس، ته رستي ۾ ڪجهه راند ڪندڙ ٻارن وٽان لنگهڻ‬
‫ٿيو. (۽ انهن وٽ بيهي رهيس) اوچتو (ڏٺم ته) رسول هللا ﷺ جن پٺيان‬
‫(اچي) منهنجو ڪنڌ پڪڙيو. مون ڏٺو ته پاڻ مرڪي رهيا هئا. پاڻ‬
‫فرمايائون ته تون ته منهنجي موڪلڻ واري جاء ڏانهن وڃي رهيو‬
                    ‫ِ‬
  ‫هئين؟ مون چيو ته هائو يارسول هللا! آئون وڃي رهيو آهيان. (مسلم)‬
‫نمبر1: ان کان ئي روايت آهي ته آئون حضور ڪريم ﷺ جن‬
‫سان گڏ وڃي رهيو هوس. سندن جسم مبارڪ تي هڪ نجران جي‬
‫ٿلهي ڪناري سان بنيل چادر هئي. کين هڪ بدوي مليو. جنهن کين‬
‫چادر کان پڪڙي تمام زور سان (اهڙو) ڇڪيو، جو پاڻ ان جي‬
‫سيني کي وڃي ويجها پهتا. پوء چيائين ته اي محمد! (ﷺ) منهنجي الء‬
‫ِ‬                                      ‫ِ‬
‫به هللا جي مال مان ڪجهه ڏيڻ جو حڪم ڏيو، جيڪو توهان وٽ‬
‫آهي. پاڻ ان ڏانهن ڏٺائون. پوء مرڪيا، پوء ان کي ڏيڻ جو حڪم‬
                       ‫ِ‬             ‫ِ‬
                                             ‫ڏنائون. (بخاري ۽ مسلم)‬
‫نمبر8: حضرت جابر کان روايت آهي ته حضور ڪريم ﷺ‬
‫جن کان ڪابه اهڙي شيء ڪانه گهري وئي، جنهن الء پاڻ اهو‬
           ‫ِ‬                               ‫ِ‬
‫فرمايو هجين ته ڪونه ٿو ڏيان. (يعني هئي ته ڏنائون، نه ته ان وقت‬
       ‫معذرت ڪري، ٻئي وقت الء وعدو ڪيائون). (بخاري و مسلم)‬
                                         ‫ِ‬
                             ‫64‬
‫نمبر8: حضرت انس کان روايت آهي ته هڪ شخص حضور‬
‫ڪريم ﷺ جن کان ٻڪريون گهريون (جيڪي سندن ئي هيون ۽) ٻن‬
‫پهاڙن جي وچ ۾ چري رهيون هيون، پاڻ اهي سڀ ان کي ڏيئي‬
‫ڇڏيائون. اهو شخص پنهنجي قوم ۾ ويو ته چوڻ لڳو ته اي قوم!‬
‫مسلمان ٿي وڃو. خدا جو قسم! محمد ﷺ جن خوب ڏئي ٿو ۽ پاڻ‬
 ‫خالي هٿين رهجي وڃڻ جو به ڪو انديشو ڪونه ٿو ڪري. (مسلم)‬
‫نمبر9: حضرت جبير بن مطعم کان روايت آهي ته آئون‬
‫حضور ڪريم ﷺ جن سان گڏ هلي رهيو هوس، جڏهن پاڻ حنين کان‬
‫واپس ٿي رهيا هئا. بدوي ماڻهو کين وڪوڙي ويا ۽ کانئن گهري رهيا‬
‫هئا، ايستائين جو کين (پٺتي ڪندي) هڪ ٻٻر جي وڻ سان اچي‬
‫لڳايائون، ۽ سندن چادر به کڻي ورتائون، پاڻ بيهي رهيا ۽ فرمائڻ‬
‫لڳا، ته اها چادر ته واپس ڏيو. جيڪڏهن مون وٽ انهن وڻن جي‬
‫ڳاڻيٽي جيترا به اٺ هجن ها ته اهي سڀ توهان ۾ ورهائي ڇڏيان ها.‬
‫پوء توهان مون کي نه بخيل ڏسندؤ نه ڪوڙو ۽ نه ننڍي دل وارو.‬   ‫ِ‬
                                                       ‫(بخاري)‬
‫نمبر7: حضرت انس کان روايت آهي ته حضور ڪريم ﷺﷺ‬
‫جن جڏهن فجر جي نماز کان فارغ ٿيندا هئا ته مديني (وارن) جا‬
‫غالم پنهنجا برتن آڻيندا هئا، جن ۾ پاڻي هوندو هو. پوء جيڪو به‬
           ‫ِ‬
‫برتن پيش ڪندو هو پاڻ ان ۾ برڪت الء ه وجهندا هئا. بعضي‬
                        ‫ِ‬
     ‫سردي جو صبح هوندو هو، ته به انهن ۾ ه وجهندا هئا. (مسلم)‬
‫نمبر1: ان کان ئي روايت آهي ته حضور ڪريم ﷺ جن سخت‬
‫مزاج جا ڪونه هئا، ۽ نه ڪو ڪنهن کي بد دعا جا لفظ چوندا هئا.‬
‫ڪا ڳالهه سخت نه وڻڻ جهڙي ٿيندي هئي ته چوندا هئا ته فالڻي کي‬
‫ڇا ٿي ويو آهي، ان جي پيشانيء کي خاڪ لڳي (جنهن سان ڪنهن‬
‫کي ڪنهن بد دعا يا تڪليف جو خطرو ڪونهي. خاص طرح‬
‫جيڪڏهن اهو مسجد ۾ لڳي پوي، ته پوء ته اها نمازي بڻجڻ الء دعا‬
     ‫ِ‬                    ‫ِ‬
‫ٿي ۽ نماز ۾ براين روڪڻ جي خاصيت آهي ته ان طرح اها اصالح‬
                                            ‫جي دعا ٿي. (بخاري)‬
                                ‫74‬
‫نمبر0: حضرت ابو سعيد خدري کان روايت آهي ته حضور‬
‫ڪريم ﷺ جن ايڏا حياء وارا هئا، جهڙي ڪا ڪنواري ڇوڪري‬
‫پنهنجي پردي ۾ هوندي آهي، بلڪه ان کان به وڌيڪ، سو جڏهن‬
‫ڪانه وڻڻ جهڙي ڳالهه ڏسندا هئا. ته (حياء جي ڪري زبان سان نه‬
‫چوندا هئا مگر) اسان ان جو اثر سندن چهري مبارڪ مان محسوس‬
                                     ‫ڪندا هئاسون. (بخاري ۽ مسلم)‬
‫نمبر98: حضرت اسود کان روايت آهي، ته مون حضرت بيبي‬
‫عائشه کان پڇيو ته پاڻ ڪريم جن گهر جي اندر ڪهڙا ڪم ڪندا‬
‫هئا، ته بيبي صاحبه فرمايو ته پنهنجي گهروارن جي ڪمن ۾لڳا‬
              ‫رهندا هئا. (جن جا مثال اڳيان اچي رهيا آهن). (بخاري)‬
‫نمبر88: حضرت بيبي عائشه کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم‬
‫ﷺ جن پنهنجي جتي سبندا هئا، پنهنجا ڪپڙا سبندا هئا ۽ پنهنجي گهر‬
‫۾ اهڙا ئي ڪم ڪندا هئا، جيئن توهان جا عام ماڻهو پنهنجي گهرن ۾‬
‫ڪندا آهن. بيبي صاحبه ائين به فرمايو ته پاڻ ٻين انسانن وانگر‬
‫انسان هئا. (يعني گهر ۾ مخدوم ۽ ٻين کان مٿانهون ٿي نه رهندا هئا)‬
‫پنهنجي ڪپڙن ۾ جون ڳوليندا هئا (ته شايد ڪٿان چڙهي نه هجي،‬
‫ڇوته پاڻ انهن کان پاڪ هئا) ۽ پنهنجون ٻڪريون ڏهندا هئا (اهي‬
‫گهر جي ڪمن جا مثال آهن، ڇوته رواج موجب اهي ڪم گهروارن‬
  ‫جي ڪرڻ جا هوندا آهن) ۽ پنهنجا ذاتي ڪم به ڪندا هئا. (ترمذي)‬
‫نمبر18: حضرت عائشه کان روايت آهي ته پاڻ ڪنهن شيء‬
‫ِ‬
‫کي پنهنجي ه سان ڪڏهن ڪونه ماريائون، ۽ نه ڪنهن عورت‬
‫کي ۽ نه ڪنهن خادم کي، البته خدا جي راهه ۾ جهاد ان کان ٻاهر‬
‫آهي. (اتي مراد اهڙو مارڻ آهي جيڪو جوش ۾ غصي ۾ عام طرح‬
‫عادت هوندي آهي). ۽ پاڻ ڪڏهن به ڪنهن تڪليف پهچائڻ واري‬
‫کان انتقام يا بدلو نه ورتائون. البته ڪو شخص هللا جون حدون‬
    ‫ٽوڙيندو هو ته پاڻ هللا جي واسطي ان کان انتقام وٺندا هئا. (مسلم)‬
‫نمبر18: حضرت انس کان روايت آهي ته آئون اٺن سالن جي‬
‫(ننڍي) عمر ۾ سندن خدمت ۾ آيس، ۽ ڏهه سال سندن خدمت ڪيم،‬
                                 ‫84‬
‫مون کان ڪڏهن ڪو نقصان به ٿيو ته پاڻ ڪڏهن ڪا مالمت‬
‫ڪانه ڪيائون. جيڪڏهن سندن گهروارن مان ڪڏهن ڪنهن‬
‫ڪجهه چيو ته فرمائيندا هئا ته ڇڏيو. جيڪڏهن ڪا ٻي ڳالهه مقدر‬
  ‫هجي ها ته ائين ئي ٿئي ها. (مصابيح بلفظه. و بيهقي مع تغيير يسير)‬
‫نمبر88: حضرت انس کان روايت آهي ته هو سندن حال بيان‬
‫ڪندو هو، ته پاڻ بيمار جي مزاج پرسي ڪندا هئا ۽ جنازي سان گڏ‬
                                         ‫ويندا هئا. (ابن ماجه- بيهقي)‬
‫نمبر88: حضرت انس کان ئي روايت آهي ته حضور ڪريم‬
‫ﷺ جن جڏهن ڪنهن شخص سان ملڻ وقت ه ڏيندا هئا ته ڪڏهن‬
‫به پنهنجو ه ان جي ه مان پاڻ نه ڪڍندا هئا. جيستائين هو پاڻ‬
‫پنهنجو ه نه ڪڍندو هو ۽ نه پنهنجو منهن ان جي منهن کان‬
‫ڦيرائيندا هئا، جيستائين هو پاڻ ٻئي پاسي منهن ڪري، ۽ پاڻ ڪڏهن‬
‫به پاڻ وٽ ويٺلن ڏانهن گوڏا ڊگهيڙيندي نه ڏٺا ويا. (بلڪه صف ۾‬
‫سڀني سان گڏ وهندا هئا. ان جو هڪ مطلب اهو به ٿي سگهي ٿو،‬
‫ته گوڏن مان مراد پير هجي، يعني پاڻ ٻين ڏانهن پير نه پکيڙيندا هئا)‬
                                                            ‫(ترمذي)‬
‫نمبر98-78: شمائل ترمذي جي باب تواضع ۽ باب خلق ۾ به‬
‫ڊگهيون حديثون آهن. انهن مان ڪجهه چونڊ نڪتا پيش ڪجن ٿا:‬
‫حضرت حسين پنهنجي والد حضرت علي رضي هللا عنه کان بيان‬
‫ڪري ٿو ته رسول هللا ﷺ جن جڏهن پنهنجي گهر ۾ تشريف فرما‬
‫هوندا هئا ته اتي جي وقت کي ٽن حصن ۾ ورهائيندا هئا. هڪ حصو‬
‫هللا پاڪ جي عبادت الء، هڪ حصو پنهنجي گهرا وارن جي حقن‬
                                           ‫ِ‬
‫الء ۽ هڪ حصو پنهنجي ذات مبارڪ الء پوء پاڻ واري حصي کي‬
                      ‫ِ ِ‬                                         ‫ِ‬
‫پنهنجي ۽ ماڻهن جي وچ ۾ ان طرح تقسيم ڪندا هئا ته جيئن ان‬
‫حصي (جي برڪتن) کي پنهنجي خاص اصحاب جي ذريعي عام‬
‫ماڻهن تائين پهچائين (يعني ان حصي ۾ خاص خاص اصحاب کي‬
‫صحبت ۽ استفاده جي اجازت هئي، ۽ پوء اهي عام ماڻهن تائين اهي‬
                           ‫ِ‬
‫علم ۽ حڪمتون پهچائيندا هئا) ان حصي ۾ سندن عادت مبارڪه اها‬
                             ‫94‬
‫هئي ته اهل علم ۽ فضل کي (حاضري جي) اجازت ڏيڻ کي وڌيڪ‬
‫پسند ڪندا هئا ۽ ان وقت مان انهن جي ديني فضيلت جي لحاظ کان‬
‫حصو ۽ توجه ڏيندا هئا. ڇوته انهن جون ضرورتون مختلف هونديون‬
‫هيون ۽ پاڻ (انهن جي ئي لحاظ کان انهن سان اوترو مشغول رهندا‬
‫هئا ۽ انهن کي به اهڙن ڪمن ۾ مشغول رکندا هئا، جن ۾ انهن جي‬
‫امت جي مصلحت هجي. مثالً مسئلو پڇڻ يا مناسب حالت جو اطالع‬
‫ڏيڻ وغيره. سڀئي طالب بڻجي ايندا هئا ۽ علمي فائدا حاصل ڪرڻ‬
‫سان گڏ ڪجهه کائي پي واپس ويندا هئا ۽ دين جا هادي بڻجي‬
                      ‫نڪرندا هئا، اهو رنگ هو خاص مجلسن جو.‬
‫حضرت حسين جو چوڻ آهي، ته وري مون پنهنجي والد کان‬
‫سندن ٻاهر جي زندگي جي باري ۾ پڇيو حضرت علي بيان ڪيو ته‬
‫پاڻ هر وقت کليل چهري وارا نرم مزاج ۽ نرم خصلت هئا. سندن‬
‫سامهون ماڻهو پاڻ ۾ مشغول نه رهندا هئا (بلڪه هر وقت حضور‬
‫ڏانهن متوجه رهندا هئا) سندن سامهون ڪو شخص ڳالهه ڪندو‬
‫هو، ته پاڻ ان جي ڳالهه ختم ڪرڻ تائين خاموش رهندا (۽ ٻڌندا)‬
‫هئا. پاڻ ٻاهرئين (۽ آداب کان ناواقف) ماڻهؤ جي گفتگو ۽ سوال ۾‬
‫بي تميزي ٿيڻ تي تحمل فرمائيندا هئا. ڪنهن جي ڳالهه (وچ ۾) نه‬
‫ڪاٽيندا هئا. البته اهو حد کان وڌڻ لڳندو هو ته پوء ان جي ڳالهه‬
               ‫ِ‬
‫ڪاٽيندا هئا،خواه ان کي روڪڻ ۽ منع ڪرڻ، يا اٿي هليو وڃڻ‬
                        ‫ذريعي اهو سندن عام مجلسن جو رنگ هو.‬
‫سندن اهو برتاء ته پنهنجي تعلق وارن (مسلمانن) سان هو.‬
                                         ‫ُ‬
 ‫مخالفن سان سندن جيڪو برتاء هو. ان جو به ڪجهه بيان ڏجي ٿو.‬
                                 ‫ُ‬
‫نمبر18: حضرت ابوهريره کان روايت آهي ته هڪ موقعي‬
‫تي کين عرض ڪيو ويو ته يارسول هللا ﷺ! مشرڪن الء بد دعا‬
        ‫ِ‬
‫ڪريو، پاڻ فرمايائون ته آئون پاراتي ڏيڻ وارو بنائي ڪونه‬
‫موڪليو ويو آهيان. آئون صرف رحمت ڪري موڪليو ويو آهيان.‬
                                                       ‫(مسلم)‬
                             ‫05‬
‫ف: ان ڪري سندن عادت مبارڪه دشمنن الء به دعا ڪرڻ‬
               ‫ِ‬
‫جي ئي هئي. البته ڪڏهن پنهنجي مالڪ سان فرياد جي طور ائين‬
‫چوڻ ته انهن جي شرارت کان حفاظت فرمائي، اها ٻي ۽ الڳ ڳالهه‬
                                                          ‫آهي.‬
‫نمبر08: حضرت بيبي عائشه کان طائف جي واقعي جي باري‬
‫۾ هڪ طويل واقعو نقل ڪيل آهي. جنهن ۾ کين (دين جي تبليغ جي‬
‫جواب ۾) ايتري قدر تڪليف پهچائي وئي. جنهن کي جنگ احد جي‬
‫تڪليف کان به وڌيڪ چيو اٿن. ان وقت جبرئيل عه وٽن پهاڙن جي‬
‫فرشتي سميت نازل ٿيو. ان کين سالم ڪيو، ۽ چيو ته سائين! آئون‬
‫پهاڙن جو فرشتو آهيان، مون کي هللا پاڪ توهان ڏانهن موڪليو‬
‫آهي، تانته جيڪڏهن توهان مون کي حڪم ڪريو ۽ حڪم ڏيو ته‬
‫هنن ٻنهين پهاڙن کي هنن ماڻهن مٿان مالئي ڇڏيان (جن جي وچ ۾‬
‫اچي هي پيسجي وڃن) پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته نه، بلڪه مون‬
‫کي اميد آهي ته (شايد) هللا پاڪ هنن جي نسلن مان اهڙا ماڻهو پيدا‬
‫ڪري، جيڪي صرف هللا جي عبادت ڪن ۽ ان سان ڪنهن کي‬
                               ‫شريڪ نه ڪن. (بخاري و مسلم)‬
‫ف: غور ڪريو ته ان وقت ه سان بدلو وٺڻ ممڪن ڪونه‬
‫هو، ته زبان سان حڪم ڏيڻ ته آسان هو، خاص ڪري جڏهن کين‬
‫يقين به ڏياريو ويو ته صرف زبان سان حڪم ڏيندي ئي سڀ برباد‬
‫ڪري ڇڏيا ويندا. مگر پاڻ پوء به شفقت کان ڪم ورتائون. سندن‬
                                ‫ِ‬
‫اهو برتاء انهن مخالفن سان هو، جيڪي ساڻن مقابلي ڪرڻ ۽‬  ‫ُ‬
‫تڪليفن ڏيڻ پٺيان هئا. ٻئي پاسي اچو ته ڏسون، ته جيڪي مخالف‬
            ‫سندن رعايت ۽ پهچ اندر هئا. انهن سان ڪهڙو برتاء هو.‬
                 ‫ُ‬
‫نمبر1: حضرت علي کان هڪ ڊگهو واقعو نقل ٿيل آهي، جنهن‬
‫۾ آهي، ته هڪ يهودي جيڪو مديني ۾ سندن رعيت طور رهندڙ‬
‫هو، ان جو حضور جن جي ذمي ڪجهه فرض هو. ان يهودي هڪ‬
                             ‫15‬
‫دفعي کين ان قرض جي وصولي الء ايڏو تنگ ڪيو، جو ظهر نماز‬
                            ‫ِ‬
‫کان وٺي اڳين صبح تائين کين گهر به وڃڻ نه ڏنو. ماڻهن طرفان ان‬
‫غلط روش تي ڌمڪائڻ تي پاڻ فرمايائون، ته هللا پاڪ مون کي‬
‫معاهد خواه غير معاهد سان زيادتي ڪرڻ کان منع ڪيو آهي. ان‬
‫قصي ۾ اڳتي آهي ته ان طرح آخر جڏهن ڏينهن ڪجهه چڙهيو ته ان‬
‫يهودي اشهد جو ڪلمو پڙهيو، ۽ چيو ته مون اهو سڀ ڪجهه ان‬
‫الء ڪيو ته توريت ۾ جيڪا سندن صفت بيان ٿيل آهي ته محمد ﷺ‬   ‫ِ‬
‫عبدهللا جو پٽ، مڪي ۾ پيدا ٿيندڙ، مديني ڏانهن هجرت ڪندڙ‬
‫هوندو. سندس سلطنت شام ۾ هوندي (جيڪا بعد ۾ ٿي). پاڻ نه سخت‬
‫مزاج ۽ نه بدمزاج، نه بازارن ۾ شور و غل ڪندڙ ۽ نه بي حيائي‬
‫جو ڪم ڪندڙ هوندو. ۽ مون کي اهو ڏسڻو هو ته پاڻ اهي آهن، يا‬
‫نه! و خوب تصديق ڪيم. هاڻي اشهد جو ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيان‬
                                                  ‫ٿو. (بيهقي)‬
‫انهن حديثن مان جن ٻن حديثن ۾ سندن شمائل بيان ٿيل آهن،‬
       ‫انهن کان سواء ٻيون سڀ حديثون مشڪواة شريف جون آهن.‬
                                                ‫ِ‬
‫مشورو: جيڪڏهن انهن ٿورين حديثن کي روزانو هڪ ئي دفعو‬
‫پڙهندا يا ٻڌندا ڪريو، ته توهان کي خبر پئجي ويندي، ته ڪيترو‬
                     ‫جلد مزاج ۾ ڪيڏي چڱي تبديلي اچي ٿي وڃي.‬
                            ‫25‬




                                                 ‫نصير ميمڻ‬




‫بائيڪاٽن ۽ خونريز جهڳڙن جي حوالي سان شهرت ماڻيندڙ‬
‫سنڌ يونيورسٽي، هڪ ڀيرو ٻيهر شاگرد گروهن ۾ ٽڪراء ۽ هڪ‬
         ‫ُ‬
‫نوجوان شاگرد جي قتل کان پوء بند ٿي چڪي آهي. اڃا وائيس‬
                             ‫ِ‬
‫چانسلر جي خالف استادن جو احتجاجي بائيڪاٽ مڪمل طور ختم‬
‫به نه ٿيو هو ته اڌو گابري يونيورسٽي جو کلڻ به انهن قوتن کان‬
‫برداشت نه ٿيو، جن کي سنڌ جي تعليمي ترقي ڏٺي نٿي وڻي. هونء‬
‫ته سرڪاري يونيورسٽين اندر شاگرد گروهن ۾ هٿياربند جهڳڙن ۽‬
‫خونريزي جي ڪٿا هن ملڪ ۾، خاص طور تي سنڌ ۾ نئين ناهي، پر‬
‫سنڌ يونيورسٽي جهڙي ڊگهي تاالبندي جا مثال ٻين هنڌن تي گهٽ‬
                               ‫35‬
‫نظر اچن ٿا. ڪو وقت اڳي تعليم جو بائيڪاٽ رڳو شاگرد تنظيمون‬
‫ڪرائينديون هيون. پر اڳتي هلي مالزمن جي احتجاجن دوران‬
‫ڪالس جي تاالبندي ۽ ويجهڙ ۾ استادن پاران هفتن الء ڪالسن جو‬
             ‫ِ‬
‫بائيڪاٽ احتجاجي لهر جا نوان مظهر هئا. جن سنڌ يونيورسٽي جي‬
            ‫اڳي کي برباد ٿيل اميج کي ويتر اونداهو بنائي ڇڏيو آهي.‬
‫هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي ويب سائيٽ موجب هن وقت‬
‫سنڌ اندر خانگي شعبي ۾ 11 يونيورسٽيون ڊگري ڪورسز ڪرائين‬
‫ٿيون، جن مان 11 رڳو ڪراچي ۾ آهن. صرف هڪ يونيورسٽي‬
‫حيدرآباد ۾ آهي، جتي ٻهراڙين جي شاگردن الء ڪجهه موقعا موجود‬
                     ‫ِ‬
‫هوندا. ان جو مطلب اهو ٿيو ته جيڪڏهن شهري عالئقن ۾‬
‫سرڪاري ي ونيورسٽيون بند به ٿين يا انهن ۾ تعليمي معيار بهتر نه‬
‫هجي، تڏهن به شهرن جا سرندي وارا ماڻهو پنهنجي ٻارن کي خانگي‬
‫يونيورسٽين ۾ معياري تعليم جا موقعا فراهم ڪري سگهن ٿا، ان جي‬
‫ابتڙ سنڌ جي ٻهراڙين جي شاگردن وٽ سواء سرڪاري شعبي جي‬
                       ‫ِ‬
‫يونيورسٽين ۾ داخال وٺڻ جي ٻي ڪا واهه ناهي، ان صورتحال ۾‬
‫سنڌ يونيورسٽي جي اهميت سنڌ جي وچولي طبقي جي نوجوانن جي‬
                                         ‫مستقل الء نهايت اهم آهي.‬
                                                         ‫ِ‬
‫هن دور ۾ جڏهن ڪيريئر جا اڪثر موقعا سرڪاري بجاء‬
‫ِ‬
‫خانگي شعبي ۾ پيدا ٿي رهيا آهن. سواء معياري تعليم جي هن‬
                         ‫ِ‬
‫چٽاڀيٽي ۾ اسان جو ڪوبه آئيندو ناهي. خانگي شعبي جي هن سخت‬
‫چٽاڀيٽي ۾ جيڪي اهليتون ڪيئريئر ۾ اڳتي وڌڻ الء گهربل آهن. اهي‬
                 ‫ِ‬
‫سنڌ جي ٻهراڙين ۾ موجود يونيورسٽين ۾ اڳي ئي اڻ لڀ آهن، مٿان‬
‫وري اهي يونيورسٽيون جڏهن شاگردن، مالزمن ۽ استادن جي هڪ‬
‫ٻئي پٺيان ٿيندڙ هڙتالن سبب هفتن جا هفتا بند رهن ته پوء سنڌ جي‬
         ‫ِ‬
‫ٻهراڙين جي نوجوانن جو آئيندو اونداهو نظر اچڻ لڳي ٿو، سنڌ ۾‬
‫سرڪار، يونيورسٽي انتظاميه، استاد تنظيمن، شاگردن تنظيمن ۽‬
‫سول سوسائٽي تي اها ذميواري ٿي الڳو ٿئي ته هو هر صورت ۾‬
‫يونيورسٽين کي کليل رکڻ الء پنهنجو ڪردار ادا ڪن. بدقسمتي‬
                                    ‫ِ‬
                            ‫45‬
‫سان سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ انتهائي غير ذميواراڻو ڪردار ادا‬
‫ڪندي رهي آهي. ان سرڪاري هوڏ جو نتيجو اهو آهي ته هڪ‬
‫سينيئر استاد جي قتل ٿيڻ کان پوء استادن پاران ڪالسن جي‬
                           ‫ِ‬
‫بائيڪاٽ تي خود سنڌ جي سول سوسائٽي به ورهائجي وئي آهي.‬
‫استاد اڳواڻن جو خيال آهي ته وٽن ڪالس جي بائيڪاٽ کان سواء‬
  ‫ِ‬
‫ڌيان ڇڪائڻ الء ٻيو ڪو به طريقو نه بچيو آهي. جڏهن ته ٻي راء‬
‫ِ‬                                            ‫ِ‬
‫اها آهي ته ڪالسن جو بائيڪاٽ ڪرڻ سان استادن جي هلچل‬
‫اخالقي حمايت وڃائي رهي آهي. ڇوته ڪالسن وٺڻ، سندن بنيادي‬
‫ذميواري آهي ۽ ان ڊيوٽي الء هو يونيورسٽي کان پگهار کڻن ٿا. ان‬
                                  ‫ِ‬
‫قسم جي معاملن ۾ اختالف راء فطري ڳالهه آهي ۽ ان تي بحث‬
                                ‫ِ‬
‫ڪرڻ وقت اصولي موقف تي قائم رهڻ ۾ ڪوبه حرج ناهي. سوال‬
‫رڳو اهو ناهي ته ڪير صحيح آهي ۽ ڪير غلط، اصل سوال اهو‬
‫آهي ته هي سڀ ڪجهه سنڌ جي اجتماعي مفادن الء ايترو‬
       ‫ِ‬
‫هاڃيڪار آهي، ان کي سمجهڻ ۽ محسوس ڪرڻ جي ضرورت‬
                                                        ‫آهي.‬
‫اڃا سنڌ يونيورسٽي جي جان ان مصيبت مان مڪمل طور آجي‬
‫نه ٿي هئي ته ٻن شاگرد گروهن جي وچ ۾ ٿيل هٿياربند تڪرار ۾‬
‫هڪ نوجوان جي شهادت کان پوء هڪ ڀيرو وري يونيورسٽي اڻ‬
                              ‫ِ‬
‫ڄاتل مدي الء بند ٿي چڪي آهي. سنڌ جي سياسي تنظيمن جي مدر‬
                                                 ‫ِ‬
‫پارٽين الء سندن شاگرد تنظيمن کي ضابطي هيٺ رکڻ وارو سوال‬
                                                    ‫ِ‬
‫گهڻي عرصي کان بحث هيٺ رهيو آهي ۽ هن قسم جي واقعن کان‬
‫پوء اهو سوال وڌيڪ شدت سان اڀري اچي ٿو، ماضي ۾ جيئن ته‬    ‫ِ‬
‫سنڌ ۾ مکيه ڌاري جون قوم پرست تنظيمون عوامي سطح تي سرگرم‬
‫نه هيون، تنهنڪري سندن سياست جو گهڻو تڻو دارومدار شاگرد‬
‫سياست تي هو، ان وقت شاگرد سياست جون تقاضائون به مختلف‬
‫هيون، خاص طور تي جڏهن مختلف طاقتن جي ڏڍ تي ڪجهه نسل‬
‫پرست تنظيمن سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي شاگردن الء زندگي‬
         ‫ِ‬
‫سوڙهي ڪري ڇڏي هئي، اتي انهن شاگرد تنظيمن جي مزاحمتي‬
                             ‫55‬
‫ڪردار جي ڪنهن حد تائين حمايت به موجود هئي. جيتوڻيڪ ان‬
‫مزاحمتي شاگرد تنظيمن اندر مختلف طاقتن جا داخل ڪيل ڪرمنل‬
‫ٽوال به سرگرم ٿي چڪا هئا ۽ سندن مزاحمتي ڪيريڪٽر بدلجي‬
‫ڏوهاري سرگرمين وارن گروهن جي شڪل اختيار ڪري ويو هو،‬
‫پر تڏهن به سنڌي سماج ۾ عوامي سطح تي وچولي طبقي جي‬
‫سرگرم سياسي ڌرين جي اڻ هوند سبب شاگرد تنظيمن جي وجود‬
‫کي جسٽيفاء ڪري سگهبو هو، هاڻي جڏهن ذري گهٽ سموريون،‬‫ِ‬
‫سياسي تنظيمون مکيه سياسي وهڪري ۾ شامل ٿيل آهن ۽ وچولي‬
‫طبقي جا سياسي محاذ گهڻي حد تائين عوامي رخ اختيار ڪري‬
‫چڪا آهن ته پوء سندن اسٽوڊنٽس ونگز جو ساڳيو سياسي طريقي‬
                                              ‫ِ‬
                  ‫ڪار جاري رهڻ جو ڪوبه جواز نٿو نظر اچي.‬
‫جيتوڻيڪ مان شاگردن جي سياسي عمل جو حصو رهڻ جو‬
‫حامي آهيان. پر اڄوڪي سنڌ کي شاگرد ڌرين جي سياسي عمل ۾‬
‫سرگرمي جو انداز مختلف گهرجي ٿو، اصولي طور انهن شاگرد‬
‫تنظيمن کي هاڻي سنڌي سماج ۾ بنيادي تبديلين آڻڻ الء وڌيڪ بهتر ۽‬
              ‫ِ‬
‫سگهاري تعليمي ماحول پيدا ڪرڻ الء جدوجهد ڪرڻ گهرجي. کين‬
                            ‫ِ‬
‫تعليمي ادارن ۾ ريسرج جي الء بهتر لبارٽريز، الئبريرين، ترقي جي‬
                                   ‫ِ‬
‫معاملن سان الڳاپيل بحث مباحثن، ڪتابي ميلن، انگريزي ۽‬
‫ڪمپيوٽر جي مهارت، عالمي معيار جي تحقيق وغيره جهڙن معاملن‬
‫الء جاکوڙڻ گهرجي، مون کي ياد نٿو اچي ته ڪنهن شاگرد تنظيم يا‬
                                                          ‫ِ‬
‫سياسي تنظيم تازو هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل‬
‫درجي بندي تي ڪو مذاڪرو منعقد ڪري، ان ڳالهه جو جائزو‬
‫ورتو هجي ته سنڌ جي ٻهراڙين جون يونيورسٽيون ڪٿي بيٺل آهن،‬
‫18 وڏين جنرل يونيورسٽين ۾، جتي ڪراچي يونيورسٽي ٻئين نمبر‬
‫تي آهي. اتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو اٺين نمبر تي آهي ۽ ان جو‬
‫اسڪور 81 آهي. پهرين نمبر تي ايندڙ پنجاب يونيورسٽي جي 88‬
‫جي ڀيٽ ۾ گهڻو گهٽ آهي. ان رينڪنگ ۾ ملتان، پشاور، سرگوڌا ۽‬
‫مانسره جون يونيورسٽيون سنڌ يونيورسٽي کان اڳتي آهن، ٿيڻ ته‬
                               ‫65‬
‫ائين گهرجي ته شاگرد تنظيمن، استاد تنظيمن ۽ سنڌ سرڪار کي‬
‫سنڌ جي يونيورسٽين جي ان حالت تي ڳڻتي هجي ۽ هو ان صورتحال‬
‫کي بهتر بنائڻ الء ڪا حڪمت عملي جوڙين، پر بدقسمتي سان‬
                                               ‫ِ‬
‫اسان اتي ڦاٿا پيا آهيون ته سنڌ يونيورسٽي رڳو کلي ڪيئن، سنڌ جي‬
‫سياسي تنظيمن، شاگرد تنظيمن، استاد تنظيمن، يونيورسٽي انتظاميه،‬
‫سول سوسائٽي ۽ خاص طور تي سنڌ سرڪار جي اها گڏيل‬
‫ناڪامي آهي، جو ملڪ اندر يونيورسٽين جي درجي بندي ۾ سنڌ‬
‫جون يونيورسٽيون ڪابه فخر ڪرڻ جهڙي ڪاڪردگي نه ڏيکاري‬
‫سگهيون آهن، ان صورتحال ۾ خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙين جا‬
‫نوجوان چٽاڀيٽي جي هن سخت دور ۾ ڪيئن اڳتي نڪري سگهندا،‬
‫اسان هر ڳالهه ۾ رڳو پراون کي ڏوهه ڏئي پنهنجي گناهن ۽‬
‫ڪمزورين تي پردو نٿا رکي سگهون. جتي اسان پراون جي سازشن‬
‫کي وڏي واڪي ننديون ٿا، اتي اسان کي پنهنجن جي ڪردار جو به‬
                                     ‫ايمانداراڻو جائزو وٺڻو پوندو.‬
‫سنڌ جي آئيندي کان التعلق ٿيل پيپلزپارٽي جي حڪومت جي‬
‫وزيرن ۽ ميمبرن کي سفارشي نوڪرين، رشوتي بدلين ۽ ٺيڪن مان‬
‫واندڪائي ناهي، کين يونيورسٽي ۽ ان ۾ پڙهندڙ هزارين نوجوانن‬
‫جي آئنده کان وڌيڪ هڪ شخص جي ڳڻتي آهي. ساڳي طرح سنڌ‬
‫جي سياسي تنظيمن جي قيادت پنهنجي شاگرد تنظيمن جي ڇڙواڳي‬
‫کي ضابطي هيٺ آڻڻ الء تيار ناهن، تعليمي ادارن ۾ هٿيار،‬
                                     ‫ِ‬
‫داداگيري، بائيڪاٽ، استادن ۽ شاگردن کي هيسائڻ جهڙن ڪڌن‬
‫ڪمن ۾ سندن شاگرد تنظيمون سڌو سنئون ملوث آهن، پر سياسي‬
‫مفادن ۽ چڱ مڙسائي جي ان ڊوڙ ۾ اهي به سنڌ جي گڏيل مفادن کي‬
‫پٺي ڏيئي بيٺيون آهن ۽ سنڌ جي آئيندي کان وڌيڪ پنهنجي سياسي‬
                                       ‫انائن تي هڏ ٻڌي بيٺيون آهن.‬
‫هڪ طرف سنڌ، چٽاڀيٽي جي عالمي ڊوڙ ۾ ڏينهون ڏينهن پٺيان‬
‫پوندي ٿي وڃي ته ٻئي طرف سنڌ دوستي جي هام هڻندڙ سياسي‬
‫توڙي غير سياسي ڌريون سنڌ جي تعليمي ادارن کي بچائڻ الء ڪا‬
     ‫ِ‬
                            ‫75‬
‫سنجيده اڳڀرائي ڪرڻ الء تيار ناهن، پراون کي ان صورتحال جو‬
                                       ‫ِ‬
‫جائز طور ذميوار سمجهندي هڪ گهڙي الء اسان کي پنهنجي‬
                  ‫ِ‬
‫ڪردار جو به ايمانداراڻو جائزو وٺڻ گهرجي. هر سال لکڻ پڙهڻ ۽‬
‫سوچڻ سمجهڻ جي صالحيت کان آجن هزارين گريجوئيٽس پيدا‬
‫ڪرڻ جي فيڪٽرين ۾ تبديل ٿيل سنڌ جون يونيورسٽيون چٽا ڀيٽي‬
‫جي ان ڊوڙ ۾ سنڌ کي ڪوبه شانائتو آئيندو ڏئي نه سگهنديون، جتي‬
‫پنجاب، پختونخواه ۽ سنڌ اندر ڪراچي شهر اندر خانگي توڙي‬
‫سرڪاري شعبي جون يونيورسٽيون بهتر تعليمي ماحول ۽ قابليت‬
‫وسيلي وڌيڪ اهل گريجوئيٽس کي مارڪيٽ ۾ موڪلي رهيون آهن،‬
‫اسان کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو ته رڳو هر ڳالهه کي رد‬
‫ڪرڻ ۽ پاڻ کي پنهنجي حصي جي الزامن کان آجو ڪرڻ سان‬
             ‫اسان سنڌ جي الء ڪابه چڱائي نه ڪري سگهنداسين.‬
                                             ‫ِ‬
‫85‬




           ‫محمد موسيٰ ڀٽو‬
     ‫ترجمو: عبدالهادي ٿيٻو‬
                             ‫95‬




‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب ورلڊ اسالمڪ فورم جو صدر‬
‫آهي ۽ ان جو سيڪريٽري موالنا زاهد الراشدي صاحب آهي. موالنا‬
‫منصوري گذريل ٽيهن سالن کان وٺي لنڊن ۾ رهي ٿو. کيس هندوستان‬
‫جي تبليغي جماعت جي طرفان تبليغي ۽ دعوتي مقصدن الء اتي‬
     ‫ِ‬
‫موڪليو ويو هو. موالنا صاحب هڪڙي مسجد ۾ خطيب رهيو آهي.‬
‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب کي تبليغي جماعت جي اعليٰ اڳواڻن‬
‫سان ويجهو ٿي رهڻ جو موقعو مليو آهي، جيئن موالنا محمد يوسف‬
‫(حضرت جي) ۽ موالنا سعيد احمد صاحب وغيره. انهي ٻنهي بزرگن‬
‫جي زندگي ۽ ديني جدوجهد بابت منصوري صاحب جا ڪيئن ڪتاب‬
                                             ‫۽ مضمون ڇپيل آهن.‬
‫موالنا صاحب کي لنڊن ۾ رهڻ جي ڪري ڪيترن عالمي‬
‫مسئلن کي ويجهو ٿي سمجهڻ جو موقعو مليو آهي، جيئن مسلم امت‬
‫جا مسئال، جديد تهذيب جا امت الء چيلينج، جديد هٿيارن ۽ جديد‬
                            ‫ِ‬
‫ٽيڪناالجي ذريعي عالمي طاقتن جي طرفان قومن کي دٻائڻ ۽‬
‫معاشي قوت ذريعي حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ وغيره. منصوري‬
‫صاحب جا عالم اسالم جي اسالمي تحريڪن جي ليڊرن ۽ مسلم ملت‬
‫جي بيداري الء ڪم ڪندڙ جماعتن جي اڳواڻن ۽ دانشورن سان‬
                                                  ‫ِ‬
             ‫رابطا آهن، جيڪي هاڻي دوستين ۾ تبديل ٿي چڪا آهن.‬
‫جيئن ته موالنا موصوف اسالم ۽ مسلمانن الء درد رکندڙ آهي،‬
                 ‫ِ‬
‫تنهنڪري سندس حساس دل فيصلو ڪيو ته پنهنجن صالحيتن مان‬
‫وڌ ۾ وڌ فائدو وٺڻ الء هڪڙو نئون اسالمي فورم ٺاهجي، جنهن جي‬
                                           ‫ِ‬
‫ذريعي اسالمي دنيا ۽ خاص طور تي ننڍي کنڊ پاڪ وهند جي مذهبي‬
‫طبقن ۽ علماء ڪرام کي هن نئين دور جي گهڻ پاسن چيلينجن کان‬
                                                    ‫ِ‬
                           ‫06‬
‫خبردار ڪجي ۽ جديد زماني جي حالتن مطابق فڪري ڪشادگي‬
‫کان ڪم وٺي، امت ۾ موجود ننڍن ننڍن دائراتي خانن جي بدران‬
‫هڪ امت کي نظر ۾ رکي امت جي بيحد ڳنڀير مسئلن کي سمجهڻ‬
‫جو احساس پيدا ڪجي. انهيء ڪري 1008ء ۾ هن همخيال عالمن‬
‫جي هڪ مجلس ۾ ورلڊ اسالمڪ فورم نالي تنظيم ٺاهي، جنهن جو‬
‫پهريون صدر موالنا زاهد الراشدي کي مقرر ڪيو ويو. ورلڊ‬
‫اسالمڪ فورم جي انتظام هيٺ ڪيترائي سيمينار ٿي چڪا آهن،‬
     ‫جن ۾ عالم اسالم جي وڏين وڏين شخصيتن شرڪت ڪئي آهي.‬
‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب جيڪو ڪم ڪري رهيو آهي،‬
‫آئون ساڳئي واٽ جو پانڌيئڙو آهيان، تنهنڪري ساڳئي مقصد هئڻ‬
‫جي ڪري منهنجا موالنا صاحب سان گذريل اٺن ڏهن سالن کان وٺي‬
‫ڪافي گهاٽا الڳاپا رهيا آهن، خطن ۽ ٽيليفون ذريعي ساڻس مسلسل‬
‫رابطو رهيو آهي. موالنا اسان جي اداري طرفان ڇپايل سڀئي ڪتاب‬
‫گهرائي پڙهيا آهن ۽ ”بيداري“ رسالو به سندس خدمت ۾ اسين‬
‫موڪليندا رهندا آهيون. ايتري قربت جي باوجود موالنا صاحب سان‬
‫روبرو مالقات جو هيستائين موقعو ڪونه مليو هو . 91نومبر تي‬
‫موالنا صاحب جو فون آيو ته ”آئون هندوستان جي تفصيلي دوري‬
‫کانپوء هاڻي پاڪستان ۾ الهور پهچي چڪو آهيان. هتي 88. 91‬ ‫ِ‬
‫ڏينهن رهندس. پنجاب جي دوري کانپوء توهان سان مالقات الء‬
‫ِ‬                       ‫ِ‬
‫حيدرآباد ايندس“ ڪجهه ڏينهن کانپوء ڪراچيء مان فون آيو ته‬
                          ‫ِ‬
‫”اسين جمعي جي ڏينهن 91 ڊسمبر تي صبح جو توهان وٽ اچون‬
‫پيا “ موالنا صاحب مقرر وقت تي صبح جو 0 وڳي سنڌ نيشنل‬
‫اڪيڊمي ٽرسٽ جي آفيس ۾ آيو ۽ ساڻس گڏ جامعه رشيد ڪراچيء‬
‫جو مفتي حضرت موالنا محمد احمد صاحب به هو، اسان جي هيء‬
                      ‫ڪچهري اٽڪل ٽين وڳي ٻنپهرن تائين هلي.‬
‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب جي باري ۾ آئون اهو ٻڌائڻ‬
‫ضروري سمجهان ٿو ته هو جنهن عالمي پليٽ فارم تي ڪم ڪري‬
‫رهيو آهي، تنهنجا ڪي به وسائل ڪونه آهن. سمورو ڪم توڪل‬
                             ‫16‬
‫تي آهي. فورم جي نه ته ڪا باقاعدي آفيس آهي ۽ نڪي عملو. ان‬
‫الء ڪو باقاعدي ڪو ميگزين به ڪونهي. سندس ننڍڙي گهر جي‬         ‫ِ‬
‫هڪڙي ڪمري ۾ دفتر بنايو ويو آهي. گهر جي ويجهو هڪڙي‬
‫رفيق جو علمي ادارو آهي، جتي فورم جا سيمينار ٿيندا آهن ۽ علماء‬
                         ‫ڪرام سان محفلون به اتي ئي رکبيون آهن.‬
‫انهيء اڻهوند واري حالت ۾ فقط اخالص، استقامت ۽ لڳاتار‬
‫جدوجهد ۽ امت الء نهايت درد مندي جي جذبات جي ڪري موالنا‬
                                               ‫ِ‬
‫صاحب هن وقت عالم اسالم جي هڪ فڪري شخصيت بنجي‬
                                                      ‫چڪو آهي.‬
‫موالنا سان مالقات ۾ اهو ڏسي ڏاڍي خوشي ٿي ته سندس‬
‫شخصيت ۾ داعيء اسالم جون ڪافي صفتون موجود آهن، هو‬
‫تڪلف کان بي نياز آهي. تمام سادي ا ويهه اٿس، حق جي اظهار ۾‬
‫ڪنهن به لومة الئم جي پرواهه نٿو ڪري. سندس مزاج ۾ بزرگن‬
‫جي صحبت جو وڏو اثر ڏسڻ ۾ اچي ٿو. هو عالم اسالم جي حالتن‬
‫کان پوري طرح واقف آهي. موالنا منصوري صاحب اڄوڪي دور‬
‫جي صوفين ۽ علماء جي اڪثريت جي طرز عمل ۽ طريق ڪار‬
                                               ‫کان خوش ڪونهي.‬
‫موالنا منصوريء سان اها محفل اٽڪل ڇهه ڪالڪ کن هلي.‬
‫ان ۾ مون کي ڪافي نين ڳالهين بابت واقفيت حاصل ٿي ۽ سمجهان‬
‫ٿو ته منهنجي معلومات ۾ ڪافي اضافو ٿيو آهي. ان سلسلي ۾ سندس‬
                              ‫تجربا ۽ مشاهدا ڪارآمد محسوس ٿيا.‬
‫موالنا منصوري کي، لنڊن ۾ رهڻ جي ڪري، مغربي تهذيب‬
‫جي علمبردارن، دنيا جي سياست ۽ معاشرت کي لوڏي ڇڏيندڙ‬
‫شاهوڪارن ۽ اسالمي دنيا جي عالمن ۽ دانشورن کي ويجهڙائي‬
‫کان ڏسڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو مليو آهي. اها ڳالهه ڪن ٿورڙن کي‬
‫نصيب ٿيندي آهي. انهن تجربن، مشاهدن ۽ تبليغي جماعت جي‬
‫عالمي اڪابرن ۽ بزرگن سان ايتري ڊگهي عرصي تائين گڏ رهڻ‬
                             ‫26‬
‫جي ڪري، کيس امت مسلمه الء بيحد فڪر مند ۽ بيچين بنائي ڇڏيو‬
                                 ‫ِ‬
                                                          ‫آهي.‬
‫موالنا منصوري جي نظر ۾ گذريل صدين ۾ دين جي بقا ۽ ملت‬
‫جي اجتماعي تصور کي مضبوط ڪرڻ جو جيترو به ڪم ٿيو آهي،‬
‫سو صوفين ۽ علماء جي هٿان ٿيو آهي. اهي خدمتون اهڙيون جن کي‬
‫وساري نٿو سگهجي. ان جي ذڪر سان تاريخ جا ورق ڀريا پيا آهن.‬
‫موجوده دور ۾ ملت اسالميه کي سندس تاريخ جو سڀ کان خوفناڪ‬
‫۽ ڏکيو چيلينج درپيش آهي، پر هن وقت اهي ٻئي طبقا، جن ۾ اميد‬
‫هئي ته هو تحرڪ وٺندا، ڳڻتي ۽ فهم فراست کان ڪم وٺي وسعت‬
‫فڪر ۽ بهترين حڪمت عملي ۽ اعليٰ رٿابندي سان چيلينج کي منهن‬
‫ڏيندا، سا نه رڳو پوري ڪانه ٿي آهي، پر سندن سرگرمين جي‬
                                     ‫ڪري مايوسي پيدا ٿي آهي.‬
‫جيستائين موجوده خانقاهن ۽ بزرگن جي ڳالهه آهي ته هڪ ٻه‬
‫سيڪڙو ماڻهن کي ڇڏي، ٻين سڀني جي حالت رحم جوڳي آهي.‬
‫هاڻي ته مرشدن طرفان خالفتون ريوڙين وانگر ورهائجن پيون.‬
‫هڪڙي هڪڙي بزرگ جا سوين خليفا آهن. باصالحيت خليفن پنهنجا‬
‫دائرا وڌائڻ شروع ڪيا آهن ۽ دولت مند ۽ مالدار ماڻهن کي پنهنجن‬
‫دائرن ۾ آڻڻ الء هڪٻئي سان ڇڪتاڻ ۾ لڳا پيا آهن. اهي خليفا هڪ‬
                                                  ‫ِ‬
‫ٻئي جي دائرن جي اثر کي گهٽائڻ ۽ پنهنجن دائرن کي وڌائڻ ذريعي‬
‫وڌ ۾ وڌ مالدار بنجڻ الء ڪوشان آهن. پاڪستان ۽ هندوستان جي‬
                                        ‫ِ‬
‫بزرگن جي سرگرمين جا مرڪز يورپ ۽ آفريڪا آهن. انهن ملڪن‬
‫جي ڪاروباري طبقن وٽان هو دنياوي مال متاع ۽ دولت جا انبار‬
‫وٺي ايندا آهن. اها سموري دولت، امت جي ڀال ئي الء ڪم اچڻ ۽‬
              ‫ِ‬
‫ملت جي افراد جي اعليٰ تربيت الء استعمال ٿيڻ جي بدران، مرشدن‬
                               ‫ِ‬
‫جي ذاتي ملڪيت ٿي پوندي آهي، وري انهن بزرگن جو زور‬
‫اسالمي شريعت تي عمل ڪرڻ، ديني غيرت اڀارڻ، حالل حرام جو‬
‫خيال ڪرڻ، وياجي ڪاروبار کان بچڻ جي تلقين ڪرڻ، جديد‬
‫سيڪيولر فڪر جي جادو کي ٽوڙڻ وغيره جي بدران، سمورو زور‬
                              ‫36‬
‫ڪرامتن، نظر پوندئي حالتون بدلجي وڃڻ، خوابن ذريعي بزرگن‬
‫وٽان الهام ملڻ، تصرف جي طاقت ذريعي پيشنگوئيون ڪرڻ جهڙين‬
                                              ‫شين تي هوندو آهي.‬
‫لنڊن ۾ رهندي، گذريل ٽيهن پنجٽيهن سالن دوران مون کي جن‬
‫بزرگن کي ڏسڻ ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌڻ جو تجربو ٿيو آهي، سي‬
‫اڪثر اهڙائي بزرگ آهن. آئون پاڻ به چشتيه سلسلي ۾ حضرت‬
‫نفيس احمد شاه صاحب سان بيعت ٿيل آهيان ۽ مون کي تبليغي‬
‫جماعت جي ڪن بزرگن جي صحبت ۾ رهڻ جو موقعو به مليو آهي،‬
‫تن مان مون تصوف جي جيڪا حقيقت سمجهي آهي، سا هي آهي ته‬
‫دل کي دنياداري کان خالي ڪري، هللا سان لنئون لڳائجي. هللا جي‬
‫محبت ۾، دنيا کي ٿڏي ڇڏجي. پر هاڻي اسالمي دنيا ۾ جيڪو تصوف‬
‫ظاهر ٿيو آهي ۽ جنهن جو نظارو مون کي هن بين االقوامي شهر‬
‫لنڊن ۾ توڙي دنيا جي وڏن شهرن ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو ، تنهن ۾ ٻيو ته‬
‫سڀ ڪجهه موجود آهي، پيري مريدي جا سمورا مظاهرا موجود‬
‫آهن، پر زهد، فقر ۽ غنيٰ ڪونهي، ملت اسالميه کي، هڪڙي امت‬
   ‫سمجهڻ ۽ ملت جي وحدت الء فڪرمندي کان بلڪل التعلقي آهي.‬
                                      ‫ِ‬
‫اها ڪيڏي نه دردناڪ صورتحال آهي، جيڪا تصوف ۽‬
                  ‫تصوف وارن بزرگن جي نالي ۾ پيدا ٿي پئي آهي.‬
‫آئون مڃان ٿو ته اڄ به ڪي اهڙا هللا وارا موجود آهن،‬
‫جيڪي دنيا کان بي نياز ٿي، ماڻهن جي اصالح ۽ تربيت الء ڪم‬
      ‫ِ‬
‫ڪري رهيا آهن ۽ اهڙا اهل هللا قيامت تائين موجود رهندا، پر هن‬
‫وقت جيڪي صوفيا ڪرام مشهور آهن، جن جو هر هنڌ چو ٻول‬
‫آهي ۽ جن جا ڪئين خليفا آهن ۽ جن جون گاديون مشهور آهن، جن‬
‫کي اڄ دنياوارا سچو بزرگ سمجهن ٿا، تن ۾ اڪثر بزرگ اهي آهن،‬
                                 ‫جن جو ذڪر مٿي ڪيو ويو آهي.‬
‫جيڪڏهن آئون ڪا ڳالهه چوان ته محمد موسيٰ ڀٽو صاحب‬
‫جنهن تصوف جي حمايت ۾ ڪئين ڪتاب لکي ڇڏيا آهن کي‬
‫ڪاوڙجڻ نه گهرجي ته هينئر تصوف امت ۾ جمود پيدا ڪرڻ، عام‬
                               ‫46‬
‫مسلمانن کي ملت ۽ ملت جي مسئلن کان بيپرواهه ڪرڻ ۾ وڏو‬
‫ڪردار ادا ڪيو آهي. اڳوڻن بزرگن جو تصوف اهڙو ڪونه هو.‬
‫حضرت موالنا عبدالقادر راء پوري، جيڪو اسان جن بزرگن مان‬
                                      ‫ِ‬
‫هڪڙو هو ، تنهن جا خليفا جهڙا هئا، زهد ۽ فقيري ۾ پهتل، تهڙا هئا‬
‫ڪتابن جي تصنيف تاليف ۾ اڳرا! موالنا سيد ابو الحسن علي ندوي‬
‫رحه موالنا منظور احمد نعماني رحه، حضرت موالنا نفيس احمد شاه‬
‫رحه ۽ موالنا عبدالرشيد نعماني رحه جو تحقيقي ڪم ايترو ته گهڻو‬
      ‫آهي، جو امت ڪافي عرصي تائين ان مان فائدو وٺندي رهندي.‬
‫سو اها آهي جديد دور ۾ تصوف ۽ تصوف وارن جي حالت!‬
‫علماء سڳورن جي حالت به ڪا وڌيڪ چڱي ڪانهي. پاڪستان ۽‬
‫هندوستان ۾ برابر ديني مدرسن جي ڪثرت آهي، اها ڳالهه ڪي‬
‫قدر دل خوش ڪندڙ آهي، ته اتان گهٽ ۾ گهٽ قال هللا ۽ قال‬
‫الرسول جون صدائون ته ٻڌڻ ۾ اچن ٿيون ۽ مسجدن ۽ مدرسن ۾ دين‬
‫جي حفاظت ۽ بقاء جون ڳالهيون ته ٿين ٿيون. پر انهن مدرسن تي‬
‫امت جي وسيلن جو جيترو وڏو حصو خرچ ٿئي ٿو يا زڪوات ۽‬
‫خيرات جو جيترو پئسو لڳي ٿو ، تنهن جي ڀيٽ ۾ انهن جو ڪم ايترو‬
‫ڪونهي، جنهن کي تسلي بخش چئي سگهجي، اهو ته ويتر تڪليفده‬
‫آهي، موسيٰ ڀٽو صاحب کي ناراض ٿيڻ نه گهرجي (ڇو ته هو‬
‫مدرسن جي تمام گهڻي وڪالت ڪري ٿو ، سندس ڪافي سارا‬
‫مضمون مدرسن جي حمايت ۾ لکيل آهن). ديني مدرسن جي مثبت‬
‫پهلوئن جو آئون به قائل آهيان. آئون پاڻ به مدرسن جو پڙهيل آهيان،‬
‫اهڙي طرح آئون مدرسن جو حصو آهيان، پر مدرسن جي مفيد‬
‫پهلوئن جي ڀيٽ ۾ غيرمفيد پهلوئن کي ڏسي، اندر ۾ ڏاڍي اڻتڻ ۽ بي‬
                                             ‫آرامي پيدا ٿيندي آهي.‬
‫ديني مدرسن جي هڪڙي ڪمزوري هي آهي، ته عالم اسالم،‬
‫هينئر ڳوٺن واهڻن کان ويندي وڏن شهرن تائين جن فڪري،‬
‫نظرياتي، علمي ۽ عملي مسئلن ۾ ڦاٿل آهي، مدرسن جو موجوده‬
‫تعليمي نظام انهن چيلينجن کي سمجهڻ جي به صالحيت نٿو رکي.‬
                             ‫56‬
‫انگريز، هتي جيڪو تعليمي نظام قائم ڪري ويا، تنهن جو مقصد اهو‬
‫هو ته اهڙا ماڻهو تيار ڪجن، جيڪي ظاهر ۾ ته مسلمان هجن، پر‬
‫ذهني طرح مغرب پرست هجن، ۽ ماده پرست تهذيب کان متاثر هجن‬
‫۽ اسالم جي جامع ۽ ڪامل هجڻ کان نه رڳو ناواقف هجن، پر ان‬
‫تي ايمان کان به محروم هجن، سو اهو انگريز وارو تعليمي نظام‬
‫گذريل ٻن سئو سالن کان وٺي وڏي زور شور سان هلي رهيو آهي.‬
‫هاڻي ته قهر اهو ٿيو آهي، جو اسان جي معاشري ۾ مغرب پرست‬
‫نظام ايترو ته پکڙجي چڪو آهي، جو هندوستان ۽ پاڪستان جي‬
‫ڳوٺن،شهرن ۽ شهرن جي محلن ۾ هر هنڌ ڪيترائي انگريزي‬
                                         ‫اسڪول کلي ويا آهن.‬
‫هن تعليمي نظام مان هر سال لکين افراد نڪرن ٿا، جيڪي‬
‫جديد نظرين جي مونجهارن ۾ مبتال هوندا آهن. اسانجن مدرسن جا‬
‫عالم اڃا تائين انهيء چيلينج جي گهرائي ۽ پکيڙ کي سمجهي نه‬
‫سگهيا آهن. تنهنڪري ان چيلينج کي سمجهي، منهن ڏيڻ وارا‬
                 ‫باصالحيت ماڻهو تيار ڪرڻ کان قاصر رهيا آهن.‬
‫هندوستان ۽ پاڪستان جي مسجدن جو جائزو وٺبو ته خبر‬
‫پوندي ته عالم سڳورا جمعي جي ڏينهن جيڪي تقريرون ڪن ٿا، تن‬
‫جا عنوان فروعي يا ڪالمي مسئال، يا هڪٻئي جو رد يا هڪٻئي تي‬
                              ‫ڪفر جون فتوائون، هونديون آهن.‬
‫مدرسن ۾ تعليم دوران شاگردن جو ذهني ڍانچو ئي انهن عنوانن‬
‫مطابق ئي ٺاهيو ويندو آهي، يعني شيعن جون غلطيون بيان ڪرڻ،‬
‫بريلوين جو رد ڪرڻ، ديوبندين کي گمراه ثابت ڪرڻ، اهل حديثن‬
‫تي ڇوهه ڇنڊڻ، مقلدن جي اسالم کي غلط ثابت ڪرڻ هوندو آهي.‬
‫ڪي تمام ٿورا اهڙا عالم آهن، جن جي تقريرن ۾ اهي ڳالهيون نه‬
‫هونديون آهن، يعني هو نفس جي اصالح ۽ اخالق جي سڌاري، دنيا‬
‫جي بي ثباتي، آخرت جي فڪر ۽ دنياداري کان التعلقي جون‬
                                            ‫ڳالهيون ڪندا آهن.‬
                                ‫66‬
‫۽ وري اهڙا عالم سڳورا، جيڪي جديد دور جي ذهني ۽ علمي‬
‫سطح کي نظر ۾ رکي، جديد انداز ۾ جديد طريقن سان دليلن ذريعي‬
‫اسالمي تعليمات کي پيش ڪن ۽ جيڪي فروعي مسئلن ۽ جماعتي‬
‫دائرن کان بلند ٿي، جديد دور جي زبان ۾ اسالمي صداقت کي ثابت‬
‫ڪ ن ۽ جديد زماني ۾ اسالم جي قابل عمل هئڻ، نه پر ٻين سڀني‬
‫نظامن کان بهتر نظام زندگي هئڻ تي تقريرون ڪن، سي ته تعداد ۾‬
                                        ‫ماڳهين اٽي ۾ لوڻ برابر آهن.‬
‫جديد تعليمي ادارن ۾ مغرب پرست ماڻهو تيار ڪيا پيا وڃن،‬
‫انهن جي معاشري ۾ اڪثريت ٿي وئي آهي، جڏهن ته مدرسن مان‬
‫پراڻي ذهني ڍانچي، پراڻي علم ڪالم ۽ پراڻن طريقن مطابق،‬
‫جيڪي عالم سڳورا فارغ ٿي نڪرن پيا. انهن ٻنهي طبقن جي وچ ۾‬
                              ‫هڪڙي وڏي ديوار کڙي ٿي ويئي آهي.‬
‫جيستائين عالم سڳورن ۾ نئين دور جي ذهني سانچي ۽ ڍانچي‬
‫کي سمجهڻ ۽ جديد ذهن رکندڙ ماڻهن کي انهن جي ذهني سطح‬
‫مطابق سمجهائڻ جي صالحيت رکندڙ علماء وڏي تعداد ۾ پيدا نه‬
‫ٿيندا، تيستائين معاشري ۾ مذهبي طبقي ۽ جديد تعليم يافته طبقي جي‬
‫وچ ۾ جدائي جي اها ديوار گهٽ ٿيڻ جي بدران وڌندي ويندي. انهيء‬
          ‫ڪري علماء ڪرام کي پنهنجي سوچ ۾ تبديلي آڻڻي پوندي .‬
‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب جي هن ڳالهه ته مون کي عجب‬
‫۾ وجهي ڇڏيو ته پاڪستان ۽ هندوستان ۾ ديني مدرسا ته تمام گهڻا‬
‫آهن، ۽ ظاهري دينداري ۽ مذهبي رسمن جو به گهڻو زور آهي، پر‬
‫جيتري گهري ۽ مضبوط دينداري ۽ ديني قرباني ۽ ايثار جو جيترو‬
‫جذبو ترڪي، الجزائر، شام، مصر، تيونس ۽ سوڊان وغيره ۾ آهي،‬
‫اسان وٽ ان جي ڏهي پتي به ڪانهي. عالم اسالم جي انهن ملڪن ۾‬
‫ظالم ۽ بي دين حاڪمن، عالمي استعمار جي مدد سان اسالم ۽‬
‫اسالمي جذبي ۽ عالمتن کي چچرڻ ۽ ديني ۽ مذهبي خيالن کي فنا‬
‫ڪرڻ ۽ ماده پرست تهذيب کي وڌائڻ ۽ غالب ڪرڻ جي هر طرح‬
‫ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪن پيا. اتي لکين مسلمانن کي ايذاء پهچايا‬
                            ‫76‬
‫ويا آهن، جيلن ۾ قيد ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترن کي شهيد ڪيو ويو‬
‫آهي. اهو سلسلو گذريل سٺ سالن کان هلندو اچي. هر قسم جا حيال‬
‫هاليا ويا آهن ته جيئن هتان اسالمي غيرت جو جذبو ختم ٿي وڃي.‬
‫پر انهن سڀني ظلمن ۽ ڏاڍاين هوندي به اسالم وري نئين سرء نئين‬
‫قوت سان اڀريو آهي. انهن ملڪن ۾ جيڪڏهن اڄ به چونڊون ٿين‬
‫(ڪٿي ڪٿي ٿيون به آهن) ته پڪ سان اسالمي تحريڪ سڀ کان‬
‫وڌيڪ طاقت سان ظاهر ٿيندي . انهن ملڪن ۾ ڪافي ڊگهي عرصي‬
‫تائين مسلمانن، اسالم الء جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، سي تمام‬
                                      ‫ِ‬
‫گهڻيون آهن، اڄ به اتي جا مسلمان ڏاڍيون تڪليفون سهن پيا. مثال‬
‫طور ترڪيء ۾ اڄ به فوج ۾ سوين هزارين يهودي آفيسر ميجر ۽‬
‫ڪرنل وغيره موجود آهن. ساڳئي حالت ججن جي به آهي. سوين‬
                                              ‫جج يهودي آهن.‬
‫سيڪيولر ترڪيء جي دستور ۾ اسالم الء رڪاوٽ بنيل‬
               ‫ِ‬
‫قانونن کي بدالئڻ الء جسٽس پارٽي هوريان هوريان ۽ وڏي حڪمت‬
                                          ‫ِ‬
‫عملي سان، حالتن جو مقابلو ڪري رهي آهي. ڪيتريون ناگوار‬
‫شيون کين مجبورا برداشت ڪرڻيون پون پيون. شام ۾ قرامطين جي‬
‫حڪومت آهي، جنهن گذريل پنجاهه سالن دوران لکين مسلمانن کي‬
‫فقط اسالم سان وابستگيء جي ڏوهه ۾ شهيد ڪري ڇڏيو آهي. ان‬
‫ظلم جي باوجود اتي جڏهن به اليڪشن ٿيندي ته اسالمي پارٽي سڀ‬
                 ‫کان سگهاري واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿيندي.‬
‫ان جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۽ هندوستان ۾ اسالمي پارٽيون چونڊن‬
‫جي سلسلي ۾ وڌيڪ اهميت نٿيون رکن. ان جا ڪافي سبب آهن.‬
‫هڪڙو وڏو سبب اهو آهي ته هتي مسلمانن اندر مسلڪي ۽ جماعتي‬
‫تعصب تمام گهڻو آهي. ذهين ۽ باصالحيت مذهبي شخصيتن کي‬
‫معاشري ۾ پنهنجو مقام ٺاهڻ، مالي فائدا وٺڻ، عهدا ه ڪرڻ الء‬
‫ِ‬
‫نعرن جي ضرورت هوندي آهي، ان الء توڙي سندن مال ۽ جاهه‬
                          ‫ِ‬
‫سان محبت جي تسڪين الء مؤثر ذريعو مسلڪي ۽ جماعتي تعصب‬
                                    ‫ِ‬
‫آهي، جنهن کي وڌائڻ ۽ استعمال ڪرڻ الء هو هر دم تيار رهندا‬
                       ‫ِ‬
                                ‫86‬
‫آهن. هتي ملڪي سطح جون اسالمي جماعتون هڪٻئي جي‬
‫برخالف سرگرم آهن. جڏهن ته ٻين اسالمي ملڪن ۾ مسلمانن ۾‬
‫مسلڪي يا جماعتي بنياد تي هڪ ٻئي سان ڇڪتاڻ نه هئڻ جي‬
                                                         ‫برابر آهي.‬
‫موالنا منصوري چيو ته، ديني مدرسا، هندوستان ۽ پاڪستان ۾‬
‫ڪافي مضبوط آهن، ڪن مدرسن جون عمارتون يونيورسٽين‬
‫جهڙيون آهن، انهن ۾ جيڪڏهن جديد دور جي علمي ۽ عملي چيلينج‬
‫جو شعور پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻه ڪم ٻيا به ڪيا وڃن ته اهي‬
‫مدرسا، ماده پرستيء جي عالمي سيالب آڏو بند ٻڌڻ ۽ ان سان مقابلو‬
‫ڪرڻ الء وڏو مؤثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا ۽ اسالم جي دفاع‬    ‫ِ‬
‫۽ ترقي الء سازگار حالتون به پيدا ٿي سگهن ٿيون. شاگردن جي دلين‬
                                                       ‫ِ‬
‫مان دنيا جو رعب ڪڍڻ ۽ سادگيء سان زندگي گذارڻ، مالدارن جي‬
‫مقابلي ۾ استغناء جو مزاج پيدا ڪرڻ، ۽ خلوص ۽ ايثار جون‬
‫صفتون شاگردن ۾ پيدا ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. ان سلسلي ۾‬
‫مغرب جي ماده پرست تهذيب ۽ ان تهذيب ذريعي پيدا ٿيل حاڪمن،‬
‫آفيسرن ۽ سرمائيدارن جي نظر ۾ دنيا ۾ سڀ کان وڏي طاقت، دولت‬
‫آهي، ۽ دولت ذريعي هر ماڻهوء کي خريد ڪري سگهجي ٿو ۽‬
‫قومن ۽ ملڪن جو رخ ۽ مزاج بدالئي سگهجي ٿو. هن وقت تائين‬
‫جي اڪثر تجربن، ماده پرست تهذيب جي علمبردارن جا خيال‬
‫صحيح ثابت ڪيا آهن. انهن جي تهذيبي ادارن مان پڙهي نڪتل‬
‫فردن جون سموريون سرگرميون، دولت جي چوڌاري گهمن ٿيون.‬
‫سخت ضرورت آهي ته دين جي علمبردارن جي ذهن اندر فقر ۽‬
‫قناعت جا جزا شامل ڪجن، ته جيئن هو دنيا تان ه کڻي، سلف‬
‫صالحين جي نقش قدم تي هلن ۽ دنياوي زيب وزينت جي بدران ساده‬
                                       ‫زندگي گذارڻ تي آماده ٿين.‬
‫جديد انسان جي ماده پرست خيالن کي غلط ثابت ڪرڻ الء‬
‫ِ‬
‫انهيء کانسواء ٻيو ڪو به رستو ڪونهي. جديد انسان، اهڙن خدا‬
‫مست درويشن ۽ دنيا کان التعلق، انسانن جي آڏو ئي جهڪي سگهي‬
                             ‫96‬
‫ٿو ، جيڪي دنيا کي لت هڻي، پاڻ کان پري ڪرڻ الء تيار هجن، ان‬
               ‫ِ‬
‫سلسلي ۾ سلف صالحين جون حياتيون اسان الء مشعل راهه آهن. ان‬
                     ‫ِ‬
‫جي ڀيٽ ۾ ديني مدرسن جي هيستائين جيڪا ڪارڪردگي آهي ۽‬
‫انهن مان تيار ٿي نڪتل فردن جي اڄ تائين جي جيڪا صورتحال‬
‫رهي آهي، سا نه رڳو حوصله افزا ڪانهي، پر ان سان مدرسن جي‬
   ‫افاديت کي به ڌڪ لڳو آهي. ان ڏانهن ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.‬
‫ٻي اهم ڳالهه هي آهي ته ديني مدرسن جي طالبن ۾ دين جي‬
‫داعي هجڻ جي جذبي ۾ تحرڪ پيدا ڪيو وڃي ۽ اسالمي دعوت‬
‫کي وڌائڻ جي سلسلي ۾ پنهنجن ذميدارين ادا ڪرڻ جو احساس‬
                                               ‫بيدار ڪيو وڃي.‬
‫جامعه رشيد ڪراچيء جو مفتي محمد احمد صاحب سو به‬
‫اسان جي هن سموري گفتگو ۾ شريڪ هو ، تنهن جو چوڻ هو ته‬
‫موالنا عيسيٰ منصوري صاحب جون سڀ ڳالهيون صحيح آهن ۽‬
‫اسان جامعه رشيد ۾ جديد دور جي چيلينجن کي منهن ڏيڻ الء افراد‬
      ‫ِ‬
‫جي تياري جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، پر ان سلسلي اسان‬
‫کي ڊپ اهو آهي ته ڪٿي توازن بگڙي نه وڃي ۽ جديديت جي‬
‫چيلينجن جو مقابلو ڪندي ڪندي اسين ايترو اڳتي وڌي نه وڃو، جو‬
‫واپسي مشڪل نه ٿي پوي ۽ ڏهن پندرنهن سالن کانپوء خبر پوي ته‬
             ‫ِ‬
‫اسان جا ٻه به ويا ته ڇهه به ويا. ان سلسلي ۾ توازن قائم رکڻ جي‬
               ‫شڪل ڪهڙي هئڻ گهرجي. اهو سوال تمام اهم آهي.‬
‫راقم الحروف چيو ته ان جون ٻه شڪليون آهن، هڪ هيء ته‬
‫ننڍي کنڊ جي اعليٰ ديني ۽ علمي شخصيتن جي فڪر جو ڳوڙهو‬
‫مطالعو ڪيو وڃي، اڃان به ان کي هضم ڪيو وڃي. انهن شخصيتن‬
‫۾ سيد سليمان ندوي رحه، موالنا مناظر احسن گيالني رحه موالنا‬
‫عبدالماجد درياآبادي رحه ۽ موالنا سيد ابو الحسن علي ندوي رحه‬
‫شامل آهن، انهن جي ڏنل فڪر کي نظر ۾ رکيو ته جديد ۽ قديم جي‬
‫وچ ۾ توازن جي شڪل پيدا ٿيندي ۽ حدبندي جي صالحيت حاصل‬
‫ٿيندي ته جديديت مان ڪٿي ۽ ڪيترو فائدو وٺي سگهجي ٿو ۽ ڪٿي‬
                             ‫07‬
‫ان کان پري رهڻ بهتر آهي. ان فڪر جي مطالعي مان بهتر ۽‬
‫متوازن فڪري رستو واضح ٿيندو. انهن اهل علم ۾ جيڪڏهن‬
‫ڊاڪٽر رفيع الدين کي به شامل ڪجي ته اڃا به بهتر ٿيندو. آئون ته‬
‫چوان ٿو ته جديديت مان فائدو وٺڻ، ان فائدي جون حدون مقرر‬
‫ڪرڻ ۽ جديد مغربي فڪر تي جنهن اعليٰ سطح جي علمي تنقيد‬
‫ڊاڪٽر محمد رفيع الدين صاحب ڪئي آهي، سا مٿين عالمن ۽‬
                                       ‫فاضلن کان به وڌيڪ آهي.‬
‫راقم الحروف عرض ڪيو ، ان سان گڏوگڏ ٻيو ڪم جيڪو به‬
‫تمام اهم آهي، (جنهن کانسواء جديد چيلينجن سان مقابلو ڪرڻ بيحد‬
                                    ‫ِ‬
‫مشڪل آهي) سو هي آهي ته اهو ڪم ڪرڻ وارا ڪنهن نه ڪنهن‬
‫صاحب دل انسان سان وابسته هجن ۽ ان کان فيض حاصل ڪن،‬
‫ائين ڪرڻ سان سندن دليون سگهاريون ۽ نور سان سرشار ٿينديون‬
‫رهنديون، اهو طريقو کين هيڏانهن هوڏانهن ڀٽڪڻ کان بچائيندو، راقم‬
‫چيو ته ڪنهن به صاحب دل ۽ صاحب معرفت شخصيت سان تعلق‬
‫سان گڏوگڏ حضرت موالنا اشرف علي ٿانوي رحه جي ڪتابن جو‬
‫مطالعو به ضروري آهي. انهن ڪتابن ۾، علم عقل، تجربن ۽‬
‫مشاهدن جا اهڙا اهڙا عجيب نڪتا موجود آهن، جيڪي زندگيء‬
                                   ‫جي هر موڙ تي ڪم ايندا آهن.‬

				
DOCUMENT INFO
Shared By:
Categories:
Tags:
Stats:
views:26
posted:4/15/2012
language:
pages:70
Description: this is islamic book u read it and share all